سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل فيبروري  2026ع

باب:

صفحو:2 

رحيم حسين عمراڻي

سچائي ۽ ايمانداري

هڪ ڳوٺ ۾ ٻه دوست رهندا هئا. جيڪي غريب هوندا هئا ۽ هنن جو ڪو به ڪاروبار نه هو. ان جي ڪري هي ٻئي دوست ڳوٺ جي پاسي ۾ هڪ جھنگ مان ڪاٺيون وڍيندا هئا ۽ انھن کي شھر ۾ وڪڻي گذارو ڪندا هئا.

هڪ ڀيري انھن مان هڪ دوست بيمار ٿي پيو. ٻيو دوست اڪيلو جھنگ مان ڪاٺيون ڪرڻ ويو. ڪاٺيون ڪندي ڪندي درياءَ جي پاسي ۾ وڻ وڍي پيو، ته اتي هن جي ڪھاڙي پاڻي ۾ ڪري پئي، جنھن لاءِ هو روئڻ لڳو. منھنجي ڪھاڙي پاڻيءَ ۾ ڪري پئي ۽ هاڻ آءٌ ڪاٺيون ڪيئن وڍيندس! مون وٽ ايترا پئسا به ناهن جو آءٌ نئين ڪُھاڙي وٺي سگھان. اُتي اوچتو پاڻيءَ مان هڪ پَرِي نڪري آئي ۽ هن کان پڇا ڪرڻ لڳي، ته تون ڇو پيو روئين؟ ته هن ان پريءَ کي سڄي ڳالھه ڪري ٻڌائي.

ان پَرِيءَ هن کي پاڻي مان هڪ سون جي ڪُھاڙي ڪڍي ڏيکاري ۽ هن کان پڇا ڪئي، ته ڇا هيءَ تنھنجي ڪُھاڙي آهي؟ ته هن ڇوڪري چيو، ته نه هي منھنجي ڪُھاڙي نه آهي. اُن پَرِيءَ وري هن کي چاندي جي ڪُھاڙي ڪڍي ڏيکاريندي چيو، ته ڇا هيءَ تنھنجي ڪُھاڙي آهي؟ ته هن وري چيو، ته نه هيءَ به منھنجي ڪُھاڙي نه آهي. ته ان پَرِيءَ وري هن کي سندس اصل ڪُھاڙي جيڪا پاڻي ۾ ڪِري پئي هئي، اها ڪڍي هن کي ڏيکاريندي پڇيو، ته ڇا هيءَ تنھنجي ڪُھاڙي آهي؟ ته ان ڇوڪري سندس ڪُھاڙي کي ڏسندي ئي چيو ته ها اها ئي منھنجي ڪُھاڙي آهي. پري هن جي ايمانداريءَ کي ڏسندي، هن کي سندس ڪُھاڙيءَ سان گڏ، سون ۽ چاندي واريون ڪُھاڙيون به انعام طور ڏنيون ۽ هي خوش ٿي، ڪاٺيون ڪري واپس گھر لاءِ روانو ٿي ويو. گھر ويٺل سندس بيمار دوست هن وٽ ايتريون ڪُھاڙيون ڏسندي، حيران ٿي ويو ۽ هن کان پڇيائين، ته تو هي ايتريون ڪُھاڙيون ڪٿان آنديون هيون. مون هي ٻئي ڪُھاڙيون هڪ پرِيءَ کان ورتيون آهن ۽ پوءِ هن کي سڄي ڳالھه ڪري ٻُڌايائين ته هي دل ئي دل ۾ لالچ ۾ اچي ويو.

ٻئي ڏينھن هن جو دوست تيار ٿي ساڳي جاءِ تي وڃي ڪُھاڙي پاڻي ۾ اڇلائي روئڻ لڳو، ته اها ساڳي پري پاڻيءَ مان نڪري آئي ۽ هن کان پڇيائين، ته تون ڇو روئي رهيو آهين؟ ان تي هن لالچي ڇوڪر چيو، ته منھنجي ڪُھاڙي پاڻيءَ ۾ ڪري پئي آهي. ان ڪري روئي رهيو آهيان. اتي پَرِي وري ساڳيءَ طرح ٽُٻِي ڏئي ڪري سوني ڪُھاڙي اندران ڪڍي آئي ۽ هن کان پڇيائين، ته ڇا هي ڪُھاڙي تنھنجي آهي؟ ته ان تي ان لالچي ڇوڪر چيو، ته ها! اها ئي منھنجي ڪُھاڙي آهي. ته ان تي پَرِيءَ هن کي چيو ته تون لالچي انسان آهين! هتان هليو وڃ.

ائين لالچ ڪري هن پنھنجي اصلي ڪُھاڙي به وڃائي پوءِ  واپس اچي گھر ڀيڙو ٿيو.

ايم. ايس. نارو

پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

تعليم جي وڏائي

پراڻي زماني جي ڳالھه آهي، ته هڪ بادشاهه هوندو هو. جنھن کي ربّ تعاليٰ هيرن جواهرن، سون چاندي ۽ مال ملڪيت سان مالا مال ڪري ڇڏيو هو. هو تمام وڏي رياست جو مالڪ هو. ان جي رياست ۾ هڪ غريب ڪنڀار رهندو هو. جيڪو محنت مزدوري ڪرڻ کان پوءِ به مس ٻه وقت جي ماني جو بندوبست ڪري سگھندو هو.

غريب ڪنڀار هڪ ڏينھن اڪيلو ويٺو هو، ته ان کي هڪ سوچ آئي ته منھنجي ملڪ جو بادشاهه وڏو رحمدل ۽ سخي انسان آهي، ڇو نه ان وٽ وڃي هڪ گڏهه وٺي اچانس. جنھن سان مون کي بار کڻڻ ۽ ان تي ٻيو سامان وغيره وڪڻي اچڻ ۾ آساني پئدا ٿي ويندي. ٻئي ڏينھن صبح جو سوير ڪنڀارُ، بادشاهه وٽ ويو ۽ ان کي پنھنجو سارو قصو ٻڌايو.

بادشاهه تمام گھڻو رحمدل هو. ان ڪنڀار کي تمام بھترين گڏهه ڏيڻ لاءِ پنھنجي وزير کي حڪم ڪيو. وزير حڪم موجب ڪنڀار کي هڪ بھترين گڏهه ڏنو. ڪنڀار گڏهه ڪاهي پنھنجي گھر موٽي آيو. ڪجھه ئي ڏينھن کان پوءِ هن کي پنھنجي ڪم ۾ تمام گھڻو واڌارو ٿيو ۽ هو پنھنجي زندگي خوشيءَ سان گذارڻ لڳو ۽ پڻ ٻه ٽي مزدور به پاڻ وٽ رکيا. ڪنڀار پنھنجي آسي پاسي جي واپارين جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻي ترقي ڪئي ۽ ان جو نالو هاڻي وڏن وڏن واپارين ۾ ليکجڻ لڳو.

ڪجھه ڏينھن گذرڻ کان پوءِ ڪنڀار جو اهو گڏهه مري ويو. ڪنڀار کي پنھنجي گڏهه جي مرڻ جو تمام گھڻو ڏک ٿيو ۽ ٿيڻ به گھرجي، ڇو ته اُن ڪنڀار صرف ان گڏهه جي ڪري ئي پنھنجي زندگيءَ کي آسان بڻايو هو. ڪنڀار پنھنجي ڪم کي بند ڪري گھر ۾ ڏک ڪري رهيو هو، ته هڪ ڏينھن ان جو دوست آيو، جيڪو وڪيل هو. جنھن سان ڪنڀار پنھنجو ننڍپڻ ۽ جواني گذاري هئي. ڪنڀار جي اهڙي حالت ڏسي ان کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ پوءِ حال احوال ورتائينس ته تو پنھنجو اهڙو حال ڇو ڪيو آهي؟ تڏهن ڪنڀار کيس جواب ڏنو، ته منھنجو سھارو منھنجو همدم گذاري ويو آهي. ان ڪري وڪيل به سوچيو، ته هن سان منھنجن ڀائرن جھڙو رشتو آهي. اسان ٻئي هڪٻئي جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ هوندا هئاسين. اڄ منھنجي دوست کي ڏک رسيو آهي، ته مون کي به ڏک ملھائڻ گھرجي. وڪيل به پنھنجي آفيس بند ڪري گھر ويھي ڏک ملھائڻ لڳو. وڪيل جي وري بادشاهه جي وزير سان سنگت هئي. جڏهن وزير ڪجھه ڏينھن کان وڪيل کي نه ڏٺو، تڏهن وزير وڪيل سان ملڻ سندس گھر هليو ويو. وزير وڪيل کي چيو، ته ڏي خبر تو پنھنجي اھڙي حالت ڇو ڪئي آهي؟ تڏهن وڪيل چيو ته منھنجو سھارو منھنجو همدم مري ويو آهي، تنھنڪري آءٌ ڏک ملھائي رهيو آهيان.

