جڏهن سندس مڙس کي گهري ننڊ اچي ويئي تڏهن هوءَ گهر
کان ٻاهر نڪري پنهنجي پاڙيسرڻ وٽ ويئي ۽ کيس
پنهنجي مڙس جي بيوقوفيءَ جو سڄو حال چئي ٻڌايائين
۽ هيئن به چيائين ته ”تون وڃي اتان اهو سڀ خزانو
ڪڍي اچ ۽ ان مان منهنجو حصو مون کي ڪڍي ڏئي.“
پاڙيسرڻ سڄو قصو وڃي پنهنجي مڙس کي ٻڌايو، پاڙيسڙي
هاري اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ صبح ٿيندي ئي سڌو
زمين تي ويو. هاريءَ جڏهن ڪنڊيءَ کي هٽائي زمين
کوٽي ته اتي ساڳيوئي مٽڪو رکيل هئو. پر جڏهن هن
مٽڪي جو ڍڪ لاٿو ته ان ۾ اندر نانگ پيل هئا. اهو
ڏسي هن سوچيو ته انهيءَ عورت من سان دشمني ڪئي آهي
۽ هوءَ چاهي ٿي ته مون کي انهن نانگن کان ڏنگ لڳن،
مان به انهيءَ کي ٺيڪ ڪندس پوءِ هن مٽڪي جو ڍڪ بند
ڪري احتياط سان مٽڪو کنيو جيئن ئي رات ٿي ته
هاريءَ جي گهر ۾ گهڙيو ۽ مٽڪو کولي چُلهه ۾ کڻي
اونڌو ڪيائين.
صبح جو سوير جڏهن هاريءَ جي اک کلي ۽ نماز جي
تياري ڪرڻ لڳو ته هن جي نظر وڃي چُلهه تي پئيپوءِ
ته هن جا ڏند چپن سان لڳي ويا. هن ويجهو وڃي ڏٺو
ته سڄي چُلهه چانديءَ جي سڪن سان ڀري پئي هئي.
هن جي دل خوشيءَ کان ٽپا ڏيڻ لڳي ۽ جلدي هن شڪراني
جا سجدا ڪيا ۽ چوڻ لڳو ته منهنجا مالڪ! تنهنجا لک
لک شڪرانا آهن جو تو منهجنجي دعا قبول ڪئي. مون
توکان جتي دولت گهري تو اتي ئي عطا ڪئي. هاڻي هيءَ
دولت منهنجي آهي. تو منهنجي مراد پوري ڪئي. ۽ مان
هيءَ دولت قبول ڪئي آهي.
وڏائي
وڏائي بدن مان، ڪڍي ڇڏجي ٻارو،
وڏن سان سدائين، ادب سان هلجي.
سڀن ساڻ، شفقت ۽ محبت سان ملجي،
ڪري نياز نوڙت، انهن سان ئي ملجي.
بدن ۾ صفائي، جو پيدا ڪجي گُڻ،
اندر ۾ سچائيءَ جو پيدا ڪجي گُڻ.
اُها ئي اسان جي فضيلت آ ٻارو،
وڏائي تڪبر ڪڍي ڇڏجي يارو.
ـــ موڪليندڙ: اين. ايم. سومرو، ڪنڌڪوٽ
سنڌيڪار: محمد اعظم شاهه جيلاني، حيدرآباد.
