سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جنوي 2026ع

باب:

صفحو:2 

راهب علي ڀٽو (بنگلديرو)

سبق آموز ڪهاڻي

هڪ جھنگ ۾ هڪ گدڙ جي پُڇ تي پٿر لڳو، جنھن ڪري سندس پُڇ ڪَپجي ويو.

ٻئي گدڙ پڇيس: پُڇ ڇو ڪپرايو اٿئي؟

لُنڊي گدڙ وراڻيو: پُڇ ڪپرائڻ جا وڏا فائدا آهن، لڳي ٿو ڄڻ هوا ۾ اڏامي رهيو آهيان!

اها ڳالھه ٻُڌي ٻئي گدڙ به پُڇ ڪپرائي ڇڏيو، پر کيس تڪليف ٿيڻ لڳي.

چيائين: تو ڪوڙ ڇو ڳالهايو؟

لُنڊي گدڙ کلِندي وراڻيو: جي سچ ٿو ٻُڌايان ته تون مون تي کلين ها!

اُهي ٻئي لُنڊا گدڙ وري ٻين گدڙن کي به ساڳيا لفظ ڳالھائي پُڇ ڪپرائي ڇڏيا. ائين جھنگ ۾ پُڇ وارا گدڙ ٿورا وڃي بچيا. جن تي پوءِ سڀ لُنڊا گدڙ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.

سبق:

اڄ به سماج ۾ ڪي اهڙا ماڻھو آهن، جيڪي پنھنجو نقصان لڪائي، ٻين کي به ساڳي تباهيءَ ڏانھن وٺي وڃن ٿا. جيئن ته اڪيلو نه لڳي! سوچيو، سمجھو، پوئلڳي کان بچو.

***


 

سرمد عباسي                              (قسط: تيرهين)

خانواهڻ

سپِي،  سارنگ ۽ مَتارو

}ٻاراڻو ناول{

سندس اندازو صفا صحيح ثابت ٿيو. ڊُڪندي ڊُڪندي متاري ھڪ وڏو ٽپُ ڏنو ۽ ھوا ۾ جھڙوڪر اڏامندو ھنن ڏانھن اچڻَ لڳو. سپيءَ ۽ سارنگ کان دانھون نڪري ويون. ھڪ گھڙيءَ لاءِ آڪاش کي به لڳو ته ھيلَ ھُو متاري کان ڪونه بچي سگھندا. متارو صفا ھنن جي مٿان پھچي ويو. صاف لڳو پئي، ته ھُو موٽرسائيڪل جي مٿان ڪري ھنن کي چِيڀاٽي ڇڏيندو. ھنَ کي پنھنجي مٿان ڏسي آڪاش موٽرسائيڪل جي رفتار وڌائي ۽ لھر ھڻندي جبل کي ڪجھه ويجھو ٿيڻ جي ڪئي. اھو ڏسي متاري پنھنجا اڳيان ٻئي چنبا وڌايا ۽ سارنگ کي جَھٽڻَ جي جاکوڙَ ڪئي.

نه...نه... سارنگ، ڊپَ مان سَنھڙي چِيٽ ڪئي. سارنگ جي رڙ ٻُڌي آڪاش گاڏيءَ کي ٻيھر لھرَ ڏيندي ڪجھه وڌيڪ پاسيرو ٿي ويو. متاري جا ٻئي چنبا سارنگ کي پڪڙڻ بدران ھوا ۾ ئي خالي گھمي ويا. موٽرسائيڪل تيزيءَ سان متاري ھيٺان نڪري وئي. متاري دانھن ڪئي ۽ روڊَ تي ڪرڻَ کان پھرين موٽرسائيڪل جي پوئين ڀاڱي ۾ پنھنجا ننھَن ڦاسائڻَ جي ڪئي، پرَ ھو ناڪام ٿي ويو. پرَ ڪِرندي ڪِرندي به ھنَ جو ھڪ چنبو موٽرسائيڪل جي پوئين ڦيٿي کي لڳي ويو. موٽرسائيڪل کي ھڪ زوردار لوڏو آيو ۽ ٻِي گھڙيءَ اھا کاھيءَ واري پاسي، چئن فٽن واري ڀتِ ڏانھن وڌڻَ لڳي.

