سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري، فيبروري 1977ع

باب: --

صفحو :2

خليفي ڏاڍي ڪاوڙ وچان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. قصا ٻڌائيندڙ چيو:

”جڏهن اکروٽ چونڊجي بس ٿيا تڏهن مون انهيءَ وڻ جي چوڌاري چڪر هڻي غور سان ڏٺو ته متان ڪو اکروٽ رهجي ته نه ويو آهي. انهيءَ ڪم ۾ منهنجو سڄو ڏينهن هليو ويو. آءٌ واندو ٿي وڃڻ وارو هوس ته ڏسان ته اهو چوزو وڻ جي شاخن تي ويٺو آهي ۽ رات جي سمهڻ جا سانباها پيو ڪري. اهو ڏسي مون هڪڙو ڀتر کڻي ان ڏانهن اڇلايو ته اهو پٿر وڻ کان به مٿي هليو ويو ۽ وري هيٺ نه ڪريو. اهو ڀتر مٿي پکڙجڻ لڳو ۽ وڻ جي مٿان هڪڙي ڀلي زمين تيار ٿي وڃي. اسان ڏاڍا خوش ٿياسين. اها چاليهه ايڪڙ کن زمين هئي، اسان پنهنجا سڀئي ڍور چرڻ لاءِ انهيءَ زمين تي اماڻيا. ٿورن ڏينهن ۾ ٻئي فصل لاءِ ٻني تيار ٿي وئي هئي. ڏاڏا ۽ مون انهيءَ ٻنيءَ ۾ تر پوکيا هئا، پر هڪ مهيني کان پوءِ خبر پئي ته هڪ سلو به نه ڦٽي سگهيو هو. ڏاڏا پاڙي وارن سان صلاح ڪئي ۽ انهن چيس ته تو تر پوکي بيوقوفي ڪئي آهي. ههڙي ڀلي زمين ۾ ته گدرا پوکڻ کپندا هئا. پوءِ ڏاڏا مون کي ۽ منهنجي ننڍي ڀاءُ يعني منهنجي پيءُ کي وڻ جي چوٽيءَ تي موڪليو ته جيئن اسين ٻئي اتان تر جا ٻج چونڊي اچون. اسين ٻئي هڪ ڪلاڪ ۾ ٻج چونڊي آياسون. انهن ٻجن جي تور ٽي مڻ کن هئي. اسين جڏهن هيٺ لٿاسون ۽ ٻج ڳڻياسون تڏهن خبر پئي ته هڪڙو ٻج کٽل آهي. اسان کي ٻيهر انهيءَ ٻج جي ڳولا لاءِ مٿي وڃڻو پيو. اسان چاليهه ايڪڙ زمين جو ذرو ذرو ڳوليو پر اهو ٻج نه مليو. اسين لاچار ٿي هيٺ لٿاسون پئي ته هڪ ماڪوڙي ڏسڻ ۾ آئي جيڪا اهو ٻج گهليندي هڪڙي ٽڪريءَ ڏانهن پئي وئي؛ مون ٻج کي جهلي ورتو پر ماڪوڙيءَ ان کي نه ڇڏيو ۽ ڪيتري وقت تائين اسان ٻنهي ۾ ڇڪتاڻ لڳي پئي هئي. اسان ٻنهي مان ڪنهن به نه ڇڏيو. انهيءَ وچ ۾ تر جو ٻج ٽٽي ٻه ٽڪر ٿي پيو. پوءِ اِنهيءَ هڪ داڻي مان ايترو ته تيل نڪتو جو وهندي تيل جو درياءُ ٿي پيو ۽ اسان جي چاليهه ايڪڙ ٻنيءَ جا هاري انهيءَ ۾ ٻيڙيون هلائڻ لڳا.“

خليفو ڪاوڙ ۾ پاسا ورائڻ لڳو، پر قصا ٻڌائيندڙ وڌيڪ چيو:

”خدا جي قدرت ڏسو ته جڏهن ڏاڏا، باب ۽ آءٌ گدري جا ٻج پوکي رهيا هئاسون ته هڪ زبردست طوفان آيو. جيئن ته انهن چاليهه ايڪڙن زمين تي ڪابه جاءِ نه هئي جتي اسين لڪي پنهنجو پاڻ بچايون ها، تنهنڪري آءٌ ۽ ڏاڏا جلدي ٽپو ڏئي بابا جي هڪڙي ڏاٺ جي سوراخ ۾ گهڙي وياسون. بابا وري ڇا ڪيو جو هيڏانهن هوڏانهن ڏسي هڪڙي ٿلهي متاري رڍ کي جهلي ورتو ۽ اسان سان اچي مليو. پوءِ اهو طوفان ڪو ستيتاليهن (47) ڏينهن تائين پئي لڳو. ايترن ڏينهن ۾ اسين سڀئي بک ۾ پاهه ٿي مري وڃون ها. جيڪڏهين بابا پاڻ سان اها رڍ نه آڻي ها. نيٺ هڪڙي ڏينهن اسان ڏاٺ مان ليئو پائي ٻاهر ڏٺو ته سج پيو چمڪي پر جڏهن آءٌ ۽ ڏاڏا ڏاٺ جي سوراخ مان ٻاهر نڪري آياسون تڏهن ڏسون ته طوفان ۽ مينهن جي ڪري اسان جي سڄي زمين لڙهي وئي هئي ۽ اسين سڀئي هوا ۾ پيا لڙڪون. اهو ته خير ٿيو جو بابا پاڻ سان هڪڙي رسي به آندي هئي. اسان انهيءَ رسيءَ کي جهلي هيٺ لهڻ شروع ڪيو ۽ هڪ هڪ ڪري هيٺ لهي آياسون ۽ گهر وياسون.

خليفي اهو ڏسي ته هاڻي آکاڻي پوري ٿيڻ تي آهي، هن کي چيو، ”ميان! تو سچ پچ ته هڪ مزيدار آکاڻي ٻڌائي آهي. هاڻي ٻڌاءِ ته اها سچي آکاڻي آهي يا ڪوڙي.“

قصا ٻڌائيندڙ جواب ڏنو، ”بادشاهه سلامت! اها آکاڻي شروع کان وٺي پڇاڙيءَ تائين لفظ به لفظ سچي آهي.“

خليفي چيو، ”جيڪڏهن اها سچي آهي نه پوءِ ته منهنجي حڪم جي تعميل نه ڪئي. ڇاڪاڻ ته مون توکي اهڙي آکاڻي ٻڌائڻ لاءِ چيو هو جنهن جو هڪ لفظ به سڃو نه هجي.“

اهو ٻڌي هن شخص کلندي ادب سان عرض ڪيو، ”اي خليفن جا خليفا! مون اوهان جي حڪم جي لفظ به لفظ تعميل ڪئي آهي ۽ مون جيڪو هينئر چيو ته اها آکاڻي سچي آهي اهو به اوهان جي حڪم مطابق ڪوڙ ثابت ڪرڻ لاءِ چيو اٿم.“

اتي خليفي به کلي ڏٺو ۽ چيائين ”تون ٺيڪ چوين ٿو. اسان تنهنجي لاءِ جيڪي ڪجهه ٻڌو هو اهو سڀ سچ نڪتو.“

پوءِ خليفي قصا ٻڏائيندڙ شخص کي انعام ۾ سونيون اشرفيون ڏئي گهر اماڻيو.

سچار دوست

ڪتاب جهڙو ٻيو ڪوبه سچار ۽ ڪارائتو دوست دنيا ۾ توکي ڪونه ملي سگهندو. هو توکي تنهنجا سڀ عيب اهڙي طرح ٻڌائي سگهي ۽ توکي نصيحت ڪرڻ کان نٿو ٿڪجي. تون هن کي ڪيترو به کني ڌڪاريندين ۽ وساريندين پر وري جڏهن به تون موٽي ان سان دوستي رکندين ته توکي اها ساڳي سچي راهه ڏيندو رهندو.

موڪليندڙ: طفيل احمد ميمڻ، ميرپور بٺورو.

