سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل فيبروري  2026ع

باب:

صفحو:2 

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

ڪراچي

ايل، بيل ۽ ٽيل

}لاريب مصطفيٰ جو ٻالڪ ناوليٽ{

ڪنھن به سماج جي فڪري، تھذيبي، جمالياتي ۽ اخلاقي بنيادن کي سگھاري ڪرڻ جي ڏس ۾ ٻارڙن جي ادب جو ڪردار بيحد اهم ۽ بنيادي هوندو آهي. ٻارڙا ڪھاڻين وسيلي نه رڳو دنيا کي سمجھندا آهن، پر چڱائيءَ ۽ لڱائيءَ ۾ فرق، ذميداريءَ جي ساڃاهه فرمانبرداري، سچائي بھادري ۽ انساني قدرن جي اهميت به سکندا آهن. دنيا جي هر وڏي ليکڪ پنھنجي لکڻين ۾ اها ڳالھه باسي آهي، ته ننڍپڻ ۾ ٻُڌل يا پڙهيل ڪھاڻين سندن سوچ ۽ شخصيت جي جوڙجڪ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو هو. تنھنڪري جڏهن ڪو نوجوان اديب ٻارن لاءِ ادب تخليق ڪندو آهي، ته پوءِ ڄڻ هو رڳو ڪا لکڻي ناهي لکندو، پر ايندڙ نسلن جي ذهنن ۾ سوچ جا ڏيئا ٻاري رهيو هوندو آهي.

لاريب مصطفيٰ به اهڙن نوجوان اديبن جي سَٿَ ۾ شامل ٿي چڪي آهي، جيڪي ٻارن لاءِ لِکَڻ جي قدرتي صلاحيت رکندا آهن. لاريب پاڻ آهي، ته ٻارڙي پر ٻارن جي نفسيات کي چڱيءَ طرح سمجھندي آهي. تنھنڪري سندس لکڻين ۾ بيحد سادگي، خلوص ۽ اخلاقي بصيرت موجود هوندي آهي. ٻارن لاءِ لکيل ۽ تازو ئي ڇپيل سندس ناوليٽ (با تصوير) ٻاراڻي ادب ۾ هڪ زبردست واڌارو آهي. ايل، بيل ۽ ٽيل هلندڙ دؤر جي ٻارن لاءِ هڪ سوکڙيءَ جيان آهي، جو اُن جو پلاٽ بيحد دلچسپ به آهي، ته ان ۾ سمايل اخلاقي تعليم به اڄوڪن ٻارڙن لاءِ بيحد لاڀائتي آهي.

