واچ: ٽڪ ٽڪ ٽڪ... مڃيم اهو سڀڪجهه تون ڪندو آهين،
پر انهن ڪمن ڪرڻ جا ٽائيم آهن يا نه؟ جيڪو دل ۾
ايندو اٿئي، اهو ئي ڪرڻ لڳندو آهين. اهو ٺيڪ آهي؟
پڙهڻ جو وقت هئو، تون ٻاهر وڃي کيڏڻ لڳين. سمهڻ
لاءِ رات ٿيندي آهي. تون اڄ ڏينهن جو سمهين پئين.
ڇا اهو ٺيڪ آهي؟
ٻار: مان ڪوئي قيدي نه آهيان، ڪنهن جي ماتحت ڪونه
آهيان جو اهڙي ريت پابند ٿي وڃان. جيڪي دل ۾ ايندو
آهي، اهو ڪندو آهيان مون کي ڪير روڪي سگهي ٿو؟
واچ: ٽڪ ٽڪ ٽڪ... مان روڪڻ چاهيان ٿي، انهيءَ مقصد
سان ته مان تو وٽ آئي اهيان. جيڪڏهن تون پنهنجا ڪم
صحيح وقت تي نه ڪندين ته منهنجو گڏ رهڻ اجايو آهي.
توکي سڄو ڏينهن ٽائيم ٽيبل مطابق گذارڻ گهرجي.
تڏهن تون گهڻو ڪجهه ڪري سگهين ٿو. نه ته ڏينهن
گذري ويندو آهي. ڪم ڪجهه به نه ٿيندو آهي.
ٻار: هائو، هي ته تون ٺيڪ چئي رهي آهين، ڪڏهن
سوچيندو آهيان سومر کان ٺيڪ وقت تي ڪم ڪندس ڪڏهن
سوچيندو آهيان ته پهرين تاريخ کان ڪندس، سومر
ايندو آهي ۽ گذري ويندو آهي، پهرين تاريخ ايندي
اهي، اها به ائين گذري ويندي آهي، پر ڪم ڪجهه به
نه ٿيندو آهي.
واچ: ۽ جڏهن امتحان ويجها ايندا آهن تڏهن
گهٻرائيندو آهين؟ انهيءَ ڪري ته هڪ هڪ منٽ جو ڌيان
رکڻ کپي. ٽڪ ٽڪ ٽڪ....
ٻار: ته انهيءَ لاءِ مان ڇا ڪريان؟
واچ: ڪندين ڇا؟ هڪ ٽائيم ٽيبل ٺاهه. هرهڪ ڪم لاءِ
هڪ وقت مقرر ڪر ۽ انهيءَ مطابق هل.
ٻار: واچ! تنهنجا لک ٿورا، تو مون کي اها ڏاڍي سٺي
ڳالهه ٻڌائي. هر ڪم لاءِ هڪ وقت ۽ هر وقت لاءِ هڪ
ڪم. هاڻي مان ائين ئي ڪندس.
واچ: تنهنجو ڀلو ٿئي. ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ....
سچ ۽ ڪچ
جڏهن وينجهار ئي نه رهندا، بزارون صرافن کان خالي
ٿي وينديون. تڏهن، ماڻڪن کي ڪير پڇيندو؟ خلق وڃي،
ڪڇ تي ڪرندي. تڏهن سچ جي ڪهڙي بها ٿيندي. سچ پچ
ته، سچ ۽ ڪڇ جي پرکڻ جو امتياز ئي نقاد جي بهترين
۽ اصولي ڪسوٽي چئي سگهجي ٿي جا اڄ- ڪلهه آهي ئي
ڪانه!
-
مولانا غلام محمد گرامي
پرڀو ”ناشاد“
ڪاري ٻار جو سوال
اوهان جون ۽ منهنجون-
اميدون ۽ آسون،
امنگون ۽ خوشيون،
سڀيئي ٿيون ساڳيون:
اوهان جي ۽ منهنجي تمنا جو انداز ساڳيو،
اوهان جي ۽ منهنجي رڳن منجهه آ رَتَ جو رنگ ساڳيو،
اوهان جو ۽ منهنجو ته خالق به ساڳيو،
ته مالڪ به ساڳيو؛
جڏهن ڪوبه رانديڪو شوڪيس ۾ ٿو ڏسان:
تڏهن ساڳئي انداز سان منهنجي هرکي ٿي دل.