ربّ سائين سپيءَ جي وات مان نڪتو ۽ ھن ڊپَ منجھان پنھنجون اکيون ٻُوٽي ڇڏيون. ھنَ کي پڪَ ٿي وئي، ته موٽرسائيڪل، ڀتِ سان لڳي ھيٺ کاھيءَ ۾ وڃي ڪرندي ۽ ھو سڀُ، جي پٿرن تي ڪِرڻَ کان بچي ويا ته پڪَ سان مھراڻ نديءَ جي وھڪري ۾ وَھي ويندا. موٽرسائيڪل کي جھٽڪو ايندي ئي آڪاش کي مٿي ۾ ڦيري اچي وئي. پر ھنَ کي ڄاڻَ ھئي، ته جي ھنَ ھوشياري نه ڏيکاري، ته موٽرسائيڪل ھيٺ کاھيءَ ۾ ڪري پوندي. ھنَ ھڪدم پاڻَ کي سنڀاليو ۽ موٽرسائيڪل جي ھَٿيي (ھينڊل) کي روڊَ واري پاسي ڪندي، رفتار به ڪجھه ڍَرِي ڪري ڇڏي. گاڏيءَ جو پويون ڦيٿو، روڊَ تي تِرڪندي کاھيءَ واري پاسي ويو ۽ گاڏي کاھيءَ کي ويجھو ٿي وئي. آڪاش تڪڙ ۾ گيئر ھنيو ۽ رفتار وڌائيندي ھڪدم ڪِلچ ڇڏي ڏنائين.گاڏيءَ جھٽڪو ڏنو ۽ ان جو اڳيون ڦِيٿو مٿي ٿي ويو. انَ کان اڳ جو گاڏيءَ جو پويون ڦِيٿو کاھيءَ واري ڀتَ سان لڳي ھا، موٽرسائيڪل، اَڇلَ ڏيندي اڳتي وڌي ۽ پوئين ڦيٿي تي ڊوڙندي وچَ روڊَ تي پھچي وَئي. سپيءَ ۽ سارنگ کان دانھون نڪري ويون. جيڪڏھن سپي، آڪاش کي سُڪَ ڪري نه پڪڙيو ھجي ھا، ته ھوءَ سارنگ سوڌو روڊَ تي ڦَھڪو ڪري ھا. روڊَ تي پھچي آڪاش، لوڏو ڏئي اڳين ٽائر کي ھيٺ ڪيو ۽ زُوڪاٽَ ڪندو سنڌو ڪالونيءَ ڏانھن وڌڻَ لڳو. ھوڏانھن متارو به ھيٺ ڪرندي ئي تِرڪي پيو ۽ بولاٽيون کائيندو جبلَ سان وڃي لڳو. ھنَ کي ٺاھوڪو ڌَڪُ لڳو ۽ ھُو ساڻو ٿي اتي ئي پئي رھيو. آڪاش پاڻَ کي سنڀاري ورتو ھو. ھاڻي ڪير به کيس روڪي نه پئي سگھيو. رستي ۾ ھڪ گاڏي به بيٺل ھئي. پر آڪاش اُتي بيھڻ بدران موٽرسائيڪل ڊُڪائيندو رھيو. اھا گاڏي، فواد وارن جي مِني ٽرڪ ھئي. جنھن ۾ شعيب اڃان به لِڪيل ھو.

