|


[14]
جِتي
”آهِ“
نه
”ناهِ“
ڪا، اِيءُ خيالُ خاڪِي
پِريان جِي پاڪِي، پَسَڻان ئي پَري ٿي.
سمجھاڻي:
انساني سوچ يا تصور هئڻ ۽ نه هئڻ (ضدن) تائين
محدود آهي ليڪن محبوب (ذات مطلق) پنھنجي حسن ۽
جمال جي پاڪائي (مطلق نوعيت) سبب ڏسڻ پسڻ کان مٿي
آهي.
[15]
وِردَ وَظِيفا وِسَرِئا، نَڪا رَهِي نِمازَ
هِنيَڙو بَحرِي بازَ، چوري چَنَبَنِ ۾ ڪِئو.
سمجھاڻي:
مون کان سڀ ورد وظيفا (نفلي عبادتون) به وسري ويون
ته نماز (جھڙي فرض عبادت) به هٿان هلي ويئي.
(دراصل مان پنھنجي وس ۾ نه آهيان جو) منھنجي دل کي
(محبوب حقيقي) زور آور باز وانگر چنبن ۾ کڻي هليو
ويو آهي.
[16]
وَقتُ وَڃي جو، سو قَضا ٿِئي ڪِيئن
تان نه گُھرجي تِيئن، جا پَرِ عَزازِيلَ جِي.
سمجھاڻي:
جيڪو وقت قضا (گذري) وڃي ٿو اهو ڪيئن ٿو ٻيهر هٿ
اچي سگھي؟ (الله جي حڪم کي وقت تي ادا ڪرڻو آهي).
ائين عزازيل واري روش اختيار نه ڪجي (جو کانئس وقت
ويو ۽ الاهي حڪم مڃي آدم کي سجدو نه ڪيائين ته
هميشه لاءِ تڙجي ويو).
[17]
روزا ۽ نَمازُون، اِيءُ پُڻ چَڱو ڪَمُ
اُو ڪو ٻيو فَهَمُ، جِنھِ ۾ پَسڻُ پِرينءَ کي.
سمجھاڻي:
روزا ۽ نمارون نيڪيءَ وارا ڪم آهن (شريعت مطابق
اهي ضروري ۽ فرض آهن.) (پر ظاهري فرضن ادا ڪرڻ کان
سواءِ) اڃا اهو ڪو ٻئو عمل يا فعل آهي، جنھن ڪري
حقيقي محبوب جو ديدار نصيب ٿو ٿئي.
[18]
ڪيهِي پُڇِين ڪالَهه ڪَرَ، نَڪا اَڄُ صُباحَ
وانءُ تَهِينِ سِين واڳِيو جو پِرين مَنجهه پَساهَ
رَمُ رَبانِي راهَ، مَٿي حالَ هُوشِيارُ ٿِي.
سمجھاڻي:
تون ڪالهه جي ڪهڙي خبر ٿو پڇين (اصل ۾) نڪي اڄ آهي
نه سڀاڻي. توکي گھرجي ته تنھنجي ساهه پساهه (حال)
سان جنھن هستيءَ جو واسطو آهي، ان سان هر صورت ۾
گڏجي هلين. ائين تون ربّ طرفان مقرر ڪيل واٽ تي
هلندو رهه ۽ پنھنجي حال بابت پوري هوشياريءَ ۽
خبرداريءَ کان ڪم وٺ.
شاهه جو رسالو
]سُر
’آسا‘
داستان پھريون. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو،
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[

علي محمد سولنگي
حمّد
مالڪ تنھنجيون لک ڀلايون،
ڪھڙيون ڳائي ڪھڙيون ڳايون.
اکيون ڏنيون تو ڏسڻ لئه،
نڪ ڏنو تو ساھه کڻڻ لئه،
ڪن ڏنا تو ڳالھه ٻُڌڻ لئه،
ڄِڀَ ڏني تو آهه چکڻ لئه.
وات ڏنو تو ڳالھائڻ لئه،
پيٽ ڏنو تو کاڌو کائڻ لئه،
هٿ ڏنئي ڪم ڪار ڪرڻ لئه،
پير ڏنا تو گھمڻ ڦرڻ لئه.
ذهن ڏنو تو سوچڻ جي لئه،
سوچڻ جي لئه، لوچڻ جي لئه،
سوچ، عقل، ساڃاهه ڏني تو،
حق ۽ سچ جي راهه ڏسي تو.