هيءَ چوڏهين جو چمڪڻ،
ستارن جو ٽمڪڻ،
بهارن جو مرڪڻ،
گلابن جو مهڪڻ،
۽ چهرن جو چهڪڻ،
اوهان سڀ ٿا چاهيو، ته مان ڀي ٿو چاهيان:
انهيءَ هوندي-
سونهري ٻارؤ!
مان خود ڇو اوهان کي پسند ڪونه آهيان؟
ادل سومرو
ادل جا بيت
هونئن ته هرڪنهن ٻار ۾ مهڪي پئي مڻيا،
پر جي سنڌ ڄڻيا، تن جي مٽ ڪو ڪينڪي.
هونئن ته هرڪنهن ٻار ۾، ٻاٻيهل جا ٻول
آهن پر اڻمول، سڀ کان سنڌي ٻارڙا.
هونئن ته هرڪو ٻارڙو، هر هنڌ آهه سينگارُ
پر سڀ کان سنڌي ٻار، سرس سچ جي سونهن ۾.
هن ڌرتيءَ جا ٻارڙا، سچ سان سڀ رتولَ
ٻاجهه نسورا ٻول، قول به قربن جهڙا.
گلن جهڙا ٻارڙا، ڪنڊن کان نه ڊڄُ،
ڪرندي اهڙي وڄُ، سڙي ويندا سور سڀ.
تون جي وڌي وڻ ٿئين، ٻوٽي جهڙا ٻار
پن پکيڙي ڏار، ڌرتيءَ ڪجانءِ ڇانورو.
هجي هرڪنهن هنڌ تي، ڀل ته ڀلاري ماءُ
ماءُ سنڌيءَ جو ساءُ، ناهي ٻي ڪنهن هنج ۾.
هن ڌرتيءَ جون اکيون، تو ۾ آهن ٻار
وڏو ٿي ڪين ڪجانءِ، دل کان ڌرتي ڌار
ابي امڙ جي سار، پهرين لهجانءِ پٽڙا.
ذوالفقار سيال
اسان جي دعا ٿي
سلامت رهين، شال! شاداب پٽڙا!
ڪنڊا راهه مان سڀ هٽايون وڃون ٿا.
ڪٽي رات ڪاري اوهان لاءِ اڳتي؛
اسان باک هاڻي ڦٽايون وڃون ٿا.
ڏئي خون پنهنجي جگر جو اي پيارا!
نئين جوت جڳ جڳ جلايون وڃون ٿا.
ڊناسين ڪڏهن ڪين تنگي ڪنهين کان،
خزانو اهو ئي ورهايون وڃون ٿا.
دعا آ، ڏسو نه، ڏکيو وقت ڪوئي،
اسان سچ تان سر ڪٽايون وڃون ٿا.
اُچو گاٽ سچ جو رکيوسين هميشه،
انهيءَ لاءِ سڀڪجهه لٽايون وڃون ٿا.
نه رهزن، نه ڦورو، نه ئي سامراجي،
۽ ظالم، هميشه مٽايون وڃون ٿا.
وساري ڇڏين پٽ! متان هي تون نڪتا،
اسين زندگي آزمايون وڃون ٿا.
منظور ظفر
لولي ڏيانءِ
آءُ هلي آءُ هنج کڻانءِ،
لوڏي لوڏي لولي ڏيانءِ،
سرهو سرهو شال رهين تون،
ڏک جو پاڇو شل نه ڏسين تون،
اوکيءَ سوکيءَ ساڻ هجانءِ،
آءُ هلي آءُ هنج کڻانءَ.
پٽڙا پيارا اک جا تارا،
منهنجي من جا ساهه سهارا،
ويلي ويلي دعائون ڏيانءِ،
آءُ هلي آءُ هنج کڻانءِ.
پيارا پيارا پوپٽ جهڙا،
تنهنجا جذبا، بخمل جهڙا،
هر شيءِ تنهنجي آهي نانءِ،
آءُ هلي آءُ هنج کڻانءِ.