***

شعيب چڱيءَ دير کان وٺي، فواد ۽ ٻين دوستن جي اوسيئڙي ۾ بيٺو هو. ھنَ پنھنجي موبائل تي به ھنن سان رابطي جي جاکوڙ ڪئي ھئي، پر سڀني جا نمبر بند ھئا. پھريان ته ھُو گاڏيءَ ۾ ئي لڪِي ويٺو رھيو ھو، پر پوءِ پوليس جي ڀوَ کان ھنَ بندوقون ۽ جانورن کي بيھوش ڪرڻَ واري گنِ، گاڏيءَ جي پوئين ڀاڱي ۾ لِڪائڻَ جو فيصلو ڪيو ھو. اڃان ھٿيارَ کڻي ھُو، پِڃري وٽ مسَ پھتو جو کيس شينھن جي گجگوڙ ۽ موٽرسائيڪل جا آوازَ ٻڌڻَ ۾ آيا ھئا. شعيب تڪڙ ۾ ٽرڪ جي اوٽَ ۾ بيھي رھيو ھو. شينھن کي موٽرسائيڪل تي ٽپُ ڏيندي ۽ موٽرسائيڪل کي کاھيءَ ۾ ڪرڻَ کان بَچندي ڏسي ھنَ جو ساھه ئي ڄڻُ سُڪي ويو ھو. ھن ھٿيار پڃري ۾ رکي درَ کي قابو ڪري ڇڏيو ھو. ھنَ پاڻ وٽ رڳو، بيھوشيءَ واري گنِ رکي ھئي. جيئن ئي موٽرسائيڪل ھن جي ٽرڪ وٽان گذري، ھو پڃري جي ڇت تي چڙھي، اُونڌو ليٽي پيو ھو ۽ ريگزين واري چادر پنھنجي مٿان ڪري ڇڏي ھئائين.

موٽرسائيڪل جي ويندي ئي ھنَ، بيھوش ڪرڻَ واري گنِ جي دُوربِين وسيلي انَ پاسي ڏانھن نھارڻ شروع ڪيو، جتي شينھن تِرڪندي ڪريو ھو. توڙي جو اُتي سُھائي نه ھئڻ برابر ھئي، پر ھُو پنھنجون نھارون ان پاسي ڄمائي، چتائي نھاريندو رھيو، ته جيئن شينھن چرپر ڪري ته ھو کيس ڏسي سگھي.کيس پڪَ ھئي ته شينھن اُتي ئي آھي.

بيھوش ڪرڻَ واري گنِ به تيار ھئي. جنھن ۾ بيھوشيءَ واري دوا واري سُئي پيل ھئي. اھڙيون ئي ٻه سُيون، ھنَ جي جيڪيٽ جي کيسي ۾ به پيون ھيون.

شعيب، شينھن کي ڪيرائڻ لاءِ تيار ھو. ڪجھه ئي دير کان پوءِ کيس سامھون ڪنھن چرپر جو احساس ٿيو. شعيب پنھنجي آڱر، گنِ جي گھوڙي (ٽِرگر) تي رکي ڇڏي ۽ سُئي فائر ڪرڻَ لاءِ تيار ٿي ويو. ھُو سمجھي ويو ھو، ته شينھن اچي پيو. ٿِيو به ايئن ئِي. پھريان شينھن جي ڀوائتي گجگوڙ جو آواز آيو ۽ انَ کان پوءِ اوندھه منجھان شينھن پاڻَ به نِروار (ظاھر) ٿي، ٽرڪ واري پاسي اچڻ لڳو. ھن جي ڀوائتي مُنھن چؤڦير گھاٽا وارَ نانگن جيان لھرون ھڻي رھيا ھئا. مِينھَن ۾ پُسيل شينھن ڏاڍو ھيبتناڪ لڳي رھيو ھو. جيئن ئي شينھن ٽرڪ کي ويجھو ٿيو، شعيبَ گنِ جي گھوڙي تي زور ڏنو. ٽِڙِڪ جو آواز ٿيندي ئي، بيھوش ڪرڻ واري سُئي نڪتي ۽ شينھن جي نِڙيءَ وٽ، گھاٽن وارن ۾ گم ٿي وئي. شينھن ھڪ وڏي رڙ ڪئي ۽ ٿيڙ کائيندو کاھيءَ واري ڀتِ ڏانھن وڃڻَ لڳو. اھو ڏسي شعيب، گنِ ۾ ٻِي سُئي وِڌي ۽ اھا به شينھن تي ھلائي ڇڏي. ٻي سُئي شينھن کي پيٽ ۾ لڳي. هاڻي شينھن اُڇلَ ڏني ۽ ڀتِ مٿان ٿيندو، ھيٺ کاھيءَ ۾ ڪري پيو. يا ھُو. شعيب، سَرھائپ وچان رڙ ڪري چيو ۽ اکيون ٻُوٽي، وڏا وڏا ساھه کڻڻ لڳو.

