ٻئي طرف تانوڪي هڪ کوهه ۾ وڃي لڪيو- هن کي ڊپ هو
ته پوڙهو هاري هن کان ضرور وير وٺندو- انهيءَ ڊپ ۾
هو ڪيترا ڏينهن کوهه ۾ لڪو ويٺو رهيو- پر ڪيترا
ڏينهن-؟ بک ۽ اڃ هن کي پريشان ڪري ڇڏيو.
هيڏانهن سهي هڪ ڪهاڙي هٿ ڪئي- ۽ تانوڪيءَ جي کوهه
جي ڀرسان پهتو- هن اتي ڪجهه وڻ وڍي ڪاٺيون گڏ
ڪيون. ۽ انهن جي ڀري ٻڌي. اکروٽ هاڻي کائڻ لڳو-
اکروٽ چٻڻ جو آواز ٻڌي تانوڪي پنهنجي کوهه کان
ٻاهر ليو پائي ڏٺو ته سهو مزي سان اکروٽ کائي رهيو
آهي. تانوڪي جي بک وڌيڪ جاڳي. هن سهي کي منٿ ڪندي
چيو ته ”يار سها، ڪجهه اکروٽ مون کي به ڏي، آئون
بکيو آهيان“ جواب ۾ سهي چيو ته ”جيڪڏهن تون هنن
ڪاٺين مان اڌڀري کڻائي مون کي سامهون واري ٽڪريءَ
تي پهچائي ڏين، ته آئون توکي اکروٽ ڏيڻ لاءِ تيار
آهيان.“ تانوڪي اهو شرط منظور ڪيو. ۽ هو جلدي
اڳيان وڌيو ۽ ڪاٺين جي ڀري کڻي ٽڪريءَ ڏانهن هلڻ
لڳو، اڳيان تانوڪي چيلهه تي ڪاٺين جي ڀري کڻي هلي
رهيو هو ته پويان سهو، جڏهن هو ٻئي ٽڪريءَ تي پهتا
ته سهي چقمق جا پٿر ڪڍيا ۽ انهن کي پاڻ ۾ رڳرڻ ڪري
ڪاچي ڪاچي جو آواز پيدا ٿيڻ لڳو. ان تي تانوڪي
پڇيو ته ”هي ڇا جو آواز آهي“ ته سهي جواب ڏنو ته
”ڪاچي پاما هن ٽڪري جو نالو آهي“ تانوڪي هن جواب
تي خاموش ٿي ويو. هيڏانهن سهي چقمق مان چڻگون پيدا
ڪيون ۽ پوءِ تانوڪي جي رکيل ڪاٺين کي باهه ڏئي
ڇڏي- ڪاٺين کي باهه لڳي ڳيئي ان ۾ دونهين سان گڏ“
”بو، بو“ جو آواز پيدا ٿيڻ لڳو. تانوڪي جلدي پڇيو
ته هي ڇا جو آواز آهي“ جواب ۾ سهي چيو ته ”دراصل
هن ٽڪري جو نالو بو بو پاما آهي“ هي جواب ٻڌي
تانوڪي خاموش رهيو، ڪاٺين ۾ باهه ڀڙڪي چڪي هئي
تنهنڪري تانوڪي ”بچايو، بچايو“ چوندو چرين وانگر
هيڏانهن، هوڏانهن ڀڄڻ لڳو.
دونهين ۾ هن جو ساهه گهٽجي رهيو هو ۽ ڪاٺيون هڪ
طرف اڇلي ۽ زمين تي ڦٿڪڻ لڳو. سهي موقعو ڏٺو ۽
اتان ڀڄي ويو.
