سهڻي جي نڻان کي اڳيئي منجهس شڪ هو. تنهن جاچ شروع
ڪئي ۽ نيٺ سهڻيءَ جو گهڙي تي چڙهي پريئن ڀر وڃڻ ۽
موٽي اچڻ جو واقعو اکين سان ڏٺائين. هن اهو سمورو
احوال پنهنجي ڀاءُ ڏم کي ٻڌايو. ڏم ۽ نڻان سهڻيءَ
کي گهڻو ئي سمجهايو پر سهڻي نه مڙي. نيٺ هڪ رات
جيئن سهڻي گهڙو سرن جي ٻوڙي ۾ لڪائي گهر ڏانهن
رواني ٿي ته ڏم اهو پڪو گهڙو کڻي ڪچو گهڙو ان جي
جاءِ تي رکي ڇڏيو. ٻي رات نيم انوسار سهڻي جيئن ئي
دريا پار ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته مينهن ۽ طوفان به
اچي ڪڙڪيو، هڪ ته سياري جي رات، ٻيو مينهن، پر
سهڻي مڙي نه، گهڙو کڻي دريا ۾ گهڙي جڏهن وچ سير ۾
پهتي ته گهڙو ڀرڻ لڳو ۽ سهڻيءَ ميهار کي سڏ ڪيا.
نيٺ ميهار به سهڻي جا سڏ سڻي دريا ۾ ٽپي پيو. ۽
اچي سهڻيءَ کي هٿ ڪيائين، پر پاڻيءَ جي لهرن کين
لوڙهي غرق ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هن دنيا، سهڻيءَ ۽
ميهار کي ملڻ نه ڏنو. پر هن دنيا ۾ وڃي مليا.
جان جان هئي جئري، ويٺي نه ويساند،
لڙهي لهرن پاند، ميائي ميهار ڏي.
(شاهه)
سسئي پنهون
ڪنهن زماني ۾ ڀنڀور سنڌو درياءَ جي ڪناري تي هڪ
وڏو ۽ بهترين شهر هو. ان ۾ محمد نالي هڪ ڌوٻي
رهندو هو، جنهن کي سسئي نالي هڪ ڌيءُ هئي جيڪا
ڏاڍي سهڻي هئي. چون ٿا ته سسئي اصل نائون نالي
ٻانڀڻ جي ڌيءَ هئي. پر ان کي ڇٽيءَ ڪڍائڻ مان پتو
پيو ته ان ڇوڪريءَ جو انگ ڪنهن مسلمان سان لکيل
آهي. ان ٽڪي کان بچڻ لاءِ هن ڇوڪريءَ کي صندوق ۾
بند ڪري دريا ۾ لوڙهي ڇڏيو، اها صندوق لڙهندي محمد
ڌوٻيءَ کي اچي هٿ لڳي.
سسئي اڄ ننڍي سڀاڻ وڏي. سندس سونهن جي هاڪ ملڪان
ملڪ پکڙجي ويئي. ڪيچ مڪران جي حاڪم آريءَ ڄام جي
پٽ شهزاديءَ پنهونءَ سسئيءَ جي سونهن جي سچائي
پرکڻ لاءِ پنهنجو ماڻهو ڀنڀور ڏياري موڪليو. ان
کيس جيڪا سسئيءَ جي سونهن جي واکاڻ ٻڌائي تنهن کيس
موهي وڌو. پنهون واپاري بڻجي سرهاڻ جون خرزينون
ڀرائي قافلو وٺي اچي ڀنڀور ۾ سهڙيو. سسئي به جيڏين
۽ سهيلين سان گڏ عطر سودڻ جي ارادي سان پنهونءَ جي
منزل تي ويئي جتي ٻنهي کي هڪ ٻئي جي پريت جو پئجي
ويو.
