سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل فيبروري  2026ع

باب:

صفحو:2 

مهر فقير

”غلام محمد غازي“

ٻاراڻي شاعريءَ جو سرواڻ آهي.....

 

ڪافي وقت کان وٺي مون واٽس اپ تي هڪ انٽرويو جو سلسلو شروع ڪيو هو. جيڪو اڃان تائين هلندو پيو اچي. جنھن ۾ خاص ڪري ادب دوستن جا انٽرويوز ڪندو آهيان ۽ ان انٽرويو ۾ سوال نمبر 09 هن طرح هوندو آهي، ته ڇا ٻارن جي شاعري انھن ٻارن جي زندگيءَ کي تبديل ڪري سگھي آهي، جن خاطر شاعر شاعري ڪن پيا؟ هوندو آهي. جنھن ۾ هر جواب ڏيندڙ پنھنجي پنھنجي حساب تحت جواب ڏيندو آهي. ڇو ته سوال ڀل مسلسل ساڳيو ئي هلندو ٿو رهي، پر جواب ڏيندڙ الڳ الڳ شخصيتون هجڻ ڪري، جواب به الڳ نوعيت جا ئي ملندا آهن.

ها ادب جي دنيا ۾ ٻارن جي شاعري يا ايئن چئجي، ته بھتر ٿيندو ٻاراڻو ادب، ڇو ته ٻار هن ڌرتيءَ جي سونھن آهن. ٻارن سان ئي هيءَ دنيا مھڪي ۽ مُرڪي ٿي ۽ اهي ئي ٻار مستقبل جا معمار آهن. جن کي اڳتي هلي ملڪ جون واڳون سنڀالڻيون آهن. ها بيشڪ ٻار اهڙي سگھه آهي، جنھن سان دنيا کي فتح ڪري سگھجي ٿو.

ٻاراڻي ادب تي جيڪڏهن لکبو، ته گھڻو ڪجھه لکي سگھجي ٿو ۽ هونئن به ٻارن خاطر لکڻ به گھرجي. ڇو ته جيئن ۽ جڏهن ٻار ادب طرف متوجھه ٿيندو، ته هن کي ادب منجھان مطلب شاعري ۽ ڪھاڻين منجھان سکڻ ۽ حاصل ڪرڻ خاطر اهو سڀ ڪجھه ملي ويندو. جيڪو هو اڳتي وڌي منزل حاصل ڪرڻ خاطر چاهي ٿو. اها هڪ حقيقت به آهي ته ٻاراڻو ادب ٻارن جي لاءِ هڪ مشعل آهي. جيڪا هن کي سولو ۽ سڌو گس ڏيکاري ٿي ۽ کيس بُراين ۽ غلط ڪارين کان روڪي ٿي. ڇو ته جيڪي به شاعر ٻاراڻو ادب تخليق ڪن ٿا، اهي ٻارن جي ڀلائي، بھتري ۽ سُٺي نشونما واسطي ئي تخليق ڪن ٿا، ته جيئن ٻار ادب سان واڳيل رهي ۽ هن جي تربيت به بھتر انداز سان ٿيندي رهي. اهو ئي سبب آهي، جو ٻاراڻي ادب ۾ مزاح، سائنس، اسلاميات، دنيا جي ڪامياب ماڻھن جي زندگيءَ جي ڪٿا، جانورن، پکين، راندين، ٻوٽن، موسمن ۽ دنيا جي ڦير گھير مطلب ته هر قسم جو مواد لکندڙن طرفان ملي ٿو. هتي جيڪڏهن ٻارن جي شاعرن ۽ اديبن کي نالي سان شامل ڪبو، ته ٿي سگھي ٿو، ته ڪو اهڙو نالو رهجي وڃي، ته اها ان ليکڪ يا شاعر سان ناانصافي ٿيندي. ڇو ته ٻارن جي ادب ۾ وڏا وڏا نالا موجود آهن. جن ماضيءَ ۾ لکيو، ته وري ڪي حال ۾ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. پر اڄ هتي خاص ڪري ذڪر ڪبو، محترم سائين غلام محمد غازيءَ جو جيڪو ٻارن جي ادب جي دنيا ۾ پنھنجي هڪ منفرد سڃاڻپ رکي ٿو. سچ ته غازي ڪنھن به تعارف جو محتاج ڪونھي ڪو. ها پر غازي واقعي به غازي آهي.

وقت جي ڊوڙ کي ڪير به لغام وجھي نه سگھيو آهي ۽ نه وري ڪوئي وقت کان گوءِ کٽي سگھيو آهي. وقت پنھنجي موج ۽ مستيءَ سان هلندو ٿو رهي. سو وڏو عرصو گذري ويو آهي، جو ياد ٿو پوي، ته سائين غازيءَ سان يا ته شڪارپور شھر ۾ ڪنھن ادبي پروگرام ۾ عليڪ سليڪ ٿيل آهي. يا وري ڊکڻ شھر ۾ ڪا ڏيٺ ويٺ ٿي هجي. ڇو ته پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ سان گڏ گھر جون ذميواريون انسان کي انسان کان دور ٿيون ڪري ڇڏين. پوءِ جي ڪوئي واٽ ويندي ٽڪرائجي ٿو وڃي، ته اها هڪ خوش نصيبي چئبي. سو سائين غازي سان ايتري سلام دعا، ته ڪونھي، ان ڪري ئي غازيءَ جي باري ۾ ايتري ڄاڻ به ڪين اٿم. ها پر سائين جيئن ته ٻاراڻي ادب جو ڀلوڙ شاعر آهي. تنھنڪري ادبي حوالي سان سائين جن جون تخليقون مختلف رسالن يا اخباري صفحن ۾ پڙهڻ لاءِ نصيب ٿينديون رهنديون هيون. هاڻي شايد سائين اخبارن ۽ رسالن ۾ نٿو لکي، يا وري گھٽ ٿو لکي، يا اهي رسالا ۽ اخبارون اسان تائين نٿيون پھچن ۽ ها هتي اهو به سچ واضع ڪندو هلان، ته ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ حال اندر ٻاراڻو مواد گھٽ پيو شايع ٿئي، سواءِ ماهوار گُل ڦُل جي يا وري جيڪي اديب پنھنجا ڪتاب شايع ڪرائن پيا، نت باقي ڪل پيران دا خير لڳو پيو آهي.