ٻئي ڏينهن سهو معصوم بنجي تانوڪي وٽ پهتو. ڇو ته
هو زخمن کنا چور پيو هو. هن پهريائين ڪلهوڪي واقعي
تي افسوس جو اظاهر ڪيو. ۽ پوءِ چوڻ لڳو ته ”آئون
تنهنجي لاءِ هڪ تمام سٺي دوا کڻي آيو آهيان، هن
سان تنهنجا زخم ٺيڪ ٿي ويندا.“ تانوڪي هي ٻڌي خوش
ٿيو. ۽ جلدي سان چوڻ لڳو ته ”منهنجو هٿ ڪمر تائين
نٿو پهچي تون ئي خود دوا لڳاءِ“ سهو جيڪا دوا کڻي
آيو هو سا دوا ڪانه هئي پر ڪن ٻڄن سان گڏ مرچن جا
ٻچ ملائي پيهي آيو هو، جيئن ئي هن دوا لڳائي ته
تانوڪي سور کان رڙيون ڪرڻ لڳو ” اڙي آئون مري ويس“
ان تي سهي کيس وڌيڪ بيوقوف بنائيندي چيو ته ”دوا
جيتري وڌيڪ لڳندي اوترو ئي جلد فائدو ٿيندو“ ائين
چئي هو ٽهڪ ڏيندو اتان ڀڄي ويو.
هن واقعي کان اتڪل هڪ هفتو پوءِ سهو تانوڪي وٽ
پهتو. ڏٺائين ته هو پنهنجي کوهه ۾ بي دم پيو آهي.
مشڪل سان پلڻ سنڀالي سگهي ٿو. جيئن ئي هن سهي کي
ڏٺو ته ڪاوڙ ۾ آواز ڪيائين. پر سهي معصوم بنجندي
چيو ته ”آئون ته دوستي ۾ تنهنجي لاءِ دوا کڻي آيو
هوس. پر جيڪڏهن تون ٺيڪ نه ٿئين ته ان ۾ منهنجو
ڪهڙو ڏوهه؟“ هن هيڏانهن هوڏانهن جون ڪجهه ڳالهيون
ڪيون. ۽ هڪ ڀيرو وري تانوڪيءَ کي بنائي ورتو. چوڻ
لڳو ته ”اڄ موسم ڏاڍي سٺي آهي. ڇو نه سمنڊ ۾ تري
اچون. ”ان سان تنهنجي ڪمزوري لهي ويندي ۽ ٿي سگهي
ٿو اسين ڪجهه مڇيون پڻ جهلي اچون.“ تانوڪي بکايل
ته اڳئي هو سو مڇين جو ٻڌي راصي ٿي ويو. ۽ هو ٻئي
سمنڊ جي ڪناري تي پهچي ويا. اُتي سهي ٻه ٻيڙيون
اڳيئي ٺاهي ڇڏيون هيون. انهن مان هڪ مٽيءَ جي ٺهيل
هئي ۽ ٻي ڪاٺ جي ’مٽي جي ٻيڙي تي خوبصورت رنگ ۽
روغن لڳل هو. ۽ ڪاٺ جي کٽ هئي- سهو چوڻ لڳو ته
”توکي آرام جي ضرورت آهي تون هن سهڻيءَ ٻيڙي ۾
ويهه- ائون بدصورت ٻيڙيءَ ۾ ويهان ٿو“ تانوڪي
خاموشي ٿي ويو- هو ٻئي پنهنجي پنهنجي ٻيڙي ۾ ويهي
رهيا- ٻيڙيون اڃا پاڻي ۾ ٿورو پري مس ويون هيون ته
تانوڪيءَ جي مٽي جي ٺهيل ٻيڙيءَ ڀرڻ شروع ڪيو اڙي
منهنجي ٻيڙي ڀرڻ شروع ڪيو اڙي منهنجي ٻيڙي ته ٻڏي
رهي آهي. آئون ٻڏي رهيو آهيان تانوڪي رڙيون ڪرڻ
لڳو. سهي پنهنجي ٻيڙيءَ جو منهن ڪناري ڏانهن موڙي
ڇڏيو- ۽ وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو ته ”تانوڪي تنهنجي
اهائي سزا آهي ته تون هميسه لاءِ سمنڊ جي تهه ۾
پهچي وڃ.“
تانوڪي ٻيڙيءَ سوڌو ٻڏي ويو. ۽ سهو واپس هاريءَ وٽ
آيو ۽ کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي. اهو ٻڌي پوڙهو ڏاڍو
خوش ٿيو- ان کان پوءِ ٻئي پاڻ ۾ گهرا دوست ويا- ۽
هميسه گڏ گذارڻ لڳا.
