سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آڪٽوبر ۽ نومبر 1978ع

باب: --

صفحو :3

مستشرقين جون اهي ڪاوشون علمي نقطه نظر سان تعريف جوڳيون آهن؛ پر جيستائين شاهه جي شرح جو تعلق آهي، افسوس سان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي، ته ان ڏس ۾ اسان جو ادبي ذخيرو اڃا به تشنه تڪميل آهي. شاهه جي تاريخي حالات تي قليچ بيگ جو ”شاهه لطيف جو احوال“، گربخشاڻيءَ جو ”مقدمه لطيفي“، ۽ مولوي وفائي جو ”لطف اللطيف“ گهڻي ڀاڱي سير حاصل ڪتاب چئي سگهجن ٿا؛ پر شاهه جي ڪلام جي شرح ۽ خيالات جي تعمير متعلق جو ڪجهه اسان وٽ آهي، اهو ناڪافي سمجهڻ گهرجي. تقسيم هند کان پوءِ، شاهه متعلق ڀٽ شاهه تي سرڪاري انتظام سان ڪانفرنسون شروع ٿيون. ان نيڪ روايت جو بنياد وجهندڙ سيد ميران محمد شاهه آهي، جنهن جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ مخلصانه ڪاوشن سان ڀٽ شاهه تي روح پرور اجتماع ٿيڻ لڳا. دراصل انهيءَ تحريڪ کان پوءِ ئي سنڌ جي نوجوان عالمن، اديبن ۽ شاعرن شاهه کي مطالع ڪرڻ به شروع ڪيو، ۽ مٿس ڪجهه لکڻ به شروع ڪيو. انهن ڪانفرنسن ۾ جي به مقالا ۽ اشعار پڙهيا ويا، اهي وقت بوقت شايع ٿيندا رهيا؛ ازان سواءِ اطلاعات کاتي پاران به منتخب مقالن جا مجموعا شايع ٿيندا رهيا آهن. اهي چند ڪتاب آهن، جي ”لطيف“ متعلق تقسيم هند کان پوءِ شايع ٿيا آهن. انهن ۾ ڪي علمي ۽ تحقيقي چيزون به آهن، پر زياده تر قصيده گوئيءَ ۽ ثناخوانيءَ کان ڪم پئي ورتو ويو آهي؛ فڪري ۽ تنقيدي چيزون گهٽ لکيون ويون آهن.

ان قسم جا جذباتي دور اسان جي ملڪ ۾ ٻيا به گهڻائي آيا ۽ ويا آهن. مثال طور، جڏهن انگريزن شيڪسپيئر کي پنهنجو نمائندو شاعر قرار ڏنو، يونان هومر کي ساراهيو، جرمنيءَ وارن گوئٽي کي پنهنجو ملڪ الشعراءَ چونڊيو، ايرانين فردوسيءَ حافظ رومي ۽ جاميءَ تي فخر ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن، انهن جي ديکا ديکيءَ، اسان وٽ اول اردوءَ وارن ”غالب“ کي ميدان تي آندو ۽ ان کي ڏسندي، بنگال وارن قاضي نذرالاسلام کي انقلابي شاعر بنائي، پنهنجيءَ عصبيت ۽ قوميت تي ناز ڪرڻ شروع ڪيو، حالانڪ قاضي نذر الا سلام جو ڪلام، مثنوي حيثيت سان بلند بانگ رڙيون ۽ چيخون ئي آهن. رڙين ۽ للڪارن جو ”انقلاب“ سان ڪهڙو واسطو آهي، ان کي اهي قومن ئي سمجهي سگهن ٿيون، جن ڪڏهن انقلاب کي سمجهيو آهي، ۽ جن صالح انقلاب آڻي، قومن جي ضمير ۾ توانائي ۽ زندگي پيدا ڪئي آهي. بنگالين نذر الاسلام کي نه فقط آفاقي ۽ بي مثال شاعر قرار ڏنو، پر ان کي دنيا جي شاعرن جي صف اول ۾ شمار ڪرڻ شروع ڪيو.