***                         (هلندڙ.......)


 

عبدالسميع الھيار راڄپر           (قسط: پھرين)

محرابپور/نوشھروفيروز

سڙهه

سِڙَهَه سَنوان، لاڄُو نَوان، مُهاڻا سَندَنِ مِيرَ،

ساٿِي سَفَرِ هَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،

جي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙا رکِين ٻاجَهه سِين.

سورھن سالن جو سنڌيار پنھنجي ماءُ پيءُ سان گڏ سنڌو درياھه جي ڪناري ھڪ ڳوٺ ۾ رھندو ھو. سندس پيءُ قيصر واڍڪو ڪم ڪندوھو. جنھن پنھنجي پٽ جي تربيت ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي ھئي. سنڌيار جھڙو صورت ۾ سھڻو ھو تھڙو ماءُ پيءُ کيس سيرت ۾ سنواريو ھو. ذھانت ۽ سھڻي مزاج جي ڪري قيصر جا دوست سنڌيار لاءِ ڪيترائي تحفا آڻيندا ھئا. خاص ڪري قيصر جو گھاٽو دوست سيٺ ممتاز جڏھن به ايندو ھو، ته سنڌيار لاءِ قسم قسم جا تحفا ۽ سوکڙيون آڻيندو ھو ۽ کيس پنھنجي سامونڊي سفر جا قصا ٻُڌائيندو هو. سامونڊي سفر جا دلچسپ واقعا ٻُڌي سنڌيار کي به سمنڊ جو سير ڪرڻ جي خواھش ٿي ۽ ھو ممتاز کان پيو واعدا وٺندو ھو، ته اڳلي دفعي کيس لازمي گڏ وٺي ھلي. ڪافي عرصي تائين ائين وقت گذرندو رهيو، پر اڄ سنڌيار ھرحال ۾ سفر تي وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو. ماءُ پيءُ کيس سمجھايو، ته تون اڳلي سال وڃجانءِ. پر سنڌيار چيو، ته نه تيسين آءٌ واپس به اچي ويندس.

نيٺ گھڻي کان پوءِ  ماءُ پيءُ سنڌيار کي وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ ھن سفر جو سامان تيار ڪيو. رات جي وقت ھو پنھنجي کٽ تي پاسا ورائيندي سوچي رھيو ھو، ته سڀاڻي آءٌ پنھنجي بابا جي دوست جي جھاز تي سمنڊ جو پھريون سفر شروع ڪندس ۽ ائين سوچيندي کيس خبر ناھي ڪنھن وقت ننڊ کڄي وئي.

اڳئين ڏينھن ھو پنھنجي چاچي (پيءُ جي دوست) ممتاز سان گڏجي نيربان نالي سامونڊي جھاز تي پھتو. جتي ڪيترائي مزدور ڪم ڪري رهيا ھئا. ماڻھن جي اچ وڃ لڳي پئي ھئي. مزدور ٻيڙي تي سامان چاڙھي رھيا ھئا. سنڌيار ھڪ اڇي ڏاڙهي واري پوڙھي مزدور سان گڏ ٻيڙي تي چڙھيو جنھن کيس پنھنجو نالو صديق ٻُڌايو. صديق سيٺ ممتاز جي خاص ماڻھن مان ھو. سندس تجربي ۽ شفيق مزاج جي ڪري ممتاز سنڌيار کي سنڀالڻ جو ڪم صديق جي حوالي ڪيو ۽ سنڌيار کي به سمجھايو، ته کيس صديق بابا سان ئي رھڻ گھرجي جيڪو سندس خيال رکندو.