اسلام پسند
هڪ اسلام پسند انسان، ڪڏهن به، ڪٿي به، ڪنهن به
صورت ۾، نڪو باطل سان ٺهندو ۽ نڪو حق کي ڇڏيندو.
غلاميءَ کان بيزار، ذلت ۽ عذاب کان آزاد، قدرت جي
لعنت ۽ نقرت کان محفوظ، هڪ وحدت سان وابسته ۽ هڪ
وحدانيت سان واڳيل، هڪ تعمير ۽ حقيقت سان واڻيل،
با اخلاق، مصلح، مبلغ ۽ پيغمبرانه اوصاف سان
سينگاريل، يعني بنده مولا صفات. ــــ
مولانا غلام محمد گرامي.
سنڌيڪار: ممتاز عباسي
سريلنڪا جي ڪهاڻي
منهنجي امڙ
[ادي ثرينا امر سنگهه اسان جي دوست ملڪ سريلنڪا جي
شاگردياڻي آهي. قلمي دوستيءَ جي ناتي سان، هن سنڌي
ٻارڙن لاءِ هڪ دلچسپ ڪهاڻي لکي آهي. جنهن ۾ عزم،
همت، محبت ۽ جذبي جو ڏيک آهي. هن جو ترجمو
گل ڦل لاءِ ممتاز عباسي ڪيو آهي. ـــ
ايڊيٽر]
امڙ، پنهنجي نظر جي عينڪ جي اڇن شيشن کي ساڙهي جي
پلئه سان صاف ڪندي چيو: ”منهنجي نظر هاڻي ته
ڏينهون ڏينهن وڃي ٿي جهڪي ٿيندي. هاڻ ته مان شين
کي صاف به ڪونه ٿي ڏسي سگهان.“ ان وقت مان امڙ جي
منهن ۾ ڏٺو هو، سندس مک جرڪي رهيو هو ۽ سندس آواز
اعتماد هو.
ٽي هفتا اڳ اسان صبح جو ناشتو ڪندي عام ڳالهين
انسان جي نظر ۽ ان جي وسعت- سياست- فلم- ادب ۽ ٻين
موضوعن تي بحث ڪيو هو. ڏينهن امڙ عينڪ جا شيشا
نوان لڳارائي آئي هئي. گذريل ڪيترن مهينن کان سندس
نظر جي جوت جهيڻي ٿيندي ويئي هئي! هر مهيني نظر جي
عينڪ لاءِ طاقتور بينر جا شيشا فٽ ڪرائيندي هئي.
ان صبح جو چمچو هٿ مان ڪريو ۽ هڪ خالي پليٽ ٻه اڌ
ٿي پيئي. ٺهڪي تي اسان سڀني امڙ ڏانهن ڏٺو هو.
”منهنجي اکين ۾ ڪا جوت نه بچي آهي.“ امڙ ڏاڍيان
چيو ۽ اسان سڀ اٿي کڙا ٿياسين.