وزير به سوچيو ته شايد وڪيل جو پٽ مري ويو آهي ۽ وڪيل منھنجي ڀاءُ جھڙو آهي، مون کي به هن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ گھرجي. وزير به گھر وڃي ڏک ملھائڻ لڳو. جڏهن ٻه ٽي ڏينھن  گذريا، بادشاهه سلامت وزير کي نه ڏسي هن سان ملڻ سندس گھر هليو ويو، گھر پھچي وزير کان حال احوال ورتائين. وزير به اها ساڳي ڳالھه ڪيس، جيڪا ڪنڀار وڪيل سان ڪئي، وڪيل وزير سان ڪئي. بادشاهه سلامت به سوچيو ته وزير جي ڏک ۽ درد ۾ شامل ٿجي، تنھنڪري هو به پنھنجي محل ۾ وڃي سوڳ ڪرڻ لڳو ۽ ان کان پوءِ بادشاهه جي راڻي به ساڳيو عمل شروع ڪيو.

ان کان پوءِ سندن ڌيءَ به آئي، جيڪا هڪ پڙھيل لکيل ڇوڪري هئي. ان به پنھنجي ماءُ کان پڇا ڪئي، ته امان تنھنجو همدم ۽ سھارو آهي ڪير؟ جيڪو گذاري ويو آهي؟  تنھن تي ماڻس جواب ڏنس، ته اها مون کي ڪھڙي خبر، اها وڃي پڻھي کان پڇ اهو ڏک ملھائي رهيو هو، ته سوچيم ته مان به غم ۾ شريڪ ٿي ٿيان. بادشاهه جي ڌيءَ وري پڻس وٽ آئي. ان کان پڇيائين ته بابا آخر تنھنجو همدم ۽ سھارو ڪير آهي؟ جيڪو گذاري ويو آهي؟ هن جواب ڏنو، ته مون کي ڪھڙي خبر اها هلي وزير کان پڇا ڪجي، اهو غم ملھائي رهيو هو. سوچيم ته مان به هن جي غم ۾ شريڪ ٿيان. آخرڪار وزير کي گھرائي پُڇا ڪئي وئي، ته وزير به ساڳيو جواب ڏنو. پوءِ وڪيل کي گھرايو ويو. وڪيل کان پڇا ڪئي وئي، ته تنھنجو همدم ۽ سھارو ڪير آهي؟ جنھن جو ڏک ملھائي رهيو هئين. وڪيل چيو ته مون کي ڪھڙي خبر! اهو ته منھنجو دوست ڪنڀار غم ملھائي رهيو هو! سو سوچيم ته آءٌ به غم ۾ شريڪ ٿيانس.

آخرڪار ڪنڀار کي گھرائي پڇا ڪئي وئي، ته تنھنجو همدم ۽ سھارو ڪير آهي؟ جنھن جو ڏک ۽ غم ملهائي رهيو آهين! تنھن تي ڪنڀار چيو، ته بادشاهه سلامت مون کي جو اوهان هڪ گڏهه ڏنو هو، اهو مري ويو آهي. ان جي ڪري ئي مون کي مال ملڪيت نصيب ٿي هئي. تنھنڪري ان گڏهه جو ڏُک ملھائي رهيو آهيان.

جڏهن بادشاهه سلامت اهو ٻڌو ته تپي باهه ٿي ويو ۽ انھن ٽنھين کي سخت سزا ڏنائين. شابس هجي، اُن پڙهيل ڇوڪريءَ کي جنھن اچي پُڇا ڪرائي. جيڪڏهن اها پڙھيل لکيل نه هجي ها، ته اهو ڏک جو سلسلو جاري رهي ها.

آمنه ناريجو (ڪلاس ڇھون) پبلڪ اسڪول/ ميرپورخاص

لالچ بُري بلا آهي

هڪڙو ماڻھو هوندو هو، جيڪو پنھنجن مائٽن سان ملڻ پيو ويندو آهي. رستو وڏو ۽ ڏکيو هوندو آهي. وچ ۾ جھنگ به هوندو آهي. اهو ماڻھو ٿڪجي پوندو آهي ۽ هڪ وڻ هيٺان سُمھي رهندو آهي. جڏهن اُٿندو آهي، ته هن کي ڏاڍي بُک لڳندي آهي ۽ هن جي نظر وڃي هڪ بزرگ ماڻھوءَ تي پوندي آهي. هو بزرگ کي چوندو آهي، ته مون کي تمام گھڻي بُک لڳي آهي. جيڪڏهن توهان  وٽ ڪجھه کائڻ لاءِ هجي، ته مون کي ڏيو.

بزرگ جواب ڏنو، ته مون وٽ اُٺ جو کير ۽ ڊبل روٽي آهي. اهو شخص چوندو آهي، ته مون کي ڏيو ته آءٌ کانيان. بزرگ هن کي ڏسندو آهي ۽ چوندو آهي، ته ڊبل روٽي تون کڻُ آءٌ اُٺ جو کير کڻي اچان ٿو.

اهو ماڻھو ڏسڻ ويندو آهي، ته بزرگ ماڻھو ڪيئن ٿو اُٺ جو کير ڏُهي؟ اُتي ڏسندو آهي، ته بزرگ وٽ، ته  40 اُٺ گاڏا سون سان ڀريل آھن. اهو شخص سوچيندو آهي، ته بزرگ جا سونَ جا ڀريل اُٺ هٿ ڪجن. پوءِ چوندو آهي. بزرگ سائين توهان هي سڀئي اُٺ سنڀالي نه سگھندؤ ۽ هنن مان پنج اُٺ مون کي ڏيو!!

اهو ماڻھو پنج اُٺ هن کي ڏيئي پنھنجا اُٺ وٺي اڳتي نڪرندو آهي تڏهن هن کي وري خيال آيو، ته هن کان پنج اُٺ ٻيا گھران! هي شخص بزرگ کي وري چوندو آهي، ته توهان مون کي پنج اُٺ ٻيا به ڏيو.

بزرگ ڏئي ڇڏيندو آهي. ان ماڻھو کي وري خيال ايندو آهي، ته جڏهن بزرگ مون کي ڏهه اُٺ ڏئي ڇڏيا آهن، ته ڏهه اُٺ ٻيا به ڏيندو. ائين ڪندي هن کي لالچ وڌيڪ ٿيندي آهي ۽ بزرگ کي التجا ڪندو آهي، ته توهان جڏهن مون کي ويھه اُٺ ڏئي ڇڏيا آهن، ته توهان باقي ويھن اُٺن کي ڇا ڪندا؟ اهي به مون کي ڏئي ڇڏيو.

بزرگ پنھنجي کيسي مان هڪ دٻي ڪڍندو آهي  ۽ اُن کي ڏسي واپس رکي ڇڏيندو آهي ۽ اهو شخص بزرگ کي لالچي انداز سان ڏسندي چوندو آهي، ته سائين اها دٻي به مون کي ڏئي ڇڏيو. بزرگن ۽ ولين کي دنيا جي ڪابه لالچ نه هوندي آهي  ۽ دٻيءَ جو راز به مون کي ٻڌايو.

بزرگ چيو، هن ۾ هڪ قيمتي سُرمو آهي ۽ هن سُرمي کي کاٻي اَکِ ۾ پائڻ سان دنيا جو سڄو سون نظر ايندو آهي، چاهي جٿي به هجي.

هن لالچي انسان کي دل ۾ لالچ پئدا ٿي، ته هن دٻيءَ کي ڪيئن به ڪري حاصل ڪريان.  بزرگ کي التجا ڪندو آهي، ته هي دٻي مون کي ڏيو. بزرگ هن کي هي دٻي به ڏيندو آهي، ته ماڻھو دٻي کڻي اُتان هليو ويندو آهي. بزرگ چوندو آهيس، ته هي منھنجا اُٺ به کڻي وڃ.

بزرگ خالي هٿين هليو ويندو آهي. ماڻھو جي دل ۾ خيال ايندو آهي، ته جڏهن هڪ اکِ ۾ وجھڻ سان سڄي دنيا جو سونُ نظر اچي ٿو، ٻنھي اکين سان ته الائي ڇا نظر ايندو! اهو سوچي لالچي انسان ٻنھي اکين ۾ سرمو وجھندو آهي، ته هو ٻنھي اکين کان انڌو ٿي ويندو آهي.ان کان پوءِ هو پنڻ لڳندو آهي، جيڪو هن کي خيرات ڏيندو آهي، ته کيس اهو به چوندو آهي، ته مون کي مٿي ۾ جُوتا به هڻو!!