ايل، بيل ۽ ٽيل ناوليٽ بنيادي طور تي هڪ ٻڪريءَ ۽ اُن جي ٽِن ڇيلڙن تي آڌاريل هڪ علامتي ڪھاڻي آهي. جنھن کي لاريب نھايت سادگيءَ پر گھرائيءَ سان پيش ڪيو آهي. ڪھاڻيءَ جو مرڪزي خيال فرمانبرداري، احتياط، وعدي جي پاسداري، ماءُ جي محبت ۽ ٻارن جي حفاظت جھڙن بنيادي موضوعن جي چوڌاري گُھمي ٿي. ڪھاڻي ڪجھه هن ريت آهي، هڪ ٻڪري پنھنجن ٻچڙن کي گھر ۾ ڇڏي، سودو سامان وٺڻ لاءِ شھر وڃي ٿي ۽ وڃڻ مھل ڇيلڙن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪري ٿي، ته سندس غير موجودگيءَ ۾ اُهي ٻار هرگز به نه نڪرن، ڇو ته هڪ خونخوار بگھڙ سندن تاڙ ۾ آهي ۽ کين ڪو نقصان پھچائي سگھي ٿو. ظاهري طور تي ڏٺو وڃي، ته هيءَ ڪھاڻي بيحد سادي آهي. پر حقيقت ۾ منجھس اڻ ڳڻيا تَھَه، قدر ۽ سبق سمايل آهن.  لاريب مصطفيٰ جو اصل ڪمال اهو  آهي، جو هن هڪ عام ۽ معروف، پر دائمي اخلاقي سبق کي هڪ نئين تازگيءَ، نئين روانيءَ، نئين اسلوب ۽ نئين ٻوليءَ سان ٻارن تائين پھچايو آهي. اڄوڪي دؤر ۾ نوجوان ليکڪن ۾ ٻارن لاءِ لکڻ جو لاڙو ذري گھٽ ختم ٿي چڪو آهي. نوجوان عام طور تي پاڻ کي مڃرائڻ ۽ مشھور ٿيڻ خاطر وڏن جي ادب ڏانھن گھڻو ڌيان ڏين ٿا. اهڙي ماحول ۾ لاريب مصطفيٰ جھڙي ٻارڙي ليکڪا جو ٻارن لاءِ لکڻ جي چونڊ ڪرڻ ئي سندس سنجيدگي ۽ مقصديت کي ظاهر ڪري ٿو. اهو فيصلو رڳو همت ئي ناهي، پر هڪ تخليقي اعتماد جو اهڃاڻ پڻ آهي. لاريب ٻارن جي ادب کي سولو ناهي سمجھيو ۽ نه ئي وري ان کي گھٽ درجي جو فنُ سمجھيو آهي. کيس ڄاڻ آهي، ته ٻارن لاءِ لکڻ سڀ کان مشڪل ڪم آهي. ڇوجو ٻار نه هٿ ٺوڪيا جملا هضم ڪندا آهن ۽ نه ئي ڪا فلسفياڻي ٻولي پسند ڪندا آهن. تنھنڪري ٻارن لاءِ لکندڙ اديب پنھنجي هر سٽ ۾ سادگي ۽ معنيٰ جو سنگم قائم رکندا آهن. اهو ئي لاريب جو اصل ڪمال آهي.

ايل، بيل ۽ ٽيل ناوليٽ جي ڪھاڻيءَ ۾ ٽي بنيادي ڪردار آهن. ٻڪري (ماءُ)، ڇيلڙا (فرمانبرداريءَ جي علامت) ۽ بگھڙ (خطرو، دوکو ۽ آزمائش) اُن ناوليٽ جي جوڙجڪ ڪلاسيڪي ڪھاڻين جي ياد ڏياري ٿي. لاريب جي ڪتب آندل ٻوليءَ ۾ نرمي آهي. تازگي آهي، ننڍا ننڍا جملا آهن ۽ غير ضروري  لفظ ناهن. ٻارن جي ڪھاڻين يا ناولن لاءِ اها ئي ٻولي سڀ کان وڌيڪ مناسب هوندي آهي. هڪ مکيه ڳالھه اها آهي، ته  لاريب جي لکڻي جذباتي آهي. پر اها جذباتي استحصال نه ٿي ڪري. تنھنڪري پڙهندڙ ٻارڙا ٻڪري ماءُ سان محبت به ڪن ٿا، سندس ڳڻتي به ڪن ٿا. ڇيلڙن کي پاڻ سان گڏ محسوس ڪن ٿا ۽ بگھڙ کي ڊپ جي علامت سمجھي ان کان نفرت به ڪن ٿا.

هن ناوليٽ جو سڀ کان سگھارو پاسو ماءُ جي مامتا آهي. ٻڪريءَ جو پنھنجي ڇيلڙن کي گھر ۾ اڪيلو ڇڏي وڃڻ،  جيتوڻيڪ هڪ ضرورت يا مجبوري آهي. پر وڃڻ مھل کيس پنھنجي ٻچن جي ڳڻتي آهي. سندس ڪيل تاڪيد هدايت جو عمل هڪ ماءُ جي محبت، ڳڻتي ۽ ذميواريءَ جي علامت آهي. ڪھاڻي جي آخر ۾ جڏهن ٻڪري موٽي اچي ٿي، ته ٻارن کي محفوظ ڏسي خوش ٿئي ٿي. تنھنڪري هڪ پڙهندڙ ٻار اهو محسوس ڪري ٿو، ته اها رڳو  هڪ ٻڪري ڪونھي، پر ڪنھن به ماءُ جي دل جي حقيقي ڪيفيت آهي.