راهه انھيءَ شال هلائين،
بُرن ڪمن کان شال بچائين.
***
نياز حسين
’نياز‘
هيسباڻي
لاڙڪاڻو

نعت
خدا خود پاڻ ڪئي آهي حمايت رسالت جي،
حقيقت هن سندي قرآن ۾ هدايت رسالت جي.
ڪفارن لئي ڏيڻ پيغام حقيقت ۾ مشڪل هو،
ڏني حق جي نبيﷺ اهڙي حقايت رسالت جي.
يقين ڪامل سان هر چيز تي رهيو وڃي قابو،
رهي لطف ڪرم آهي عنايت رسالت جي.
خدا جي خاص خدائي جو عجب اسرار آ ساٿي،
رهي ٿي روز و شب هن روح ۾ راحت رسالت جي.
مبارڪ
’نياز‘
آ توکي تو ڪيو غور رسالت تي،
ڪري حاصل ورتي تو معرفت رسالت جي.
***
ادل سومرو
سکر
سڀ کان پهرين ڳالهه
ڳالھه اسان جي سمجھه سياڻا،
مُکڙين جھڙا ننڍڙا راڻا.
رکجي هردم صاف صفائي،
ادا انھيءَ ۾ آهي چڱائي.
وقت اجايو ڪينَ وڃاءِ،
ڪوشش ڪر تون آئيندي لاءِ.
ننڍي وڏي کي ڪجي سلام،
ڪجي سڀن سان مٺو ڪلام.
سبق پنھنجي کي ڪينَ وسارِ،
ڦرهي لک تون اکر سُڌار.
محنت سان ئي عزت آهي،
سُستيءَ کي تون ڇڏ ڀڄائي.
ملڪ مِٺي جو مانُ تون آهين،
ابي امان جو شانُ تون آهين.
جي تون ڀائڙا محنت ڪندين،
پنھنجي ديس جو نالو ڪڍندين.
غلام محمد غازي
شڪارپور
منگلا ڊيم
جھلم دريا تي سچ ٻارو،
منگلا ڊيم ٺھيل آ سارو.
منگلا کي هڪ ديو چون ٿا،
ديو کي ماڻھو ڏسڻ وڃن ٿا.
منگلا ڊيم ۾ پاڻي گھڻو آ،
هي سچ ٻارو گڏ ڪيو ويو آ.
واهن جي پاڻيءَ مان ٻارو،
ڊيم ڀريو ويندو آ سارو.
ڊيم پري کان اڄ ڏسنداسون،
تنھن تي سوچ ويچار ڪنداسون.
ڊيم مان پاڻي واهه ۾ ايندو،
ايندو زمين ۾ فصل پو ٿيندو.
بجلي گھر پاڻيءَ تي هلندو،
پاڻي ڊيم منجھان کڻبو.
روشني ٿيندي ٻار پڙهندا،
قلم کڻي ڏينھن رات جو لکندا.
فصل جو ٿيندا خوشيون اينديون،
پينگھيون لُڏنديون جُھمريون ٿينديون.
ملڪ ۾ وڌ خوشحالي ايندي،
’غازي‘
دنيا مبارڪ ڏيندي.
امداد سروري
آراضي/سيوھڻ
ڪتابن جو ٿيلهو
ڪتابن جو ٿيلهو ڪُلهن ۾ آهي،
قلم به منھنجي هٿن ۾ آهي.
غريب پيءُ جو پُٽ مان آهيان،
مُرڪ به منهنجي لبن ۾ آهي.
امتحان ۾ پھريون نمبر کڻان ٿو،
محنت منھنجي ڪمن ۾ آهي.
اسڪول ۾ هرڪو اچي چوي ٿو،
خوشبو ڪيڏي گُلن ۾ آهي.
پاڪستان جي دل آ سنڌڙي،
سڀ ڪجھه منھنجي وطن ۾ آهي.
علم سان ملندي آخر عزت،
اُستاد جي عزت دلين ۾ آهي.
اردو سنڌي انگلش پڙهان ٿو،
جوش اسان جي جذبن ۾ آهي.
گُل ڦُل آهيون روز ٽِڙون ٿا،
چاهه اسان جو چمن ۾ آهي.
’امداد
سروري‘
سچ آ بلڪل،
جنت امڙ جي قدمن ۾ آهي.