سعديه نسيم

هَٺّ سَندو انجام

 (محترمه سعديه نسيم، اردو جي ڪهاڻيڪار آهي. ٻاراڻي ادب ۾ سندس هيءَ پهرين ڪهاڻي آهي، جا خاص گل ڦل لاءِ لکي اٿس ۽ اسان ان جو ترجمو ڪري شايع ڪري رهيا آهيون. –ادارو)

اسلم، هڪ تمام سلچڻو ڇوڪر هو. هو سدائين صاف سٿرو رهندو هو ۽ باقاعدي اسڪول ويندو هو. دل لڳائي پڙهندو هو، استادن جي عزت ڪندو هو، ۽ سڀني ڪلاسي ڇوڪرن سان ڏاڍي ميٺ محبت سان ملندو هو. ڪلاس ۾ پڻ هو هوشيار شاگرد هو. راند روند کان وڌيڪ کيس پنهنجي تعليم جي ڳڻتي هوندي هئي. اسڪول جي رسيس مهل سڀ ٻار وڃي راند روند ڪندا هئا ۽ شيون وٺي کائيندا هئا، پر هي ڪلاس ۾ ويٺو پڙهندو هو. پهريائين اسڪول جو ڪم پورو ڪندو هو، پوءِ ڪنهن ٻئي ڳالهه جي لاءِ سوچيندو هو. هن جي انهن سڀني سٺين عادتن جي ڪري نه رڳو ڪلاسي پر استاد به هن سان ڏاڍي محبت ڪندا هئا. جيڪڏهن هن کان ڪا ننڍي وڏي چُڪ ٿي پوندي هئي ته به هن کي معاف ڪري ڇڏيندا هئا جڏهن اسلم اهو ڏٺو ته استاد صاحب سڀني شاگردن کان وڌيڪ مون سان پيار ڪري ٿو ۽ سڀني کان وڌيڪ منهنجو خيال ڪري ٿو ته هن جي دل ۾ غرور پيدا ٿيو ۽ دل ۾ سوچڻ لڳو:

”ڪلاس جي ڪنهن به ڇوڪري ۾ مون جهڙيون خوبيون ڪونهن مان پڙهڻ ۾ ڀڙ آهيان محنتي ۽ ذهين آهيان. انهي ڪري استاد صاحب سڀني کان وڌيڪ مون کي چاهي ٿو. مون کان جيڪڏهن ڪا غلطي به ٿي وڃي ته مون کي معاف ڪري ٿو ڇڏي- جيڪڏهن مون کان ڪا وڏي به غلطي ٿي وڃي ته به مون کي ڪجهه به نه چوندو.“

اهو سوچي سوچي هو هٺيلو بنجي ويو ۽ پنهنجي ڪلاسين سان رکو ورتاءُ رکڻ لڳو. سندس دوست اڪرم سمجهايو ته اهو هٺ نه ڪر پر اسلم نه سمجهيو.

هڪ ڏينهن اسلم اسڪول جو ڪم ڪري ڪونه آيو، هن پنهنجي ڪلاسين سان گڏ اڪرم کي چيو. ”هاڻ اوهين ڏسجو ته ڪم نه ڪرڻ تي به استاد صاحب مون کي ڪجهه نه چوندو“ ڪنهن به اسلم جي ڳالهه جو جواب نه ڏنو. ڇاڪاڻ ته اسلم جي مغرور ٿي وڃڻ جي ڪري سڀ هم ڪلاسي جيڪي هن سان محبت ڪندا هئا، کانئس ڪترائڻ لڳا هئا. ٿوريءَ دير ۾ اساد صاحب به اچي ويو ۽ سڀني ٻارن کي چوڻ لڳو ته سڀ پنهنجي گهر جو ڪم ڏيکارين. سڀ ٻار نمبروار پنهنجو ڪم ڏيکارڻ۾ لڳا. جڏهن اسلم جو نمبر آيو ته سڀئي ڇوڪرا ساهه بند ڪري هن کي ڏسڻ لڳا ته ڏسون ته استاد صاحب هن کي ڇا ٿو چوي استاد صاحب اسلم کي اسڪول جو ڪم ڏيکارڻ لاءِ چيو ته هن جواب ڏنو ته ” مون اڄ ڪم ڪونه ڪيو آهي.“ ماستر صاحب کي هي ٻڌي ڏاڍي حيرت ٿي. هي پهريون ڀيرو هو جو اسلم ڪم ڪري ڪونه آيو هو. ان ڪري هِن، کيس سزا ڏيڻ مناسب نه سمجهي. هونئن به هن جي ذهانت ۽ روزانو اچڻ جي ڪري هن سان گهڻي محبت ڪندو هو. دل ۾ چوڻ لڳو شايد راند رونڊ ۾ لڳي ڪم ڪرڻ وسري ويو هوندس. ۽ نرمي سان چوڻ لڳو ”ٺهيو پٽ ويهي رهه“ اسلم استاد صاحب جو جواب بڌي وڏائيءَ ۾ ڀرجي سڀني ڇوڪرن ڏانهن فخر سان ڏٺو- جيڪي سڀ ڪنڌ هيٺ ڪري سبق ياد ڪري رهيا هئا. جڏهن موڪل ٿي ته هو سڀني کي چوڻ لڳو ”توهان سڀني ڏٺو ته استاد صاحب مون سان ڪيتري محبت ڪري ٿو. هن مون کي ڪم نه ڪرڻ تي به ڪجهه نه چيو.“