سائين غلام محمد غازي طبيعت جي لحاظ کان سادو سودو ۽ ماٺيڻي شخصيت جو مالڪ آهي. پر ٻاراڻي ادب ۾ لکڻ جي حساب سان سڀني کي ملھه ماريون ويٺو آهي. يا ايئن چئجي، ته هو ٻاراڻي ادب جو سرواڻ شاعر آهي. جنھن جو نالو فھرست ۾ اول نمبر تي اچي ٿو. ڇو ته سائين شروع کان ئي ٻاراڻي شاعري ڪندو پيو اچي. جنھن جو چٽو ۽ واضع ثبوت سندن شايع ٿيل مختلف ڪتاب آهن. جيڪي گواهي ڏين ٿا، ته غازيءَ جو جھنڊو جھولي پيو ٿو ۽ ايئن ئي سدائين جھولندو رهندو.

سائين غلام محمد غازيءَ جا ٻاراڻي ادب ۾ شايع ٿيل مختلف ڪتاب جن ۾ اردو ٻوليءَ ۾ پڻ ڪتاب شامل آهن. اردو زبان ۾ ان ڪري جو شاعر آزاد هوندا آهن ۽ هو سڀ ڪنھن سان انسانيت جي ناتي پيار ۽ محبت ڪندا آهن. انھن ڪتابن جو وچور يا تفصيل ڪجھه هن طرح پيش ڪجي ٿو.

ٻار گلن جا هار، گيت پنھنجي ديس جا، گيتن جي مھڪار (ٻارن لاءِ شاعري)، مرڪندڙ مکڙيون (ڇپيندڙ: گلڙا پبليڪيشن شڪارپور)، سائنس پئي سمجھائي (ٻارن لاءِ شاعري)، سائنس بخشي سونھن (شاعري) (ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو)، رنگارنگي گيت  (ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ)، وطن گل آ مون لئه (ڇپيندڙ : سنڌي ساهت گھر)، رانديڪن سان راند (ٻارن لاءِ شاعري)، ڀنڀوري مرڪون (ٻارڙن لاءِ شاعري)، ٻار بنا ڪھڙو سنسار (شاعري) (سونھن پبليڪيشن پريالو خيرپور)، سنڌي گيت (زم زم پبليڪيشن ڪراچي)، ميري دهرتي (بچون کي ليئي نظمين)، ڦُلان جھي ٻال (شاعري ) ٻارن لاءِ سرائيڪي ٻوليءَ مان ڪجھه شعر هتي رکجن ٿا.

اپنی  دھرتی اپنی پہچان،

سوہنا دریا ہے مہران۔

***

اپنا دیس ہے پیارا دیس،

سوہنا لگدے ساکوں ویس۔

***

اے بات پرانی ہے،

پانی دی کہاٹی ہے،

ھک حصے تی دھرتی ہے،

ترائے حصے تے پاٹی  ہے۔

     مٿي ڏنل ڪتابن جي فھرست کان سواءِ ڪجھه ٻيا ڪتاب به اٿس ۽ ايئن سائين غازيءَ جي ٻاراڻي شاعري سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ طرفان شايع ٿيندڙ ٻارن جي نصابي ڪتابن منجھه به ملي ٿي ۽ اهو عمل هڪ شاعر لاءِ جيئري ئي کيس مڃتا ۽ اعزاز آهي. اهو اعزاز کيس لڳاتار محنت ۽ لکڻ سبب ملي ٿو. سو غازي صاحب به پنھنجو جيون سچ پچ ۾ ٻاراڻي ادب کي ئي ارپيو آهي. دعا آهي، ته ربّ رحيم قادر ڪريم سائين غلام محمد غازيءَ کي وڏي ۽ صحت مند زندگي عطا ڪري، ته جيئن هو ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪندو رهي. (آمين)

***


 

راجيش ڪمار ڪلاس ڇھون پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

هنر ۽ فن

هڪڙو پڙهيل شخص هڪ دفعي ٻيڙيءَ ۾ اچي چڙهيو. جڏهن ٻيڙي درياءَ ۾ هلڻ لڳي، ته اهو ماڻھو مُھاڻي سان ڳالھيون ڪرڻ لڳو. پڙهيل شخص مُھاڻي کي چوڻ لڳو، ته ڇا تو صرف ۽ نَحو جو ڪم سکيو آهي. مُھاڻي جواب ڏنو، ته نه سائين! اهو علم ته مون اڄ ٻڌو آهي. پڙهيل شخص اهو ٻُڌي هن کي چوڻ لڳو، تو ته پنھنجي اڌ عمر ته ائين ئي برباد ڪري ڇڏي.

مُھاڻو ويچارو اهو ٻڌي لاجواب ٿي ويو ۽ ماٺ کڻي ڪيائين. جڏهن ٻيڙي هلندي هلندي درياءَ جي وچ سِير تي پُھتي، ته اوچتو زور سان طوفان لڳڻ شروع ٿي ويو.

مُھاڻي سڀني کي هوشيار ڪيو ۽ ٻيڙيءَ جي ٻڏڻ جي خطري جو اطلاع ڏنو، ته سڀئي درياءَ منجھان ترِي پار نڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. پوءِ مُھاڻي پڙهيل ماڻھوءَ کان پڇيو، ته سائين توهان کي ترڻ ايندو آهي؟ ته هن جواب ڏنو، ته اسان ته سڄي عمر علم حاصل ڪرڻ ۾ گذاري آهي. مون کي ترڻ جي ڪھڙي خبر. ٻيڙيءَ واري کيس چيو، ته توکي ترڻ جي خبر ناهي! اڙي تو، ته پنھنجي سڄي عمر وڃائي ڇڏي.

پيارا ٻارؤ! هن ڳالھه مان اهو سبق ملي ٿو، ته علم حاصل ڪرڻ سان گڏ فن/هنر به سکجي. زندگيءَ ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن اهو فن هنر ڪم اچي ويندو آهي.

***


 

امر ادريس درس پبلڪ اسڪول/ميرپورخاص

ڪهاڻي ڪيئن وجود ۾ آئي!!

لکڻ هڪڙو فن آهي اهو فن به سکڻو ٿو پوي. جي اسان کي پنھنجي جسماني صحت کي برقرار رکڻو آهي، ته روح جي صحت جو به خيال رکڻو آهي. روح جي صحت جو صدين کان گھرو تعلق ڪاغذن تي لکيل ڪتابن سان رهيو آهي، جنهن ۾ ڪو شڪ ڪونھي ۽ اها ئي حقيقت آهي.

صديون پھرين ڪھاڻي وجود ۾ آئي. حضرت آدم عليھ سلام پنھنجي آل اولاد ۽ قوم کي مختلف قصا ۽ ڪھاڻيون ٻُڌائيندو هو. مختلف وقتن  ۾ انبياء ڪرام صالحين، نيڪ ماڻھو قصا ۽ ڪھاڻيون ٻُڌائيندا رهيا آهن.