محمد ڌوٻيءَ کان ڪيترن ٻين سسئيءَ جو سنڱ گهريو پر
هن ناڪار ڪري ڇڏي. پنهونءَ به محمد ڏانهن سسئيءَ
جي سڱ لاءِ ماڻهو موڪليو پر پنهونءَ جي ذات کٽي نه
هجڻ سبب انڪار ڪري ڇڏيو. نيٺ سسئي جي هڪ سکيءَ
ڌوٻيءَ کي يقين ڏياريو ته پنهون به ذات جو کٽي
آهي. هن کيس آزمائڻ لاءِ هڪ کيپ ڌوئي اچڻ لاءِ
چيو. پنهونءَ جا نازڪ هٿڙا ڪپڙا سٽيندي لڦون ٿي
پيا. نيٺ ڪپڙا چيري ڦاڙي آيو پر ان لاءِ پنهون ڇا
ڪيو جو ڦاٽل ڪپڙن جي تهن ۾ سونيون مهرون وجهي
گراهڪن کي موڪليون. جڏهن ڪپڙا مالڪن کي پهتا ته
ڪنهن به دانهن ڪانه ڪئي. اُٽلو جنهن کان ٿي ڌوٻيءَ
پڇيو تنهن ٿي ڪپڙن جي ساراهه ڪئي. نيٺ ڌوٻيءَ
پنهونءَ کان جنڊو پاڙو لکائي کيس سسئي پرڻائي ڏني.
هوڏانهن پنهونءَ جي وڇوڙي ۾ پڻس بيحال ٿيڻ لڳو.
هُن گهڻائي ماڻهو موڪليا پر پنهون پوئتي ورڻ کان
پِڙ ڪڍي بيٺو. اهو حال ڏسي پنهونءَ جا ٽي ڀائر
گڏجي ڀنڀور آيا. سسئيءَ ڏيرن جي چڱي خاطرداري ڪئي.
پنهون هنن سان محفلون ۽ مجلسون ڪرڻ لڳو. هڪ رات
پنهونءَ کي گهڻو شراب پياري بي خبريءَ جي حالت ۾
ڀائرن اٺن تي کڻي هليا ويا ۽ سسئي انتظار ڪندي
رهجي ويئي. پوئين رات جڏهن پتو پيس ته نه آهي
پنهون نڪي ڏير. ته سمجهيائين ته هيءَ جُٺ مون سان
ڏيرن ڪئي. پوءِ سهي سنڀري پنهونءَ جا پيرا کڻي
پنهون کي ڳولڻ لاءِ ڀنڀور ڇڏيائين. مٽن مائٽن،
سهيلين، جيڏين کيس گهڻو ئي سمجهايو پر هوءَ نه
مُڙي. اٺن جا پيرا کڻندي اچي پَٻ جبل ۾ پئي. پٻ
جبل جو لڪ لنگهي هاڙهي جبل وٽ ڦوڙنديءَ وٽ پهتي پر
پاڻيءَ جي اُٿل سبب اڳتي نه وڌي سگهي پوءِ وري
ڦيرو کائي ماباڙنيءَ جي ويجهو رسي. اُتي ايل نالي
ڌراڙ مليس، جنهن ڏانهس ميريءَ اک سان نهاريو. اتي
سسئيءَ خدا کي ٻاڏايو ۽ خدا جي قدرت سان ڌرتي ڌُٻي
ڦاٽي پئي جنهن ۾ هوءَ اندر گهڙي ويئي ۽ زمين زمين
جهڙي ٿي ويئي پر سسئيءَ جي چُني جو پلاند ٻاهر
رهجي ويو. ايل ڌراڙ اهو الاهي اسرار پسي توبه تائب
ٿيو ۽ پهڻ ميڙي قبر ٺاهي مجاور بنجي ويهي رهيو.
هوڏانهن پنهون جڏهن ڪيچ مڪران پهتو ۽ پاڻ سان
مائٽن جون زيادتيون ڏٺائين ته بيمار ٿي کٽ تي پئجي
رهيو. پڻس گهڻائي علاج ڪرايا، پر پنهونءَ کي
سسئيءَ کان سواءِ ٻي وائي وات نه هئي، نيٺ پڻس کيس
ڀنڀور وڃڻ جي موڪل ڏني. هو جڏهن سسئيءَ جي قبر
وٽان لانگهائو ٿيو، نئين قبر ڏسي اُن ڌراڙ کان
احوال ورتائين جنهن کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. اها
ڳالهه ٻڌي پنهونءَ به ڌڻيءَ کي ستايو؛ خدا جي قدرت
سان اها قبر ڦاٽي پئي ۽ پنهون ان ۾ گهڙي ويو ۽
پنهنجي پرينءَ سان ملي وڃي هڪ ٿيو.
ويٺي وَر نه پونِ، سُتي ملن نه سپرين،
جي مٿي رَنَدنِ رون، ساجن ملي تن کي.