سڀئي ڇوڪرا چوڻ لڳا ته ”ايترو پاڻ نه پڏاءِ استاد صاحب رڳو ان ڪري ڇڏي ڏنو جو اڄ پهريون ڀيرو هو. جيڪڏهن آئينده تو ڪم نه ڪيو ته توکي به ٻين وانگر سزا ڀوڳڻي پوندي.“

اسلم کي اها ڳالهه ڪانه وڻي. ۽ چڙي چوڻ لڳو.

”ٺيڪ آهي آءٌ سڀاڻي به ڪم ڪري ڪونه ايندس. ۽ توهان کي ڏيکاريندس ته استاد! صاحب تنهن هوندي به ڪجهه ڪونه چوندو.“

ٻئي ڏينهن به اسلم ڪم ڪونه ڪري آيو. ڇوڪرن کي پڪ هئي ته استاد صاحب اڄ ضرور هن کي سزا ڏيندو. پر کين اهو ڏسي حيرت ٿي ته استاد صاحب اسلم کي رڳو اهو چيو ته ”خير سڀاڻي ضرور ڪري اچجان.“

استاد صاحب جي وڃڻ کان پوءِ اسلم وري وڏائيءَ سان ڪنڌ مٿي ڪري سڀني ڏانهن ڏٺو ۽ چوڻ لڳو“ هاڻ اوهان کي پڪ ٿي ته هو مون کي ڪيترو وڌيڪ چاهي ٿو.

ڇوڪرن چيو ”ها؟ ۽ انهي ڪري توکي ٻئي ڀيري به معاف ڪري ڇڏيائين. پر هاڻ جيڪڏهن تون ڪم ڪري ڪونه ايندين ته توکي ضرور سزا ڏيندو.“

اسلم چيو ”بلڪل نه، مون کي ته هو ڪڏهن سزا ڏيئي ئي ڪونه ٿو سگهي. جيڪڏهن توهان کي يقين نه ٿو اچي ته آءٌ سڀاڻي به ڪم ڪري ڪونه ايندس.“

اڪرم هن کي گهڻو ئي سمجهايو ته پنهنجو ضد ڇڏي ڏئي. هٺ ڪرڻ سٺي ڳالهه ڪونهي. هٺ جو انجام سدائين خراب نڪرندو آهي. هٺيلو انسان سدائين شرمندو ۽ ذليل و خوار ٿيندو آهي. ائين نه ٿئي جو توکي پنهنجي هٺ جي سزا ڀوڳڻي پوي. پر اسلم جي مغز ۾ جا ڳالهه اچي چڪي هئي سا ٻاهر نڪري نه سگهي ٽئين ڏينهن به هو ڪم ڪري ڪونه آهي. استاد صاحب سمجهي ويو ته هو اسلم ڄاڻي واڻي ائين ڪري رهيو آهي. ان ڪري کيس ضروري سزا ملڻ گهرجي- هن اسلم کي چيو:

”مان ٻه ٻيرا توکي ڇڏي چڪو آهيان. اڄ وري ڪم ڪونه ڪيو آهي. جيئن ته تون هميسه پابندي سان ڪم ڪري ايندو هئين. ان ڪري آءٌ توکي وڌيڪ چاهيندو هئس. نه ته منهنجي نظر ۾ توهان سڀ هڪجهڙا آهيو. تو منهنجي محبت جو غلط فائدو ورتو. سمجهڻ لڳين ته آءٌ ڪڏهن به توکي سزا نه ڏيندس. پر اڄ توکي ضرور سزا ملڻ گهرجي. نه ته تون هميسه لاءِ خراب ٿي پوندين. بئنچ تي اٿي بيهه“ اسلم کي اها اميد بلڪل ڪونه هئي ته استاد صاحب جيڪو هن سان ايترو پيار ڪري ٿو سو کيس سزا ڏيندو.