اهو به چيو وڃي ٿو ته جديد ايجادن جي پويان ڪھاڻي آهي. ڪھاڻين ۾ جيڪڏهن اُڏام کٽولي جو ذڪر نه هجي ها ته شايد جھاز ۽ هيلي ڪاپٽر نه ٺھي سگھن ها. ڪھاڻين ۾ جيڪڏهن جادوئي شيشي جو ذڪر نه هجي ها ته ٽيلي ويزن نه ٺھي ها.

ڪھاڻي جو بنيادي اصول: ڪھاڻي لکڻ لاءِ ذهن پُر سڪون هجي ماحول خوشگوار هجي دنيا جي سڀني مُنجھارن ۽ پريشانين کان دماغ خالي هجي، تڏهن ئي هڪ اديب سُٺو ۽ ڪارائتو ادب لکي سگھي ٿو.

 ڪھاڻي ڪيئن لکجي؟

1. خاڪو (Concept): ڪھاڻي لکڻ لاءِ ضروري آهي ته توهان جي دماغ ۾ هڪ خاڪو هجي. مثال: توهان پکين تي ڪھاڻي لکڻ چاهيو ٿا ته ان جي لاءِ جھنگ جو خاڪو ٺھندو.

توهان جي ذهن ۾ مڇي آهي ته ان لاءِ خاڪو سمنڊ، درياء، ڍنڍ يا وري تلاءُ جو خاڪو ٺھندو.

2. ڪردار (Charactor): ڪھاڻي ۾ ڪردارن جي چونڊ انتھائي ضروري آهي. مثال: هڪ ڀولڙو ۽ باندر ، چار پکي، هڪ ڳيرو. ڪردارن جي چونڊ ڪرڻ لاءِ مناسب نالا  سندن ڪردارن مطابق رکو. اها ڳالھه به ذهن ۾ هجي ته سڀ ڪھاڻيون ۽ قصا ماضيءَ کان ئي شروع ٿيندا آهن. جيئن ته، هڪڙي ڀيري، هڪڙو بادشاهه هو، پُراڻي زماني جي ڳالھه آهي، جيئن ته تمام گھڻو وقت اڳي.

3. پُڄاڻي: (Ending):  ياد رهي، ته هر ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ ڪانه ڪا نصيحت، پيغام، درس، ضرور هجي. جيڪڏهن ڪھاڻي جي آخر ۾ ڪا نصيحت نه هوندي  ته اهڙي ڪھاڻيءَ جو ڪو به فائدو نه هوندو. بغير ڪنھن نصيحت جي ڪھاڻي ائين آهي، جيئن ڪو جسم بغير روح جي ان ڪري پُڄاڻي سبق آموز هجڻ گهرجي.

ڪھاڻي جا فائدا: اڄ ڪلھه جديد ميڊيا جو دؤر آهي هن  دور ۾ هر ماڻھو جي هٿ ۾ موبائل آهي. جيڪڏهن لکڻ جو فن ايندو ته شاگر موبائيل جو پازيٽِو (Positive) استعمال ڪري سگھندو. سوشل ميڊيا تي پنھنجي تحرير صحي لکي سگھندو، لکيل تحرير، پنھنجو آواز، پنھنجي ڳالھه، پنھنجو مقصد، لکين ماڻھن تائين پھچائي سگھندو.

پيارا ٻارؤ! سڀ کان وڏو ۽ لازمي فائدو اهو آهي، ته توهان جيڪڏهن ڪھاڻي لکندڙ آهيو، ته ڪوبه واقعو ڏسي، ان جي پڇاڙي ٻُڌائي سگھو ٿا. توهان ٽي. وي. (T.V) لاءِ ڊراما لکي سگھو ٿا. مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکي سگھو. ٿا، توهان خبرون پڙهي سگھو ٿا. تجزيه نگار (Anchor person)، صحافي، مدير، ايڊيٽر وغيره ٿي سگھو ٿا.

اهم فائدو: لکڻ کان پوءِ ڳالھائڻ جو فن  اچي ٿو. توهان سُٺا مقرر ٿي سگھو ٿا، توهان بحث مباحثو (Debete) وغيره ڪري سگھو ٿا.

***

چندن ڪمار (ڪلاس ڇھون) پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

شيخ سعدي رح جا قول

       ·شيخ سعدي جا وڏا شيراز جا رهاڪو هئا. سندس ولادت 589هه مطابق 1333ع ۾ ٿي. هن جو نالو شرف الدين ۽ سندس پيءُ جو نالو عبدالله هو.

       ·شيخ سعديرح فرمائي ٿو، ته جنھن عمارت جو بنياد ڪمزور هوندو، اها ڪڏهن به مضبوط نٿي سگھي.

       ·ربّ تعاليٰ ان شخص کي انصاف ڏئي ٿو، جنھن کي ڪنھن ٻئي کان انصاف جي طلب نه آهي.

       ·ڪنڊا پوکي گُلن جي تمنا نه ڪر.

***


 

محمد هاشم نھڙيو (ڪلاس ڇھون) گورنمينٽ بوائز ڪيمپس هاءِ اڪول ڳوٺ لياکڙو تعلقو ڏيپلو

تعليم نياڻين جو حق آهي

اھا رڳو سُٺي سوچ نه پر سماج جي ترقيءَ جو بنياد آهي. نياڻيءَ کي تعليم ڏيڻ، انھن جي مستقبل کي روشن ڪرڻ،  ان کي پاڻ ڀرائتو، بااختيار ۽ باشعور بڻائڻ آهي. جهڙيءَ طرح ڇوڪرا علم حاصل ڪرڻ جا حقدار آهن. تيئن ئي نياڻيون به علم جي روشنيءَ تائين برابر رسائي جو حق رکن ٿيون تعليم سان نياڻيون ڊاڪٽر، انجنيئر، اُستاد، آفيسر، ليکڪ ۽ سماج جون اڳواڻ بڻجي سگهن ٿيون. اڄ جي پڙهيل نياڻي سڀاڻي جي باشعور ماءُ آهي.جيڪا سڄي نسل کي سُڌاري سگهي ٿي. اچو ته عزم ڪريون: هر نياڻيءَ کي اسڪول موڪليون،   ان جو قلم، ان جي عزت بڻايون،   ۽ تعليم ذريعي ان جي زندگيءَ ۾ روشن صبح آڻيون،  ڇاڪاڻ ته: تعليم نياڻين جو بنيادي حق آهي. جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته سماج ۾ سچو انقلاب اچي، ته نياڻيءَ جي هٿ ۾ ڪتاب ڏيو.! ڇو ته تعليم يافته نياڻيون رڳو پنهنجي قسمت نه پر سڄي نسل جو مقدر بدلائي سگھن ٿيون. نياڻين کان تعليم جو حق کسيندڙ، رڳو ان جو مستقبل نه، پر سماج جو ضمير به قتل ڪري ٿو.! تعليم نياڻي لاءِ زيور نه، پر زندگيءَ جو تحفظ پڻ آهي! پڙهيل نياڻيون روشن سنڌ جي ضمانت آهن.