احمقن جو مور
ڪنهن زماني ۾ هڪڙو ماڻهو پنهنجي زال سان هڪڙي
جهوپڙي ۾ رهندو هو ۽ هو تمام غريب پر سست به ڏاڍو
هو. هن کان ايترو به ڪونه پڄندو هو جو پنهنجو پيٽ
پالڻ لاءِ ڪجهه ڪري سگهي. جڏهن زال کيس چوندي هئي
ته پاڻ بک پيا مرون ڪم ڇو نٿو ڪرين تڏهن چوندو هو
ته منهنجي پيءُ خواب ڏٺو آهي ته مان دولتمند ٿيندس
پر جڏهن آئون ٽيهه سالن جو ٿيندس ۽ هي پهاڙ جيڪو
اسان جي سامهون نظر اچي رهيو آهي ان تي ويندس ۽
اتي هڪ شخص منهنجي انتظار ۾ آهي جيڪو مون کي
مالدار ٿيڻ جو راز ٻڌائيندو. ان ڪري ويچاري عورت
پاڻ محنت مزدوري ڪري خرچ پکو آڻي گهر هلائيندي هئي
۽ هو ويٺو کائيندو هو. آخرڪار جڏهن همراهه ٽيهن
سالن جو ٿيو ته زال کي چوڻ لڳو هاڻي راز معلوم ڪرڻ
لاءِ پهاڙ تي ويندس تون فڪر نه ڪجائين.
اهو چئي راهي ٿيو ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هن کي هڪ
بيمار بگهڙ مليو ۽ بگهڙ چوڻ لڳو، اي مرد تون
ڪيڏانهن پيو وڃين؟ هن وراڻيو ته اڄ مان ٽيهن سالن
جو ٿيو آهيان ۽ سامهون واري پهاڙ تي هڪ شخص منهنجو
منتظر آهي ان سان ملڻ ٿو وڃان، بگهڙ چيو ته ضرور
اهو ماڻهو عاقل و دانا هوندو پر منهنجي اها خواهش
آهي ته هن کان پڇا ڪجئين ته مان هروقت ڇو بيمار
رهندو آهيان. ماڻهوءَ چيو ته مان ضرور پڇندس ۽
رستو وٺي هليو ويو. هلندي هلندي هڪڙي صوف جي وڻ وٽ
پهتو. صوف جي وڻ چيو اي مرد، تون ڪيڏانهن ٿو وڃين
هن جواب ڏنو ته اڄ مان ٽيهن سالن جو ٿيو آهيان ۽
سامهون واري پهاڙ تي وڃي رهيو آهيان جتي هڪ شخص
منهنجو منتظر آهي ۽ مون کي دولتمند ٿيڻ جو ڏس
ڏيندو. وڻ چيو ته ضرور اهو ڪو دانا هوندو ۽ منهنجي
آرزو آهي ته ان کان معلوم ڪندا ته مون ۾ ڦر ڇو نٿو
ٿئي. هن چيو ته مان ضرور پڇندس. ۽ اڳتي وڌيو،
هلندي هلندي پوءِ هو هڪ درياءَ جي ڪناري تي پهتو ۽
درياءَ مان هڪڙي مڇيءَ جي نظر مٿس پئي ته چوڻ لڳي
ته اي شخص تون ڪيڏانهن ٿو وڃين، هن جواب ڏنو ته
مان سامهون واري پهاڙ تي وڃي رهيو آهيان جتي هڪ
شخص منهنجو انتظار ۾ ويٺو آهي ۽ مون کي دولتمند
ٿيڻ جو راز ٻڌائيندو. مڇي چيو ته بيسڪ هو ڪو
داناءُ ۽ عاقل ماڻهو هوندو، پر منهنجي اها خواهش
آهي ته هن کان پڇندا ته منهنجي گلي ۾ هروقت سور ڇو
رهندو آهي. ماڻهوءَ وراڻيو ته مانءَ ضرور پڇندس ۽
هلڻ لڳو هلندي هلندي نيٺ اچي پهاڙ تي پهتو جتي هو
شخص هن جو منتظر هو ۽ سلام ڪري چيائين سائين مان
اچي ويو آهيان پر پهرين مون کي اها ٻڌايو ته هن
مڇيءَ کي هميشه گلي ۾ درد ڇو رهندو آهن، ۽ ڇو هن
