سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آڪٽوبر ۽ نومبر 1978ع

باب: --

صفحو :5

هڪ ڏينهن راجا نند شڪار ڪندي ڪندي، سڌونديءَ جي ڪناري تي پهتو ته ڏٺائين ته هڪ سوئر نديءَ مان لنگهندو پي آيو، جتان ٿي اهو لنگهيو اتان نديءَ جو پاڻي سڪي ٿي ويو. اهو لقاءُ ڏسي، راجا سوئر جي پٺيان پيو؛ ۽ ان کي ماري، ان جي هرهڪ عضوي کي پاڻيءَ ۾ وجهندو ويو، تان جو سوئر جي ڏند ۾ اها ڪرامت ڏٺائين جو پاڻيءَ ۾ وجهڻ سان، اتان پاڻي سڪي ٿي ويو. راجا ڇا ڪيو جو پنهنجو سمورو خزانو کڻي، ان ڏند جي ڪرامت سان درياهه جي پيٽ ۾ لڪائي رکيو.

جادوءَ ذريعي ڪنهن فقير کي ان ڳالهه جي پروڙ پئجي وئي سو راجا نند جي محلات جي آسپاس ڦيرا ڏيڻ لڳو پر کيس وجهه نه لڳو. هڪ ڏينهن راجا، ڪنهن سفر تي ويو ۽ فقير محلات جي در تي سدا هنئي. مومل ان فقير کي گهڻو ڏيڻ چاهيو پر هن رڳو ان ڏند جي گهر ڪئي، جيڪو مومل جي خيال ۾ بلڪل بيڪار پيو هو. مومل اهو ڏند ان فقير کي ڏيئي ڇڏيو. فقير مومل کي دعائون ڏيندو هليو ويو ۽ ڏند ذريعي خزانو کڻي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ڏانهن هليو ويو.

راجا نند سفر تان موٽيو ته ڏسي ته ڏند آهي ئي ڪونه. گهڻيئي ڳولا ڦولا ڪيائين پر هٿ نه آيس. نيٺ پڇا ڳاڇا مان معلوم ٿيس ته اهو ڏند مومل ڪنهن فقير کي ڏيئي ڇڏيو. ان تان تپي باهه ٿي ويو ۽ مومل کي مارڻ جو ارادو ڪيائين پر سومل وچان پيئي ۽ پيءُ کي چيائين ته ”مومل کي نه ماريو، اهو خزانو آئون اوهان کي ڏيندس.“

سومل نه رڳو سياڻي هئي پر جادو جي فن ۾ به ڀڙ هئي. سو نئين سٽا سٽي پنهنجون ڀينرون ۽ ٻيون ٻانهيون ساڻ ڪري ميرپور ماٿيلي مان نڪري جيسلمير جي ويجهو لڊاڻي جي شهر ۾ منزل هنيائين. ٿورن ڏينهن ۾ ڪاڪ نئن جي ڪناري تي هڪ جادوءَ جو محلات جوڙايائين، جنهن جي چوڌاري هڪ عمدو باغ رکرايائين. باغ جي چوڌاري وڻراهه مان اهڙو انگڙ ونگڙ پيچرو بنايائين، جنهن ۾ جيڪو هڪ واريءَ گهڙيو، سو گم. محلات جي ٻنڀي وٽ شيشي جو هڪ تلاءُ ٺهرايائين. جنهن ۾ طلسمي پاڻيءَ اهڙيون ڇوليون پئي ماريون، جو ڏسندڙ جو ڏيل ڏڪيو ٿي ويو. دروازي ۽ محلات جي چئني ڪنڊن تي جادوءَ جا شينهن بيهاريائين، جن جي گجگوڙ آسمان ڏاري ٿي وڌو. صفحي ۾ ست کٽولا هڪ جهڙا سنواريل ۽ سينگاريل وڇارائي ڇڏيائين. انهن مان ڇهه کٽولا ڪچي سٽ جا واڻيل هئا. ۽ هرهڪ هيٺان هڪ اونهو کوهه کنيل هو. باقي ستين کٽولي ۾ واڻ به سچو هو ۽ ان جي هيٺان ڪجهه به ڪونه هو.