ڪچڙي منجھند جي وقت سندن نيربان جھاز لڏجي روانگيءَ لاءِ تيار ٿي چڪو ھو. سنڌيار کي جھازين جي ھلچل ڏسي ڏاڍو مزو پئي آيو. ڪجھه ئي دير ۾ جھاز لنگر کنيو ۽ الله توھار ڪري سيٺ ممتاز جو جھاز سمونڊ جي لھرن سان کيڏڻ لڳو.  جھاز ھاڻ ھڪ الڳ دنيا وانگر لڳي رھيو ھو. ڪي جھازي ميرب نالي نوجوان جي حڪم تحت ڪاروباري سامان جي حفاظت ڪري رھيا ھئا، ته ڪي صديق بابا جي ھٿ ھيٺ جھاز جي سڙھن ٻڌڻ کان ويندي صاف صفائي ۽ رڌڻ پچائڻ جو ڪم سنڀالي رھيا ھئا. جھاز هاڻ سمنڊ جي وسعتن ۾ اچي چڪو هو. ڪلاڪن مان ڏينھن ۽ ڏينھن مان ھفتا..... لھرن جي راڳ سان گڏ، سنڌيار جي دل به آهستي آهستي سمنڊ جي لھرن سان هم آهنگ ٿيڻ لڳي. هر روز جھاز تي مزدوري، صفائي، سامان سنڀالڻ ۽ جھازين جو گوڙ گھمسان ڄڻ جھازين جي زندگيءَ جي مصروفيت ھئي. سنڌيار ٻين نوجوان مزدورن کان ٿورو الڳ نظر ايندو هو. هو سوال گھڻو ڪندو هو، ڪڏھن ويھي پيو سوچيندو، ۽ هر شيءِ کي ڌيان سان ڏسندو ھو.

اڄ سنڌيار ۽ صديق بابا جھاز جي عرشي تي ويٺي ڪچھري ڪري پئي ڪئي.

سنڌيار: بابا...؟

صديق: جي بابا..... سنڌيار: اسان ڪناري ڪڏھن لڳنداسين؟

صديق کلندي، ھاھاھا... بابا تون نوجوان آھين، ان ڪري توکي تمام گھڻي تڪڙ آھي. ٿورو ڌيرج رک.

سنڌيار: پر انسان پنھنجي وس ۾ ته ناھي ...؟

صديق: ھا بلڪل، پر اھو انسان جيڪو حالات کي پاڻ تي حاوي نه ڪري اھو پنھنجي وس ھوندو آھي. خير اڃان تائين ته پنھنجو ٻيڙو سنڌي سمنڊ ۾ آھي. شايد ٻه يا ٽي ڏينھن بعد فارس جي ويجھو ھجون.

ايتري ۾ ھڪ تمام وڏي مڇي سمنڊ مان مٿي منھن ڪڍي وڏو ڦونگارو ھنيو. سنڌيار لاءِ اھو منظر نئون ۽ پرڪشش ھو.

سنڌيار:بابا ھيءَ ڪھڙي شيءِ آھي؟

صديق: سنڌيار پُٽ، اھا سمبا مڇي آھي، جيڪا سمنڊ ۾ رھڻ باوجود ٻچا ڄڻيندي ۽ کير پياريندي آهي.

سنڌيار: اڇا.... ته اھا ايڏي آفت جيڏي مڇي آھي؟

صديق: ھا بلڪل، اھا سمبا مڇي آھي، چون ٿا ته ان جي عمر ھزار سال تائين ٿيندي آهي.

ايئن صديق کيس سمنڊ جا قصا ٻُڌائيندو، مختلف ملڪن جون يادون ورجائيندو رھندو ھو.

ٽي ڏينھن گذرڻ بعد اڇا سامونڊي پکي اچي جھاز تي ويٺا. جنھن جو مطلب ڪو ڪنارو ويجھو ھو. ڪجھه گھڙيون گذرڻ بعد اتر پاسي کان اڇي رنگ جو ھڪ مينار نظر آيو. جيڪو اڳيان بندرگاھه ھجڻ جي پڪ ڏئي رھيو ھو. منجھند جي وقت سيٺ ممتاز جو سامونڊي جھاز فارس يعني ايران جي ڪناري سان لڳو. جتي وڏي رونَقَ لڳي پئي ھئي. ڪافي ڏينھن کان پوءِ جھازين کي ڪناري تي لنگر انداز ٿيڻ جي تمام گھڻي خوشي ھئي. سيٺ واپار جو سامان اڳواٽ تيار ڪرائي ڇڏيو ھو. لنگر ڪيرائيندي ئي سيٺ پنھنجي نوجوانن مان ميرب کي ٽولي سميت تيار ڪيو ۽ سنڌيار کي ساڻ ڪري جھاز تان لٿو.