صوف جي وڻ ۾ ڦر نٿا ٿين، ۽ ڇو بگهڙ هميشه بيمار
رهندو آهي. اتي ان شخص فرمايو ته مڇيءَ کي ان ڪري
گلي ۾ سور آهي جو دنيا جو وڏي ۾ وڏو موتي هن جي
گلي ۾ آهي ۽ صوف جي وڻ ۾ ان لاءِ ڦر نٿو ٿئي جو هن
جي پاڙ ۾ ٻه سون جون ديگيون دفن آهن ۽ ان جي پاڙن
کي اڳتي وڌڻ جي طاقت نه ٿي ٿئي تنهنڪري ميوي کان
محروم آهي ۽ هو بگهڙ ان ڪري بيمار آهي جو هو وقت
مڪر فريب ۾ لڳو آهي ۽ مخلوق کي نقصان رسائي ٿو پر
هو جيڪڏهن ڪنهن کي نقصان نه رسائي ۽ هڪڙي بيوقوف ۽
احمق ماڻهوءَ جو گوشت کائي ته چڱو ڀلو ٿئي، تنهن
کان پوءِ هو بزرگ چپ ٿيو. اتي ان ماڻهو وري به چيو
ته جنهن رستي تان آيو آهين انهيءَ ساڳيءَ رستي تي
وڃ ته تون دولتمند ٿئين، پوءِ هو واپس وريو. پر هن
بزرگ جي نڪتن مٿس ڪو اثر ڪونه ڪيو. موٽ ۾ هلندي
هلندي پهرين اچي مڇي وٽ پهتو مڇيءَ کي منتظر ڏسي
چوڻ لڳو ته تنهنجي گلي ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو موتي
آهي تنهن ڪري توکي سور آهي مڇي چيو ته اچ ۽ انهيءَ
موتي کي ڪڍي وٺ ته تون دولتمند ٿئين ۽ مون کي سور
کان ڇوٽڪارو ٿئي پر هن چيو ته مون کي تنهنجي
موتيءَ جي ضرورت ڪونهي مان انهي رستي ويندس ته
آئون دولتمند ٿيندس ۽ اڳتي وڌيو هلندي هلندي وڻ وٽ
پهتو ۽ وڻ کي چيائين ته تنهنجي پاڙن ۾ ٻه سون جون
ديڳيون آهن تنهنڪري تو ۾ ميوو نٿو ٿئي، وڻ چيو ته
تون ديگيون ڪڍي وٺ ته تون مالدار ٿئين پر هن
بيوقوف چيو ته مون کي تنهنجي ديگين جي ضرورت ڪانهي
جنهن رستي تي وڃي رهيو آهيان اتان ئي مالدار ٿيندس
۽ رستو وٺي هليو، تان جو اچي بگهر وٽ پهتو. هن کي
ڏسندي بگهڙ کانئس پڇيو ته ڪهڙي خبر آندي اٿيئي هن
جواب ڏنو ته تون مڪار ۽ فريبي آهين ان ڪري تون
بيمار آهين پر جيڪڏهن تون پاڻ کي سڌارين، ۽ ڪنهن
کي آزار نه رسائين ۽ هڪ احمق ۽ بيوقوف ماڻهو جو
ماس کائين ته تون ٺيڪ ٿيندين، بگهڙ چيو ته مان
وعدو ٿو ڪريان ته ڪنهن کي نه ستائيندس پر ڀلائي
ڪري مون کي پاڻ سان وٺي هل ۽ ڪو احمق ڏيکارين ته
ٿورائتو ٿيندس پر ماڻهو چيو ته مون کي ڪم آهي مان
پنهنجي ڪم تي ويندس، بگهڙ چيو توکي ڪهڙو ڪم اهي ۽
هن بزرگ ماڻهوءَ توکي راز ڪونه ٻڌايو مون کي ٻڌاءِ
ته هن توکي ڇا چيو. اُتي هن ماڻهو مڇي ۽ صوف جي
ڳالهه ٻڌائي پوءِ بگهڙ هن کي چيو ته تو موتي ديگون
ڇو نه حاصل ڪيون هن چيو ته مان انهن شين کي ڇا
ڪريان ها ۽ مان جنهن رستي تي وڃان ٿو مون کي اتان
دولت ملندي اتي بگهڙ صاحب چيو تون اڳتي وڃين نٿو
سگهين ڇاڪاڻ ته تون دنيا جي احمقن جو مور آهين.