هڪ ڏينھن بادشاهه کي خبر پوندي آهي، ته بادشاهه هن کي پاڻ وٽ گھرائي چيو، ته پاڻ کي ڇا لاءِ ٿو جوتا هڻائين؟ ته اُتي هي لالچي انسان سڄو قصو بادشاهه سلامت کي ڪري ٻُڌائيندو آهي.

بادشاهه سلامت ڳالھه ٻُڌي حيران ٿي ويندو آهي ۽ اهو سڄو قصو سوني اکرن سان لکرائي، پنھنجي شاهي محل ۾ رکائي ڇڏيندو آهي، ۽ تختيون ٺھرائي مُلڪان ملڪ موڪليندو آهي. اڄ اوهان جي به هٿن ۾ آهي! ان تي بادشاهه سلامت ان لالچي انسان کي چوندو آهي، ته  تون اڄ کان پوءِ منھنجي درٻار ۾ رهندين ۽ آءٌ توکي هر شيءِ پيو ڏيندس.

پيارا ٻارؤ! هن ڪھاڻي مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو، ته اسان کي ڪنھن به ڪم ۾ گھڻي لالچ نه ڪرڻ گھرجي. لالچ خوار خراب ڪندي آهي.ڇو ته لالچ بُري بلا آهي.
 

رضوان گرگيج

پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

فطرت

هڪڙي ڏينھن صبح جو سوير هڪ هاري پنھنجي ٻنيءَ ڏانھن وڃي رهيو هو، ان ڏٺو ته هڪ نانگ روڊ تي پيو آهي. هن هاريءَ کي رحم اچي ويو ڇو، ته انسانذات کي رحم ته ايندو نه!

پوءِ هن هاريءَ ڇا ڪيو جو نانگ کي کڻي پنھنجي ٽوڪريءَ ۾ وجھي، گھر ڏانھن روانو ٿيو. گھر ۾ وڃي هڪڙي ڪنڊ ۾ وڃي رکيائينس، ته پوءِ ٿو هيڏانھن هوڏانھن ڪريانس.

پوءِ ڇا ٿيو، ته هن جو ننڍڙو ڇوڪرو راند کيڏندو کيڏندو وڃي، ٽوڪريءَ سان ٽڪرايو ته ٽوڪريءَ جو ڍڪُ لھي ويو ۽ نانگ ٻاهر نڪرڻ لڳو! پوءِ جو نانگ جيئن ئي ٻاهر نڪتو، ته ٻار کي ڏنگڻ جي ڪوشش ڪيائين. ڇو ته نانگ ڇا ڪري نانگ ۽ انسان جي ڪڏهن ٺھِي ئي ڪونه.

نانگ جيئن ئي ٻار کي چڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هاريءَ لٺ کڻي هنيس. ته اُتي ئي مري ويو. تڏهن چيو ويندو آهي، ته Nature can not be change ”فطرت ڪڏهن به بدلجي نه سگھندي. ان ڪري پنھنجي زندگيءَ ۾ ڏسي وائسي هلڻ گھرجي.

اقصيٰ موسيٰ لغاري/پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

ڪاميابي

هي ڪھاڻي ٽن دوستن جي آهي جيڪي هڪ ئي اسڪول ۾ پڙهندا هئا. جنھن مان هڪ جو نالو وڪرم، ٻئي جو آڪاش ۽ ٽئين جو نالو موهن هو. انھن ٽنھين ۾ آڪاش سڀني کان وڌيڪ غريب ۽ هوشيار هو،  پر تڏھن به ان جي ذهن ۾ صرف اهو ئي هو، ته مون کي ڪاميابي حاصل ڪري پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ  جو نالو روشن ڪرڻو آهي. جڏهن ته ان جا ٻيا دوست وڪرم ۽ موهن امير هوندا هئا. پر پڙهائيءَ ۾ ڪمزور هوندا هئا. جنھن ڪري اهي ھر روز اسڪول ۾ اُستاد جا دڙڪا پيا کائيندا هئا. آڪاش غريب هوندو هو. ان وٽ ڪتابن ۽ پينسل جا پئسا به مس هوندا هئا ۽ ڦاٽل ڪپڙا هوندا هئس، پر هو انھن ڪپڙن ۾ شرم محسوس نه ڪندو هو، ته ماڻھو کلندا يا ڇا چوندا! انھيءَ ڳالھه جي هن کي ڪا به پريشاني نه هوندي هئي. صرف پڙهائيءَ تي توجھه ڏيندو هو. ان جا ماءُ  ۽ پيءُ خواب سجائي ويٺا هئا، ته اسان جو پٽ هڪ ڏينھن ڪاميابي ضرور حاصل ڪندو ۽ اسان جا ڏکيا ڏينھن نيٺ ختم ٿيندا ۽ پوءِ جلد ئي اسان جي سُکن جا ڏينھن اچي ويندا. ان ڪري هو تمام گھڻي محنت ڪندو هو ۽ پنھنجي ڪاميابيءَ جي طرف وڌندو رهيو ۽ ان هڪ ڳالھه سوچي ڇڏي، ته ڪاميابي هميشه سُٺي سوچ، ڪردار ۽ سخت محنت سان ئي حاصل ڪري سگھجي ٿي. اسان جي زندگيءَ جو مقصد ئي هڪ آهي، ته تون ڪامياب ٿي پوءِ هن هڪ وڏو امتحان پاس ڪيو. ڊاڪٽريءَ جو هن جي ماءُ ۽ پيءُ جيئن تيئن موهن کي پڙهايو، آخرڪار هن پنھنجي منزل ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. ڏکن ۽ ڏوجھرن کان پوءِ اهي نيٺ خوشحال ٿي ويا.

پيارا ٻارؤ! اسان کي هن ڪھاڻيءَ مان اهو سبق ملي ٿو، ته زندگيءَ ۾ ڪيڏا به ڏک ۽ ڏوجھرا اچن، تڏهن به اوهان جي ذهن ۾ صرف پنھنجي ڪاميابيءَ جي ئي سوچ هجي، ته اسان کي ڪاميابي حاصل ڪري پنھنجي معاشري جي لاءِ هڪ مثال قائم ڪرڻو آهي، ڇو ته زندگيءَ جو مقصد ئي ڪاميابي حاصل ڪرڻ آهي.

***

عابد علي جوڻيجو (پبلڪ اسڪول/ميرپورخاص)

اخلاق ۽ ادب

اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ ماڻھو هو، اهو وڏو اخلاق ۽ ادب وارو هو. پر اهو غريب هو، ٻيو ماڻھو امير هو، اهو ڏاڍو بي ادب هوندو هو. ان ۾ اخلاق نه هو، تنھنڪري سڀ ماڻھو هن غريب ماڻھو  کي پسند ڪندا هئا. اهو امير شخص هميشه غريب سان حسد رکندو هو. ڇو ته سڀ ماڻھوءَ هن غريب کي پسند ڪندا هئا. پاڻ سڳوراﷺوڏي اخلاق ۽ ادب سان پيش ايندا هئا. چاهي اڳلو ننڍو هجي يا وڏو. تنھنڪري اسان کي به اخلاق ۽ ادب سکڻ گھرجي.  ڀلي ماڻھو ڪيتري به محنت ڪري پر ان ۾ اخلاق ۽ ادب نه هوندو  ته اهو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگھندو. 

ارباب ياسر نھڙي (ڪلاس ڏهون) پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي

هي ڳالھه آهي هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ ڪجھه ماڻھن جي، جيڪي شھر وڃڻ لاءِ هڪ ڍنڍ ڪراس ڪري، پوءِ ويندا هئا. هڪ ڏينھن ڪجھه ڳوٺاڻا ڪنھن ڪم جي لاءِ  شھر وڃي رهيا هئا. جڏهن هو هڪ ٻيڙيءَ تي چڙهي ڍنڍ ڪراس ڪرڻ لڳا، ته اچانڪ طوفان جو ماحول ٿيڻ لڳو. هڪ همراهه جو سامان وڌيڪ هو. تڏهن انھن ڳوٺاڻن سوچيو، ته ڇو نه پاڻ انھيءَ همراهه کي لاهي هڪڙي ڪناري تي ڇڏيون ته جيئن ٻيڙيءَ تان بار هلڪو ٿئي. سڀ راضي ٿي ويا ۽ ان همراهه کي لاهڻ لاءِ بھانو سوچيائون ۽ انھيءَ کي وچ تي لاھي پاڻ اڳتي هلي ويا.

اهو همراهه رات جو اڪيلو ۽ ٻيو وري ڍنڍ تي، آخرڪار ان همراهه اها رات ته وچ ڍنڍ تي گذاري، پر جڏهن صبح ٿي، ته واپس وڃڻ لاءِ  ڪوشش ڪرڻ لڳو، ته انھي کي هڪ ڳالھه ياد آئي ته ڇو نه آءٌ ڪاٺيون گڏ ڪري پٿرن ذريعي انھن کي باهه ڏئي دونھون ڪريان ته شايد ڳوٺ جا ماڻھو ڏسي ٻيڙيءَ ذريعي مدد ڪرڻ اچن.