نياڻين کي پڙهايو!

 سنڌ کي سنواريو.!

***


 

خوشي ڪماري (ڪلاس ڇھون) مير شير محمد خان ٽالپور پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

هولِي

هولي هنڌو ڌرم وارن جو هڪ اهم ڌرمي ڏڻ آهي. آڳاٽي زماني ۾ هندستان ۾ هرناڪش نالي هڪ راجا راج ڪندو هو. هڪ ڀيري هن پوڄا ۾ دعا گھري، ته مون کي اهڙي طاقت ملي، جو آءٌ نه تير سان مران، نه گھرجي ٻاهر مران، نه اندر مران، نه مون کي ڪير زمين تي ماري سگھي، نه آسمان تي، نه ڪنھن انسان کان مري سگھان، نه ڪنھن جانور کان، نه ڏينھن جو مران، نه وري رات جو.

چون ٿا ته ان جي دعا اگھامي وئي. راجا طاقت جي نشي ۾ اچي ڪري، اعلان ڪرايو ته هاڻ مون کان ڪو به طاقتور نه آهي. تنھنڪري اوهان سڀني کي منھنجي پوڄا ڪرڻ گھرجي.

راجا کي پھلاج نالي هڪ پٽ هو. وڏو ٿيو ته راجا پھلاج کي تعليم ۽ سکيا لاءِ اُستاد وٽ ڇڏيو. اُستاد اُن کي پڙهايو صرف هڪ ئي رَڪشَا ڪرڻ واري جي پُوڄا ڪرڻ گھرجي ۽ اهو ڀڳوان آهي. پھلاج اهو سمجھي ورتو، ته هي راجا هن سنسار جو خلقڻھار نه آهي. اهو سوچي هو ماڻھن کي چوڻ لڳو، ته هن سموري سنسار جو خلقڻھار ڀڳوان آهي. ان جي ئي پُوڄا ڪرڻ گھرجي.

جڏهن راجا ڏٺو ته هن جو ئي پُٽ سڄي راڄ کي گمراهه ڪري رهيو آهي، تڏهن هن پنھنجي پُٽ کي حڪم ڏنو، ته اها ڳالھه ڇڏي ڏي. پر هو نه مڙيو. نتيجي ۾ ماڻھو راجا جي خلاف ٿي ويا ۽ پھلاج کي سچو ڀڳت مڃڻ لڳا. راجا کي اها ڳالھه اصل نه وڻي ۽ هو پنھنجي پٽ کي مارڻ جون چالون ڪرڻ لڳو. هن پھلاج کي جبل تان ڌڪو ڏياريو، سمنڊ ۾ ٻوڙي مارڻ لاءِ لوڙهيو، پر هو بچي نڪري آيو.

راجا کي پريشان ڏسي ڀيڻ هولِيڪا آئي ۽ چيو ته مون وٽ هڪ طريقو آهي. مون وٽ هڪ چادر آهي، جنھن کي جيڪو به پنھنجي جسم تي ويڙهيندو، ان کي باهه نه ساڙيندي. تون باهه جو وڏو مچ، ٻاراءِ آءٌ ان مچ مان اها چادر ويڙھي گذري  وينديس پوءِ تون پھلاج کي چئجان ته جيڪر سچو آهين، ته هن مچ مان گذري ڏيکار. هو باهه ۾ ايندو، ته سڙي مري ويندو ۽ تنھنجي هن مان جِندُ به ڇُٽي پوندي .

راجا کي اها ڳالھه تمام گھڻي پسند آئي ۽ هن وڏو مچ ٻارايو. هوليڪا چادر ويڙهي وڃي، ان مچ مان پئي گذري ته راجا، پھلاج کي به حڪم ڪيو ته جيڪر سچو آهين ته هن مچ مان تون گذري ڏيکار. پھلاج به ڌڻي کي ياد ڪري مَچ ۾ ٽُپي پيو. ان مھل قدرت ربّ جي هڪ وڏو طوفان لڳو. هولِيڪا جي چادر اُڏامي وڃي، پھلاج تي پئي ۽ هولِيڪا سڙي خاڪ ٿي وئي ۽ پھلاج صحيح سلامت مچ مان ٻاهر نڪري آيو. ماڻھو سچ جا نعرا هڻڻ لڳا.

ان کان پوءِ راجا هڪ ٻي چال وڙهي. هن لوهه جو هڪ وڏو ٿنڀو باهه ۾ پچائي ڳاڙهو ڪرايو ۽ پھلاج کي للڪاري چيو، ته جيڪڏهن تون سچو آهين، ته هن ٿنڀي کي ڀاڪر پائي ڏيکار. جڏهن پھلاج ٿنڀي ڏانھن ڏٺو ته ان تان هڪڙي ماڪوڙي گذري رهي هئي،  پوءِ  هن جو ڊپ ختم ٿي ويو ۽ ڊوڙي وڃي ٿنڀي کي ڀاڪر پاتائين. قدرت ربّ جي، ٿنڀو ٺڪا ڪري ڦاٽي ٻه اڌ ٿي ويو ۽ ان مان نرسنگھه نڪري نروار ٿيو. نرسنگھه جو اڌ جسم شينھن جو ۽ اڌ انسان جو سانجھي ٿي، ته نرسنگھه راجا هرناڪش کي جھلي پنھنجي گوڏن تي رکيو ۽ درٻار جي چوائنٺ تي ويھي، پنھنجا ننھن راجا جي ڇاتيءَ ۾ کُپائي ماري ڇڏيائينس. پوءِ هن پھلاج کي هرناڪش جي گاديءَ تي ويھاريو ۽ راجا وارو مُخَٽُ پارايو. هنڌو ڌرم جا پوئلڳ، هوليڪا کي سڙي خاڪ ٿيڻ واري ڏينھن خوشيءَ ۾ سچ جي جئه چئي، هر سال (ڦڳڻ) مھيني جي ٻارهين تاريخ تي ڌوم ڌام سان هولي جو ڏهاڙو ملھائيندا آهن. هولي جي موقعي تي رات جو هر گھر ۾ باهه جو مچ ٻاريو ويندو آهي، جنھن ۾ ڳاڙهي ڌاڳي سان ويڙهيل اٽي جو سٺو لولو پچائبو آهي. لولو پچيو وڃي. پر ڌاڳو نه سڙندو آهي. ڌاڳو سلامت هجڻ تي ماڻھو سچ جي جئه چوندا آهن. هولي جي ٻئي ڏينھن کي ڌوڙيو چئبو آهي. هن ڏينھن تي ماڻھو هڪ ٻئي کي رنگن جون پچڪاريون هڻندا آهن. پنھنجن مٽن مائٽن کي رنگ لڳائي خوشيون ملھائيندا آهن ۽ محبت ۽ خوشي جو اظھار ڪندا آهن.