توکان وڌيڪ ٻيو احمق ڪٿان ملندو، اهو چئي همراهه
تي حملو ڪري ان کي سستيءَ جو نتيجو ڏٺائين ۽ کائي
ويو.
تاج محمد فدا سمون، ٽنڊوڄام
سچائي جي سوڀ
هو ايترو غريب هو جو هن لاءِ ٻه ننڍڙا ٻار ۽ زال
جي پرورش به مشڪل هو. وقت به وقت کين بَکن جا ويلا
ڪاٽڻا پوندا هئا. حسينه هر وقت ٻچن جي بکن جي
شڪايت ڪندي هئي. ارشاد جيڪو رات کي ڏينهن تتيءَ کي
ٿڌي سمجهي ٻچڙن جي پيٽ گذر لاءِ مٿا مونا هڻندو
هو، تنهن جي به اها چاهنا هوندي هئي ته ٻچا بکيا
نه رهن. ”ارشاد“ ڪيترن ڏينهن کان بيروزگار ويٺو
هو. هن ڪيترن شاهوڪارن جا در ڀيٽيا. ڪيتريون
سرڪاري آفيسون ۽ خانگي ڪارخانا رليو. جتيون
گسايون، پر مسڪين لاءِ هر در بند هو. اڄ هي سوير
اٿيو ۽ نماز پڙهي دعا گهرڻ لڳو ته ”يا الله! ٻچڙا
رات به روئي روئي بکيا سمهي رهيا آهن تون ڪو
منهنجو وسيلو ٿي!“ دعا گهري، وري به پنهنجي قسمت
آزمائڻ لاءِ اٿيو ۽ شهر جو رستو ورتائين. هي
پنهنجن ئي خيالن ۾ غرق بنا ڪنهن منزل جي هلندو
رهيو. اُس تيز ٿيندي ويئي. گرمي کان ساهه ماندو
ٿيڻ لڳس. هن اجهو ڳولهيو ته ڪٿي ويهي ساعت کن ساهه
پٽي ته وري کيس ٻچڙا ياد آيا. جيڪي ڪالهه کان
لنگهڻ هئا. هن ٿڌو ساهه کڻي آسمان ڏانهن نهاريو.
سندس اکين مان لڙڪن جون لارون ڪري پيون. هي جيئن
ئي هڪ موڙ تان لنگهيو ته هن هڪ بلڊنگ جي هيٺ هڪ
ٻٽون ڏٺو، هٿ وڌائي کنيائين ۽ چؤطرف نظر ڊوڙايائين
پر هن کن اُتي ڪوبه ماڻهو نظر نه آيو ڇو ته ڌر تتي
مهل هرڪو آرامي هو. هن ڏڪندڙ هٿن سان اهو ٻٽون
کوليو. هن جون اکيون هيڪر چمڪي اٿيون. جڏهن هن سؤ
سؤ جي نوٽن جون دستيون ڏٺيون هي حيران ٿي ويو.
تڪڙيون وکون کڻي هڪ اهڙي جاءِ تي پهتو، جتي هن کي
اطمينان هو ته هتي ڪوبه ماڻهو ڏسي نه سگهندو. هن
ٻٽون کولي نوٽ ڪڍي ڳڻيا، سڄا سارا ٻه هزار رپيا.