اڄوڪي دؤر جو ٻار جنھن ماحول ۾ پلجي ٿو، تنھن ۾ فرمانبرداري، صبر، برداشت ۽ ذميواريءَ جھڙا گُڻ گھٽ سيکاريا پيا وڃن. هن ناول ۾  ٻار پنھنجي ماءُ جي ڳالھه تي سختيءَ سان عمل ڪن ٿا. نه گوڙ گُھمسان ڪن ٿا، نه ٻاهر ليئا ٿا پائين ۽ نه ئي جاهلاڻي بھادري ٿا ڏيکارين. اهي ڪردار اسان جي ٻارن کي اهو احساس ڏيارين ٿا، ته ماءُ جي هدايت  ۾ تجربي، محبت ۽ حفاظت جو راز سمايل هوندو آهي.

هيءُ ناوليٽ سنڌيءَ ۾ ٻارڙن جي ادب جي روايتن سان سلھاڙيل هڪ اسلوب آهي. ان سان گڏوگڏ اهو اسان کي پنھنجي  ڪلاسيڪي لوڪ ڪھاڻين جھڙوڪ: چالاڪ لومڙي، شينھن ۽ گابو، ڪڪڙ ۽ چالاڪ گدڙ وغيره جي ياد ڏياري ٿو. پر لاريب جو ناول هڪ ڌار سڃاڻپ رکي ٿو. پاڻ ان روايت کي دُهرائي نه ٿي، پر ان کي هڪ نئين رنگ، نئين تاثر ۽ نئين پيشڪش سان آڏو آڻي ٿي.

موبائل، ٽيبليٽ، يوٽيوب ۽ وڊيو گيمز جي هن دؤر ۾ ٻارڙن کي ڪتابن ڏانھن لاڙڻ جو ڪم ڏاڍو ڏُکيو ٿي ويو آهي. والدين به اڪثر ڪري اها شڪايت ڪندا رهندا آهن، ته ٻار ڪتاب ڪونه ٿا پڙهن. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو نرم گرم، دلچسپ ۽ ڀرپور تاثر رکندڙ ناوليٽ لکي، ته پوءِ اهو ٻارن جي ذهنن لاءِ دروازو کوليندڙ چاٻي بنجي ويندو آهي. هي ناوليٽ بلڪل اهڙو ئي آهي. ٻار نه رڳو ان کي پڙهندا آهن، پر اُن ڪھاڻيءَ جي سادگي، دلچسپي ۽ جذباتيت ڪري، ان سان جُڙي به ويندا آهن. ايل، بيل ۽ ٽيل نه رڳو ٻارن لاءِ هڪ ڀلوڙ ناوليٽ آهي، پر والدين لاءِ اطمينان جو باعث، اُستادن لاءِ تربيتي مواد، ڪتب خانن لاءِ هڪ سُھڻو واڌارو، ٻارڙن جي محفلن لاءِ هڪ سُھڻي سوکڙي ۽ ٻارن جي اخلاقي تربيت جو هڪ اثرائتو ذريعو آهي. لاريب مطصفيٰ نه رڳو هڪ سگھاري ٻالڪ ليکڪا آهي، پر پنھنجي دؤر ۽ پنھنجي ٽھِيءَ جو هڪ نمائندو آواز آهي. هن ثابت ڪيو آهي، ته ٻارن جو ادب تخليق ڪرڻ لاءِ سادگي گھرجي، محبت گھرجي، مشاهدو گھرجي، اخلاقي بصيرت گھرجي، سماجي ساڃاهه گھرجي ۽ سڀ کان وڌيڪ ٻارن سان دل جو رشتو گھرجي. لاريب مصطفيٰ دل جو اهو رشتو دل سان نڀايو آهي. تنھنڪري ٻارن هن ناوليٽ کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن. هي ناوليٽ سندس پھرين وڏي ڪوشش ئي ناهي، پر سندس روشن ادبي سفر جي پھرين سگھاري وِکَ پڻ آهي.***