ڇانو سدائين هوندئي مٺڙا،
اُهو نه ڪڏهين ايندئي مٺڙا،
اُس ۾ رئي جي ڇانوَ ڪيانءِ،
آءُ هلي آءُ هنج کڻانءِ.
اياز گل
سالگرهه جي مبارڪ
گل ڦل ڦهلائي سرهاڻ سُرهاڻ،
ٻارن لئه ڪي خوشيون آڻ،
شال هزارين وَرهيا ماڻ،
شال هزارين وَرهيا ماڻ:
سالگرهه مُبارڪ توکي.
تُنهنجي هرهڪ لکڻي پياري،
تُنهنجي آهي ڳالهه نياري،
پنهنجي توسان پَڪي ياري،
ٽُٽڻي ناهي جيڪا هاڻ:
شال هزارين وَرهيا ماڻ،
سالگرهه مُبارڪ توکي.
ٻارَ سِکن جيئن سِڪَ ۽ پيار،
ڪونه گُذاري ڪنهن کان ڌار،
گُل ڦل! اهڙو ٻارڻ ٻار،
چوڌاري تنهنجي واکاڻ،
شال هزارين وَرهيا ماڻ:
سالگرهه مُبارڪ توکي.
محمد رمضان ”زلفي“ حيدرآباد
هن دور جو ٻار
آهيان مان هن دور جو ٻار، ڏاڍائيءَ سان مون کي خار
پڙهي لکي مان قابل ٿيندس، پنهنجي وطن سان ڪندس
پيار
نيڪيءَ کي همٿائيندس مان، بديءَ کي بنائيندس بيڪار
آهيان مان هن دور جو ٻار
جهالت جي مان پاڙ پٽيندس، سچائيءَ کي ڪندس نروار
نوڙت نياز وڌائيندس مان، ماريندس نفرت جا مار
آهيان مان هن دور جو ٻار
جڳ ۾ اخلاق پکيڙيندس مان، پوئيندس الفت جا هار
اخوت جا مان گيت ڳائيندس، دين کي ڪندس مان شرمسار
آهيان مان هن دور جو ٻار
وڏڙن جو مان ٻانهون آهيان، ننڍڙن جو مان آهيان يار
ملڪ جي بهبوديءَ خاطر، مون کي رهڻو آ هوشيار
آهيان مان هن دور جو ٻار
وطن جي خاطر سور پرائي، قوم کي مان ڪندس بيدار
وطن جي عظمت جي خاطر مان، لڙڻ مرڻ لا3 ٿيندس تيار
آهيان مان هن دور جو ٻار
پاڻ ۾ جذبو ايثار جياري، دشمن کي مان ڪندس خوار
وطن تي آئي ڏکي گهڙي جي، پنهنجي جان مان ڪندس نثار
آهيان مان هن دور جو ٻار
وطن جي ترقي جي خاطر، مان نه رهندس هڪ پل بيڪار
”زلفي“ محنت ۽ ڪوشش سان، وطن کي ڪندس گل گلزار
آهيان مان هن دور جو ٻار
سنڌ جَا سُجَاڳ ٻَارَ
(سنڌ جي ٻارن ۾ گذريل 15-20 سالن کان جيڪا سجاڳيءَ
جي لهر آئي آهي، ان کين ترقيءَ جي منزل ڏانهن
پهچندڙ شاهراهه تي پهچائي ڇڏيو آهي. هن ڪالم ۾ سنڌ
جي ٻارن جي ٻن مشهور تنظيمن ”ٻارڙن جي ٻاري“ ۽
”گلن جهڙا ٻارڙا سنگت“ جو سرسري جائزو ادي عرفان
ڪلهوڙي ۽ ادي اخلاق انصاريءَ لکيو آهي- جيتوڻيڪ
ٻنهي جي رپورٽ اڃا پوري ڪانه آهي، ان هوندي به سنڌ
جي ٻارن لاءِ سجاڳيءَ جو نياپو ضرور آهي- ايڊيٽر)
ٻارڙن جي ٻاري
مشهور چوڻي آهي ته ”ٻار مستقبل جا معمار آهن.“
انهن جي ڪلهن تي ئي ملڪ ۽ قوم جي ايندڙ ذميدارين
جو بار آهي. انڪري اهو ضروري آهي ته ٻارن کي شروع
کان وٺي اهڙي تربيت ۽ تعليم حاصل هجي، جنهن سان
ٻارن جي ذهني اوسر ٿي سگهي. سنڌ ۾ ٻارن جي ذهني
تربيت لاءِ ڪي جماعتون آهن، جي جدا جدا طريقن سان
ٻارن ۾ پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ جذبو
پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪنديون رهن ٿيون. ان ئي ڏس ۾
روزانه عبرت اڄ کان ارڙهن سال اڳ هڪ صفحو ”ٻارڙن
جي ٻاريءَ“ جي نالي سان ڪڍيو، جنهن سان ٻارن ۾ لکڻ
۽ جدا جدا چٽاڀيٽين ۾ حصو وٺڻ جو هڪ شوق پيدا ٿيو.