سندس دل خوشيءَ ۾ نچڻ لڳي ۽ سندس ڪومايل دل ۾ هڪ
نئين اُمنگ پيدا ٿي، وڌيڪ ٻٽونءِ کي جاچيائين ته
اُن مان هڪ فوٽو ائڊريس سميت مليو، جو اُن شهر جي
وڏي سيٺ جو هو. جنهن جون ڪوٺيون ڏورانهن ملڪن ۾
هيون. هن جي خيالن هڪدم ڦيرو کاڌو ”ياالله“ هيءَ
ته پرائي امانت آه“ اِهو سوچي هن اُن سيٺ جي بنگلي
جو رستو ورتو. اتي پهچڻ سان خبر پيس ته سيٺ صاحب
آرامي آهي. هو اُتي ويهي رهيو. خيال ستائڻ لڳس
”نفس چيس ته مولا ڏياريا اٿيئي، ڇڏ غريب ماڻهون
آهين في الحال ته ڪر ڪي موجون! هنن سيٺين کي رقم
جي پرواهه آهي ڇا، ڀلي هنن کي سيکت هجي“ ارشاد وڏي
ڪشمش ۾ اچي ويو. ايمان چيس ته ”خدا جو خوف ڪر“ نفس
چوي ته ”کائي ڇڏ“ اوچتو دل جي قاضيءَ سمجهايس ”هي
خدائي امتحان آهي جنهن ۾ فيل نه ٿي“ ارشاد انهن ئي
خيالن ۾ محو هو ته سيٺ امداد جي ماڻهوءَ اچي ٻڌايس
ته سيٺ ننڊ مان اٿيو آهي. ارشاد اُتان اٿي امداد
سيٺ وٽ آيو ۽ اهو ٻٽون ڪڍي ان جي اڳيان رکيو. سيٺ
امداد ٻٽون ڏسڻ شرط، ڪڏهن ٻٽونءِ ۾ ٿي نهاريو ته
ڪڏهن غريب ارشاد کي ٿي ڏٺائين. ارشاد بنهه بي حال
هو. ان هوندي به سچائي جو دامن نه ڇڏيو هئائين.
سيٺ امداد هن کان خبر چار ورتي جا هن مختصر نموني
۾ بيان ڪري اهو به ٻڌايو ته آئون مئٽرڪ پاس آهيان.
ڪنهن روزگار جي تلاش ۾ رلندي رلندي فلاڻي گهٽيءَ
جي موڙ تان ٻٽون مون کي هٿ آيو. سو کڻي آڻي اوهان
جي خدمت ۾ حاضر ٿيو آهيان. سيٺ امداد هن جي بيڪسي
۽ مسڪينيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو. ويتر جو ههڙي غربت
هوندي به هن سچائيءَ جو بهترين مثال قائم ڪيو هو
تنهن سيٺ امداد کي هڻي هرکائي وڌو هو، هن اُهي ٻه
هزار کڻي سندس حوالي ڪيائين چيائين هي تنهنجي
”سچائي جو انعام آهي“ ۽ آئينده لاءِ کيس مئنيجر
ڪري رکيائين. ارشاد به سيٺ امداد سان سچائي سان
هلڻ جو پڪو پهه ڪيو. سچائي ۽ ايمانداريءَ جي سوڀ
انسان کي روشن بنائي ٿي.
سنڌيڪار: اياز حسين پنهور، ميرپورخاص
راجا ۽ مٽي
هڪڙو راجا هو هئبو چند، ۽ سندس وزير هو گبوچند. هڪ
ڀيري وزير کي سڏائي چيائين ته هيڏو پگهار ويٺو مفت
۾ کائين اهڙي ڪا ترڪيب ڪر جيئن مٽي منهنجن پيرن کي
اصل نه لڳي نه ته سسي ڪپائي ڇڏيندوسانءِ. هي ٻڌي
وزير ڏاهپ سان چيو ته ”جيئندا قبلا! جي توهان جي
پيرن ۾ مٽي نه لڳل هوندي ته پوءِ اسين توهان جي
قدمن جي خاڪ ڪيئن پائي سگهنداسين.“
راجا ضد تي، چي: مٽيءَ کي منهنجي راڄ مان نيڪالي
ڏيو. ويچارو وزير ههڙي بي تالي حڪم تي اچي ششدر
ٿيو، سو ملڪ جي دانائن ۽ عقلمندن کي گهرايائين.