ڪلاسي هن تي نظرون ڄمايو ويٺا هئا ۽ هنن جي چپن تي هلڪي هلڪي مرڪ هئي. ڄڻ اسلم تان ٺٺولي ڪري رهيا هجن. سڀني جي اڳيان بئنچ تي بيهڻ سندس سراسري بي عزتي هئي. ان احساس سان گڏ هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي آيا. ۽ سڏڪا ڀري روئڻ شروع ڪري ڏنو. ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ”ڪاش، آءٌ پنهنجي ڪلاسين جي ڳالهه مڃان ها ته اڄ جيڪر ايتري شرمندگي کڻڻي ڪونه پوي ها.“ استاد صاحب هن جي چهري مان اندازو لڳائي چڪو هو ته پنهنجي ”ڪئي“ تي پڇتائي رهيو آهي. هن جي مٿي تي پيار سان هٿ گهمائيندي چيو:

”ڏس پٽ، آئينده ڪڏهن به اهڙي حرڪت نه ڪجانءِ جو مون کي مجبور ٿي توکي سزا ڏيڻي پوي.

اسلم ڏاڍو شرمندو هو ته استاد کي هن جي انهيءَ حرڪت ڪري ڏک رسيو آهي. انهي تي هن معافي گهري ۽ سڀني ڪلاسين کان به معافي ورتي ته آئينده ڪڏهن به هٺ ڪونه ڪندو. ڪنهن کي به پاڻ کان گهٽ ڪونه سمجهندو. سڀني سان اڳي وانگر اخلاق ۽ محبت سان پيش ايندو ۽ سٺن دوستن وانگر هنن سان ملي جهلي رهندو.

اڪرم چيو: ”ڏس توکي مون پهرين به روڪيو هو. هٺ جو انجام هميسه خراب ٿيندو آهي.“

هن اڪرم کان به معافي ورتي. ۽ سچيءَ دل سان واعدو ڪيو ته آئينده ڪڏهن به غرور نه ڪندو ۽ وري ”سٺو ڇوڪرو“ بنجي ويندو ۽ هن ائين ڪري ڏيکاريو.

اجايو ڏک

ٻه ماڻهو بي فائدو ڏک ڪن ٿا ۽ اجائي ڪوشش ڪن ٿا:

هڪ اهو، جنهن مال گڏ ڪيو ۽ نه کاڌائين؛ ٻيو اهو، جنهن علم سکيو پر ان تي عمل نه ڪيائين.

-                     موڪليندڙ: رميش ڪمار بچاڻي، عمرڪوٽ

سنڌيڪار: محمد حاجن ابڙيچو       جپاني ڪهاڻي

تانوڪي

 

جپان ۾ هڪ جانور آهي، جنهن کي بيڊگر چوندا آهن. هي لنگور جهڙو ٿيندو آهي. ۽ سندس جسم تي وڏا ۽ نرم وار ٿيندا آهن. هيءَ عادتن جو ڪنو ۽ فريبي جانور آهي. هي ڪهاڻي به هن جانور جي فريبن ۽ مڪارين بابت آهي. جپانيءَ ۾ ان کي تانوڪي چوندا آهن.

هڪ تانوڪي ڪنهن علائقي ۾ رهندو هو. ۽ هڪ پوڙهي هاري ۽ ان جي زال لاءِ مصيبت بنيل هو. هن، هنن جي باغ جا سڀ ميوا ۽ ڀاڄيون کائي تباهه ڪري ڇڏيون هيون ۽ هڪ هڪ ڪري انهن جون سڀ ڪڪڙيون به کائي کپائي ڇڏيون هيون. پوڙهو هاري ۽ ان جي زال ڏاڍا پريشان هئا. نيٺ هڪ ڏينهن انهن ڄار وڇائي تانوڪي کي پڪڙي ورتو، ۽ هڪ مضبوط رسيءَ ۾ هن جا هٿ پير ٻڌي اڱڻ ۾ بيٺل وڻ ۾ لٽڪائي ڇڏيو. هاڻ هو ٻئي خوش هئا. پر تانوڪي ڀڄڻ جون ترڪيبون سوچڻ لڳو.

ٻئي ڏينهن هاري پنهنجي ڪم ڪار لاءِ ٻني ڏانهن هليو ويو ۽ پويان گهر ۾ پوڙهي اڪيلي رهجي وئي. هوءَ ويچاري وڏي عمر جي هئي ۽ گهر جو ڪم به اڄ هونءَ کان وڌيڪ هو.