ايتري ۾ ڪجھه ماڻھو شھر کان ڳوٺ وڃي رهيا هئا ۽ انھن وٽ چار ٻيڙيون هيون جڏهن ته ماڻھو گھٽ هئا، ته انھن ماڻھن انھي همراهه کان پڇيو، ته تون هتي اڌ ڍنڍ تي اڪيلو ڇا پيو ڪرين؟ جڏهن ان همراهه انھن ٻيڙي وارن جي باري ۾ ٻُڌايو، ته انھن چيو ته جيڪي پٺيان ٻه ٻيڙيون آهن، اهي رات وارا ماڻھو هئا. جيڪو تيز طوفان اچڻ ڪري ٻيڙي اُٿلي پئي ۽ اهي ماڻھو مري پيا ۽ اسان انھن جي لاشن کي ڳوٺ کڻي پيا وڃون.  تڏهن هن سوچيو، ته جيڪڏهن رات مون کي ٻيڙيءَ مان نه لاهين ها، ته شايد اڄ اهو ڪونه ٿئي ها.

پيارا ٻارؤ! اسان کي هن ڪھاڻي مان اهو سبق سکڻ گھرجي، ته ڪڏهن به ڪنھن سان غلط نه ڪرڻ کپي، ڇو ته جھڙو انسان پوکيندو سو ئي لُڻندو، تنھنڪري ته وڏا چوندا آهن، ته:

جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي،

جھڙي نيت تھڙي مراد.

***

عبدالواسع ٻگھيو (پبلڪ اسڪول) ميرپورخاص

صحت خدا جي نعمت

هڪ وقت جي ڳالھه آهي، ته هڪڙي ڇوڪري کي پيزا ۽ برگر کائڻ جو وڏو شوق هوندو هو. چوندو هو، ته هر شيءِ مون کي گھر ويٺي ملي وڃي. پيزا ۽ برگر آنلائن گھرائيندو هو. صبح هجي يا شام يا وري رات، ٽئي وقت پيزا ۽ برگر کائيندو هو. هڪڙي ڏينھن هن جي طبيعت خراب ٿي پئي. هو ڊاڪٽر وٽ ويو. ڊاڪٽر هن کان پڇيو، ته تون ڇا کائيندو آهين؟ ڇوڪري چيو، ته مون کي پيزا ۽ برگر جام وڻندا آهن، تنھنڪري بس اهي ٻه شيون جام کائيندو آهيان.

ڊاڪٽر چيو، ته تون چريو ته نه آهين؟ تون صرف هي ٻه شيون کائيندو آهين!؟ توکي آءٌ هڪ مشورو ٿو ڏيان تون صرف ميوا ۽ ڀاڄيون کائيندو ڪر. تنھنجي طبيعت بلڪل ٺيڪ ٿي ويندي. هو گھر وڃڻ کانپوءِ رڌڻي ۾ ويو ۽ سُٺيون سُٺيون ڀاڄيون ٺاهي کائڻ شروع ڪيون. هن جي طبيعت ٺيڪ ٿي وئي. تنھنڪري چوندا آهن، ته ٻاهر جون تريل شيون وغيره نه کائو. گھر جون ٺھيل ڀاڄيون کائيندا، ته اوهان صحتمند رهندا. صحت خدا جي نعمت آهي ان جو قدر ڪريو.
 

مولچند ڪمار (ڪلاس ڇھون) پبلڪ اسڪول ميرپوخاص

هڪ بُکايل شينهن

هڪ وقت جي ڳالھه آهي، ته هڪ جھنگ ۾ طاقتور شينھن رهندو هو. جنھن کان سڀئي جانور گھڻو ڊڄندا هئا. هڪ ڏينھن شينھن ڪاوڙ ۾ اچي جھنگ جا ڪيترائي جانور ماري وڌا، تنھنڪري جانورن سوچيو ته شينھن کان بدلو وٺجي.

هڪ ڏينھن شينھن جھنگ جي وچ مان گذري رهيو هو، ته ان کي هڪ چالاڪ سھو مليو. شينھن ڪاوڙ ۾ اچي سھي کي چيو، ته آءٌ شام جو تو وٽ ايندس ۽ توکي کائيندس، تون تيار رهج. سھو پريشان ٿي ويو، ته شام جو شينھن مون کي کائڻ ايندو، وڃ مري ويس هاڻ ته.

هوڏانھن شام ٿي، ته شينھن سَھي ڏانھن روانو ٿيو. شينھن ڏٺو، ته سھو ته آهي ئي ڪونه. شينھن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. نيٺ انتظار ڪرڻ لڳو. سھي کي دير ٿي وئي، ته شينھن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هوڏانھن سھو سھڪندو آيو، ڇو ته سھو چالاڪ هو ۽ شينھن کي اچي چيائين، ته بادشاهه سلامت مون کي جھنگ جي ٻئي بادشاهه گھرايو هو. اوڏانھن ويل هئس.  ان ڪري مون کي  دير ٿي وئي. ان ڳالھه تي شينھن کي ڪاوڙ لڳي ۽ چيائين، ته هن جھنگ جو بادشاھه ته آءٌ آهيان. اهو ٻيو وري ڪير بادشاهه پيدا ٿيو آهي. ان تي سَھي ڊڄندي ڊڄندي، وراڻي ڏنس ته اهو شينھن هوڏانھن پريان تلاءَ تي ويٺو آهي، هلو ته آءٌ اوهان کي ڏيکاريان.

شينھن ڪاوڙ ۾ هن سان گڏجي هلڻ لڳو ۽ سَھي هن کي وٺي، هڪ اونھي تلاءَ ڏانھن اشارو ڪري چيو، ته بادشاهه سلامت هن پاڻيءَ ۾ اهو ويٺو آهي. شينھن جيئن ئي ان پاڻي ۾ ڏٺو، ته هن کي پنھنجو پاڇو ڏسڻ ۾ آيو. هن کي جوش اچي ويو، ته هڪدم پاڻيءَ ۾ ان شينھن کي مارڻ لاءِ جيئن ئي ٽُپ ڏنائين، ته ڌُو پاڻيءَ ۾ وڃي ڪريو. پاڻي وڏو هو، سو غوطا کائي کائي مري ويو.

ان کان پوءِ سڀني جھنگ جي جانورن کي شينھن جي مرڻ جي خبر پئجي وئي، انڪري جشن ۽ خوشي ملھائي، سَھي جي عقلمندي ۽ ڏاهپ جي تعريف ڪرڻ لڳا.

پيارا ٻارؤ!  اسان کي هن ڪھاڻيءَ مان اهو سبق ملي ٿو، ته طاقت ئي هر شيءِ نه آهي. هميشه طاقت نٿي ڪم اچي چالاڪي به طاقت کي هارائي سگھي ٿي.

ليکڪ: علي اسد

سنڌيڪار: جاويدان ويسر ٺري ميرواهه

سياڻو ڪَڇُون

گھڻن ڏينھن جي ڳالھه آهي، ته سمنڊ جي ڪناري تي ڪُجھه ڪڇُون رهندا هئا. هڪ باز روزانو هڪ ڪڇُونءَ پڪڙي کائي ويندو هو. هڪ پوڙهي ڪڇُونءَ کي فڪر ٿيو ۽ سوچڻ لڳو، ته هن طرح سان اگر باز اهو ڪم جاري رکيو، ته هڪ ڪڇُون به زندھه نه بچي سگھندو. ڪائي ترڪيب ڪڍڻ گھرجي. پوڙهو ڪڇُون پنھنجي ٻِرَ ۾ لِڪي ويھي غور ڪرڻ لڳو. آخر ان هڪ ترڪيب سوچي ۽ جلدي ٻين ڪڇُوئن جو هڪ اجلاس گھُرايو. پوڙهي ڪڇُونءَ انھن کي چيو، ڏسو! آءٌ جيڪو چوان ٿو، ان تي جيڪڏهن عمل ڪندا، ته انھيءَ باز کان هميشه لاءِ جَندُ ڇُٽِي پوندي. سڀني ڪڇُوئن هڪ زبان ٿي ڪري چيو،اسان پنھنجي جان بچائڻ لاءِ سڀ ڪجھه ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. تون ٻڌاءِ ته ڇا ڪرڻو آهي. اُن تي پوڙهي ڪڇُون چيو ته،جڏهن سُڀاڻي باز اچي، ته توهان سڀ پاڻيءَ ۾ لِڪي وڃجو.