هنن چيو ته ”بادشاهه سلامت جي مٽي نه هوندي ته ملڪ
۾ اناج ڪيئن اپائي سگهبو“ پر راجا پنهنجي ضد تان
لهي ئي نه. بس ساري ملڪ ۾ ساڍيون سترهن لک بهاريون
ڦرڻ لڳيون مٽي جا اٿي سا راجا جي بدن کي وڪوڙي وئي
هو ويتر اچي ڪاوڙيو چيائين ته هنن بيوقوفن ته سڄي
جهان کي اچي مٽي سان ڀريو آهي. نيٺ ايڪٽيهه لک
پاڻي ڀرڻ وارا پخالون کڻي نڪتا مٽيءَ کي ڄمائڻ
لاءِ هڻي سڄي شهر جو پاڻي ختم ڪري ڇڏيائون هاڻي
هئي رڳي گپ ۽ چڪڻ.
راجا رڙ ڪري چيو، ”جاهلو، توهان ته هڻي گند ڪري
ڇڏيو.“
وري سڀني کي درٻار ۾ ڪوٺ ٿي. هڪڙي صلاح ڏني ته سڄي
راڄ جي زمين تڏن سان کڻي ڍڪجي. ٻئي چيو ته ڇونه
راجا کي اهڙي ڪمري ۾ رهائجي جي مٽي نه اچي. تنهن
تي راجا چيو ته جي مان ڪمري ۾ بند رهيس ته راڄ ڪير
هلائيندو؟ سڄو راڄ ئي مٽي ۾ ملي ويندو. هڪڙي چيو
ته ”سڄي راڄ جي زمين چمڙي ڍڪجي“.
پر جڏهن سڄي راڄ مان ايترو چمڙو ۽ موچي نه ملي
سگهيا جو سڄي زمين ڍڪجي سگهي. تڏهن هڪڙي ٻڍڙي
موچيءَ عرض ڪيو ته ڳالهه سولي آهي راجا کڻي پنهنجا
پير ڍڪي هلي، پوءِ زمين کي ڍڪڻ جي ضرورت ئي پيش نه
ايندي“ راجا ڪاوڙ ۾ چيو، ”جيڪو مسئلو هيڏا عاقل نه
حل ڪري ڪري سگهيا سو اهڙي رواجي موچيءَ کان ڪيئن
حل ٿي سگهندو.“
وزير به راجا جي پٺڀرائي ڪئي چئي ”هن شيطان کي وڃي
جيل ۾ بند ڪريو“ پر ٻڍي موي عزت سان راجا جي پيرن
تي چمڙو چاڙهيو، راجا هلي ڏٺو ته پير مٽيءَ ۾ خراب
ڪونه ٿا ٿين ۽ هلڻ ۾ به آساني آهي. چون ٿا ته ان
ڏينهن کان وٺي دنيا ۾ جتي پائڻ جو رواج شروع ٿي
ويو.
هڪ گل ڪومائجي ويو
ڏاڍي ڏک سان ظاهر ڪرڻُ ٿو پوي ته گل ڦل جو پڙهندڙ
قاضي فضل الرحمان مورو، 4 ڊسمبر 1976ع تي تيرهن
سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. مرحوم گل ڦل جي
سرگرم حصو وٺندڙن مان هڪ هو. سندس هن اچانڪ وفات
تي اسان سندس والد اختر مورائي سان اظهار همدردي
ڪندي دعاگو آهيون ته خدا مرحوم کي جنت نشين بنائي
۽ کيس صبر جي طاقت ڏي. آمين- ايڊيٽر.
ڪشمور ۾
گل ڦل جو ايجنٽ مسٽر گهنشامداس امر جنرل اسٽور
آهي. پڙهندڙ ان سان لهه وچڙ ۾ اچن.
سنڌيڪار: مهتاب احمد کوکر ”فهيم“
ناني
زينت: مان چوان ٿي ته مني کي ماڊرن اسڪول ۾ داخل
ڪراءِ.
ڪمال: اڙي! ماڊرن اسڪول جي پچر ڇڏ.
زينت: نه بس، منهنجي پٽ کي ماڊرن اسڪول ۾ داخل
ڪراءِ ۽ ها تنهنجي اخبار به بند.