***


 

اجي ڪمار (ڪلاس ڇھون)

پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

اصول

هڪ دفعي جو ذڪر آهي، ته هڪ ڳوٺ ۾ هڪ غريب ڇوڪرو رهندو هو. هن جو پيءُ هاري هو. ڇوڪرو صبح جو سوير اُٿي، ٻنيءَ تي ويندو هو. ٻنيءَ تي هو پنھنجي پيءُ جي مدد ڪندو هو. پوءِ هو گھر واپس ايندو هو. ماني کائي پوءِ اسڪول ويندو هو. اسڪول جي موڪل ٿيندي هئي، ته هو گھر ايندو هو. ماني کائي پوءِ پيءُ جي لاءِ ماني کڻي ويندو هو. شام جو ٻئي واپس گھر ايندا هئا. پوءِ ڇوڪرو راند کيڏڻ ويندو هو. سج لھڻ مھل گھر ايندو هو، ته اسڪول جو هوم ورڪ ڪندو هو. اسڪول جو ڪم ختم ڪري، پوءِ ماءُ پيءُ سان گڏ ماني کائي پوءِ  انھن سان گڏ ڳالھيون ڪندو هو ۽ پوءِ ڳالھيون ڪندي ڪندي سُمھي پوندو هو. ائين زندگي گذاريندو هو. ان اصول جي ڪري، هو هڪ ڏينھن وڏو آفيسر بنجي ويو.

سبق:

پيارا ٻارؤ! اسان کي به گھرجي ته پنھنجي زندگيءَ جو هڪ اصول ٺاهيون ۽ ان اصول مطابق زندگي گذاريون ۽ زندگيءَ ۾ اجايا ڪم نه ڪريون، ته جيئن اسان پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪاميابي ماڻي سگھون.

***


 

ليکڪ: عبدالاحد چنڙ (ڪلاس ڏهون)
ريڊرس ٽراسفارميشنل سينٽر ڄام شورو

اچو ته ارسطوءَ کي پڙهون

ارسطو انهن عظيم فلسفين مان هڪ هو، جيڪي ڪڏهن پيدا ٿيا، ۽ کيس تاريخ جو پهريون وڏو ۽ حقيقت پسند سائنسدان پڻ چيو وڃي ٿو. هن فلسفي ۽ سائنس جي تقريبن سڀني شعبن ۾ بنيادي ۽ انقلابي ڪم ڪيو. هن منطق (Logic) جي علم کي باقاعده صورت ڏني، مختلف سائنسي شعبن جي سڃاڻپ ڪرائي ۽ انهن جي لاڳاپن کي واضح ڪيو. ارسطو هڪ بهترين اُستاد به هو، ۽ هن اٿينس شهر ۾ پنهنجو تعليمي ادارو قائم ڪيو، جنهن کي لائيسيم (Lyceum) چيو ويندو آهي.

ارسطو 384 قبل مسيح ۾ يونان جي علائقي اسٽيگيرا ۾ ڄائو ۽ 322 قبل مسيح ۾ چالس شهر ۾ وفات ڪيائين. هو قديم يونان جو هڪ وڏو فلسفي ۽ سائنسدان هو ۽ قديم زماني جي سڀ کان وڏين علمي شخصيتن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن هڪ اهڙو فلسفي ۽ سائنسي نظام تيار ڪيو، جيڪو پوءِ عيسائي فلسفي (اسڪولا سٽڪ ازم) ۽ وچئين دور جي اسلامي فلسفي جو بنياد بڻيو. نشاةِ ثانيه، مذهبي سڌارن ۽ روشن خيالي جي دور کان پوءِ به ارسطو جا خيال مغربي سوچ ۾ موجود رهيا. ارسطوءَ جو علمي دائرو تمام وسيع هو. هن حياتيات، نباتات، ڪيميا، اخلاقيات، تاريخ، منطق، مابعدالطبيعات، خطابت، ذهن جي فلسفي، سائنس جي فلسفي، طبيعيات، شاعري، سياسي نظريي، نفسيات ۽ حيوانات جهڙن شعبن ۾ ڪم ڪيو. هن منطق جي علم کي اهڙي صورت ڏني، جو صدين تائين ان کي مڪمل علمِ منطق سمجهيو ويندو رهيو. هن حيوانيات ۾ مشاهدتي ۽ نظرياتي ٻنهي سطحَن تي تحقيق ڪئي، ۽ سندس ڪجهه ڪم اوڻيهين صدي تائين بي مثال رهيو. جيتوڻيڪ ارسطو ڪيترن ئي علمن جو ماهر هو، پر هو سڀ کان وڌيڪ هڪ عظيم فلسفي طور سڃاتو وڃي ٿو. اخلاقيات، سياست، ما بعد الطبيعات ۽ سائنس جي فلسفي بابت سندس لکڻيون اڄ به پڙهيون وڃن ٿيون، ۽ جديد فلسفيانه بحثن ۾ سندس خيال اڃان تائين اثر رکن ٿا.

اڪيڊمي (Platos Academy)

ارسطو جو والد نيڪوميڪس مقدونيه جي بادشاهه امينتاس ٽئين جو ذاتي طبيب هو، جيڪو سڪندرِ اعظم جو ڏاڏو هو. 367 قبل مسيح ۾ والد جي وفات کان پوءِ ارسطو اٿينس ويو، جتي هن افلاطون جي قائم ڪيل اڪيڊمي ۾ داخلا ورتي. هو لڳ ڀڳ 20 سال افلاطون جو شاگرد ۽ ساٿي رهيو.

افلاطون جا ڪيترائي آخري مڪالما انهيءَ دور سان لاڳاپيل آهن، ۽ ممڪن آهي ته انهن ۾ ارسطو جا خيال به شامل هجن. ارسطوءَ جون ڪجهه لکڻيون به انهيءَ زماني جون آهن، پر انهن مان گهڻيون رڳو ٽڪرن جي صورت ۾ ملي ٿيون. پنهنجي اُستاد افلاطون وانگر، ارسطو به شروعات ۾ مڪالمي جي صورت ۾ لکندو هو، سندس شروعاتي خيالن تي افلاطوني اثر صاف نظر اچي ٿو.