ممتاز: ميرب بابا تون منڊيءَ ھل مان اجھو اچان پيو. ميرب: حاضر سائين، بس مان ڪنھن سواريءَ واري کي ڏسان.

(هلندڙ........)

طوطي چيو آئون ته ڳايان پيو. ڪارو ڪتو وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو، باادب، ھوشيار، خبردار جھنگ جو بي تاج بادشاھه شينھن قوم کي خطاب ڪندو. ان کان پھرين قومي ترانو ٿيندو. مھرباني ڪري تراني جي ادب ۽ احترام ۾ اُٿي بيھندا. موسيقي جي ڌن تي قومي ترانو وڳو. تراني کان پوءِ شينھن سڀني جانورن کي ويھڻ جو اشارو ڪيو. سڀ جانور پنھنجن پنھنجن سيٽن تي ويھي رھيا. شينھن بيٺو رھيو ۽ مجموعي کي ڏسڻ لڳو. بگھڙن جو سردار گدڙ جو ماسڪ پائي آيو ھو. ڊڊو ۽ لڊو اھو منظر دوربين مان ڏسي رھيا ھئا.

شينھن چيو، منھنجا پيارا ديس واسيو، اڄ اسان کي ھڪ قومي مسئلو درپيش آهي. اسان جي عزت،  اسان جو مانُ ڪٿي وڃائجي ويو آهي. گڏھه چيو، وڃائجي ويو آهي ته ڳولي وٺنداسين فڪر نه ڪريو بادشاھه سلامت. شينھن گڏھ کي نظرانداز ڪندي چيو، توھان کي خبر آهي اسان ھتي ڇو گڏ ٿيا آهيون. گڏھ چيو، مون کي ڪھڙي خبر آئون ته گڏھ آھيان ھاھاھا.... ٻنھي ڪتن گڏھه کي آخري وارننگ ڏيندي چيو، ھي ٿيٽرھال ناھي، شينھن جي درٻار آھي، ھتي ٽھڪ ڏيڻ منع آهي. شينھن پنھنجي تقرير جاري رکندي چيو، نھايت ئي ڏک مان چوڻو ٿو پوي، ته اڳ ۾ ڪنھن به جانور جو پُڇ گم نه ٿيو آھي، ھا سڄي جو سڄو جانور گم ضرور ٿيو آهي، اھا الڳ ڳالھه آھي. آئون توھان سڀني کي درخواست ڪريان ٿو، ته جنھن به شينھڻ جو پُڇ کنيو آهي، واپس ڪندو ته کيس انعام ڏنو ويندو. لومڙ ڀولڙي کي ڪَنَ ۾ چيو، انعام ۾ موت ڏيندو.  جانورن کي نانگ سُنگِھي ويو، خاموشي ڇانئجي وئي.

شينھن چيو، آئون توهان کي پنج منٽ ڏيان ٿو، پنجن منٽن ۾ شينھڻ کي پُڇ واپس ڪيو وڃي. کيس ڪجھه به نه چيو ويندو. پنج منٽن کانپوءِ اھڙي ڪارروائي ٿيندي جو دنيا ڏسندي سڀني جون رڙيون نڪري وينديون. مڪمل خاموشي ڇانئجي وئي، ان وقت جيڪڏھن سُئِي ڪري ھا، ته اُن جو به آواز اچي ھا. شينھن ڪجھه وقت انتظار ڪيو ۽ پوءِ بابا ڪَڇون ڪوما وٽ ويو. ٻنھي سرٻاٽ ڪيا، اھو ڊڊو ۽ لڊو ٻُڌي ورتا، پر خاموش رھيا. سڀئي جانور پنھنجي پنھنجي جاءِ تي خاموش ويٺا ھئا. بابا ڪڇون ڪوما ريڙهيون پائيندو مائڪ وٽ آيو. معزز جانورو پنج منٽ ٿي ويا آھن، پر اڃا تائين پُڇ نه مليو آهي، ان جو مطلب آهي، ته چور سامھون نٿو اچڻ چاھي. خير آ، اسان چور پڪڙڻ لاءِ ھڪ طريقو ايجاد ڪيو آھي. ھن خيمي ۾ ھڪ ڳئون بيٺل آهي، ھر جانور واري واري سان ھن خيمي ۾ ويندو ۽ ڍڳي جي پُڇ کي ٽي دفعا ڇڪيندو، پوءِ اھو مون وٽ ايندو آئون سندس ھٿ چيڪ ڪندس. اسان ڍڳي جي پُڇ تي منتر پڙھي ھڪ ڪيميڪل ھنيو آھي. جيڪو چور ھوندو انھي جي ھٿ تي ڦُلوڪڻا ٿي ويندا ۽ جيڪو چور نه ھوندو، انھيءَ کي ڪجهه به نه ٿيندو. لومڙ کِلڻ لڳو، سڀ جانور واري واري سان خيمي ۾ ويا. بابا ڪڇون ڪوما سڀني جي ھٿن جو معائنو ڪندو رھيو ۽ سُنگھيندو رھيو. وچ ۾ لومڙ ۽ بگھڙن جو سردار به ويا. لومڙ کلندو اسٽيج تي آيو، بابا ڪڇون ڪوما سندس ھٿن جو معائنو ڪيو ۽ سنگھيو. لومڙ اسٽيج تان لھي رھيو ھو، ته بابا ڪڇون ڪوما شينھن کي اشارو ڪيو، ته لومڙ چور آھي.