ٻي ڏينھن جڏهن باز اُڏرندو هيٺ آيو، ته سَڀُ ڪڇُون پاڻي ۾ لڪي ويا. پوڙهي ڪڇُونءَ باز کي چيو،اي باز! منھنجي سڀني رشتيدارن کي ته تو کائِي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ته صرف آءٌ رهيو آهيان. آءٌ پنھنجي جان بچائڻ چاهيان ٿو. تون مون سان هڪ شرط رک، جيڪڏهن تون هارائي وڃين ته پوءِ ڪڏهن ڪنھن ڪڇُونءَ کي نه کائيندين. ان تي باز چيو،جيڪڏهن آءٌ شرط کٽي وڃان ته پوءِ؟ ڪڇُونءَ چيو، ته پوءِ تون مون کي به کائي ڇڏجان ۽ اڳتي ٻين ڪڇوئن کي به کائيندو رهجان. اهو ٻڌي باز چيو، شرط ڪھڙي آهي؟ ڪڇُونءَ چيو آءٌ ۽ تون ڊوڙ جو مقابلو ڪريون ٿا. آءٌ پاڻيءَ ۾ ترندو رهان ۽ تون آسمان تي اُڏرندو رهين. هڪ هفتي کان پوءِ اهو مقابلو ڪيو وڃي. باز راضي ٿي ويو. باز کي پنھنجي فتح جو يقين هو، پوءِ هو اُڏرندو هليو ويو. جيئن ئي باز ويو، ته پوڙهي ڪڇُونءَ پنھنجي تمام ساٿين کي آواز ڏنو،هاڻي ٻاهر نڪري اچو ۽ جيئن آءٌ چوان ان تي عمل ڪيو. توهان هڪ هڪ ٿي ڪري پاڻيءَ ۾ اندر ٿورو ٿورو پري هڪ قطار ۾ بيھندا وڃو، جيئن ئي باز توهان جي مٿان گُذرندو وڃي، ته توهان پنھنجا مٿا پاڻيءَ کان ٻاهر ڪڍندا وڃجو.

آخر مقابلي جو ڏينھن اچي ويو، پوڙهي ڪڇُونءَ جي هدايتن مطابق تمام ڪڇُون هڪ سِڌي قطار ۾ لِڪي ويا ۽ ڪڇُون ۽ باز جي وچ ۾ ڊوڙ جو مقابلو شُروع ٿي ويو. باز وڏي تيزيءَ سان هوا ۾ اُڏرڻ لڳو مگر ڪڇُون هميشه باز کان اڳت ڏسڻ ۾ ايندو رهيو. اصل ڳالھه اِها هُئي، ته مُختلف ڪڇُون پاڻيءَ ۾ ٿوري فاصلي تي لِڪيل هُئا. جيئن ئي باز ڪنھن ڪڇونءَ جي ويجھي آيو، ته سڀ ڪڇُون پنھنجا مٿا پاڻيءَ کان ٻاهر ڪڍندا رهيا. باز سمجھيو ته هڪ ئي ڪڇُون آهي، جڏهن ته اُتي ڪيترائي ڪڇُون واري واري سان شِڪل ڏيکاريندا رهيا. آخر باز ٿڪِجي پيو ۽ سوچِڻ لڳو، ته آءٌ هي مُقابلو جاري رکي نه سگھندس، ڪڇُون هر وقت تازو توانو ڏسڻ ۾ ٿو اچي. ان جي ڪري ان پنھنجو رُخ بدلايو ۽ مقابلي کان ڀڄڻ لڳو. وعدي جي مطابق باز مقابلو هارائڻ کان پوءِ ڪڏهن به ڪنھن ڪڇونءَ کي نه کاڌو.

راحيل علي ڌونئرو

IBAڪميونٽي ڪاليج نوشھروفيروز

بوٽ جي آتم ڪهاڻي

سيءَ ختم ٿي چڪا هئا صبح جو سج اُڀرڻ کان پھرين آءٌ به ٻاهر گھمڻ لاءِ نڪتس . ڪجھه پنڌ کان پوءِ هڪ ڪچري جو ڍير آيو، جڏهن آءٌ اُتان گذريس ته اُتان هڪ آواز آيو جيڪو ڪنھن معصوم ۽ درد ڀري دل جو آواز لڳي رهيو هو. مون هيڏانھن هوڏانھن نھاريو ته وري آواز آيو ته آءٌ آهيان سائين آءٌ! مون پڇيو تون ڪير آهين؟

هن وراڻيو ته آءٌ زماني جو ڌڪاريل، بيڪار، ٿُڏيل بوٽ آهيان. اهو ٻُڌي آءٌ اڳتي وڌيس ۽ پڇيم ته ڇا چوڻو اٿئي؟ هن چيو مون دنيا ۾ ڪيترائي صدما ڏٺا آهن. مون پڇيو اهو وري ڪيئن؟

هن جواب ڏنو ته پھرين آءٌ هن حالت ۾ نه هيس پھرين آءٌ رس ۽ ڇوڏن جي حالت ۾ وڻن ۾ موجود هئس ۽ منھنجو ٻيو حصو چمڙو پھرين جانور جي گوشت ۽ رت جي ڍڪ لاءِ هيو. جتي مون گرمي، سردي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تڪليفون ڏٺيون پوءِ انسانن مون کي ڪاتين ۽ ڪپن سان ان کان جدا ڪيو ۽ مارڪيٽ ۾ وڪيو. پوءِ آءٌ هڪ دڪان تي آيس، جتي منھنجا دوست ڇوڏا ۽ رس مليا. دڪاندار مون کي لوڻ مکي رکي ڇڏيو. جڏهن مان سُڪي ويس ته ان مون کي ڳوٿري وانگر ٺاهي مون ۾ ڇوڏا رنگ وغيره وجھي رکيو. ڪجھه وقت کان پوءِ آءٌ رنگجي ڳاڙهو ٿي ويس.

نيٺ هڪ ڏينھن موچي آيو، جنھن مون کي خريد ڪيو. مون سمجھيو ته هاڻي آءٌ ڏکن ۽ تڪليفن کان آجو ٿي ويس، پر هن بي رحم انسان مون کي وڍي ٽُڪرا ڪري ۽ سُئي کڻي مون ۾ سوراخ ڪري ڌاڳا ٽُپايا. نيٺ مون کي وڏي محنت سان هاڻوڪي شڪل ۾ آندو ويو. ان وقت منھنجي جواني هئي مون ۾ ڏاڍي سونھن هئي. پوءِ مون کي کوکن ۾ پيڪ ڪري شيشي جي الماڙين ۾ وجھي رکيو ويو. مون سمجھيو ته هاڻي پوري زندگي هتي گذاربي. پر افسوس جو ائين نه ٿيو!

ڪجھه عرصي کان پوءِ هڪ شخص آيو ان مون کي سُٺي قيمت ۾ خريد ڪيو. هن منھنجي سُٺي سنڀال ڪئي، روزانو برش پاليش ڪندو هو. مون کي به ان جي پيرن جي حفاظت ۽ سرديءَ کان بچڻ جو ڪم مليل هو. هڪ ڏينھن آءٌ ٽُٽي پيس ته مالڪ مون سان نفرت ڪرڻ لڳو ۽ مون کي هتي ڦِٽو ڪري اُڇلائي ويو! هاڻي سمجھان ٿو ته پوري حياتي هتي گذاربي.

واهه بوٽ واهه! تنھنجي دردن ڀري ڪھاڻي به عجيب آ. هن دنيا ۾ به ائين آهي. جيستائين تون ان جي ڪم ايندين ته تون اُن جو آهين. ڪم نڪتو ته ياري ختم. هيءَ چوڻي به ته مشھور آهي ڪم نڪتو ڊکڻ وسريو.

سرمد عباسي                          (قسط: چوڏهين)

خانواهڻ

سپِي،  سارنگ ۽ مَتارو

}ٻاراڻو ناول{

آڪاش، سپي ۽ سارنگ، ستت ئي سنڌو ڪالوني پھچي ويا. گھٽيءَ ۾ ھنن کان سواءِ، ٻيو ڪير به ڪو نه ھو. توھان ٻئي ٺيڪ آھيو. ڌڪُ ته ڪو نه لڳو اٿَوَ؟ آڪاش موٽرسائيڪل، سپيءَ وارن جي گھرَ آڏو نارنگيءَ جي وڻَ ھيٺان بيھاري، پڇيو. ھا ادا ٺيڪ آھيون. سپيءَ، موٽرسائيڪل تان لھندي، ٿڪيل انداز ۾ وراڻيو.

مون کي ته لڳو پئي ته مان مري ويندس. سارنگ، سپيءَ جي پُٺيءَ تان لھي چيو. متارو مري ٿو جو تون مرندين ڪارٽونَ. آڪاش، مُرڪندي چيو. سپي ۽ سارنگ کلڻَ لڳا. ھُو ٽئي نارنگيءَ جي وڻَ ھيٺان ٿي بيٺا. مينھن لڳاتار وسي رھيو ھو ۽ گهٽيءَ جي مُنڍَ وٽ لڳل ٽرانسفارمر مان اڃان به رَکي رَکي چِڻنگون پئي نڪتيون. ھنن ٽنھي جي مرضي به اھا ھئي ته بجليءَ جي اچ وڃ پئي ھلي، ته جيئن متارو ۽ سارنگ پنھنجي جھنگَ واري جھان ۾ وڃي سگھن.