(شاهه)
ليلا چنيسر
سن 1288ع کان 1306ع تائين سنڌ تي، سومري گهراڻي جي
داسڙن جي ڪٽنب مان چنيسر نالي هڪ راجا حڪومت ڪندو
هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ديول ڪوٽ هو. چنيسر نه
رڳو انصاف پرور ۽ بهادر هو پر سندس مردانه حسن جي
هاڪ به ملڪان ملڪ هئي. گهڻيئي امير وزير ساڻس سنڱ
ڪرڻ لاءِ آتا هئا.
انهن ڏينهن ڍٽ ملڪ ۾ راڻو کنگهار حڪومت ڪندو هو.
کيس ڪؤنرو نالي هڪ ڌيءَ هئي جيڪا سونهن ۾ لاثاني
هئي. هڪ ڏينهن ڪؤنرو وڏي هيج سان هار سينگار پي
ڪيو ته سندس ساهيڙيءَ کيس ٽوڪيندي چيو ”تون جو
هيڏو هار سينگار پيئي ڪرين سو چنيسر کي موهڻ جو
ارادو اٿئي ڇا؟“ڪؤنروءَ، چنيسر بابت اڳيئي گهڻو
ڪجهه ٻڌو هو. سو هن طعني ته هيڪاري کيس ساڙي وڌو ۽
هن فيصلو ڪيو ته چنيسر کي ضرور حاصل ڪنديس. ڪؤنرو
جي ان فيصلي جي خبر سندس ماءُ پيءُ کي پيئي ته هنن
ان ڳالهه کي عزت ڀريو سمجهيو. پر اصل ڳالهه اها
هئي ته چنيسر، سندس زال ليلا جي محبت ۾ ايترو
گرفتار هو جو ڪئين مائٽيون وٽس آيون هيون پر هن
ڪنهن جي به ڳالهه نه ٻڌي. ڪؤنرو ۽ سندس ماءُ،
وڻجارڪو ويس ڪري، ديول بندر ڏانهن روانيون ٿيون ته
ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان چنيسر کي مڃائين. ان مقصد
لاءِ هنن چنيسر جي وزير جکري جو سهارو ورتو ان کي
نه رڳو تحفي ۾ موتي ۽ ماڻڪ ڏنائون پر پنهنجي دل جو
مقصد پڻ ٻڌايائون جکري ٻنهي کي سٺو دلاسو ڏنو.
ٻي ڏينهن جکري وجهه وٺي چنيسر سان ڪؤنروءَ جي
لاثاني حسن ۽ دل جي لاڙي جو احوال ڪيو، جنهن تي
چنيسر جو هنيو هرکيو پر ليلا جون اکيون آڏو آيون
ان ڪري ڪؤنرو سان ناتي رکڻ لاءِ نابري واريائين.
جڏهين جکري هي نااميديءَ جو نياپو ٻنهي کي ڏنو ته
هو ڏاڍيون مايوس ٿيون. پر ڪؤنرو جي ماءُ هڪ اٽڪل
ويڙهائي، راڻي ليلا وٽ ٻانهپ وڃي حاصل ڪئي.
وقت گذرندو رهيو پر مقصد حاصل ڪرڻ جو وجهه نه لڳو.
انهيءَ غم ۽ مايوسيءَ ۾ هڪ ڏينهن ڪؤنرو ڳوڙها ڳاڙڻ
لڳي ته اوچتو ليلا اچي لنگهي. هن کانئس هن راجائي
محل ۾ ان غم ۽ ڏک جو سبب پڇيو. ڪؤنرو چيو ”گذريل
وقت ياد آيو اٿم، جڏهين آئون به تو وانگر هندورن ۾
لڏندي هيس ۽ نو لکو هار پائيندي هيس ته اونداهيءَ
مان سوجهرو ٿي ويندو هو.“ ليلا کي هڪ خسيس
نوڪرياڻيءَ وٽ نو لکي هار جو اعتبار نه آيو سو
چيائينس ته ڏيکار. ڪؤنرو اهو نو لکو هار ڪڍي
ڏيکاريو. ليلا هار ڏسي هرکجي پئي ۽ چيائينس ته ”ان
هار جي بدلي ۾ جيڪي کپئي سو گهر.“ ڪؤنرو چيس
”چنيسر سان هڪ رات رهاڻ جي عيوض هار حوالي ڪنديس.“
ليلا سوچيو ته چنيسر آهي ته منهنجو، پر جي هڪ رات
ڪؤنرو وٽ ٽڪيو ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. سو هار وٺي
کيس دلاسو ڏنائين ته ”اڄ رات توکي آئون پاڻهي
چنيسر وٽ پهچائينديس.“
ان رات، راجا چنيسر محفل ۾ گهڻو شراب پي بدمست ٿي
محلات ۾ آيو. ليلا کيس نشي ۾ ڏسي ڏاڍي خوش ٿي.