ان کان پوءِ علامه اقبال جو وارو آيو. تقسيم هند جي ابتدائي اسباب ۽ حالات ۾ علامه اقبال جي شاعرانه موشگافين جيڪا مسلمانن ۾ حرڪت ۽ جذباتي توانائي پيدا ڪئي، ان جو انڪار ڪري نٿو سگهجي؛ پر، اڳتي هلي، اول اهل پنجاب ۽ پوءِ انهن جي تقليد ۾ هند- پاڪ جي مسلمانن، علامه اقبال کي ”شاعر اقبال“ ۽ ”شاعر مشرق“ بنائي مٿس ايترا مقالا ۽ ڪتاب لکيا، جن جو انداز هزارن کان مٿي، لکن تائين پهچي ويو آهي. ان ايتري علمي ڪاوش ۾ زياده تر تحريرون جذبات انگيز، عصبيت جون ترجمان، سطحي، ۽ ترجيحِ رنگ واريون آهن. اقبال کي دنيا جي عظيم شاعرن جي صف ۾ ته آندو ويو، پر کيس دنياي شاعريءَ جو خاتم قرار ڏيئي، باقي پوري عالم انسانيت جي شعراءَ کي هيٺ ڪيو ويو. ”اقباليات“ جي عميق ۽ ناقدانه مطالعي کان پوءِ، اسان جو اهو رايو آهي ته هڪ يا ٻن ڪتابن ۽ ٻن- چئن مقالن کان سواءِ، باقي سارو مواد سطحي، تقليدي، جذباتي ۽ ترجيحي آهي.

دراصل، غالب هجي يا نذرالاسلام، اقبال هجي يا شيڪسپيئر، رومي هجي يا جامي، پنهنجيءَ جاءِ تي سڀ وڏيءَ عزت جا لائق آهن، پر افسوس آهي انهن جي پيش ڪندڙ مداحن ۽ شارحن تي، جن انتها پسنديءَ کان ڪم وٺي، غير علمي فيصلا به ڏنا آهن، ۽ انساني فڪر لاءِ جمود آور حدون به قائم ڪيون آهن.

اگر گستاخي معاف ڪئي وڃي ته پوءِ ائين چوڻ کان رهي نٿو سگهجي ته اسان جا سنڌي اديب ۽ شاعر به ان قسم جي عصبي ۽ ترجيحي، جذباتي ۽ تفريحي، غلط روش کان بچي نه سگهيا آهن. اسان جا ”لطيف“ تي لکيل ڪتابچا، مقالا ۽ شاعراڻا قصيدا، ان حقيقت لاءِ مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا.

”شاهه“ تي گربخشاڻيءَ کان سواءِ، شرح جي باب ۾ ڪابه علمي ڪاوش پيدا نه ڪئي ويئي آهي- پر اها به زياده تر لغوي ۽ لفظي موشگافين تائين محدود آهي. شاهه جو اهو تاويل ۽ تعبير، جو زندگيءَ جي صحتمند قدرن کي اجاري ۽ سنواري، سو اڄ به ناپيد آهي.

شاهه جي متن متعلق گهڻو ڪجهه ڪم ٿيو آهي. اسان وٽ متعدد نسخا موجود آهن. سڀ کان پويون نسخو علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب ترتيب ڏنو آهي، جو تحقيق ۽ ڪاوش جي لحاظ کان گهڻو بلند آهي. ان کي هن ڏس ۾ حرف آخر سمجهڻ گهرجي، ۽ ان تي قناعت ڪرڻ گهرجي. (ان کان پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪ شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو آهي، جيڪو هن صديءَ جو آخري نسخو سمجهڻ گهرجي- ايڊيٽر) باقي رهيو شاهه جي مڪمل شرح جو سوال، سو ته اڃا تائين موجود آهي. سنڌ جي اهل نظر ۽ صاحبِ شعور اديبن لاءِ شاهه اڃا شرح جو محتاج آهي. شاهه جي مڪمل شرح جو ذميدارانه حل اڃا تائين ڪٿي به زير بحث نه آيو آهي.