لومڙ اسٽيج جي آخري ڏاڪڻ تي ھو ته اچانڪ ڪُوئي کي ھوش اچي ويو ۽ دانھون ڪرڻ لڳو، لومڙ چور آھي. لومڙ چور آھي... لومڙ ڪُوئي جي پٺيان ڀڳو، پر دير ٿي چڪي هئي. ڪُوئو شينھڻ وٽ پھچي چڪو هو. شينھڻ ڪُوئي کي ڏسي ڊڄي وئي، سڀئي جانور کِلڻ لڳا. ڪُوئي شينھن کي ٻُڌايو، ته بادشاھه سلامت شينھڻ جو پُڇ لومڙ چورايو آهي. سڀ جانور چور چور ڪندا لومڙ جي پُٺيان ڀڳا. لومڙ ڀڄندي ڀڄندي جبل جي چوٽي تي چڙهي ويو، سڀ جانور سندس پٺيان ھئا. ھڪ پاسي اونھي کڏَ ھُئي، ٻي پاسي جانور ھئا ۽ وچ ۾ لومڙ ھو. لومڙ ھڪ نظر کڏ ڏي ڏٺو ۽ ھڪ نظر جانورن ڏي نھاريو، لومڙ سوچيو، جيڪڏھن کڏ ۾ ٿو ٽُپ ڏيان، ته ھڏي ھڏي ٿي ويندس ۽ جانور ٿا پڪڙين ته ٻُوٽي ٻُوٽي ڪري ڇڏيندا. ٻنھي صورتن ۾ لومڙ جو موت يقيني ھو. ان ھڪ لمحي ۾ لومڙ کڏ ۾ ٽپ ڏيڻ جو ارادو ڪيو ۽ پنھنجيون اکيون بند ڪري لومڙي جو نالو ورتو ۽ اونھي کَڏ ۾ ٽُپ ڏئي ڇڏيائين.

ٻيو دروازو:

جنھن وقت لومڙ ڀڄندو جبل جي چوٽي تي چڙهي رھيو ھو، ان وقت سندس پٺيان جھنگ جا تيز رفتار جانور ھئا. شينھن، چيتو، گدڙ، بگھڙ، شڪاري ڪُتا.. ٻيا جانور پوئتي ھئا.. ھاٿي، گڏھه، گينڊو، ڀولڙو، ھرڻ، رڇ، ڍڳي گھٽ رفتار وارا جانور پٺيان ھئا. صرف تماشي ڏسڻ لاءِ ڀڄي رھيا ھئا. چور چور جي آوازن سان سڄو جھنگ گونجي رھيو ھو.