ان هوندي به ان ڳالهه جو احساس محسوس ڪيو پئي ويو
ته سنڌ جي ٻارن ۾ سجاڳي پيدا ڪري کين منظم نموني
سرگرم رکيو وڃي. ان سلسلي ۾ اداري ”عبرت“ جي ڪوششن
سان، ٻارن جي صفحي سان ٻارڙن جي ٻاريءَ کي هڪ
تحريڪ جي صورت ڏني وئي. هن تحريڪ جو خاص مقصد ٻارن
کي پنهنجي زبان ۽ ان جي ادب سان چاهه پيدا ڪرڻ ۽
ان کان سواءِ ٻارن کي سندن بچيل وقت ۾، اجاين
ڳالهين ۾ وقت وڃائڻ بدران ٻاريون ٺاهي، گڏجاڻيون
ڪري، تعليم سان شوق رکڻ جي ترغيب ڏيڻ هو. انهيءَ
کان سواءِ سڄي سنڌ جي ٻارن جو ڪنوينشن سڏارائي
تحريري، تقريري ۽ تصويري توڙي ٻين چٽاڀيٽين ذريعي
انهن ۾ مقابلي جو رجحان پيدا ڪرڻ هو. انهيءَ سلسلي
جو پهريون ڪنوينشن آچر 2 مئي 1965ع تي ٿيو. انهيءَ
ڪنوينشن جي ڪري ٻارن ۾ سجاڳيءَ جي لهر پيدا ٿي.
اهڙي4 طرح ٻارڙن جي ٻاريءَ طرفان چار اهڙا ڪنوينشن
سڏرايا ويا، جن جو اثر تمام سٺو ٿيو. وچ ۾ حالتن
اهڙو رخ اختيار ڪيو جو ٻاريءَ جو تنظيمي سلسلو ڪجه
عرصو بلڪل سست پئجي ويو، پر وري 1972ع کان وٺي
ٻارن جي ئي ڪوشسن سان باريءَ کي ٻيهر منظم ڪيو
ويو. هن وقت ٻاريءَ جون ڏيڍ سؤ کن شاخون کلي چڪيون
آهن، انهن شاخن ۾ گڏجاڻيون ڪري ٻارن کي هڪ پليٽ
فارم تي جمع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انهيءَ
سلسلي ۾ نئين سر منظم ٿيڻ کان پوءِ مرڪز اڳي جيان
هر ميدان ۾ سرگرم آهي ۽ ٻار تحريري، تقريري توڙي
سماجي ڪمن ۾ به حصو وٺي رهيا آهن. هن تنظيم 1974 ۽
1976ع ۾ آيل ٻوڏن جي تباهڪارين جي لاءِ امدادي
ڪئمپون قائم ڪيون ۽ ٻوڏ جي ستايل ڀائرن جي مدد
ڪئي- انهيءَ کان سواءِ مباحثا، تحريري ۽ تقريري
مقابلا ڪرايا ويا، جن ۾ ٻارن کي انعام به ڏنا ويا.
ٻاري جي مرڪزي عهديدارن طرفان تنظيم جي ڪم کي
سرگرم رکڻ لاءِ تنظيمي دورا به ڪيا ويندا آهن، جن
ذريعي ٻاري جي مقصدن کان کين آگاهه ڪيو ويندو آهي.