”ٻارو! توهان سڀ ناشتو ڪيو. توهان جي پريشاني
منهنجي اکين جو علاج ته نه ٿيندو. مان مڙس سان
گڏجي ڊاڪٽر ڏي ويندس.“
اکين جي ڊاڪٽر، امڙ کي تپاسڻ کان پوءِ کيس ٻڌايو
ته:“ توهان جي اکين مان روشني ختم ٿيندي ٿي وڃي،
هن کان پوءِ ڪابه دوا يا ڊپ اکين ۾ چمڪو پيدا ڪري
نه سگهندو. رڳو ڇهن مهينن تائين ڏسي سگهندينءَ؛ ان
کان پوءِ بلڪل انڌي ٿي ويندينءَ.“
”انڌي-!!!“ بابي عجب مان وراڻيو. ابو اُداس ٿي
ويو، پر امڙ ڊاڪٽر جا ٿورا مڃيا هئا ۽ بابي جي
ٻانهن ۾ هٿ وجهي ڪامل اعتماد سان چيو:
”اڃا گهڻو وقت پيو آهي. مان به اوهان جي شريڪ سفر
رهندس ۽ منهنجا ٻار اهيو احساس نه ڪري سگهندا ته
سندن ماءُ انڌي آهي ۽ قدم قدم تي انهن جي مدد جي
محٽاج رهنديس. دل نه لاهه.“
ايڏي ڏک ڀريل خبر ٻڌي به امڙ جو مک چوڏهينءَ جي
چنڊ جيان ٻهڪي رهيو هو. سندس اکين مان نظر جو چمڪو
ضرور گهٽيو، پر سندس اعتماد ۽ عزم جو دٻدٻو وڌي
ويو هو.
امڙ جڏهن ڄائي هئي ته سندس پيءُ مري چڪو هو. يتيمي
جي ان داغ هن کي احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪري نه سگهي
هئي. معمول کان وڌيڪ هن ۾ خود اعتمادي اچي ويئي
هئي. خود ترسيءَ کان نفرت هيس ۽ نه گهرندي هئي ته
ڪو کيس يتيم سمجهي ڪا مدد ڪريس. هن ننڍپڻ کان سهي
وڃڻ سکيو هو ۽ هر ڪم کي پاڻ ڪرڻ جو عزم ڪيو هو.
جنهن رات امڙ انڌي ٿي هئي. ان رات سڀني ٻارن کي
پاڻ وٽ سڏائي چيو:
”ٻارو! ياد رکو، ماءُ سان محبت ۽ پيار جو ثبوت ان
وقت ڏيئي سگهندا جڏهن ماءُ جو چيو وٺندا. اڄ مان
انڌي ٿي چڪي آهيان ۽ مان ان لاءِ پاڻ کي اڳي تيار
ڪيو هو. رڳو ٻه ڳالهيون چوندس: هڪ ته مون کي انڌي
نه پر نابينا عورت سمجهجو. ٻيو ته منهنجي ڪم ۾ دخل
نه ڏجو. هاڻي وڃي سمهو.“
ان ڏينهن کان پوءِ هرڪم نابينن جيان پاڻ ڪندي
رهندي هئي. ان ۾ ٻي ڪنهن جو هٿ ونڊائڻ برداشت نه
ڪندي هئي. اهڙي طرح اکين کان بي نور هوندي به هن
جو اعتماد انڌو نه ٿيو هو. هڪ وڏي عرصي تائين اسان
امڙ کي اداس يا وياڪيل نه ڏٺوسين- سواءِ هڪ ڏينهن:
سريکا، ننڍڙي سائيڪل در وٽ رکي باغ ۾ هلي ويئي.
امڙ ان سائيڪل سان ٽڪري ۾ ٿاٻو کائي وڃي منهن ڀر
ڪري. ڏاڍا ڌڪ لڳس ۽ ستت اٿي کڙي ٿي. ساڙهي ٺاهي،
کلي چيائين: ”سُري! اَما، سائيڪل هتان کڻ.“
هي واقعو به امڙ جي اعتماد ۾ رخنو وجهي نه سگهيو ۽
ساڳيو لاٽون ۽ ساڳيا چُگهه جي مثل هن جي ڪرت ۾ ڪمي
نه آئي. ادا وڏو، وڏي ڊگري وٺڻ سان گڏ چنڊ جهڙي
ڀاڄائي وٺي گهر موٽيو. هن اوچتي اهڙي خبر ٻڌي ته
مرڪي چيو:
”پيءُ وانگر هميشه تڪڙ ڪندو آهي. جيڪو ٿيو آهي،
اهو سٺو ٿيو آهي.“
پوءِ اسان گڏجي امڙ کي آرام ۽ سڪون ماڻڻ جي اپيل
ڪئي. يڪدم سندس منهن جو رنگ ڦري ويو. پهريون ڀيرو
مُک، تي ڏک ۽ احساس ۽ جذبات جا پاڇولا مڙي پيا.