سپي، اسان کي ھڪدم تنھنجي گھر ھلڻ کپي ته جيئن متاري جي اچڻَ کان اڳ، سارنگ ھتان وڃي سگھي. آڪاش چيو. ھا ادا. متارو ڪنھن به مھل پھچي سگهي ٿو. سپيءَ، ھائوڪار ۾ مٿو لوڏيندي وراڻيو. اچو. آڪاش چيو ۽ موٽرسائيڪل اُتي ئي ڇڏي ھُو سڀ، سپيءَ وارن جي گھرَ جي پُٺئين پاسي زيتونَ جي وڻَ ڏانھن وڌيا. ھُو پوئين پاسي ڏانھن وَريا ئي مَسَ جو روڊَ واري پاسي کان ھڪ گاڏي نڪتي ۽ سپيءَ جي گھر ڏانھن اچڻَ لڳي. آڪاش گاڏي سڃاتي. اھا جھنگ جي بچاءَ واري کاتي جي گاڏي ھئي.

***

ٻِي سُئي لڳندي ئي، متاري پنھنجو ھوشُ وڃائجندي محسوس ڪيو. ھنَ جو مغز ڦِري ويو ۽ ھُو ڀتِ مٿان ٿيندو، ھيٺ کاھيءَ ۾ ڪِرڻَ لڳو. بيھوش ٿيڻ کان اڳ ۾ ھن ڏٺو ته سندس چؤڦير اوندھه ھئي ۽ ھيٺان مھراڻ نديءَ جي وھڻَ جو آواز اچي رھيو ھو. جنھن ۾ ڪِرڻَ کان پوءِ، جيئرو ٻاھر نڪرڻ اڻَ ٿِيڻي ڳالھه ھئي. پرَ مھراڻ نديءَ ۾ ٻڏڻ، متاري جي ڀاڳَ ۾ ئي ڪو نه ھو. متارو ھيٺ مھراڻ نديءَ ۾ ڪِرڻ بدران جبل جي ڪجھه ٻاھر نڪتل ڀاڱي سان اچي لڳو ۽ ھڪ اُڀو ۽ چُھنبدار پَٿر ھن جِي پُٺيءَ ۾ گھڙي، سِيني وٽان نڪري آيو. چُھنبدار پٿر، جسم ۾ ويندي ئي سُورَ جي ھڪَ سٽَ متاري جي بُتَ ۾ اُٿي ۽ ھُو دانھن ڪندو ھوشَ ۾ اچي ويو.

اباڙي پٿرُ، پنھنجي جسم ۾ کُتل ڏسي ھن واتُ چِٻو ڪري رڙ ڪئي. ڪجھه گھڙيون اتي ئي لڙڪڻَ کان پوءِ ھنَ پنھنجي بُتَ کي اُڇل ڏني ۽ ابتي بولاٽي ڏيندو ساڳئي پٿر تي اچي بيھي رھيو. پٿر جي چُھنب ھنَ جي بُتَ مان نڪري آئي ھئي. سدائين جيان، ڪجھه ئي دير ۾ ھنَ جو ڦَٽُ به ٺيڪ ٿِي ويو. ٺيڪ ٿيندي ئي ھنَ مٿي نِھاريو. روڊ گھڻو مٿي ڪونه ھو.

ھاڻي ڪنھن سان به کَئُونسَ ناھي ڪرڻي. سِڌو، سِپيءَ جي گھر پُھچي، ٽي ويءَ وسيلي پنھنجي جھنگ ھليو ويندس.منھنجي آڪَھه جي به توبھه جو وري ڪڏهن ھنَ دنيا ۾ آيس. ھتي ته ماڻھو بس مارڻَ لاءِ سَنبريا ويٺا آھن. ايئن ٿو لڳي، ڄڻ جانورن وارو جھنگ ته ھيءُ آھي.  متاري سوچيو ۽ پنھنجا چار ئي چَنبا جبلَ تي رکيا. ٻِي گھڙي ھُو چِچيءَ (ڪِرڙيءَ) جيان رِڙھندو مٿانھينءَ ڏانھن وڃڻَ لڳو. ھن کي ڀتِ تائين پھچڻَ ۾ منٽ کن مس لڳو. جيئن ئي متاري پنھنجي ھيبتناڪ مُنڍي، ڀتِ کان مَٿي ڪئي. ھنَ جي نَڪَ سان ڪا شيءِ اچي لڳي. اھو ڏسي متاري جا دوڏا نڪري آيا ته ھنَ جي نڪَ سان لڳڻ واري شيءِ، ھڪ بندوق جي ڊگھي نالَ ھئي.

شينھن کي پنھنجي صفا سامھون ڏسي بندوق واري کان گولي ھلائڻ وسري وئي. ھنَ ھڪ دانھن ڪئي ۽ پوئتي ٿيڻَ جي جاکوڙَ ۾ پُٺيءَ ڀر روڊَ تي ڪِري پيو. متاري آڏو نھاريو، ته سندس نھار ٻن گاڏين تي پئي. ٻئي گاڏيون ھن سڃاتيون. ھڪ پڃري واري ھئي ۽ ٻِي اھا جنھن کي ھنَ ھوٽل جي سامھون ڪيرايو ھو. گاڏين پٺيان لڪو. ھنَ موذيءَ کي اڄ جيئرو ناھي ڇڏڻو. فاريسٽ آفيسر فھيم ڏاڍيان چيو ۽ ھڪ گاڏيءَ جي اوٽَ وٺي بيھي رھيو. فھيم جي گفتي تي،متاري کي ڪاوڙ ته ڏاڍي لڳي، پر جيئن ته متاري جو جھيڙي جو ارادو ڪو نه ھو سو ھنَ فھيم ڏانھن ڌيان ڪو نه ڏنو. ھنَ گجگوڙ جو ڀوائتو آواز ڪڍيو ۽ فھيم وارن جي گوليون ھلائڻ کان پھريان ئي جبلَ ڏانھن ٽپُ ڏنائين. ھُو ٻنھي گاڏين مٿان ٿيندو، جبل سان وڃي چَھٽيو ۽ اڳ جيان رِڙھندو مٿي اوندھه ۾ گم ٿي ويو.

ھاڻي ھلايو گوليون. مٿي پھچي، متاري ھيٺ نھاريندي چيو. ھيٺ فھيم ۽ ٻين جا واتَ ڦاٽلَ ڏسي ھنَ ٽھڪ ڏنو ۽ سنڌو ڪالونيءَ واري پاسي ڏانھن ڊوڙڻَ لڳو. ھيٺ فھيم ھڪ ڊگھو ساھه کنيو ۽ فوادَ ڏانھن ڏسڻَ لڳو.

ڀَڄي ويو. فواد چيو.

فھيم وارن جي گاڏيءَ کي سيٺ رميش ۽ اُتي پھتل سندس کاتي جي ڊاڪٽر سليم وارن سڌو ڪرڻ ۾ واھر (مددَ) ڪئي ھئي. فھيم ۽ فواد جو بچاءُ ٿي ويو ھو. جڏھن ته ٻين کي ڪجھه ڌڪَ لڳا ھئا. سيٺ رميش کين آڪاش ۽ سپيءَ بابت ٻڌايو ھو، ته اھي سپيءَ جي گھر ويا آھن سو فھيم به اوڏانھن ئي پئي ويو جو رستي ۾ فواد وارن جي گاڏيءَ وٽ کين شعيب گڏجي ويو. جنھن کين شينھن جي کاھيءَ ۾ ڪرڻَ بابت ٻُڌايو ھو. ھن مھل به ھو شينھن جي مرڻَ جي پڪَ ڪرڻَ لاءِ بيٺا ھئا. جو شينھن پھچي ويو ھو.

چاچا رميش اوھان ڊاڪٽر سليم ۽ منھنجي ساٿين سان گڏ اسپتال وڃو. مان فواد ۽ ھنَ جي ساٿي شعيب سان گڏ سنڌو ڪالوني ٿو وڃان. فھيم چيو.

سيٺ رميش جي ھائوڪار ڪندي ئي ھو ٽئي گاڏيءَ ۾ سنڌو ڪالونيءَ ڏانھن وڃڻ لڳا.

(هلندڙ.......)


 

عبدالسميع ابن الھيار                         (قسط: ٻي)

محرابپور/نوشھروفيروز

سڙهه

سِڙَهه سَنوان، لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا، مَلَ

جي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙا رکِين ٻاجَھه سِين.