***

ذوهيب انور (پبلڪ اسڪول) ميرپورخاص

ايمانداري

اسان کي هميشه ايمانداري ڪرڻ کپي، ڇو ته جڏهن اسين ايمانداري نه ڪنداسين، ته اسان سان به بُرو ٿيندو. توهان کي هڪڙي يادگار ڳالھه ٻڌايان ٿو،ته هڪ ڀيري هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙو به دڪان نه هو، ته اتي ماڻھن کي شھر مان سامان وٺي ۽ کڻي اچڻ ۾ تمام گھڻي ڏکيائي ٿيندي هئي.

پوء ان ڳوٺ ۾ هڪ بي ايمان ماڻھوءَ دڪان کولڻ جي رٿ رٿي ۽ دل ۾ چيائين، ته ڳوٺ ۾ هڪ به دڪان نه هوندو. صرف منھنجو دڪان هوندو. پوءِ آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان مُلھه طئه ڪندس. ماڻھن کي ڦريندس. ائين سوچي ان دڪان کوليو، جنھن ۾ شھر مان سيڌو سامان وٺي اچي ڀري ڇڏيائينس. پوءِ هن ڇا ڪيو، جو سؤ واري شيءِ ٻه سؤ ۽ هزار واري شيءِ ٻه هزار ۾ کپائڻ لڳو. بي ايمان ته اڳيئي هو، پوءِ هن ڇا ڪيو جو منشيات به شھر مان وٺي اچي ڳوٺ ۾ وڏي اگھه ۾ وڪرو ڪرڻ لڳو ۽ نوجوان نسل کي تباهه ڪرڻ لڳو. قدرت خدا جي، جو ان ڳوٺ ۾ هڪ پوليس آفيسر به رهندو هو. جيڪو پنھنجون موڪلون گذارڻ آيو هو. ان کي ڳوٺ جي ماڻھن سڀ حقيقت ٻڌائي، ڇو ته ڳوٺ وارا ماڻھو اهڙي بي ايمان دڪاندار مان بيزار ٿي پيا هئا. پوءِ ان ايماندار آفيسر، پوليس جي ٻين عملدارن جي مدد سان ان دڪان تي ڇاپو هنيو، ته واقعي سڀ منشيات حاصل ڪري ورتائين ۽ ماڻھن کان وڌيڪ اگهه تي سامان وڪرو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس گرفتار ڪري ورتائين. ۽ دڪان سيل ڪري ڇڏيائين. ائين بي ايمان ماڻھوءَ جي دڪان ۾ پنج ڇھه لک جو سامان ضايع ٿي ويو.

پيارا ٻارؤ هن ڪھاڻي مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو، ته هميشه ايمانداري سان ڪم ڪريون. جيڪڏهن بي ايماني سان ڪم ڪندؤ، ته پوءِ هن بي ايمان دڪاندار وانگر برو انجام ٿيندو.  اسان جي پياري نبيﷺ جن جو فرمان مبارڪ آهي، ته جيڪو ايمانداري نٿو ڪري ته اهو اسلام جي دائري مان خارج آهي. ان ڪري اسان کي هميشه ايمانداري سان ڪم ڪرڻ گھرجي.

***

اجيش ڪمار (پبلڪ اسڪول) ميرپورخاص

ٻڌي ۾ طاقت آهي

هڪ پوڙھي هاريءَ کي ٽي پٽ هئا. هو سدائين پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئا. هڪ ڏينھن پوڙهي هاريءَ چيو ته پٽ هاڻي اوهان کي هڪ ڪم ڪرڻو پوندو. تڏهن ٽيئي پٽ پوڙهي تي ناراض ٿيا ۽ پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا. تڏهن پوڙهي هاريءَ ڇا ڪيو جو ٽنھي پٽن کي سڏي چيو ته آءٌ اوهان کي هڪ راز جي ڳالھه ٻڌايان ٿو، ته پنھنجي ٻني ۾ سون پوريل آهي. تڏهن سڀ پٽ خوش ٿيڻ لڳا ۽ ڇا ڪيائون، جو ٻني کي کوٽڻ لڳا. تڏهن هاريءَ پُٽن کي چيو، ته کوٽڻ سان گڏ ٻج به وجھو. هنن ٻج به وڌو پر هنن کي سون ڪونه مليو.  ٿورن ئي ڏينھن ۾ سٺو فصل تيار ٿيڻ لڳو ۽ پٽ خوش ٿيڻ لڳا ۽ ان فصل کي لُڻي سُٺي قيمت ۾ وڪرو ڪيائون. اتي هنن کي پوڙهي پيءُ چيو، ته پُٽ اصل سون اهو آهي، هاڻي اوهان محنت ڪرڻ سکِي ويا. پُٽ به سمجھي ويا ۽ پوءِ  گڏجي سڏجي ڪمائي آرام سان پنھنجي پيءُ سان خوش خوش رهڻ لڳا.

***


 

فھد شر (ڪلاس ڏهون) پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

علم هنر وڏي دولت

گھڻو وقت اڳ هڪ ڳوٺ ۾ غريب شخص رهندو هو. جنھن کي ٻه پٽ هوندا هئا. پنھنجي پُٽن جا خواب ساڀيان ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات مزدوري ڪري پنھنجو گذر سفر ڪندو هو. جڏهن ٿورا وڏا ٿيا، ته انھن جي پيءُ سوچيو ته ڇو نه آءٌ انھن کي پڙهڻ لاءِ ڇڏيان. ته جيئن هو پنھنجي زندگي سٺي نموني سان گذاري سگھن. آخرڪار ٻنھي ڇوڪرن کي پڙهائيءَ لاءِ اسڪول داخل ڪرايو. ٻنھي ڀائرن ۾ وڏو ڀاءُ پڙهائيءَ ۾ ٿورو ڪمزور هو ۽ ننڍو ڀاءُ هوشيار هو ۽ پڙھڻ جو شوق به هئس. انھن ٻنھي ڀائرن کي انھن جي پيءُ ڏٺو، ته ڇو نه وڏو پٽ پڙهائي ۾ ڪمزور آهي ته انھيءَ ڪري هن کي هنر سيکاريو وڃي ۽ ننڍو پٽ پڙهائيءَ ۾ هوشيار آهي ته انھيءَ کي وڌيڪ پڙهائيءَ لاءِ ڇڏيو وڃي، ته جيئن ٻئي ڀائر معاشري ۾ عزت ۽ سڪون سان رهي سگھن. آخرڪار وقت سان گڏوگڏ ڀائر به وڏا ٿي ويا ۽ وڏو ڀاءُ ڪاٺ مان شيون ٺاهي ٺاهي ماھر ٿي ويو ۽ انھيءَ سان گڏوگڏ دستڪاريءَ ۾ به مھارت حاصل ڪري ورتي. هوڏانھن ننڍو ڀاءُ پڙهي لکي هڪ ڪامياب ڊاڪٽر ٿي ويو ۽ پنھنجي ڳوٺ ۾ هڪ اسپتال ٺھرائي ۽ غريب ماڻھن جو گھٽ پئسن ۾ علاج ڪرڻ لڳو. انھن جي انھيءَ ڪم کان پوءِ ٻنھي ڀائرن جي واهه واهه هنڌين ماڳين هلي وئي ۽ ڳوٺ ۾ ننڍا وڏا سڀ عزت سان پيش اچڻ لڳا. هاڻ انھن جو پيءُ ٻنھي تي فخر محسوس ڪرڻ لڳو ۽ هڪ شاندار گھر ۾ رهڻ لڳا.