اسان وٽ اڄ نه ڪو قليچ بيگ آهي، ۽ نه گربخشاڻي؛ نه ڀيرو مل، نه فتح محمد سيوهاڻي؛ ۽ انهن جو ساٿياري، ڊاڪٽر دائود پوٽو، به پنهنجو ڪم اڌوري نموني ۾ ڇڏي ويو آهي، سو به، جيتريقدر معلوم ٿي سگهيو آهي، محض مَتن متعلق ئي آهي. شرح کي ان مرحوم بزرگ به هٿ ڪونه لاٿو آهي. وري ڪو قليچ ۽ گربخشاڻي پيدا ٿئي، اهو محال نه آهي، پر ناممڪن ضرور آهي. ان صورتحال ۾، شرح ڪير لکندو؟ سڀاڻي ته موجوده دور جا بچيل کچيل وڏڙا به نه رهندا! لهذا، ڳالهه کٽائڻي، تجويز هيءَ آهي ته شاهه جي شرح لکڻ لاءِ جيڪڏهن ڪو هڪ- اڌ لائق ماڻهو پاڻيهي ميدان تي اچي ته پوءِ ڪنهن بورڊ جي ضرورت نه آهي، ٻيءَ حالت ۾ سنڌ جي باقي مانده عالمن ۽ اديبن جو بورڊ مقرر ڪرڻ گهرجي، جو هڪ اهل فن سربراهه جي نظر هيٺ ڪم کي شروع ڪري.

”شاهه“ جي شرح جو ڪم هونئن ته تمام وڏو آهي، پر اهو به سکيو ۽ سولو تڏهن ٿيندو، جڏهن ڪو بلند حوصله ماڻهو ان ڪم کي مخلصانه طور پايه تڪميل تي پهچائي لاءِ ميدان تي ايندو.

بيشڪ، ”شاهه“ جي شرح لاءِ جي دقتون آهن، اهي به نظر انداز ڪري نٿيون سگهجن. اسان جي شارحن ۽ ناقدن اڄ تائين ”شاهه“ کي محض ”صوفي“ پئي سڏيو آهي؛ حالانڪ شاهه کي رڳو صوفي چوڻ غلط به آهي، ۽ جاهلانه به. گذشته راصلوات، اڄڪلهه شاهه تي ڪم ڪندڙ اهڙا ماڻهو هئڻ گهرجن، جن جي نگاهه قرآن، حديث، فلسفي، تصوف، قديم توڙي جديد ادب و شعر، عمرانيات، سائنس ۽ جديد فلاسفيءَ تي به فقط ناقدانه هجي، پر عارفانه به هجي: ان سان گڏ، انساني شعور ۽ فڪر جا مختلف النوع پهلو ۽ مدارج به سندس مطالع ڪيل هجن؛ شعر جي صحتمند فني ارتقا کان به واقف هجن؛ هن ملڪ جي شاعريءَ، خاص طور ڪلاسيڪي فن سان به شغف هجين؛ اطلاقي ۽ اشراقي تصوف، نوفلاطونيت ۽ ويدانت جو تحقيقي مطالعو به رکندا هجن: ان کان سواءِ، سنڌي زبان، بالخصوص شاهه جي لاڙي لهجي جي محاورات، مصطلحات، مشتقات ۽ ضرب الامثال تي به ڪامل عبور حاصل هجين: سون تي سهاڳو اِهو ته هندي، عربي ۽ فارسي زبانن جي شاعريءَ تي به ڪامل دستگاهه رکندا هجن. يقين آهي ته اهڙا ماڻهو هن بحر ذخار ۽ درياي ناپيدا ڪنار جي غواصي ڪري سگهندا- ٻين جي جاءِ ناهي. گستاخي معاف، مثال طور، هت اهو ظاهر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته آنجهاني گربخشاڻي جي شرح، لغوي ۽ اصطلاحي موشگافين کان وڌيڪ ٻي ڪابه افاديت ۽ صحت نٿي رکي. ڊاڪٽر صاحب، اطلاقي تصوف ۽ نوفلاطونيت کي ويدانت جي آميزش سان مرصع ۽ رنگين ڪري، شاهه جي صحتمند ۽ صالح فڪر تي ملمعو چاڙهيو آهي. ويدانت جڏهن ته اصول ۽ فروع جي لحاظ سان اشراقي ۽ اطلاقي تصوف سان همرنگ ۽ هم آهنگ آهي، ۽ گربخشاڻي صاحب ذاتي طور فلسفه ويدانت ۽ فڪر عجم يا اشراقي تصوف جو قائل هو، تنهنڪري شاهه جي چند ويدانت آميز بيتن کي اصل الاصول قرار ڏيئي، سندس پورو تاويل ۽ تعبير اطلاقي ۽ اشراقي رنگ ۾ ڪري وڃي مٿي چڙهيو آهي- حالانڪ شاهه ۾ اشراقيت ۽ اطلاقيت، نوفلاطونيت ۽ ويدانت جو ايترو حصو نه آهي جو سندس پوري ڪلام تي انهن کي حاوي سمجهي، کيس اشراقي ۽ اطلاقي صوفي ۽ ويدانتي قرار ڏجي. افسوس هي آهي ته اسان جا ٻيا هندو ودوان ۽ شاهه جا شارح به فقط ويدانتي اصولن موجب شاهه تي ڪتابچا لکي ويا آهن. عالم ۽ فاضل ان حقيقت کي خوب ڄاڻن ٿا، هت ان جي تفصيلي جائزي جي گنجائش نٿي سمجهجي- ڪمالايخفيٰ.