پنهنجين بي نور اکين کي کوليندي امڙ چيو:
”توهين سڀ منهنجي هن آخري خوشيءَ کي کسڻ ڇو ٿا
گهرو-؟ زندگيءَ جي ٻين خوشين ۽ خواهشن لاءِ اکيون
ايتريون ضروري ته نه آهن! ۽ مان نٿي سمجهان.“
امڙ جو جواب لاجواب هو- امڙ اڄ به ايترو خوش هئي،
جيترو ان رات جو: جڏهن هن هميشه لاءِ دنيا ۽ خوشين
کي ڏسڻ کان يتيم ٿي هئي.
شبنم سنڌي، شهدادڪوٽ
ڪنهن کي ڪريان قاصد
گلڻ هڪ غريب هاري ۽ ٻهراڙي جو رهاڪو هو ۽ ننڍڙي
ڪٽنب جو مس مس پيٽ پالي سگهندو هو. جنهن ۾ هن جو
هڪ پٽ واجد ۽ هڪ نياڻي شميم ۽ سندس گهر واري شامل
هئي. گلڻ سڄو ڏينهن گرمين ۽ سردين ۾ زمين ٽڪرو
سنڀاليندو هو ۽ تمام گهڻي محنت ڪرڻ سبب رات جو به
پورو پورو قرار وٺي نه سگهندو هو. گلڻ تمام گهڻي
محنت ڪرڻ سبب بلڪل ڪمزور ٿي چڪو هو ۽ هن جي منهن
کي ڏسڻ سان هرڪو ئي منهنجون پريشانيون سمجهي ويندو
هو سندس محنت سبب هو بلڪل پوڙهو ٿي چڪو هو پر واجد
کي پڙهائڻ لاءِ هن هڪ قدم به پوئتي ڪونه هٽايو. ۽
هر ممڪن نموني هن واجد کي مدد پئي پهچائي. پني سني
قرض وٺي به واجد جي خوشين کي زنده رکندو آيو. نيٺ
نتيجو اهو نڪتو جو واجد بي. اي جي آخري سال ۾
پهتو. گلڻ جي نياڻي به سامائجي چڪي هئي ۽ هن کي
ساهري گهر موڪلڻ لاءِ هر قسم جي ڪوشش ڪئي وئي.
واجد هاسٽل ۾ پڙهي رهيو هو ۽ سڀاڻي هن جو آخري
پيپر هو ۽ سندس ڀيڻ شميم جي شادي جي به تياري ٿي
رهي آهي واجد کي آخري پيپر ڏئي ڳوٺ وڃڻو هو ۽ ڀيڻ
جي شادي ۾ شريڪ ٿيڻو هو. واجد هاسٽل ۾ پڙهي رهيو
آهي. ۽ ڀر واري ڪمري ۾ سندس ڪلاسي رڪارڊ وڄائي
رهيا هئا واجد کي پڙهڻ ۾ رخنو پئي ٿيو. واجد مجبور
ٿي پنهنجن هم ڪلاسين کي سمجهائڻ لاءِ ويو ۽ عرض
ڪيائين ته ادا رنڊڪ ته نه وجهو. سندس هڪ ڪلاسي
ظهير کي وري عرض ڪيائين ته جيڪڏهن پاڻ نٿا پڙهو ته
گهٽ ۾ گهٽ ٻين جي پڙهڻ ۾ رنڊڪ ته نه وجهو. ظهير
ڌمڪي ڏيندي چيو ته اهڙو هوشيا پٽ آهين ته اسان جي
ڀرسان ڪمرو ڇو ٿي ورتئه ۽ وڃي ڪنهن ٻئي پاسي ۾
رهين ها. اڄ سڀڪجهه اسان جي هٿ ۾ آهي جيئن اسان کي
وڻندو ائين ڪنداسين جيڪڏهن هتي رهڻ چاهين ته اسان
سان شامل ٿي. واجد پنهنجي ڪمري ۾ موٽي آيو ۽ پڙهڻ
۾ مشغول ٿي ويو.