پيارا ٻارؤ! هن ڪھاڻي مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو، ته لازمي نه آهي ته پڙهائي صحي آهي، پر انھيءَ سان گڏوگڏ هنر به هڪ وڏي دولت آهي. اهي ٻئي شيون انسان کي زوال کان وٺي عروج تائين پھچائين ٿيون.

***

ابوبڪر معشوق مڱريو (پبلڪ اسڪول) ميرپورخاص

ميرپورخاص انبن جو شهر

ميرپورخاص سنڌ صوبي جو چوٿون نمبر وڏو شھر آهي. هن شھر کي انبن جو شھر به چيو ويندو آهي. ميرپورخاص جي مشھوري جو سبب سنڌڙي انب آهي.  هتي هر سال شاندار طريقي سان انبن جي نمائش لڳندي آهي.  جنھن ۾ ننڍا وڏا واپاري پنھنجي فصلن جي نمائش ڪندا آهن.  انھي ڪري ميرپورخاص ۾ تمام گھڻي رونق هوندي آهي.  انبن جي نمائش لاءِ هتي هڪ ڪرڪيٽ گرائونڊ گاما اسٽيڊيم هوندو هو. پر جڏهن کان هتي فروٽ فارم لاءِ  هڪ وڏو ايئر ڪنڊيشن هال تعمير ٿيو آهي، تڏهن کان هن هال ۾ انبن جي نمائش تمام اهتمام سان اڃان وڌيڪ سُٺي نموني ڪئي ويندي آهي. هن سال ”47 هون انبن جو فيسٽيول پڻ انھي هال ۾ ڪيو ويندو. انبن جي پيداوار سبب ميرپورخاص کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو مرڪز پڻ چيو ويندو آهي.

***


 

گل محمد ولد محمد الياس دايو جو جنم 21 سيپٽمبر 1960ع تي ٿيو. لکڻ جي شروعات ٻالڪ ادب سان ڪيائين، لاڙڪاڻي جي ادبي وايو منڊل ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ سان 1985ع کان سرگرم ميمبر طور ۽ ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري ۽ ٻين عھدن تي رهيو آهي. انھيءَ کانسواءِ  ٻه دفعا سنڌي ادبي سنگت شاخ باراني مغيريءَ جو سيڪريٽري به رھي چڪو آھي. اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس لکيل مواد نثر ۽ نظم جي صورت  شايع ٿيندو رھي ٿو.  ٻارن لاءِ ٽي مڪمل ڪتاب نثر ۽ نظم ۾ لکيا اٿائين.

سوال: تعارف، ننڍپڻ ۽ ادب ۾ شموليت بابت ٻڌايو؟

جواب: منھنجو پورو نالو گل محمد ولد محمد الياس دايو ۽ ادبي نالو استاد گل دايو اٿم، انھيءَ کان اڳ مان گل محمد دايو، استاد گل محمد دايو، گل دايو ۽ گل محمد گل جوکيو جي نالن سان به لکي چڪو آهيان، منھنجو ننڍپڻ مزدور ۽ ھاريءَ جي عام ٻار جيان غربت ۾ ئي گذريو آھي، پر ابن ڏاڏن  کان لاڙڪاڻي شھر ۾ رھڻ ڪري پڙھڻ ۽ روزگارجا گھڻا موقعا ميسر ھئا، جنھن جي ڪري رسمي تعليم سان گڏوگڏ ڪپڙي جي دڪان، ڪرياني جي دڪان، ايڪسري ٽيڪنيشن طور ۽ ڊاڪٽرن وٽ بطور ڪمپائونڊر ڪم ڪري چڪو آھيان، انھن ڪمن ڪري والدين تي ڪڏھن به بار نه بڻيس، ويتر وس آهر سندن مدد به ڪندو رھيس . هن وقت جتي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج قائم آهي، اُتي اڳ اسان جي ڏهه جريب کن زمين هئي، جنھن کي بابا اڪيلي سر آباد ڪندو ھو، مان اسڪول کانپوءِ محمد پور محلي کان پيرين پنڌ وڃي، بابا کي منجھند جي ماني پھچائيندو ھئس. مان انھيءَ ڳالھه تي اڄ به فخر ڪندو آهيان ته موهن جي دڙي“  جي کوٽائي وقت منھنجو بابا ۽ منھنجا ٻيا مائٽ، موھن جي کوٽائيءَ وقت دڙي مان نڪتل سامان، پنھنجي  ڏاند گاڏين ذريعي ھڪ مزدور طور ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ رکندا ھئا، جنھن جي مزدوري ان وقت جا انگريز عملدار کين پگھر سڪڻ کان اڳ،  ڏئي ڇڏيندا ھئا. مون ادب ۾ لکڻ جي شروعات سال 1976ع کان ڪئي ,ان  وقت ٻارن لاءِ ماھوار رسالو گلن جھڙا ٻارڙا نڪرندو ھو ۽ جنھن ۾ منھنجون ڪھاڻيون ۽ لطيفا شايع ٿيندا ھئا، مھيني جي انتظار کانپوءِ جڏھن رسالو ملندو ھو، تڏھن عيد کان به وڏي خوشي محسوس ڪندو هئس پر جڏهن وري رسالي ۾ ڪا شيءِ شايع ٿيندي ھئي، ته سونو جبل حاصل ٿيڻ جيتري خوشي ٿيندي هئي.