هوءَ سڀ کان پهرين جنڊ ۾ ڪڻڪ وجهي پيهڻ لڳي. ڪڻڪ پيهي هوءَ سوچڻ لڳي ته جيڪڏهن اڄ آءٌ کاڌي لاءِ تانوڪي جو سوپ تيار ڪريان ته ڏاڍو لذيذ ٿيندو ۽ منهنجي گهر واري کي به پسند ايندو.“ اهو سوچي هن تانوڪيءَ ڏانهن نهاريو. جو سامهون لٽڪيو پيو هو. جيئن ئي تانوڪيءَ پوڙهيءَ کي پاڻ ڏانهن گهوريندي ڏٺو ته چوڻ لڳو ته ”وڏي امان اڄ توهان ڏاڍو مصروف آهيو- جيڪڏهن مون کي اجازت ڏيو آئون اوهان جي ڪا مدد ڪريان- مون کي پري طرح کولڻ جي ضرورت ڪونهي رڳو منهنجي پيرن جي نوڙي ٿوري ڍري ڪري ڇڏيو.“ پوڙهي سوچڻ لڳي ته ”مون کي پچائڻو ته هونئن آهي ڇو نه کائنس ٿورو ڪم وٺان.“ اهو سوچي هوءَ اڳيان وڌي ۽ تانوڪيءَ جي پيرن ۾ ٻڌل رسي کي ٿورو ڍرو ڪري ڇڏيو. جيئن ئي رسي ڍري ٿي ته تانوڪي هٿ پير هلائڻ شروع ڪيا، ايستائين جو رسي صفا کُلي وئي- رسي کلندي ئي تانوڪي هڪ وڏو ٽپ ڏئي فرش تي اچي ويو. ۽ وڌي پوڙهي سان ٽڪريو ۽ هڪ اهڙو ڌڪ پوڙهي کي هنيو جو اها اتي جو اتي ختم ٿي ويئي. ان کان پوءِ جلدي تانوڪي پاڻ کي تبديل ڪري پوڙهيءَ جي روپ ۾ آندو- ۽ پوءِ ڦڙتيءَ سان مئل پوڙهي جا ٽڪر ڪيا- گوشت ۽ هڏين جو سوپ تيار ڪيو- ۽ اهي سڀ نشان مٽائي ڇڏيا جنهن مان پوڙهيءَ جي قتل جو ڪو شڪ پوي. هو ته هاڻي پاڻ هڪ پوڙهي مائي بنجي ويو هو. هن پوڙهيءَ جا ڪپڙا پاتا ۽ هوشياريءَ سان پنهنجو پڇ لڪائي ڇڏيو ۽ پوڙهي هاريءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو.

جڏهن هاري گهر آيو ته تانوڪي سرڪندي ان جو استقبال ڪيو ۽ چيو ته ”اڄ مون تنهنجي لاءِ تانوڪيءَ جو سوپ تيار ڪيو آهي. پيٽ ڀري کائو.“ هاري ته اڳئي ٿڪل هو سو کاڌي کائڻ لاءِ ويهي رهيو. تانوڪي ڏاڍي احتياط سان گهمندو رهيو جيئن سندس پڇ نظر نه اچي پر جڏهن سوپ ڪڍڻ لڳو ته احتياط هوندي به پڇُ ڏسڻ ۾ اچي ويو. هاري ٽپ ڏيئي پويان هٽي ويو، پر تانوڪي ان کان وڌيڪ چالاڪ هو. هو گهر جي دروازي ڏانهن ڀڳو ۽ تنهنجي پوڙهي زال مري ويئي چوندو ڀڄي ويو. هلڻ هاريءَ کي اصل خبر پيئي- هو سڏڪا ڀري زور زور سان روئڻ لڳو، اتفاق سان اتان هڪ سهو لنگهيو هو. پوڙهي هاري کي اهڙي طرح روئيندو ڏسي اندر آيو ۽ پڇڻ لڳو ته تون ڇو روئي رهيو آهين؟ جواب ۾ پوڙهي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي- سهو دل ۾ سڙي ويو- هن پوڙهي کي تسلي ڏني ۽ چوڻ لڳو ته ”تون فڪر نه ڪر، پاڻ ضرور ان کان بدلو وٺنداسين.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com