اڄ واجد جو آخري پيپر هو ۽ امتحان هال ۾ لکڻ ۾
مشغول هو پر ظهير جو ماٺ ڪيو ويٺو هو هن واجد کي
چيو ته مون کي جوابي ڪاپي ڏي ته مان به لکان پر
واجد جا گهڻا سوال رهيل هئا تنهنڪري ڪاپي ڏيڻ کان
انڪار ڪيائين. واجد پنهنجو پيپر پورو ڪري پنهنجي
ڪمري ۾ موٽي آيو ۽ ڳوٺ وڃڻ لاءِ تياري ڪري رهيو هو
ته اوچتو دروازو کڙڪيو واجد دروازو کوليو ڏٺائين
ته ظهير آهي ۽ سندس هٿ ۾ خنجر آهي ظهير کي ڏسندي
ئي واجد ڏڪي ويو ۽ نرمي سان ظهير کي چوڻ لڳو ته ڇا
خبر آهي ظهير ڪڙڪي سان چيو ته تو اسان کي رڪارڊن
وڄائڻ کان جهليو اڄ وري تو مون کي ڪاپي به نه ڏني
اڃا خبر ٿو پڇين ايتري چوڻ کان پوءِ واجد کي ڀاڪر
وجهي دسي وڌائين ۽ پاسي ۾ خنجر وهائي ڪڍيائين.
واجد جو روح پرواز ٿي ويو ۽ هن جي سنڀال وارو ڪوئي
به ڪونه هو. هوڏانهن گلڻ ڳوٺ واري رستي تي پنهنجي
اڪيلي ۽ پياري پٽ جو انتظار ڪري رهيو هو. اوچتو
گلڻ کان دانهن نڪري وئي ۽ اکين آڏو اونداهه اچي
وئي جڏهن پنهنجي پٽ جي لاش کي پنهنجي جهولي ۾
ڏٺائين. نيٺ پاڻ کي ڏڍ ڏيندي پنهنجي رب جي رضا تي
راضي ٿي ۽ پنهنجي جسم جي ٽڪري کي گهر کڻائي آيو ته
اوچتو ئي سندس ڀيڻ کان دانهن نڪري ته ادا واجد هي
ڇا ڪيئه تون ته منهنجي لاءِ خوشين جو ڏاج خريد ڪرڻ
وئين هئين ۽ هي تون غمن جو تاج ڪٿان کڻي آيو آهين.
جڏهن سندس ماءُ اهي لفظ ٻڌا ته ڪمري مان نڪري آئي
۽ پنهنجي پٽ جي لاش کي ڏسي هڪدم ڪري پئي سندس روح
به اصلي وطن ڏانهن پرواز ڪري ويو. سندس ڀيڻ شميم
پنهنجي ساهري گهر پرڻجي وئي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ
گلڻ هڪ اخبار ۾ ڏٺو ته اخبار ۾ هڪ فوٽو آهي جيڪو
سندس لخت جگر پنهنجي پياري پٽ جو فوٽو هئو جيڪو
سڄيءَ سنڌ ۾ پهريون نمبر اچي چڪو هو پر افسوس! گلڻ
ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته ڪنهن کي ڪريان قاصد!
هڪ ٻار جا ٻول
اَمڙ ڏي! آرام اَلا؛
پيار ڪري ٿو پِيءَ.