محلات ٺهي راس ٿيڻ کان پوءِ شهر ۾ پڙهو گهمارايائين ته جيڪو باغ لنگهي، تلاءُ اڪري، شينهن کان پاڻ بچائي، سچي کٽولي تي اچي ويهندو، ان کي مومل سان پرڻائينديس. لڊاڻو، هڪ تيرٿ آستان هو جتي ڪئين ديسي پرديسي پيا ايندا هوا. وڏا وڏا امير ۽ راجائون ايندا هئا. مومل جي سونهن جي هاڪ ٻڌي ڪئين امير وزير مومل حاصل ڪرڻ لاءِ اچي بخت آزمائيندا هوا. باغ جي در وٽ نغاري تي ڏونڪو هڻڻو پوندو هو. ڀير تي ڏونڪو لڳڻ شرط، مومل جي خاص ٻانهي ناتر آڌرڀاءُ لاءِ ايندي هئي، پوءِ ناتر اڳيان هلندي هئي ۽ مهمان پويان تان جو ناتر گوهي هڻي ڀڄي ويندي هئي ۽ مهمان پيو لوهون ڏيندو هو ۽ نيٺ پنهنجو سڀ مال اسباب هيرا جواهر ڦرائي ٻاهر نڪري ويندو هو، پر غيرت وچان اها خواري جي ڳالهه ڪنهن سان ڪونه ڪندو هو. اهڙيءَ طرح مومل مايا ميڙي پنهنجي پيءُ راجا نند کي پئي موڪليندي هئي.

انهيءَ زماني ۾ همير سومرو عمرڪوٽ جو حاڪم هو. کيس ٽي وزير هوا جن مان راڻو مينڌرو به هو جو سندس سالو هو. هڪ ڏينهن چارئي يار شڪار ڪندا هڪ اهڙي لٽيل ڦٽيل ماڻهوءَ سان گڏيا جنهن مومل جي محبت ۽ پنهنجي خواريءَ جو داستان ٻڌاين. هنن چئني پڪو پهه ڪيو ته مومل کي ضرور حاصل ڪبو.

چارئي يار، ڀلن اُٺن تي سوار ٿي اچي ڪاڪ تي پهتا. باغ جي دروازي تي ناتر ٻانهيءَ هنن جو آڌرڀاءُ ڪيو. چارئي سونهن جا صاحب هوا پر راڻو سڀني کان سرس هو. ناتر گوهي ڏيئي وڃي مومل سان راڻي جي سونهن جو ذڪر ڪيو پر مومل چيو ته جي اهڙو سهڻو آهي ته عقلمند به هوندو جيڪڏهن هو ڪاڪ جي قانون کان کٽي ويو ته آئون ٻانهي هو منهنجو سائين.