ڪمال: ڇا چئي؟
زينت: رسالا ۽ ڊائجسٽ پڻ بند، جيڪي روزانو 3 يا 4
ميڙي اچي ڪٻٽ ڀريو اٿئي.
ڪمال: پرچو؟
زينت: بس! جيڪو مان چيو سو ٺيڪ آهي.
ڪمال: چڱو ڀلا هوءِ ناس جي دٻلي به بند نه؟
نالي: ”ائي گهوڙا ڙي! منهنجي ناس جي ڪڍ ڇو اچي لڳا
آهيو مون اوهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟
ڪمال: ام- ام- مان- مان، ڳالهه ته ٻڌ؟
ناني: ها! چوندين ته ناس نه ڏيندي ڪر ٻيو ڇا
چوندين؟ هاءِ، ها.
... ... ...
منو: دس معنيٰ: هي- اِز معني: آهي- مائي معنيٰ:
منهنجو- هوم معنيٰ: گهر. دس اِز مائي هوم: هي
منهنجو گهر آهي.
ناني: اڙي وري ڪهڙو تنهنجو گهر آهي، مون کي ته
ڏيکار.
منو: ناني منهنجو گهر نه آهي، پر اهو ڪتاب ۾ لکيل
آهي.
ناني: ڇا لکيل آهي؟
منو: ناني لکيل آهي ته، دِس اِز مائي هوم- هي
منهنجو گهر آهي.
ناني: هان! ڇا هي تنهنجو گهر آهي؟ اڙي گهوڙا ڙي
ڇوڪر ٻين گهرن جا فوٽو کڻي چوي پيو، هي منهنجو گهر
آهي. هاءِ، هاءِ، اڀو.“
... ... ...
ناني: اڙي منا! اوهان اسڪول ۾ دعا پڙهندا آهيو يا
نه؟
منو: ناني، دعا نه پڙهندا آهيون پر پوئٽري پڙهندا
آهيون.
ناني: ائي گهوڙاڙي هي وري اسڪول جا حال ڏسو.
انگريزي ۾ الاجي ڇا ڇا پيا پڙهندا آهن. هاءِ،
هاءِ، اسان جي به پڙهائي هئي ۽ اڄ وري هي زمانو
آيو آهي.
... ... ...
منو: دِس اِز مائي گرانڊ فادر- هي منهنجو نانو
آهي.
دِس اِز مائي گرانڊ مدر- هي منهنجي ناني آهي.
ناني: اڙي ڪهڙو تنهنجو نانو، ڪهڙي تنهنجي ناني
آهي. تنهنجي ناني کي ته وفات ڪئي پنج سال گذري چڪا
آهن.
منو: ناني، مان ته سبق پيو ياد ڪريان.
ناني: اڙي هائو هائو، ڪهڙو سبق ٿو ياد ڪرين، مون
کي ڏيکار.
منو: ناني، هي سبق آهي ۽ سبق سان گڏ تصوير به آهي.
ناني: اڙي، هي وري ڪهڙو ماڻهو آهي؟ ڇا هي تنهنجو
نانو آهي؟ اڙي تنهنجي ناني کي ته عينڪ هئي، هن کي
ته عينڪ به نه آهي. هي وري ڪهڙي عورت آهي؟ ڇا هي
تنهنجي ناني آهي؟ اڙي هن جون ته ٽنگون به
اگهاڙيون آهن، ڇا مان ائين آهيان؟ ڇا اها ناني
سڏائڻ جي حقدار آهي؟ هاءِ، هاءِ هاڻ ڪهڙو زمانو
اچي ويو آهي.
سنڌيڪار: سنتوش ڪمار منڌاڻ
واچ ۽ ٻار
(هڪ ٻار کٽ تي سمهيل آهي. واچ ٻڌي اٿي وهي ٿو.)
واچ: ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ.....
ٻار: ڪير آهي؟ ٽڪ ٽڪ ٽڪ ڪري رهيو آهي؟ آرام به نٿو
ڪرڻ ڏئي. واچ: ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ.....