ڀيڻ چوي ٿي ڀاڪر پائي؛
جُڳ جُڳ ادڙا جِيءُ.
هنج جهلي ٿو هرڪو چئي؛
اکين جو آ تارو هِيءُ.
چپن رکي سڀ روز چون؛
کنڊ پيل هي کير پيءُ.
دل مان هرڪو دُعا ڪري؛
پيارا پڙهي تون پار ٿيءَ.
- سجاڳ، سنڌي
سنڌيڪار: جيئل داس، وارهه
افغانستان جي لوڪ ڪهاڻي
چُلهه ۾ چَاندي
افغانستان جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪڙو غريب هاري رهندو هو.
هو روزي ڪمائڻ خاطر حد کان وڌيڪ محنت ڪندو هو. پر
سندس گذر سفر ڏاڍو مشڪل سان ٿيندو هو. هو رات-
ڏينهن مزدوري ڪندو هو ۽ تمام سادي نموني ۾ زندگي
گذاريندو هو. تڏهن به سالن جا سال هن وٽ هڪ پئسو
به نه بچندو هو. سڄي عمر ايڏي مشقت ڪرڻ جي باوجود
هن جي حالت اهڙي ئي خراب هئي، جهڙي شروع ۾.
هڪڙي ڏينهن هو صبح جي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ سجدي
۾ڪري پيو ۽ الله تعاليٰ کان روئي دعا گهرڻ لڳو ته
”اي منهنجا پروردگار! مون کي دولت عطا ڪر هن ڏکن
سان ڀريل دنيا ۾ مون کي جيڪو ڪجهه ملندو سو تنهنجي
ئي حڪم سان ملندو. مون کي منهنجي گهر ۾ منهنجي
چلهه ۾ دولت بخش ڪر!“
انهيءَ کان پوءِ هو اٿيو ۽ دستور موجب زمين تي
محنت مزدوري ڪرڻ هليو ويو. هڪڙي ڏينهن هو زمين ۾
ڪم ڪري رهيو هو ته هن جا ڪپڙا هڪ ڪنڊيءَ ۾ وچڙي
پيا ۽ ڪنڊن ۾ ڦاسي ڦاٽي پيا. هاريءَ سوچيو ته هن
ڪنڊيءَ کي کوٽي ڪڍي ڦٽو ڪريان ته جيئن آئيندي لاءِ
ڪپڙا نه وچڙن. هو زمين کوٽي ڪنڊيءَ کي پاڙ کان ڪڍڻ
لڳو، زمين جي اندر هن کي هڪ مٽڪو نظر آيو. هاريءَ
تڪڙ ۾ اهو مٽڪو ڪڍي سندس ڍڪ لاٿو ته ان ۾ اندر
ڪافي چانديءَ جا سڪا پيا هئا. هو اُهي ڏسي پهرين
ته ڏاڍو خوش ٿيو پر پوءِ ڪجهه سوچي چوڻ لڳو ته
پروردگار! مون توکان دعا گهري هئي ته مون کي چُلهه
۾ دولت عطا ڪر مگر تو هتي زمين جي وچ ۾ دولت بخشي
مان هن کي ڇا ڪريان جي دولت تون مون کي بخشين ها ۽
منهنجي مراد پوري ڪرين ها ته هيءَ دولت منهنجي گهر
۾ منهنجي چُلهه مان نڪري ها. ان کان پوءِ هاريءَ
انهيءَ خزاني کي ساڳي هنڌ دفن ڪري ڇڏيو ۽ ماٺ ميٺ
۾ گهر هليو آيو. گهر پهچي هن پنهنجي زال سان ان
خزاني جو ذڪر ڪيو. سندس زال پنهنجي مڙس جي انهيءَ
بيوقوفيءَ تي ڏاڍي ڪاوڙي ۽ چيائين ته ”توکي خدا
دولت ڏني ۽ تون اها ائين ڇڏي هليو آئين.“ |