انهيءَ جدوجهد آخر پنهنجو رنگ لاتو ۽ ٻاريءَ جون
سوين شاخون کلي چڪيون آهن. ٻاريءَ جيڪو ڪردار ادا
ڪيو آهي، ان کي مستقبل ۾ ٻارن جي سرگرمين جي تاريخ
لکندڙ مورخ ڪڏهن به نه وساري سگهندو. اهو چوڻ ۾
ڪابه هٻڪ نه آهي ته جيڪڏهن عبرت طرفان ان سلسلي ۾
جدوجهد شروع نه ڪئي وڃي ها ته شايد اڄ سنڌ جا ٻار
به احساس ڪمتري ۽ همت افزائي نه هجڻ ڪري، مقابلي
جي هن دؤر ۾ پنهنجون آسون دل ۾ ئي سانڍي گهٽجي وڃن
ها ۽ دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي ٻارن ڏانهن حسرت
ڀريون اکيون کڻي نهاريندي رهجي وڃن ها.
رپورٽ: عرفان علي ڪلهوڙو
گلن جهڙا ٻارڙا سنگت
”ڪو زمانو هو، جڏهن ٻڌو هيوسين ته هيءَ ڌرتي ڍڳي
جي سڱن تي بيٺل آهي. زماني جوڻ بدلي آ... اڄ ڌرتي
ماءُ پنهنجي ٻالڪ جي ڪلهن تي اٽڪيل آهي.“
خيرالنساء چيو.
واقعي آهي به سورنهن آنا سچ! ٻار ئي ملڪ جو معمار
۽ آئيندي جو ابو آهي. وقت ۽ ملڪ جون واڳون
ورائيندڙ- رستا آهن ٻه، اوندهه ۽ روشني. نئين ٽهي
روشنيءَ جي ڳولائو- ماڳ ڏانهن وک وڌائڻ لاءِ جتن
ڪندي پر انهيءَ شرط سان ته پراڻي پيڙهي به ڪوشش
وٺي.
دنيا جي جدا جدا ملڪن ۾ نئين ٽهيءَ لاءِ هر طرح
جون سهولتون هونديون آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ ٻار کي
ٻار ئي ڪري ڇڏيو ويو آهي.
هلال پاڪستان طرفان گلن جها ٻارڙا تنظيم جو اعلان
ٿيو. ڄڻ سنڌي ٻار کي ڏياٽي ملي ويئي، جنهن ۾ جدا
جدا ميدانن لاءِ روشن راهون ڏيکارڻ لاءِ ڏيئا روشن
هئا. ٻار اها ڏياٽي پڪڙي، ماکيءَ جي مکين وانگر
ميٺ محبت ۾ ڪالهه کي ڇڏي، اڄ ۽ سڀاڻ لاءِ ڊوڙون
پائڻ لڳا. هرڪو اڳ- اڃا به اڳ وڌڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ
لڳو. ڪنهن ته تنظيم لاءِ اتحاد ضروري آهي. گلن
جهڙن ٻارڙن جي ٻڌيءَ ڪري شاخون قائم ٿيون ۽ ساري
سنڌ ۾ شاخن جو ڄار پکڙجي ويو. شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾
شاخ. اٽڪل ٻه سؤ کان به مٿي شاخن جو تعداد وڌي
ويو. پهرين شاخ ضلعي لاڙڪاڻي جي شهدادڪوٽ تعلقي ۾
قائم ٿي.
هڪ گهر کي هلائڻ لاءِ ڪنهن وڏي جي ضرورت محسوس
ٿيندي آهي. اهڙي طرح شاخن کي هلائڻ لاءِ مرڪزي
سنگت جي به ضرورت هئي. 19 جولاءِ 1974ع تي مرڪز جو
بنياد پيو، جنهن جو پهريون آرگنائيزر مسٽر خدا بخش
ابڙو ۽ سيڪريٽري جنرل همايون گل هئا، پوءِ جلد ئي
سيڪريٽري جنرل جا فرائض غفران عاقلاڻي سنڀاليا. ان
کان پوءِ مرڪز باقاعده ڪم شروع ڪيو. جلدئي مرڪز
وڏا وڏا فنڪشن ڪرڻ لڳو. تاريخ 9-3-1975ع تي مرڪز،
ضلعي ۽ تعلقي آرگنائيزرن جي گڏجاڻي سڏائي وئي،
جنهن ۾ مکيه مسئلن تي غور ڪيو ويو.