ممتاز: ٺيڪ آھي.... اچ سنڌيار ڇا کائيندين....؟؟ توکي خبر آهي، پاڻ ھن وقت فارس ۾ آھيون. سنڌيار:  ڇا واقعي...  مان فارس ۾ آھيان؟ ممتاز: ھاھاھا... ھائو بابا.. ھاڻ ٻڌاءِ ڇا کائيندين؟

سنڌيار: مون کي کائڻ جي پرواهه ناھي چاچا سائين، بس ھلو منڊيءَ ٿا ھلون. ممتاز: ايئن به ٺيڪ آهي، پوءِ کڻي اتي گڏجي ڪجھه کائي وٺبو.

ميرب پنجويھن سالن جو ڦُڙت، پنھنجي ڪم ۾ بي مثال ۽ محنتي نوجوان ھو. جيڪو ھميشه پنھنجي ڪلھي تي ھڪ ڀولڙي ويھاريندي نظر آيو پئي. منڊيءَ ۾ پھچندي ميرب ھڪ ھنڌ پنھنجو اسٿان لڳايو ۽ سنڌ مان آندل مصالحا، ڪپڙو، زيور، نير ۽ ھٿ جون ٺھيل شيون وڪرو ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو. سيٺ ممتاز جيسين بندر جي ڪارواين مان فارغ ٿئي، تيسين سنڌيار ميرب سان گڏ ويٺي بازار جا پئي مزا ورتا. سنڌيار: توھان صديق بابا کي جھاز تي ڇو ڇڏي آيا؟ ميرب: ڇاڪاڻ ته صديق بابا اتي موجود ماڻھن جي مدد سان جھاز جي رکوالي ڪندو.

سنڌيار: مطلب اوھان سڀني جا ڪم ھڪ ٻئي تي ورھايل آھن.

ميرب: ھا بلڪل، ايئن ڪم ورھائڻ سان ڪم ترتيب ۾ ھلي ٿو. ترتيب کان سواءِ سڀ ڪجھه بيڪار آھي. سنڌيار: مون کي اوھان جو ھڪ ٻئي سان نڀائڻ جو طريقو پسند آيو. ميرب: ھاھاھا.. وڏو وقت لڳندو آهي دل ۽ دماغ کي ھڪ جاءِ تي آڻڻ لاءِ....

سنڌيار:  ڇا مطلب؟ ميرب: مطلب ته اسان ڪافي وقت کان ھڪ ٻئي سان نڀائيندا پيا اچون ۽ ڀروسو ئي اسان جي تعلق کي مظبوط ڪري ٿو.

سنڌيار: بلڪل.. صديق بابا به اھڙيون ئي ڳالھيون ڪندو آھي. تنھن کان پوءِ سنڌيار ڪتابن جي ھڪ دڪان تي پھتو ۽ اتان سنڌيءَ ۾ لکيل ڪنھن ڪتاب جي پڇا ڪيائين. کيس علم الحيوان و طب العشاب (جانورن جي ڄاڻ ۽ ٻوٽن جي طب ) نالي ٿلھن ورقن سان ھڪ ڪتاب مليو. سيٺ ممتاز پنھنجو ڪجھه سامان اتي وڪرو ڪيو ۽ اُتان تيل، لوڻ ۽ قالين خريد ڪري سڀئي اچي جھاز تي پھتا. جھاز تي چڙھندي ئي سنڌيار جي اک صديق بابا تي پئي. جنھن کيس ھمت افزائيءَ واري مسڪراھٽ سان ڀليڪار ڪيو. سيٺ ممتاز کي فارس جي بندرگاھه تان تمام گھڻو فائدو ٿيو. فارسي ماڻھو سنڌ جي شين کي گھڻو پسند ڪندا آھن. اھو ئي سبب آهي، جو فارس ۽ سنڌ جا ھنر مند ۽ واپاري ھڪ ٻئي جي ملڪن ۾ ايندا ويندا رھن ٿا. سنڌيار جڏھن اھو ڪتاب  علم الحيوان و طب الاعشاب  کوليو، ته حيران رھجي ويو. ڇاڪاڻ ته ان جو جانورن وارو حصو ته صاف سنڌيءَ ۾ لکيل ھو،. پر طب جي جڙي ٻوٽين جا نالا اڌرڪ فارسي ھئا. جنھن ڳالھه سنڌيار کي منجھائي وڌو. ھو جھاز جي عرشي تان ھيٺ پير لٽڪائي ويٺو ڪتاب ۾ مَھوِ ھو، ته ايتري ۾ سندس ڪلھي تي ڪنھن اچي ھٿ رکيو. سنڌيار ڇرڪي پوئتي نھاريو، ته صديق بابا ھو.

صديق: ڇا ڳالھه آھي سنڌيار پٽ؟ اڄ يڪو خاموش ويٺو آھين؟ سنڌيار: ڪجھه نه بابا... بس مان سوچيو پئي ته مون وٽ وڏو دماغ ۽ ذھانت آھي، پر منھنجي ذھانت ته ڪنھن ڪم جي ئي ناھي. صديق: ڇو بابا.. اھڙي مايوسيءَ جھڙي غلط ڳالھه ڇو ٿو ڪرين.. اھو ته مان به چوندس ته ربّ سائين توکي وڏو ذھن ۽ شين کي سمجھڻ جي طاقت ڏني آهي.

سنڌيار: نه بابا شايد ذھانت ئي سڀ ڪجھه ناھي ھوندي. بلڪ محنت ۽ جاکوڙ به انسان لاءِ لازمي آهي. صديق: ھا بلڪل.. پر مون کي سمجھه نه ٿي اچي ته توکي ڪھڙي ڳالھه منجھايو آھي.

سنڌيار: بابا... مان ھيءُ ڪتاب ان شوق سان ورتو، ته مان جانورن ۽ ٻوٽن جي باري ۾ مطالعو ڪندس ۽ دنيا کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندس، پر ھي ڪتاب ٻن ليکڪن لکيو آهي. جنھن جو پويون حصو صاف سنڌيءَ جي بجاءِ گھڻو فارسيءَ ۾ لکيل آھي، جيڪو مون کي سمجھه ۾ ئي نه ٿو اچي. صديق: ته ان ڪري ايڏو پريشان ويٺو آھين؟

سنڌيار: جڏھن اسان ٻيھر ڪناري لڳنداسين، ته مان ھي ڪتاب وڪرو ڪري ڇڏيندس. صديق: ڏس بابا... ڪجھه شيون اسان کي تيار ملنديون آهن، ته ڪجھه پاڻ کي تيار ڪرڻيون پونديون آهن. سو بھتر آھي، ته تون ھن ڪتاب کي ڦٽي ڪرڻ بجاءِ ان تي ٻيڻي محنت ڪر، شايد توکي فائدو به ٻيڻُو ملي. آءٌ ته چوان ٿو ھن جو ڪٿان ترجمو ڪڍڻ جي ڪوشش ٿا ڪيون.

سنڌيار ۽ صديق بابا کي ڳالھيون ڪندي ڪافي وقت گذري ويو. ھو ٻئي ھيٺ سمنڊ ۾ پير لٽڪائي پنھنجي ڪچھريءَ ۾ گم سم ھئا ۽ سمنڊ جون لھرون جھاز جي سيني سان لڳي رھيون ھيون ۽ ڇولين سان گڏ ايندڙ ھوا جھاز جي سڙھن کي ڦڙڪائي رھي ھئي. ايتري ۾ جھاز تي مانيءَ جي وقت وارو گھنڊ وڳو. جنھن سنڌيار ۽ صديق بابا جي اُستاد شاگرد واري ڪچھريءَ کي مختصر ڪري ڇڏيو.

صديق: چڱو اُٿ شھزادا... مان توکي اڄ ھڪ تحفو ڏيندس. سنڌيار: تحفو...؟

صديق: ھممم.....؟

(هلندڙ........)


 

لڊو ڏکارو ٿي ويو. بابا تيز ھل، بابا تيز ھل جو چئي رھيو ھو، اسان کي سھي جي سواري ڪرڻ کپندي هئي. ڊڊو لڊو جي پريشاني سمجھي ويو، کيس مصروف رکڻ لاءِ سھي ۽ ڪڇون جي ڪھاڻي ٻڌائڻ لڳو، لڊو کي چيائين توکي سھي ۽ ڪڇون جي ڪھاڻي جي ته خبر ھوندي. لڊو چيو مون کي وسري وئي آهي ادا، توھان کي ياد ھجي ته ٻڌايو. ڊڊو ڪھاڻي ٻڌائڻ لڳو.