هن دور ۾ شاهه جي خدمت جو بس اهو هڪڙو ئي طريقو آهي ته مڪمل شرح تيار ڪئي وڃي؛ باقي جلسا ۽ جلوس، ڪانفرنسون ۽ نمائشون، ثانوي حيثيت رکن ٿيون، جي نڪي آهن فرض نڪي واجب.

ان کان پوءِ مسئلو آهي ترجمي جو. جيستائين علمي ۽ فني اصولن جو سوال آهي، ترجمي متعلق ”ڪارلائل“ جا اهي لفظ اڄ به مشعل راهه ٿي سگهن ٿا، جن ۾ چيو اٿس ته ”ڪي ڪتاب اهڙا آهن، جي فقط اصل وارين زبانن ۾ ئي مطالع ڪري سگهجن ٿا، جن جو ترجمو ڪرڻ ۽ ان کي نباهڻ محال نه ته مشڪل ضرور آهي- اهي آهن ويد، توريت، انجيل، ۽ قرآن، ڪارلائل جي انهيءَ ارشاد کي اڃا به هن طرح مڪمل ڪري سگهجي ٿو: ”ويد، توريت، انجيل، قرآن،-- ۽ شاهه جو رسالو.“ اها حقيقت آهي، پر آهي تلخ، ته اسان جي علاقائي ٻولين _ بنگالي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچيءَ ۾ ته نه پر خود اردو، فارسي، انگريزي ۽ عربي زبانن ۾ به شاهه کي ترجمو ڪرڻ نهايت مشڪل ڪم آهي. سنڌي ٻوليءَ جي جزالت، پختگي، شيريني، نماڻائي ۽ سٻاجهائي، ترنم ۽ موسيقيت ته اڳ ئي مسلم آهي، پر ”شاهه“ جي فن ۾ ته اها زبان ”دو آتشه“ ٿي ڪم آئي آهي، جنهن جو منظوم ترجمو ڪرڻ نهايت غير ذميدارانه قدم ٿيندو. مناسب ائين آهي ته شاهه جي ترجمي کان قطع نظر، سنڌي زبان ۽ ادب جي تحصيل جا اسباب پيدا ڪيا وڃن ۽ دنيا جي طالبن کي سنڌي پڙهائجي، ۽ ان کان پوءِ شاهه جي شاعريءَ سان تعلق رکندڙ علوم عاليه ۾ تحصيل ڪرائي، کين ”شاهه جو رسالو“ ڏجي. ”سسئي ۽ سور ويا پٽيندا پاڻ ۾“- پاڻهي پيا سمجهندا ۽ شرحون ڪندا. ناقص صورتن ۾ شاهه جي ترجمي ڪرڻ جي بدعت کان بچڻ پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ علمي خدمت ٿيندي. اردوءَ ۾ پڻ جيڪي ڪجهه ترجمي جا نمونا هٿ اچي سگهيا آهن يا مجلسن ۾ پڙهيا وڃن ٿا، تن مان ڪن غير سنڌين جا مضحڪه خيز حد تائين ناقص آهن: جن کي ٻڌڻ کان پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته ”ڪاڏي ٿيو ڪوهيار، ڪاڏي ٿي هٿڙا کڻي!“ ڪٿي رهيو ”شاهه“، ۽ ڪٿي رهيو ناقص ۽ ڦڪو ۽ ڪُسجو ترجمو! چهه نسبت خاڪ رايا عالم پاڪ! خود ”سورلي“ جي انگريزي منظوم ترجمي کي به عالمن ۽ ماهرن پسند نه ڪيو آهي، تاهم اسان جي چند انفرادي ڪوششن ۾ ٻه چار اردو ترجما به ملي سگهن ٿا، جن مان ڪي ٿورا، ڪنهن حد تائين آزاد ترجمو چئي سگهجن ٿا. ان ڏس ۾ رفيق خاور، شيخ اياز، آغا تاج محمد، حفيظ هوشيارپوري، ابن انشا، لطف الله بدوي، رشيد لاشاري، رئيس امرو هوي، وغيره جا نالا قابل ذڪر آهن. اهي ڪاوشون اڃا ابتدائي ۽ تجرباتي ئي آهن، اڃا گهڻيءَ ڇنڊڇاڻ، رياض ۽ مشق، محنت ۽ مشقت جي ضرورت آهي. شاهه جي شاعرانه هيئت کي آزاد نظم ۾ گيتن ۾، غزلن ۽ مثنوين ۾ پيش ڪرڻ ته نهايت غلط قدم آهي، البته هنديءَ شاعريءَ وارن دوهرن ۾ پيش ڪرڻ کي نظر انداز سو نٿا ڪري سگهون، پر افسوس جو ان طرف توجه آهي ئي ڪونه! سهل پسنديءَ جي ڪري شاهه جي شاعرانه هيئت کي اهڙا قالب ۽ اسلوب پهرايا وڃن ٿا، جن کي نه ذوقِ جمال پسند ٿو ڪري، ۽ نڪا طبع سليم ئي گوارا ڪري ٿي. ڪاش، اسان جا اديب، عالم ۽ فنڪار ان طرف توجهه فرمائين، ۽ سنڌي ادب جي عظيم ورثي کي هروڀرو باراري شهرت نه ڏين، نه ان کي معاشي ذريعو بنائين، ۽ نه وري ان کي ادبي نيڪناميءَ جو آسان طريقو سمجهن. رڳي ترجمي جي نه، پر شاهه جي مطالب ۽ خيالات، افڪار ۽ جذبات جي ترجمانيءَ ۽ اشاعت جي ضرورت آهي. ظاهر آهي ته اها ضرورت فقط نثر پوري ڪري سگهي ٿو، ۽ نه نظم. نظم جي محدود صنف ”شاهه“ جي ترجمانيءَ لاءِ ناڪافي آهي. ان لاءِ نثر جهڙي وسيع صنف گهرجي- پوءِ ڀلي انگريزي، اردو، فارسي، عربي، بنگالي، پنجابي، پشتو، هندي ۽ چينيءَ ۾ لکيو وڃي.