هونئن ته ننڍڙا ننڍڙا مقابلا هر شاخ، هر هفتي يا
پندرهين ڏينهن ڪندي هئي، جن ۾ ڪهاڻين، مضمونن، عام
معلومات ۽ تقريرن جا مقابلا به اچي وڃن ٿا. پر ان
سان گڏ ضلع سطح يا سنڌ ليول تي هنن شاخن تمام
بهترين ۽ ڪامياب فنڪشن ڪيا، جن ۾ ٽنڊومحمد خان،
ماتلي، ٽنڊوالهيار، هال، دادو، شڪارپور ۽ شهدادڪوٽ
لاڙڪاڻو ۽ سکر پيش پيش هيون. ٻيو جيڪو اهم ۽
ڪامياب ڪم ٿيو، اهو تعليمي پرچار هو، جيڪو ٽنڊي
الهيار شاخ ڪيو ۽ ڳوٺ ڳوٺ وڃي، ٻارن جي مائٽن کي،
پنهنجن ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ کين تعليم
جي اهميت کان آگاهه ڪيو. ان کان پوءِ مرڪز پاران
غريب ٻارن ۾ ڪتابن ورهائڻ جي مهم شروع ٿي، جتي ڪٿي
بڪ بينڪون قائم ٿيڻ لڳيون، جتان غريب شاگردن جي
ڪتابن ۽ ڪاپين جي مسئلن کي حل ڪيو ويو- ايتري
تائين جو مفت ٽيوشنون پڻ ڏنيون ويون- ان لاءِ سڀ
کان پهرين اعلان شهدادڪوٽ شاخ ڪيو، جنهن نائيٽ
ڪوچنگ سينٽر هلائڻ شروع ڪيو.
گلن جهڙا ٻارڙا تعليم سان گڏ تفريحي پروگرامن ۾ به
حصو وٺڻ لڳا، جن ۾ سير ۽ جسماني ورزش شامل آهن.
ٻارن قديم آثارن جا پڻ سير ڪيا، موهن جو دڙو ۽
حيدرآباد جي تاريخي جاين تي وڃي سير کان سواءِ
معلوماتي مطالعا پڻ ڪيا.
جسماني ورزش لاءِ ڪرڪيٽ، ٽيبل ٽينس ۽ ايٿليٽڪ جي
راندين جون ٽورنامينٽ ڪرايون ويون.
اڄ جو ننڍو، سڀاڻ جو وڏو. اڄ جو شاگرد، سڀاڻ جو
ابو، اهي ئي وڏا ٿي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ فوجي بنبا.
قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪندا، پر هنن ننڍڙي عمر ۾ به
وسان ڪين گهٽايو آهي. جڏهن به ڪنهن کي ضرورت پئي
آهي ته گلن جهڙا ٻارڙا اڳ ۾ آهن، جڏهن سنڌ ۾
چوڌاري اڇ ئي اڇ هئي ۽ اهي سنڌي هاري ۽ پورهيت،
جيڪي اُسن ۾ سڙي، سردين ۾ سڪي، هر هلائي، اَن
اُپائي، پاڻ پيٽ کي مٺيون ڏئي، ويلا ويهي، سڀن کي
کارائن، انهن تي جڏهن قدرتي آفت آئي ته سڀني شاخن
وس ۽ وت آهر هڙان وڙان ڏئي ٻوڏ جي ستايلن سان ساٿ
ڏنو.
جڏهن ادب جي ميدان ۾ آيا ته سڀن کي ملهه ماري ويا.
ڪلهه جا ننڍا جسم، اڄ جو وڏو ذهن رکڻ لڳا. جيتوڻيڪ
ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ رسالا به ٿورا هئا، ته
به چڱن ۽ سٺن ليکڪن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملايائون، جن ۾
ايازگل، ادل سومرو، اڪبر ساگر، ارشاد سائل، نياز
پنهور، ارشاد راهي، شبير سومرو، عنايت ميمڻ، منظور
ظفر ۽ شميم سنڌي قابل ذڪر آهن. انهن سڀني ليکڪن
جون لکڻيون اڄ سڀني سنڌي رسالن جو سينگار آهن. اڃا
به اڳتي وڌڻ لاءِ محنت ڪن پيا. |