چئني يارن مان پهريون وارو همير سومري جو هو، جيڪو جٺيون جهلي واپس آيو. اهڙيءَ طرح ٻين ٻن به پاڻ کي خوار ڪيو. پڇاڙيءَ ۾ راڻي جو وارو آيو. راڻو، ناتر سان گڏ پيچدار پيچري ۾ گهڙيو ته ناتر گوهي ڏيڻ جي ڪئي، پر راڻي کڻي چوٽيءَ کان ورتس. تان جو پيچرو پورو ڪري اچي جادوءَ جي تلاءَ تي پهتا. اتي ناتر کسڪي ويس. راڻي سوپاري ڪڍي ان تلاءَ ۾ ڦٽي ڪئي جا ٻڏڻ بدران ٺڪاءُ ڏيئي وڃي بيهي رهي. راڻي ڄاتو ته هي سمورو جادوءَ جو ٽڪساٽ آهي. سو تلاءُ اڪري پار پيو. سامهون صفحي ۾ ست کٽولا ڏسي حيران ٿيو. هڪ ٻانهيءَ اچي چيس سائين، اوهين هتي آرام ڪريو، آئون مومل کي اوهان جو ڄاڻ ڪريان. راڻي ڪمان جي نوڪ سان ڇهن کٽولن تي زور ڏيڻ شروع ڪيا ته اهي نه رڳا ڪچا هوا پر انهن جي هيٺان خوني کوهه به هوا. پوءِ ستين کٽولي تي پاٿولي ماري ويهي رهيو. مومل لڪيو ويٺي اهو رنگ ڏٺو. هن راڻي کي ماڙيءَ تي گهرايو. راڻو ماڙيءَ تي ويو ته 9 ڄڻيون سدا سهڻيون هار سينگار ڪريو بيٺيون آهن. هاڻي انهن مان مومل ڪهڙي چونڊي. اڃا انهيءَ فڪر ۾ هو ته هڪ ڀؤنر، راڻي جي مدد ڪئي؛ اهو هڪڙيءَ تي ڦيرا ڏيڻ لڳو. راڻي سهي ڪيو ته اهائي مومل آهي سو وڌي هٿ کان ورتائينس. سڀني، راڻي جي سورهيائي ۽ سونهن جي تعريف ڪئي. اهڙيءَ طرح ڪاڪ جا شرط پورا ٿيا. ۽ راڻي مومل سان لائون لڌيون.

راڻو، صبح جو اچي ساٿين سان مليو ۽ کين احوال ڏنائين. همير سومري مومل جو منهن ڏسڻ جي خواهش ڪئي. نيٺ همير کي ميهارڪو ويس پارائي راڻو اندر وٺي ويو. پر مومل سمجهي ويئي، سو همير کي چيائين ”هيءَ مينهن ته ڏهي ڏي.“ ويچارو اچي ڦاٿو ۽ ڏاڍو شڪي ٿيو ۽ نيٺ واپس ويو. انهيءَ جٺ تي راڻي تي ڏاڍو ڪاوڙيو. ٻي ڏينهن همير چوائي موڪليس ”ته اسين وطن وڃون ٿا. هلڻو اٿئي ته هل“ راڻي جواب ڏنس ته ”آئون هاڻي ڪاڪ ۾ رهندس.“ پر مومل چيس ته مٽن مائٽن کان وڃي موڪلائي اچ. راڻو يارن سان گڏجي وطن ويو، جتي همير کڻي قيد ڪيس. ٿوري عرصي کان پوءِ ان شرط تي آزاد ڪيائينس ته ”وري مومل جو منهن نه ڏسندين.“

راڻي کي مومل کان سواءِ ڪٿي ٿو آرام اچي؟ هو ڀلي اُٺ تي رات وچ ۾ ڪاڪ ڪاهيندو هو ۽ صبح جو ڀنڀرڪي موٽي ايندو هو. ان ڳالهه جي کڙڪ همير کي پئجي ويئي جنهن وري قيد ڪري ڇڏيس پر وري سندس ڀيڻ جي چوڻ تي آزاد ڪري ڇڏيائينس. آزاد ٿيڻ شرط، راڻو وري به اُٺ پلاڻي ڪاڪ روانو ٿيو.

مومل ويچاري، راڻي جي اوسيئڙي ۾ راتيون وهائي ڇڏيندي هئي. هڪ رات سومل کي مردانو ويس پهرائي پاڻ سان سمهاريائين ته ان ئي رات راڻو به اچي پهتو. مومل سان هڪ غيرمرد ستل ڏسي پهرين ته دل ۾ آيس ته ٻنهي کي پورو ڪريان پر مومل جو پيار ياد ڪندي پنهنجو لڪڻ مومل جي ڀرسان ڇڏي هليو ويو.