 

فائزه پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

لالچ بُري بلا آهي

لالچ سان انسان بري نيت وارو بنجي وڃي ٿو. لالچ سان انسان جو دين به بگڙي وڃي ٿو. هڪ ڀيري هڪڙو ڪتو وڃي رهيو هو، ان جي وات ۾ هڏو هو. هن جو پاڻي پيئندي پاڻيءَ ۾ پنھنجو پاڇو ڏٺو، ته هن سوچيو ته پاڻيءَ ۾ هڪ ٻيو ڪتو به موجود آهي ۽ ان جي وات ۾ پڻ هڪ هڏو به آهي. هن جي دل ۾ لالچ ٿي، ته ڇو نه هن ڪُتي جو به هڏو هٿ ڪريان.

پوءِ جيئن ئي پنھنجي هڏي کي پاسي تي رکڻ لاءِ چڪ مان جيئن ئي ڪڍيو، ته هڏو وڃي پاڻيءَ ۾ ڪريو ۽ وڃائجي ويو. اُتي هٿ مليندو رهجي ويو. هڪ به ويس ته ٻه به.

سبق:

پيارا ٻارؤ! هن ڪھاڻيءَ مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو، ته ڪنھن به ڪم ۾ لالچ نه ڪرڻ گھرجي. ربّ پاڪ جو جيڪو نصيب مليل آهي، ان ۾ شڪر ڪري ويھي رهجي. گھڻي جي لالچ ڪبي، ته هڪ ويندو هليو ته ٻه به.  ان ڪري لالچ نه ڪرڻ گھرجي.

 

***

گذارش

چيو وڃي ٿو ته هر اديب جي ادب جو سفر ننڍپڻ کان شروع ٿئي ٿو. ان ڪري ٻاراڻو ادب  بنيادي حيثيت رکي ٿو. جنھن کي جيڪڏهن نظر انداز ڪيو ويو، ته ادب اڳتي واڌ ويجھه نه ڪندو. ان ڪري منھنجي سنڌي ادب لاءِ جاکوڙيندڙ، سنڌي ادب لاءِ لکندڙ ۽ پڙهندڙن سڀني کي عرض آهي، ته ٻارن جي ادب لاءِ ٿوري اڃان ڪوشش ڪريو. ڇو ته هن وقت سنڌ جو ٻاراڻو ادب ڪافي ڪمزور ٿي چڪو آهي.  خاص طور تي گُل ڦُل لاءِ جاکوڙيندڙ پراڻا لکندڙ دوست، جن ۾ محترم بيخود بلوچ، غفار احمد لغاري، عبيدالله پڙهيار، گلشن سنڌو، ناهيد سحر منگي، منظور علي، پيارو عباسي، ملھار سنڌي، ۽ شگفته شاهه وغيره. جن کي خاص گذارش آهي، ته گُل ڦُل جي واڌ ويجھه لاءِ وڌ کان وڌ پاڻ پتوڙين. کين ڪنھن قسم جي مشڪلات يا رهنمائي جي ضرورت ٿئي، ته اهي بنا هٻڪ جي سڌو سنئون اداري سان لھه وچڙ ۾ اچن.