ھي تمام پراڻي ڪھاڻي آھي، ھڪ ھو ڪڇون ۽ ھڪ ھو سھو. ٻئي پاڻ ۾ گھاٽا دوست ھوندا ھئا، گڏ پڙھندا، لکندا ۽ کيڏندا هئا. ھڪ ڏينھن سھي ڪڇون کي چيو، ادا آئون توکان گھڻو تيز آھيان، پنھنجي رفتار وڌا نه ته دنيا توکان اڳيان نڪري ويندي ۽ تون پٺيان رھجي ويندين. لڊو چيو، جيئن بابا ڪڇون ڪوما کان سڀ اڳيان نڪري ويا آهن، ھي ڪھاڻي توکي بابا ڪڇون ڪوما کي ٻڌائڻ کپندي ھئي، پنھنجي رفتار وڌايو نه ته دنيا اڳتي نڪري ويندي نه پر نڪري وئي آهي. بابا ڪڇون ڪوما سڀ ڪجھه ٻڌي رھيو ھو، چيائين پٽ آئون دنيا کي اڳتي نڪرڻ نه ڏيندس. لڊو چيو، بابا اسان کي لومڙ کي پڪڙڻ وارو تماشو ڏسڻو آهي. بابا ڪڇون ڪوما مشورو ڏنو، ته دوربين مان ڏسي وٺو. آئون اھڙي ھنڌ تي بيھان ٿو، جتان توھان لومڙ جو تماشو آساني سان ڏسي سگھندؤ. اھو چئي بابا ڪڇون ڪوما رڙھڻ لڳو. لڊو بيچين ٿيڻ لڳو. ڊڊو ٻيھر ڪھاڻي ٻڌائڻ لڳو. ڳالھه ته سچي آھي، سھي ايمانداري سان چيو ھو پر ڪڇون حساس ھو ۽ ھن کي ڳالھه ڏکي لڳي. کيس دوست مان اھا اميد نه ھئي.

جڏھن ڪو سٺو دوست پنھنجي ڪنھن دوست جي خامي جي نشاندھي ڪندو آهي، ته اھو خراب لڳندو آهي. حالانڪه سچو دوست اھو ئي ھوندو آھي، جيڪو توھان جي خامين کي درست ڪندو آهي. ڪڇون کي ڪاوڙ لڳي ۽ ھن سھي سان ڊوڙ جو مقابلو ڪيو. سھي چيو، ڪٿي تون ڪٿي آئون، تون مون کان ڊوڙ ھارائي ويندين، آئون تيز ڀڄندو آھيان، سوچي وٺ. ڪڇون چيو، تون ڊڄي ويو آھيان ۽ ھاڻي بھانا پيو ڪرين، تون پنھنجي تعريف پاڻ ڪري رھيو آھين. سھي چيو، يار تون ھاري ويندين ۽ پوءِ وري مون سان به ڪاوڙجي ويندين. ڪڇون چيو، راند ۾ ھارڻ ۽ کٽڻ ٿيندو رھندو آھي، انھي ۾ رسڻ جي ڪا ڳالھه ناھي، پر اصل ڳالھه اھا آھي، ته تون ڊڄي ويو آھين. سھي ڪڇون جو چئلينج قبول ڪندي چيو، ٺيڪ آهي جيڪا تنھنجي مرضي. ھاڻي ميدان تي فيصلو ٿيندو ته ڪير تيز آھي. جھنگ جي سڀني وڻن تي سھي ۽ ڪڇون جي ريس جا پوسٽر لڳي ويا. ۽ مقرر وقت تي جھنگ جا سڀ جانور پھچي ويا. انھن ۾ ڪجھه سھي جا حامي ھئا، کين سھي جي کٽڻ جو پڪو يقين ھو ۽ ڪجھه وري ڪڇون جا حمايتي ھئا. جيڪي سندس حوصلا افزائي لاءِ آيا ھئا. پر انھن کي ڪڇون جي ھارڻ جو يقين ھو. ڪجھه جانور اھڙا به ھئا، جن کي ڪنھن لاءِ به ھمدردي نه ھئي، ھو بس تماشو ڏسڻ آيا ھئا.

جڏھن ميدان جانورن سان ڀرجي ويو، ته جانور ريس شروع ڪرائڻ لاءِ گوڙ ڪرڻ لڳا. ڀولڙي کي مئچ جو ريفري ڪيو ويو. ٻنھي ۾ ڊوڙ شروع ٿي وئي. سھي چند سيڪنڊن ۾ اڌ مفاصلو طئي ڪري ورتو. پٺيان ڏٺائين ته ڪڇون گھڻو پري رھجي ويو ھو. سھي سوچيو، ڪڇون کي مون تائين پھچڻ لاءِ ڪافي وقت لڳندو، تيسين ڇو نه ننڊ ڪري وٺان ۽ ايئن سھو ننڊ ڪرڻ لڳو. ھوڏانھن ڪڇون ريڙھيون پائيندو آھستي آھستي مقرر حدف پورو ڪري ورتو ۽ ڊوڙ ۾ سوڀ حاصل ڪري ورتائين. ڪڇون جا حامي ڪڇون کي ڪلھي تي کڻي ڊانس ڪرڻ لڳا. گوڙ ۾ سھي جي جڏھن اک کلي، ته ان وقت ڪافي دير ٿي چڪي هئي. ويل وقت واپس نه ورندو آهي، ان ڪري چوندا آھن جيڪو سُمھندو آھي، اھو روئيندو آهي. ڊڊو ڪھاڻي پوري ڪئي، ته لڊو چيو، ادا ايئن به ٿي سگھي ٿو، ته سھو ستو ئي نه ھجي ۽ ھن ڄاڻي ڪري ڊوڙ ھاري ھجي. تون به ته منھنجي دل رکڻ لاءِ ھاري ويندو آھين. ڊڊو لڊو جون ڳالھيون ٻُڌي حيران ٿي ويو ۽ دل ۾ سوچيائين، ته لڊو ھاڻي وڏو ٿي ويو آهي. اچانڪ ھڪ لمحي لاءِ سندس اکين اڳيان اونداھي ٿي وئي. سندن پاسي کان ڪا شيءِ کڏ ۾ ڪري ھئي، اھو منظر ڏاڍو خوفناڪ ھو. بابا ڪڇون ڪوما، لڊو ۽ ڊڊو کڏ ۾ ڏٺو، کڏ تمام گھڻي اونھي ھئي، ڪا به شيءِ ڏسڻ ۾ نه پئي آئي. لڊو ۽ ڊڊو کي ڪا به ڳالھه سمجھه ۾ نه آئي ته ڇا ٿيو آهي... سڀ جانور جھنگ واپس موٽي آيا ھئا، سڀ ڏکارا ۽ خاموش ھئا. سندن پراڻو ساٿي ھميشه لاءِ ھليو ويو ھو. سڀ بابا ڪڇون ڪوما وٽ گڏ ٿي ويا هئا. جانور بابا ڪڇون ڪوما وٽ ان ڪري گڏ ٿيندا ھئا، ڇاڪاڻ ته کين ڪھاڻي ٻُڌڻي ھوندي ھئي. بابا ڪڇون ڪوما کين ڪا ڪھاڻي ٻڌائيندو ھو ۽ ھو لطف اندوز ٿيندا ھئا. پر ان ڏينھن ڪنھن کي به ھمت نه ٿي، جو ھو بابا ڪڇون ڪوما کي ڪھاڻي ٻڌائڻ جي فرمائش ڪري. لڊو اڃا تائين حيران ھو، ھڪ ڳالھه سندس سمجھه ۾ نه پئي آئي ۽ ھو بابا ڪڇون ڪوما کان پُڇڻ ۾ لنوائي رهيو هو. ڊڊو سمجھي ويو، ته لڊو جي دماغ ۾ ڪو سوال آھي، پڇڻ چاھي ٿو، پر کانئس سوال پڇڻ جي ھمت نه ٿي ٿئي. ڊڊو لڊو جي مشڪلات ۾ آساني ڪئي ۽ پڇيائين، لڊو ڪھڙين سوچن ۾ گم آھين. لڊو چيو ادا بابا ڪڇون ڪوما چور ڪيئن پڪڙيو، مونکي اھا ڳالھه سمجھه ۾ نه آئي، ڍڳي جي پڇ تي ڇا لڳايو ھو ۽ ڪھڙو منتر پڙھيو ھو. ٻين جانورن جي دماغ ۾ به اھو ئي سوال ھو. ڊڊو کليو ۽ چيائين اڙي اھو سوال بابا ڪڇون ڪوما کان پڇون ٿا. ٻيا جانور به ڊڊو ۽ لڊو جي حمايت ڪرڻ لڳا. بابا ڪڇون ڪوما جو موڊ صحيح نه ھو. پر جانورن جي اسرار تي ٻُڌائڻ لاءِ راضي ٿيو. بابا ڪڇون ڪوما ڳالھائڻ شروع ڪيو. بابا ڪڇون ڪوما جڏھن ڳالھائيندو ھو ايئن لڳندو ھو ته علم جو سمنڊ ڇوليون ھڻي رھيو آھي...

 (هلندڙ.....)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org