صبح جو راڻيءَ جو لڪڻ پاسي ۾ ڏسي، مومل ڄاڻي وئي ته راڻو رُسي ويو آهي. پوءِ گهڻائي قاصد، ڏانهنس موڪليائين، پر راڻو راضي نه ٿيو. نيٺ وڻجارڪو ويس ڪري، اچي عمرڪوٽ ۾ سهڙي راڻي جي محلات سامهون هڪ ماڙي اڏاريائين. پاڙيسري هئڻ ڪري، هڪٻئي سان ڏيٺ ٿين ۽ ناتا وڌنڌا ويا. هڪ ڏينهن چوپڙ راند پي ڪيائون ته مومل جي ٻانهن تان ڪپڙو لهي ويو ۽ راڻي، سندس ٻانهن جا تر سڃاتا. پوءِ مومل پاڻ کي ظاهر ڪري، رٺل راڻي کي پرچائڻ لاءِ ڪئين حيلا هلايا؛ پر راڻو هوڏ تان نه لٿو.

مومل نااميد ٿي ڪاٺين جو هڪ آڙاهه تيار ڪرايو ۽ پاڻ کي کڻي ان ۾ اڇلايائين. راڻي کي جو خبر پيئي ته عشق جو آواز وڍ وجهڻ لڳس ۽ پاڻ به مٿي مچ ۾ ڪاهي پيو ۽ وڃي مومل سان ميلو ڪيائين.

ويٺي نت نهاريان، راڻا! تنهنجو راهه،

موٽائي ماڳن ۾، آڻيندءِ الله،

سوڍا تو ڳر ساهه، نه ته راڻا گهڻا راڄ ۾.

(شاهه)

 

 

عمر مارئي

 

ٿر ملڪ جي ملير ڳوٺ ۾ پالڻي نالي هڪ شخص رهندو هو، جنهن کي مارئي نالي هڪ حسين ڇوڪري هئي. هي ويچارا مسڪين مارو ماڻهو هئا، جي ڏٿ ڏوري ۽ جهڻ مکڻ تي گذران ڪندا هئا. پالڻيءَ وٽ هڪ واهي هوندو هو، جنهن جو نالو ڦوڳ هو. ڦوڳ مارئيءَ جي سونهن ڏسي پڻس کان سندس سنڱ گهريو. پر پالڻيءَ پنهنجي نياڻيءَ جو ناتو کيت نالي هڪ ماروءَ سان اڳي ئي ڪري ڇڏيو. جنهن تان ڦوڳ کي ڏاڍي مٺيان لڳي سو پالڻيءَ کان پلاند وٺڻ لاءِ وجهه ڳولڻ لڳو.

ان زماني ۾ عمر سومرو عمرڪوٽ ۾ حڪومت ڪندو هو. هو سهڻين عورتن جو پوڄاري هو. جتي به ڪا سهڻي عورت ڏسندو هو، ان کي حاصل ڪندو هو. ڦوڳ وجهه وٺي عمرڪوٽ ويو ۽ عمر سومري آڏو مارئيءَ جي واکاڻ ڪيائين. عمر احوال ٻڌي، ويس بدلائي اُٺ پلاڻي ملير ڏانهن رخ رکيو. ٽئين ڏينهن ڀنڀرڪي مهل اچي ملير پهتا.

ٿر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي ۽ کوهه اونها ٿيندا آهن، تنهن ڪري ٿر ڄايون اسر جو اُٿي کوهه تي پاڻي ڀرڻ وينديون آهن. مارئي به ائين ڪندي هئي. قضا سان اڄ ننڊ کڻي ويس جنهن ڪري دير سان کوهه تي پهتي. ٻيون ساهيڙيون پاڻي ڀري ويون هيون، باقي سندس هڪ ساهيڙي وڃي بچي هئي.