مان 1985ع ۾ ڪامريڊ ڪريم بلوچ جي معرفت سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو ميمبر بڻيس جو اڄ تائين ميمبر آهيان.

سوال: پھرين تحرير ڪھڙي ڇپي ۽ ان وقت جا احساسات پڙھندڙن سان ونڊ ڪيو.

جواب: منھنجي ٻارن لاءِ لکيل پھرين ڪھاڻي عقلمند چٻرو“ 1976ع ۾ ٻارڙن لاءِ شايع ٿيندڙ مقبول رسالي گلن جھڙا ٻارڙا“  ۾ شايع ٿي ھئي، ھن ڪھاڻي شايع ٿيڻ سان عيد کان به وڌيڪ خوشي ملي هئي ۽ ان  سان گڏوگڏ وڌيڪ لکڻ لاءِ اتساھ به مليو هو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين ٻارڙن لاءِ لکندو اچان پيو.

سوال: ٻالڪ ادب ۾ پنھنجي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪم جو تفصيل ٻڌائجو؟

جواب: ٻاراڻي ادب ۾ منھنجو پھريون ڪتاب گيت گلڙن لاءِ (شاعري) سال 2000ع ۾ شايع ٿيو، ٻيو ٻارڙن لاءِ ڪھاڻين جو ڪتاب ڪنگ جي ناني سال2023 ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٻارڙن لاءِ شاعريءَ تي مشتمل منھنجو ٽيون ڪتاب مرڪن مٺڙا ٻار جيڪو ڇپائي جي آخري مرحلي ۾ آھي، انھيءَ کانسواءِ ٻارڙن لاءِ شاعري ۽ ڪھاڻين جي ٻن، ٻن ڪتابن جيترو مواد اڃا موجود آھي، جنھن جي شايع ڪرائڻ کان مالي وسيلن ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آھي.

سوال: ھڪ استاد ھئڻ جي حيثيت ۾ اھو ٻڌايو ته ٻارن تي ڪھاڻي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو ڪيترو اثر ٿئي ٿو؟ سنڌي ٻالڪ ادب ۾ ڪھاڻين جي ڪتابن جي کوٽ ته نه آهي؟

جواب: حقيقت ۾ ڪھاڻي ڪنھن به واقعي جو عڪس هجي ٿي ۽ هن سوشل ميڊيا جي دور ۾ اسان جو ٻار موبائل يا ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي روزانو ڪيترن ئي واقعن جا عڪس ڏسي ٿو، پوءِ اهي عڪس جڏهن ڪھاڻيءَ جي صورت ۾ سندس آڏو اچن ٿا يا ھو پاڻ پڙھي ٿو ته انھيءَ ڪھاڻيءَ جو عڪس ۽ ان مان مليل نصيحت مان سبق به وٺي ٿو، ان بابت سوچي ٿو، سمجھي ٿو ۽ عمل  به ڪري ٿو. باقي شاعريءَ جي مقابلي ۾ ٻاراڻي ادب ۾ نثر  جي کوٽ  برابر آھي، خاص ڪري سائنسي مضمونن ۽ ڪھاڻين جي .

سوال: توهان جي خيال ۾ ٻارن جي لاءِ نثر يا نظم ۾ تخليق جو ڪھڙو اظھار موثر آھي؟

جواب: ٻارن لاءِ نظماڻي يا نثراڻي تخليق ۾ تعليم، تفريح ۽ ڄاڻ جو عنصر تمام ضروري آھي، اھڙي قسم سان اظھاريل تخليق موثر ثابت ٿئي ٿي. ٻار، نظم سان عشق ڪري ٿو ۽ نثر سان دل وندرائي ٿو .

سوال: موجوده دور ۾ اسان وٽ لکڻ وارا ته گھڻا آھن پر ڪتابن جي ڇپائي ۽ پبلشرن جي ھڪ ھٽيءَ جي ڪري ڪيترا ليکڪ پنھنجو لکيل پورھيو ڇپائڻ کان قاصر آھن، توھان جو ڇا خيال آھي؟

جواب: اھا ڳالھه بلڪل درست آهي ته ٻاراڻي ادب جي لکڻ سميت ادب سرجيندڙ سرجڻھارن جو تعداد به چڱو خاصو آھي . يقينن انھن سڀني جي خواھش به هوندي ته سندن ادبي پورهيو ڪتابي صورت ۾ اچي پر هڪ طرف اسان جا ادبي ادارا نالي چڙهيل ليکڪن يا من پسند ماڻھن جا ڪتاب شايع ڪن ٿا ته ٻي طرف ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي به، ڪتابن نه ڇپجڻ  جو وڏو سبب آهي، باقي خانگي طور تي ڪتاب ڇپيندڙ پنھنجي مرضيءَ جا مالڪ آھن، جنھن کي جيتري ۾ وڻين ٿو  اُن کي اوتري ۾ ڦاسائين ٿا، منھنجي خيال ۾ ڪجھه ادب دوست پبلشر به ضرور آهن، جيڪي مناسب اگھه تي ڪتاب ڇپي ٿا ڏين، ضرورت انھي ڳالھه جي آهي ته اسان جو ثقافت کاتو، ۽ ٻيا ادارا ٻاراڻي ادب تي ڇپجندڙ ڪتابن جون گھٽ ۾ گھٽ پنج سئو ڪاپيون خريد ڪري، سنڌ جي سرڪاري اسڪولن توڙي لائبريرين ۾ پھچائين يا وري اسڪولن اندر شاگردن جي ٿيندڙ چٽا ڀيٽي مقابلن ۾ کين انعام طور ڏين، انھيءَ کانسواءِ سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن جي ھيڊ ماستر ۽ ھيڊ مسٽريس صاحبان کي گھرجي ته اسڪول جي فنڊن مان ٻاراڻي ادب جا ڪجھه ڪتاب خريد ڪري، شاگردن جي پڙهڻ لاءِ اسڪول ۾ رکن، ايئن ڪرڻ سان نه رڳو ٻاراڻي ادب کي موٽ ملندي پر ان سان گڏ هڪ ليکڪ جو پورهيو به ان جي حقيقي پڙهندڙ تائين پھچندو.

سوال: ٻالڪن لاءِ ڪو پيغام ڏيو؟

جواب: ٻارن کي گھرجي ته هو، والدين ۽ استادن جو ادب ۽ احترام ڪن ۽ چٽا ڀيٽي ۽ راندين جي مقابلن ۾ ڀرپور حصو وٺن. موبائل فون ۽ ڪمپيوٽر جو گھٽ کان گھٽ استعمال ڪن.


 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org