ٻار: اڙي! هي ته ڪو ويجهو ئي ٽڪ ٽڪ ٽڪ ڪري رهيو
آهي. ڪير آهي؟
واچ: مان آهيان واچ... واهه مون کي به نه سڃانئه؟
ٽڪ ٽڪ ٽڪ....
ٻار: اوهه! اڙي تون هئينءَ؟ مون سوچيو ته الائي
ڪير اچي ويو.
واچ: ٽڪ ٽڪ ٽڪ... مان ته هميشه توسان گڏ هوندي
آهيان. ڇا تون منهنجي ٽڪ ٽڪ مان واقف نه آهين؟
ٻار: واقف ته آهيان، پر تنهنجي اها ٽڪ ٽڪ مون کي
نٿي وڻي. توکي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي اهو خاموشي سان
ڪندي رهه اها ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ ڇاجي لاءِ ڪندي آهين.
واچ: ٽڪ ٽڪ ٽڪ..... مان ته بنان ٽڪ ٽڪ جي به
پنهنجو ڪم ڪري سگهان ٿي. پر اها ٽڪ ٽڪ ته مان
تنهنجي لاءِ ڪندي آهيان؟
ٻار: منهنجي لاءِ ٽڪ ٽڪ؟ ڇا مطلب ٽڪ ٽڪ ٽڪ....
واچ اهو ڪيئن ڏسي سگهان ٿي ته مان ڪم ڪندي رهان ۽
تون پنهنجو وقت اجايو وڃائيندو رهين.
ٻار مان وقت جايو نه وڃائيندو آهيان. مان پوءِ ڇا
به ڪريان، تون ڪير تون ڪير ٿيندي آهين روڪڻ واري؟
ٽڪ ٽڪ ٽڪ...
واچ: مان ڪير به نه آهيان، تڏهن تو مون کي گهرايو
ڇو؟ ان ڏينهن پيءَ سان ضد ڪري ويهي رهين ته مون کي
واچ گهرجي ۽ جڏهن مان اچي ويس ته وري چئين ٿو ته
تون ڪير ٿيندي آهين؟
ٻار: مان ته توکي پنهنجي شوق لاءِ گهرايو. توکي
ٻڌي ڇڏڻ سان ٻانهن سهڻي لڳندي آهي. ٻيو ته عزت وڌي
ويندي آهي.
واچ: ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ... ٻانهن سهڻي لڳندي آهي، عزت
وڌي ويندي آهي. مان ڇا ڪو زيور آهيان. مان ته واچ
آهيان.
ٻار: سڀ ماڻهو واچ عزت لاءِ ٻڌندا آهن.
واچ: نه، رڳو جاهل ماڻهو واچ عزت لاءِ پائيندا
آهن. آءٌ سونهن وڌائڻ وارو زيور نه آهيان، وقت
ٻڌائڻ واري واچ آهيان. ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ...
ٻار: هائو ٺيڪ آهي. مان جڏهن معلوم ڪرڻ چاهيندو
آهيان ته وقت گهڻو ٿيو آهي، تڏهن مان تو ڏانهن
نهاريندو آهيان. ٻيو ڇا کپي؟
واچ: ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ.... مان به ته ڪجهه چاهيان ٿي.
ٻار: تون ڇا ٿي چاهين؟
واچ: مان؟ مان چاهيان ٿي ته جيئن مان سيڪنڊ- سيڪنڊ
جو خيال رکندا آهيان، تيئن تون گهٽ ۾ گهٽ منٽ منٽ
جو ته ڌيان رکندو ڪر. منٽ ته ڇا، ڪيترا ڪلاڪ ائين
وڃائي ڇڏيندو آهين. ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ....
ٻار: نه نه... گهر ۾ پڙهندو آهيان، اسڪول ويندو
آهيان، راند ڪندو آهيان، سمهندو آهيان! اهو سڀڪجهه
ته ڪرڻ ئي گهرجي. |