شفيق عاصم منگي (شڪارپور)
ٻالڪن ٻولي
ٻالڪ ٻولن ٻاتي ٻولي
ڪيڏي سُھڻي سادي سولي.
لفطن ۾ ڀي صافُ سچائي،
گُلڙن جھڙي رنگَ رتولي.
سوچ فڪر کان آجا جن لئه،
ڇانوَ ڇَپَر جيجل جي جھولي.
مُرڪون ماڻا مَھڪن مُکَ تي،
هرڪا ڏسُ ڄڻُ آهه پرولِي.
ميٺ محبت هرجا جھلڪي،
پاتَل ڄڻُ تَن قربَ ڪڙولِي.
کَيجُ خوشيءَ مان ٻارن لاتو،
’عاصم‘
ڪيڏو ٺاهي ٽولِي.
***
سرمد حسين مھر، شڪارپور
سنڌي ٻالڪ
ٽوپي اجرڪ وارا سارا،
سنڌي ٻالڪ آهن پيارا.
سُندر سُھڻا آهن اهڙا،
جھڙا سُھڻا چنڊ ستارا.
مٺڙا مٺڙا مصريءَ جھڙا،
سچل شاهه ڀٽائيءَ پارا.
لُڏندا، لَمندا اهڙا هلندا،
پاڻيءَ جي جيئن لھرن ڌارا.
محنت آهي مُرڪ انھن جي،
آهن
’سرمد‘
همٿ وارا.
***
امداد جسڪاڻي
پنوعاقل/سکر
چارٽ
وٺجي نِيري رنگ جو چارٽ،
ان تي ڏسجو منهنجو آرٽ.
هي ڳوٺاڻي واٽ آ ٺاهي،
ڏيئي جي مون لاٽ آ ٺاهي.
نيرو اُڀ ۽ ان تي بادل،
ٻارن پويان ڊوڙي بادل.
چنڊ ۽ تارا ٺاهيا آهن،
ٻنيون ٻارا ٺاهيا آهن.
سنڌ جو نقشو ٺاهيندس مان،
بس ۽ رڪشو ٺاهيندس مان.
شهر ڏي مون کي وڃڻو آهي،
اڇو چارٽ وٺڻو آهي.
الله محمّدﷺ لکڻو آهي،
اُن ۾ رنگ به ڀرڻو آهي.
مان ته ڪلاس ۾ هڻندس چارٽ،
اُستاد به ڏسندا منھنجو آرٽ.
***
ارباب علي”عادل“
چوھاڻ
شڪارپور
سھڻو وطن سنڌ
سنڌ ديس آ سھڻو وطن،
سر سبز آ سارو چمن.
شھرن ۽ ڳوٺن ۾ سدا،
ھرجا ڏسان دائم امن.
خوشحال پنھنجي سنڌ ڪبي،
ھر ھڪ سنڌيءَ جو آ وچن.
سنڌ جا ڪمي ۽ ڪاسبي،
مزدور ھاري خوش رھن.
بئراج دريا ۽ ڍنڍون،
چشما نيون وھندڙ ھجن.
اجرڪ اُچي ٽوپي ڀلي،
ململ سنڌي پوشاڪ ڪن.
سنڌ جي ترقي جابجا،
سارا سنڌي جڳ ۾ ڏسن.
فن علم ۽ پورھيو ھنر،
”عادل“
سان گڏ ٻالڪ سکن.
***
محمد ياسين ڪنڀر
سلطانپور/پنوعاقل
گُل ڦُل سان ناتو
منھنجو گُل ڦُل سان ناتو پراڻو،
پيچ اُن سان آ پاتو پراڻو.
مون کي گُل ڦُل سڃاڻي ڇڏيو آ،
مون آ گُل ڦُل سڃاتو پراڻو.
سنڌي ادبي بورڊ جو مخزن،
خوبرو اُن جو کاتو پراڻو.
ڀيڻ نجمه پنھور کي سلام آ،
اُن جو گُل ڦُل سان ناتو پراڻو.
’وِيھَه
سَؤ پنج‘
کان ان ۾ لکان ٿو،
ڳيچ
’ياسين‘
ڳاتو پراڻو.
عِلم سان هِن رسالي او
’ڪنڀر‘،
رنگ آ خوب لاتو پراڻو.
***

عزير احمد”عزير“علوي
شڪارپور
رمضان
ڀلاري ماھه جي آمد ڀلاري آ،
مسلمانن به ڪئي بھتر تياري آ.