اسان جا اهل نظم عالم، اهل بصيرت ۽ پيشرو اگر هن ناچيز گذارش تي غور ڪري، شاهه متعلق شرح جو ڪم هٿ ۾ کڻندا، ته پوءِ يقين آهي ته اها خدمت نه فقط شاهه جي خدمت يا سنڌي ادب جي خدمت چئبي، پر اها خدمت عالمي ۽ آفاقي خدمت سڏبي. هن ائٽمي دور جي فڪري ۽ نظري اضطراب ۽ التهاب لاءِ اگر شاهه جي شعور ۾ زندگي بخش ۽ صحتمند قدر آهن، ته پوءِ انهن کي پيش ڪندڙ شارحن جي خدمت نه علائقائي سمجهڻ گهرجي نه سنڌي، نه پاڪستاني نه اسلامي، پر آفاقي ۽ عالمي، پوريءَ انسانذات لاءِ: اها خدمت هوندي ”امن ۽ ايمان“ جو سرمدي پيغام!

”من ڪا منهنجي آه،

ڪوهياري جي ڪَنَ پوي!“

 

عاشق عزازيل، ٻئا مڙئي سڌڙيا،

منجهان سڪ سبيل، لعنتي لال ٿئو.

(شاهه)

پڙهو پڙهيجاهه، سبق انهم سورجو

ميم رکجاه من ۾، الفت تنهن اڳيان

چتا چوريجاهه، اها لات لطيف چئي.

(شاهه)

معمور يوسفاڻي

بيت، وائي ۽ سر

 

اسين جيڪر سنڌ جي عظيم شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو رسالو کڻي، پڙهنداسون ۽ سندس ڪلام جو جائزو وٺنداسون ته اهو اسان کي ڪيترن ئي ”سرن“ ۾ سامهون ايندو ۽ هر ”سر“ ۾ ڪيتريون ئي ”وايون“ ۽ بيت ڏسڻ ۾ ايندا. تنهن لاءِ اچو ته انهن جي اصليت کي پروڙيون.

بيت: عربن جي شاعريءَ ۾ ٻن مصرعن يعني ٻن سٽن واري شعر کي ”بيت چئبو آهي.