امر ادريس درس

ميرپورخاص

***

محترم ايڊيٽر صاحب السلام عليڪم اُميد ته اوهان خيريت سان هوندا. محترم ٻاراڻي ادب ۾ اسان جي هن چنڊ جيان چمڪندڙ رسالي گُل ڦُل جو جيڪو ڪردار رهيو آهي، اهو قابلِ تعريف آھي. سنڌي ادبي بورڊ جو هيءُ قيمتي بي بھَا ڄاڻ ۽ کاڻ سان ڀريل رسالو آهي. هن ۾ ٻارڙن توڙي وڏن جي شاعري، مضمون، ڪھاڻيون، تصويري گيلري ۽ ٻيا ڪافي سلسلا بھترين آهن. جنھن مان اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۽ مدرسن جا شاگرد، وڏا توڙي ننڍا مرد ۽ عورتون مطلب ته علم سان چاهه رکندڙ اسان جا سنڌي ڀائر ڀينر ڪافي سارو لاڀُ پرائي رهيا آهن ۽ مان ربّ پاڪ جو ان تي شڪر ڪريان ٿو، ته اسان جي ننڍڙي ڳوٺ (چنيھاڻي) ۾ عثمانيه لائبري آهي. جنھن جو سنڀاليندڙ معزز سائين محمد عثمان عباسي آهن. جتي هيءُ رسالو ۽ ٻيا ڪافي سارا رسالا ۽ ڪتاب پڻ موجود هوندا آهن. ڪنڊيارو ۽ پري پري جي شھرن ڳوٺن کان علم جا پياسا هن لائبريري ۾ پنھنجي اُڃَ اُجھائڻ ايندا آهن. اسان جو هيءُ گُل ڦُل رسالو جتي سنڌي ادب کي معياري ٻاراڻو ادب ڏئي رهيو آهي، اُتي اسان جي نَوَن شاعرن، مضمونن، ڪھاڻين ۽ خط لکندڙن جي همٿ افزائي پڻ ڪري رهيو آهي. اُميد ته اوهان هن ٻاراڻي ادب جي سفر کي جاري و ساري رکندا ايندا.

محترم ايڊيٽر مان گُل ڦُل لاءِ مواد لکِي موڪليندو آهيان. (الحمد لله ڪافي مواد شايع ٿيو آهي. پر اڃا ڪجھه شايع نه ٿيو آهي، انجو انتظار آهي.) هن دفعي به مواد اسلام ۾ چنڊ سان اسان جا ڪھڙا تعلقات وابسته آھن؟ ۽ ٻارڙن جون تصويرون موڪلي رهيو آهيان، اُميد ته اڳي جيان سُٺي موٽ ملندي.

مقبول احمد عباسي

عثماينه لائبريري چنيهاڻي ڪنڊيارو/ نوشھرو فيروز

***


 

 


 

 


 

 

لطيفي لات جو نتيجو

جنوري 2026ع جي ماهوار شماري ۾ لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيتسُر يمن جي داستان پھرئين جو چوٿون نمبر بيت آھي.

بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:

تون ئي منھنجو سڄڻ آهين ۽ تون ئي منھنجو حڪيم (حاذق) آهين. منھنجي سڀني بيمارين جي دوا دارون به تون پاڻ آهين. اي ڏاتار (ڏيندڙ) تون ئي اهي (مرض جون) تڪليفون ڏئين ٿو ته وري انھن بيمارين تان تڪليفون لاهڻ وارو به تون ئي آهين. اي مالڪ سائين اهي دوائون (ستيون ڦڪيون) تڏهن ٿيون اثر ۽ فائدو ڪن جڏهن انهن کي تنهنجو اهڙو حڪم ٿئي ٿو.

بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:

*ادنان علي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول آراضي سيوھڻ

*ڪونين زهريٰ: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي سيوهڻ

*شهزاد لاکو: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول هالا نوان

*محمد ايان ڀٽي: ڪلاس ٻيو گريٽ پاڪستان چلڊرين اڪيڊمي حيدرآباد

*ام حبيبه: ڪلاس ڇھون، مريم ايليمينٽري اسڪول حيدرآباد

*آسيه غفور چانڊيو: ڪلاس ڏهون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز

*صفي الله سومرو: ڪلاس ستون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز

*محمود سومرو: ڪلاس ٽيون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول، ٺارو شاهه، ضلع نوشھروفيروز

*زڪيه جمالي: ڪلاس پنجون گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ علي محمد جمالي

*مريم لاکو: اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا نوان

*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن دادو

*احسان جمالي : ڪلاس چوٿون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ پاهڙ خان جمالي

*مريم جاويد: اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا نوان

بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
محمد ايان ڀٽي جو ڪُڻو نڪتو آھي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران
گُل ڦُل رسالي جي ڪاپي موڪلجي ٿي. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org