اڳين اُمت تي روزا فرض ها بلڪل،
اسان تي پڻ اهو فرمان جاري آ.
بلاشڪ ماھ هي موسم بھار آهي،
حديث پاڪ جي ھر ڳالھه نِياري آ.
نمازن جو ثواب به آ وڏو سڀ کان،
سچي سارن مھينن تي هي ڀاري آ.
ڀلاري ماھه جا سارا رکو روزا،
نه رکندڙ کي ته ٿيندي شرمساري آ،
ڀلاري ماھ ۾ ايندي سونھاري آ،
بلاشڪ رات ھڪڙي شان واري آ.
لٿو قرآن پڻ رمضان ۾ سُھڻو،
نه ھرگز ڳالھه مان يارو وساري آ.
ثواب نفلن جو فرض جھڙو پيو ملندو،
اها رمضان جي برڪت سونھاري آ.
اچي رمضان جيئن سارا رکون روزا،
عزير‘کي
پڻ انھيءَ جي انتظاري آ.
ارباب ياسر نھڙي پبلڪ اسڪول (ميرپورخاص)
ابي جي اهميت
ابي
جو جيڪو فرمانبردار ٿيندو،
اهو
ئي سٺو اولاد ٿيندو،
اهو
ئي جنت جو حقدار ٿيندو،
ابي
کان سواءِ هر مشڪل ۾ ڪوئي،
نه
ساٿي نه ذاتي مددگار ٿيندو،
رهيو
جي جھان ۾ هي نالو ابي جو،
اتي
هرڪو چوندو سٺو پٽ ابي جو،
سدا
ڀروسو آ جنھن جو ابي تي.
اهو
ڏينھن قيامت تي ڪامياب ٿيندو،
ڪندو
ابي جي جيڪو خدمت هميشه.
اهو
اولاد ڪنھن جو نه محتاج ٿيندو،
اهو ئي سٺو اولاد ٿيندو،
وفا حبيب ويسر
ٺري ميرواهه/خيرپور
ميلو
وڪڻي دينڻ پنھنجي پاڏي کي،
وٺي ميلي تي ويو ڏاڏي کي.
ميلي ۾ ته جام مٺايون،
دوستن کي ھن کارايون.
کائي پي ھو جام ڪڏيا،
۽ چوڏول تي خوب لڏيا.
گھر لاءِ ميلي مان مِٺائي،
دينڻ آندي خوب سوائي.
ڀيڻ لاءِ ڀڳڙا، چلڪا چوڙيون،
آنديون ٽوڙي خوب ٽجوڙيون.
ملھه ملاکڙا ڏسي جام،
موٽِي آيا جيئن ٿي شام.
***

خير محمد لاکو
سڪرنڊ
اُُستاد جي عظمت
استاد اسان جو رهبر آھي،
پيار سان ٿو ٻار پڙھائي.
الفاظ هي پئي اُستاد چيا،
ٻين کان به خوب ٻُڌا.
محنت سان مچ مچي ٿو،
ٻڌيءَ سان رنگ رچي ٿو.
ساڙ سدائين ڪرائي ڪم بُرا،
جن جي آھي سخت سزا.
ان کي هر هنڌ مانُ ملي ٿو،
علم تي جيڪو ڌيان ڏئي ٿو.
دنيا جي ٿو تاريخ پڙھائي،
واٽ سدائين سچ جي لائي.
’خيرمحمد‘
جو کيس سلام،
عظمت وارو اُستاد جو نام.
استاد گُل دايو
نئون سال مُبارڪ
ٻارن کي نئون سال مبارڪ،
پيارن کي نئون سال مبارڪ.
چين جي ۽ جاپان جي ٻارن،
آمريڪا ايران جي ٻارن.
انڊيا انگلستان جي ٻارن،
پياري پاڪستان جي ٻارن.
ساري جڳ جھان جي ٻارن،
سڀني کي ھي سال مبارڪ.
ٻارن کي نئون سال مبارڪ،
پيارن کي نئون سال مبارڪ.
پڙھڻ تي محنت جام ڪيو سڀ،
ديس جو روشن نانءُ ڪيو سڀ.
ھمت صبح ۽ شام ڪيو سڀ،
دنيا کي پيغام ٻڌايو.
ھڪ ئي سر ۾ گڏجي ڳايو،
ٻان کي نئون سال مبارڪ.
ٻارن کي نئون سال مبارڪ. |