جيئن:

رَضِينا قِسَمةَ الَجبار فِي نا

لَنا عِلَمُ وَ للجُهال مالُ

عربن جڏهن سنڌ فتح ڪئي ته ان وقت سنڌ ۾ جيڪا شاعري هلندڙ هئي، اها به ٻن سٽن واري هئي.

جيئن:

سيارا وسڪارا ٿيندا،

چلي ويندا چيٽ.

ڪتيون ڪر موڙينديون،

هاري کيڙيندا کيٽ.

۽ سنڌين انهن ٻن سٽن واريءَ شاعريءَ کي ”ڏوهو“ ڪوٺيو ٿي، ڇو ته ”ڏويءَ“ جي معنيٰ آهي ”ٻه“ ۽ ”هو“ جي معنيٰ آهي ”ٻه“ ۽ ”هو“ جي معنيٰ آهي وارو- يعني ”ٻن سٽن وارو“ ۽ عربن انهيءَ ٻن سٽن واري شعر کي، ”بيت“ جهڙو ڏسي بيت چوڻ شروع ڪيو. ۽ سنڌي جيڪي عربن جي رعيت هئا، اهي به عربن جو نقل ڪندي، ان کي بيت سڏڻ لڳا.

اهڙي طرح اڳتي هلي جڏهن اهو ”ڏوهو“ يعني ٻن سٽن وارو بيت، سٽن جي واڌاري سبب، عربن جي بيت واري نموني کان ڦري ويو ته به اهو بيت سڏبو رهيو، ۽ اڄ تائين بيت سڏجي پيو، جنهن جون ڪيتريون ئي شڪليون آهن. ۽ شاهه عبداللطيف رح جي رسالي ۾ بيتن جا سڀئي نمونا موجود آهن.

وائي: ”وائي“ به ”ڏوهي“ يا ”بيت“ وانگر نج سنڌي شاعري آهي، جنهن جا باني ميون شاهه عنات رضوي رح ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح آهن، جن ”بيت“ جي شڪل کي، ”ڳيچ“ يا ”ڳيت“ جي ڍار سان ڳائي ان جو نالو رکيو ”وائي“.

شاهه جي رسالي جي سڀني سرن جي داستانن ۾، بيتن جي پويان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ وايون ڏنل آهن. جن کي ”ڀٽ ڌڻي“ جا فقير، راڳ ڳائڻ وقت بيتن کان پوءِ خاص ڍنگ سان ڳائيندا آهن. جن ۾ الو ميان، ”اُو اُو، وو وو ۽ هُو هُو ۽ هُو هُو جا آواز اهڙي ته جهيل جهانءَ سان چوندا آهن، جو اُهي تنبور جي تارن سان ملي هڪ فطري نغمو ٿي پوندا آهن، جنهن کي غور سان ٻڌڻ بعد، ٻڌڻ وارو پنهنجي پاڻ کي به وساري وهندو آهي.

سر: سُر جي معنيٰ آهي راڳ يا موسيقي. ۽ شاهه جو سمورو ڪلام ٻٽيهن سرن تي ٻڌل آهي. ۽ هر سر ۾ مضمون جي لحاظ کان ڪيترا ننڍا ننڍا ڀاڱا آهن جن کي داستان چئبو آهي. ۽ هر داستان ۾ ٿورا يا گهڻا بيت آهن. جن جي آخر ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ وايون ڏنل آهن.

شاهه صاحب جي انهن سڀني سرن جا نالا راڳ جي لحاظ کان رکيل آهن. ڇو ته شاهه صاحب جي ڪچهريءَ ۾ هر سر جو ڪلام (بيت، وايون) سندس نالي واري راڳ يا راڳڻي ۾ ڳايو ويندو هو. جن جا نالا هن طرح آهن. سر ڪلياڻ، سر سارنگ، سر ڪاموڏ، سر سريراڳ، سر بروو، سر پورب، سر بلاول، سر گهاتو، سر مارو (ڍولو مارو) (سر راڻو) (مومل- راڻو) سر ڪيڏارو، سر بسنت (بسنت- بهار) سر ڏهر، سر آسا، سر کنڀات، سر ڪارايل، سر سورٺ، سر رپ، سر معذور، سر آبري (سسئي آبري) سر ديسي، سر ڪوهياري، سر حسيني، سر مارئي، سر سامونڊي، سر سهڻي، سر پرڀاتي، سر رامڪلي، سر ڌناسري، سر کاهوڙي، سر ڪاپائتي ۽ سر ليلا (ليلا- چنيسر).