عمر ۽ ڦوڳ واٽهڙو ٿي اچي اتان لنگهيا. ڦوڳ عمر کي ٻڌايو ته مارئي اها اٿئي. پوءِ پاڻي پيئڻ جي بهاني، اُٺ هُشائي، مارئيءَ کان پاڻي ڍُڪ گهريائين. جيئن مارئيءَ پاڻي آڇيس، تيئن ٻانهن کان وٺي کڻي مارئيءَ کي اٺ تي چاڙهيائين ۽ تڪڙو ڪاهيندو اچي عمرڪوٽ پهتو. عمرڪوٽ اچڻ سان مارئيءَ کي کڻي محلات ۾ قابو ڪيائين. عمر مارئيءَ کي راضي رکڻ لاءِ گهڻي ئي پٽ پٽيهر موتي ۽ ماڻڪ، اُچا سڻڀا کاڌا آڇيا. پر مارئي انهن ڏانهن اک ئي نه کڻي. مارئيءَ چيس ته پکن جي پريت ماڙين سان مور نه مٽيان. عمر روز رات جو ايندو هو نت نيون لالچون آڇيندو هو. مارئي نه رڳو انهن آڇن کي لت هڻي ڇڏي، پر کاڌي کائڻ کان به نابري واري ويٺي ۽ اچي مرڻ جي حالت کي پهتي.

مارئيءَ جو سيل ۽ ست ڏسي عمر جي دل ڀڄي پيئي ۽ مارن ڏانهن نياپو موڪليائين ته اچي امانت وٺي وڃو. پوءِ جيئن ڪو غيرت مند ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي پرڻائي گهران ڪڍندو آهي تيئن عمر سومري، مارئيءَ جي مٿي تي پوتي رکي، سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي مارن ڏانهن موڪليس.

اِي نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون تي،

اچي عمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت،

پکن جي پريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان.

(شاهه)

 

نوري ڄام تماچي

 

سمن جي حڪومت ۾ ڄام تماچي وڏو ناميارو حاڪم ٿي گذريو آهي. سندس حد ۾ هيلايا ٽڪريءَ جي هيٺان، ڪينجهر ڍنڍ جي ڪپ تي ڪيترائي مهاڻا رهندا هئا، جي گهڻو ڪري ڪارا ۽ ڪوجها هوندا هئا. پر منجهن نوريءَ نالي هڪڙيءَ نينگر نهايت حسين هوندي هئي.

هڪ ڀيري ڪينجهر ڍنڍ تي سير ڪندي ڄام تماچيءَ جي نظر نوريءَ تي وڃي پيئي. اهڙن ڪارن ڪوجهن مهاڻن ۾ ههڙو املهه ماڻڪ ڏسي ڄام تماچي جي دل اچي سرڪي، سو مهاڻن کان سڱ ڇڪيائين. مهاڻن جون ڏهه ئي گيهه ۾ ٿي پيون، سو خوشيءَ سان قبول ڪيائون. پوءِ ته شاديءَ لاءِ منڊل منڊ جي ويا، شادمانا ٿي ويا، مهاڻن تان محصول معاف ٿي ويو، ۽ ڍنڍ امداد ٿي ملين. نيٺ ڄام تماچيءَ نوريءَ کي نوازي محلات ۾ آڻي راڻين سان راڻي ڪري رهايو.

ڄام جو نوريءَ تي ايترو ته آر هوندو هو جو ڪڏهن ويهي واءُ هڻندو هوس ته ڪڏهن شيل شڪار تي وٺي ويندو هوس. چوندا آهن ته ”وَرَ سهاڳڻ سا جڳ سهاڳڻ.“ سميون به اچيو هن جو سلام ڪنديون هيون. انهيءَ اوج ۽ عزت هوندي به نوريءَ جو من نه وڌيو. هٺ ۽ وڏائيءَ جو منجهس نالو ئي ڪونه هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com