ڳرهاٽڙي پائي ڪؤنرو سان محبت ونڊڻ لاءِ چيائينس.
چنيسر جيتوڻيڪ هوش ۾ نه هو ته به غيرت آيس ۽ پڙ
ڪڍي بيٺو. نيٺ ليلا چنيسر کي هرکائي، ڪؤنرو جي
ڪمري ۾ ڪاهي ويس. ٻانڀڻ کي ڪؤنرو اڳيئي گهرائي
وهاريو هو سو ٺهه پهه ويڏي پڙهجي ويئي ۽ ڪؤنرو جي
آس پوري ٿي ويئي. پوئين رات جو جڏهين چنيسر جي اک
کلي ته ڏٺائين ته ڪؤنروءَ جي پاسي ۾ پيو آهيان.
احوال پڇڻ تي ڪؤنرو ٻڌايس ”رات، ليلا توکي هار تي
وڪڻي ڇڏيو ۽ مون تو سان لائون لڌيون آهن. هاڻي تون
منهنجو مڙس آهين ۽ آئون تنهنجي داسي.“ هن ڳالهه
ٻڌڻ شرط کيس ليلا کان نفرت ۽ ڪؤنرو سان محبت پيدا
ٿي ويئي.
جڏهين ليلا کي خبر پيئي ته پاڻهي پاڻ سان ڪيڏو ويل
وهايو اٿم سو ڏاڍي ششدر ٿي. گهڻيئي ايلاز منٿون
ڪيائين پر چنيسر هڪ به نه ٻڌي. چوندا آهن ته ”هٿ
جي وڍئي جو نڪو ويڄ نڪو طبيب.“ نيٺ آسرو پلي
مائٽاڻي ملڪ هلي ويئي. اڃا به آسرو هوس ته چنيسر
کيس وري گهرائيندو پر ورهه گذري ويا چنيسر وٽان ڪو
اوٺي به نه آيو.
جکري وزير جو مڱڻو ليلا جي مائٽن سان ٿيل هو. تن
ليلا جو هي حال ڏسي جکري کي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو. جکرو ليلا وٽ ويو هن شرط رکيو ته ”جيڪڏهن
چنيسر کي مون وٽ آڻين ته ٻانهن تنهنجي.“ جکري اهو
شرط مڃيو ۽ شاديءَ جي بهاني چنيسر کي ليلا جي ڳوٺ
وٺي آيو. ليلا ساهيڙين ساڻ گهونگهٽ ڍڪي ڄاڃين جي
آجيان لاءِ نچڻ شروع ڪيو. ليلا جو نچڻ ڏسي، چنيسر
مٿس اڪن ڇڪن ٿي پيو، ۽ وڃي گهونگهٽ کوليائينس.
ليلا جي اکين ۾ جيئن چنيسر نهاريو تيئن کيس ماضي
ياد اچي ويو ۽ سندس اندر مان آهه نڪتي ۽ روح اهڙو
ريلو ڏنو جو اتي ئي پساهه پورا ٿي ويس.
ليلا اهو
لقاءُ پسي مور ڇا ٿي پيئي ۽ مري محبوب سان ميلو
ڪيائين.
اوَڳڻ ڪري اَپار، تو در آيس داسڙا،
جئن تو رسڻ سنديون روح ۾، تئن مون ڀيڻي ناهه ڀتار،
سائين لڳ ستار! ميٽ مدايون منهنجون.
(شاهه)
مومل راڻو
پنڌرهينءَ صديءَ جي شروع ۾، ميرپور ماٿيلي جو هڪ
حاڪم، راجا نند هو. جيڪو گجر ذات جو هو. کيس 9
نياڻيون هيون جن مان مومل حسن جي ڪري ۽ سومل عقل
جي ڪري هاڪاريل هيون. |