انهن سرن مان ڪي راڳ ۽ راڳڻيون هندستاني آهن، جيڪي ان وقت سنڌ ۾ عام طرح ڳايا ويندا هئا ته ڪي نج سنڌي آهن، جن مان ڪيترا خود شاهه صاحب جا پنهنجا ٺاهيل آهن. پر افسوس جو گهڻي وقت کان پوءِ سجاڳ ٿيڻ جي ڪري، اسان کان انهن سرن مان ڪيترا گم ٿي ويا آهن جن بابت اسان جا سنگيت ڪار کوجنا ڪري رهيا آهن.

 

ظفر عباسي

 

شاهه ڀٽائي جا ڪجهه ساٿي

هن ننڍڙي مضمون ۾ انهن شخصيتن جا نالا آهن، جيڪي حضرت شاهه ڀٽائي جي دؤر ۾، سندس هم عصر هوا، جن سان پاڻ مليا ۽ رهاڻيون ڪيون هوائين. 1- خواجه محمد زمان لواريءَ وارو، 2- شاهه عنات رضوي، 3- دين محمد صديقي سيوهاڻي، 4- مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، 5- فقير صاحبڏنو درازن وارو. (سچل سرمست جو ڏاڏو) 6- قائم الدين قلندر، بڪيرن وارو، 7- مخدوم محمد معين ٺٽوي، 8- آخوند نور محمد ڀٽي، (شاهه صاحب جو استاد) 9- ميان نور محمد ڪلهوڙو، 10- تمر فقير، 11- بلال فقير، 12- اٽل ۽ چنچل (دهليءَ جا مشهور ڳائڻا، جي نيٺ اچي شاهه صاحب وٽ رهيا.) 13- لونگ فقير، 14- محمود شاهه، 15- ميان ولي محمد آخوند.

 

انور هالائي

 

شاهه جون ڪهاڻيون

 

شاهه جي رسالي ۾ جيڪي ڪهاڻيون بيان ڪيل آهن، اهي سڀ لوڪ ڪهاڻيون آهن، جيڪي شاهه جي حياتيءَ کان به گهڻو اڳي مشهور هيون. شاهه صاحب پنهنجي بيتن ۾ انهن لوڪ ڪهاڻين جو مثال وٺي، ماڻهن کي سبق ۽ نصيحتون ڏنيون آهن.

اهو ضروري آهي ته اسان جا ٻار به انهن لوڪ ڪهاڻين جي اصل متن مان پوريءَ طرح واقف هجن. ان ڪري هن مضمون ۾ انهن مشهور ڪهاڻين جو مختصر متن ان لاءِ پيش ڪجي ٿو ته جيئن ٻار لوڪ ڪهاڻين جي روشنيءَ ۾ شاهه جا بيت ڀليءَ ڀت پروڙي ۽ سمجهي سگهن.

سهڻي ميهار

جن ڏينهن، هندوستان تي مغلن جي حڪومت هئي، انهن ڏينهن ۾ ترڪستان جي شهر بخارا جو هڪ نوجوان امير عزت بيگ جدا جدا ملڪن جو سير سفر ڪندو اچي لاهور پهتو. انهن ڏينهن شهر گجرات ۾ تلا نالي هڪ ڪنڀر رهندو هو جيڪو پنهنجي فن ۽ ڪاريگريءَ ڪري نهايت مشهور هو. سندس جڙيل ٿانءَ ڏورانهن شهرن ۾ وڪري لاءِ ويندا هوا. امير عزت بيگ به گهمندي ڦرندي جڏهين اچي گجرات پهتو ته تلا ڪاريگر جي ڪاريگري ڏسڻ جي خواهش ڪيائين. نوڪرن کي حڪم ڏنائين ته ان ڪنڀر جا ٿانءَ خريد ڪري اچو. ٿانءَ ته خريد ڪري آيا پر ڪنڀر جي دوڪان تي ويٺل سندس سدا ملوڪ ڌيءُ جي ڏاڍي ساراهه ڪيائون. عزت بيگ ان ساراهه تي هرکجي، ان ملوڪ زاديءَ جو منهن ڏسڻ لاءِ پاڻ ڪنڀر جي دوڪان تان ٿانءَ خريد ڪرڻ ويو. ڪنڀر جي ڌيءُ جنهن جو نالو سهڻي هو نه رڳو شڪل جي سهڻي هئي پر ڳالهائڻ جي به ڏاڍي مٺي ۽ ٻاجهاري هئي. ان ڪري عزت بيگ سهڻيءَ جي سونهن تي موهت ٿي پيو ۽ ڏهاڙي ان ڪنڀر جي دوڪان تان ٿانءَ خريد ڪندو هو. انهن ٿانون جي نيڪال لاءِ هڪڙو جدا دوڪان کوليائين ۽ مال تڪڙو تڪڙو نيڪال ڪرڻ لاءِ ٿانءَ سستي اگهه وڪڻڻ لڳو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو تلا ڪنڀر ته سکيو ٿي ويو پر عزت بيگ کٽي خالي ٿي ويو. نوڪرن کيس گهڻو ئي سمجهايو پر هو قرض تي به ٿانءَ کڻي، سهڻيءَ سان ملاقات جو وسيلو ڳوليندو رهيو. نيٺ نوڪر کيس ڇڏي سندس الهه تلهه کڻي ملڪ ڀڄي ويا. عزت بيگ، تلا ڪنڀر کي اچي سارو احوال سڻايو جنهن مٿس رحم کائي، پاڻ وٽ نوڪر رکيو ۽ کانئس چيڪي مٽي ڍوارائيندو هو. پر اهو سخت ڪم عزت بيگ جهڙو نازڪ بدن نه ڪري سگهيو. ان ڪري تلا ڪنڀر کيس مينهون چارڻ جو ڪم سونپيو. جنهن تان مٿس ”ميهار“ جو نالو پئجي ويو.

سهڻي کير ڏهائڻ جي بهاني، ميهار سان ڏهاڙي پيئي ملاقات ڪندي هئي: اها ڳالهه آهستي آهستي پکڙجي عام ٿي ويئي. تلا ڪنڀر ۽ ان جي زال، پنهنجي ڌيءُ سهڻي کي گهڻو ئي سمجهايو پر سهڻي نه سمجهي. نيٺ تلا ڪنڀر ميهار جو قرض معاف ڪري کيس نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو.

تلا ڪنڀار، سهڻيءَ جي شاديءَ پنهنجي ڀائٽي ڏم سان ڪرائي ڇڏي. پر سهڻيءَ خدا کي ٻاڏايو ۽ خدا جي قدرت سان ڏم کي رات جو اهڙي گهري ننڊ اچي ويندي هئي جو کيس سهڻيءَ جي سار به ڪانه ٿيندي هئي.

ميهار، چناب نديءَ جي ٻيءَ ڀر فقيراڻو ويس ڪري دونهين دکائي ويهي رهيو. پراڙ جا ڪئين ميهار وٽس اچي ڪچهريون ڪندا هوا. آهستي آهستي اها ڳالهه گجرات ۾ به پکڙجي ويئي ته پرئين ڀر هڪ وڏو درويش دونهين دکائي ويٺو آهي جنهن جي دعا سان گهڻن جي من جن مرادون پوريون ٿي ويون آهن. سهڻي به اها هاڪ ٻڌي، جيڏين سرتين سان گڏجي ان درويش سان ملڻ آئي ته ڳالهه پڌري ٿي پئي ته اهو درويش ميهار هو، جنهن سهڻيءَ سان ملڻ لاءِ هيڏو سانگ رچايو هو. نيٺ اهو فيصلو ٿيو ته ميهار روز رات جو درياءُ تري، سهڻي سان ملڻ ايندو. ۽ ان تي ڪيترو ئي عرصو عمل ٿيندو رهيو. ميهار جو اهو دستور هوندو هو ته هو ڪونه ڪو درياءُ جو پکي يا مڇي کڻي ايندو هو جو پچائي ٻئي کائيندا هوا. هڪ رات ميهار کي ڪابه شيءِ هٿ نه آئي، سو خالي هٿين وڃڻ بدران پنهنجي ران وڍي ان جو گوشت کڻي سهڻيءَ وٽ اچي پهتو هڪ ته زخم تازو ٻيو ان تي پيو پاڻي، ٽيون رت به ڇڏيائين هيڪاندو سو ميهار بي حال ٿي ڪري پيو. سهڻيءَ سڄي وارتا ٻڌي فيصلو ڪيو ته سڀاڻي رات کان هوءَ گهڙي تي تري ميهار وٽ ايندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com