بابا ڪڇون ڪوما جو قول ھو، ته جڏھن ڪنھن جي موت ايندي آهي، ته اھا پنھنجي رفتار سان ايندي آهي ۽ ھو موت جي رفتار کان ٻيڻ تي، تيزيءَ سان موت ڏي وڃي رهيو ھوندو آھي. پوءِ ٻئي ڀاڪر پائيندا آهن ۽ ھڪ ڪھاڻي ھميشه لاءِ ختم ٿي ويندي آهي. ان وقت لومڙ جي رفتار کي ڏسي ان ڳالھه جي تصديق ٿي رھي ھئي. لومڙ تيزيءَ سان ڀڳو ھو. بابا ڪڇون ڪوما جيڪو اڃا تائين جنگ جي ميدان ۾ رڙھي رھيو ھو ۽ لومڙ کان ڪافي پري ھو، گوڙ جو آواز ٻڌس ته چيائين چور مچائي شور. لومڙ ۽ ٻيا جانور جبل جي سڀ کان مٿانھين چوٽي تي چڙهي چڪا هئا. لڊو کي انھيءَ ڳالھه جو کٽڪو ھو، ته بابا ڪڇون ڪوما ايڏو آھستي ڇو ھلي رھيو ھو. اسان چور پڪڙڻ وارو تماشو ڪيئن ڏسنداسين. ھڪ ته ھو عمر جو وڏو ھو، ٻيو ته ڪڇون ھو ۽ ٽئين ڳالھه ته سندس خول ۾ ڊڊو ۽ لڊو ھئا. انھن ٻنھي جي بار به بابا ڪڇون ڪوما جي رفتار کي گھٽايو ھو. ٻي ڳالھه اها به هئي، ته بابا ڪڇون ڪوما لڊو ۽ ڊڊو کي ڪو نقصان نه ڏيڻ چاھيندو ھو، ان ڪري ھو آھستي ھلي رھيو ھو. ھڪ سھو سندس مٿان ٽپ ڏيئي گذريو، ته لڊو ۽ ڊڊو حيران ٿي ويا هئا........

 

 (هلندڙ.....)

السلام عليڪم محترم ايڊيٽر صاحب اُميد ته اوهان پنھنجي سٿ سميت خيريت سان هوندا. مان اوهان کي ۽ اوهان جي اسٽاف کي دل جي گھرائين سان مبارڪباد پيش ڪيان ٿو. جو اوهان سڀني جي محنتن ۽ ڪاوشن سان هيءُ دلچسپ گُل ڦُل رسالو پنھنجي وقت سر تقريباً هر شھر، ڳوٺ، اسڪول، ڪاليج، مدرسي، ڪتبخانن ۽ بوڪ اسٽالن تي پھچي رهيو آهي. جتان اسان جھڙا علم جا پياسا، ٻارڙا توڙي نوجوان لکي ۽ پڙهي علمي اُڃَ اُجھائي رهيا آهن. انجو بدلو اوهان کي ربّ پاڪ بھترين عطا فرمائي. (آمين) جيئن ته هي پيارو رسالو گُل ڦُل ڪافي مھينن کان اسان جي ديني اداري ۾ اچي رهيو آهي. عثمانيه لائبريري جي ٿورن سان مان ۽ منھنجا ساٿي اوهان ڏانھن مواد موڪليندا رهندا آهيون. الحمد لله سُٺي موٽ ملندي آهي ۽ اڳتي به اهڙي ئي اُميد رکئون ٿا. ربّ پاڪ اوهان کي پنھنجي سٿ سميت اڃان گھڻي ترقي عطا فرمائي.(آمين).

آخر ۾ سڀني گُل ڦُل پڙهندڙن کي سلام .

سميع الله بن مفتي ولي الله عباسي

مدرسه داالعلوم فضليه سيدو باغ ڪنڊيارو/ نوشھرو فيروز

***

محترم رفيق جمالي صاحب السلام عليڪم سدائين بھار رُت جيان مُرڪندا رهو.

محترم ايڊيٽر گُل ڦُل، جيئن ته سڀ کان پھريان توهان کي گُل ڦُل جي ايڊيٽر ٿيڻ تي دل جي اٿاهه گھرائين سان مبارڪباد چئون ٿا ۽ اُميد رکون ٿا، ته توهان پنھنجي ايام ڪاريءَ ۾ گُل ڦُل جي بيٺل معيار کي اڃان به اڳڀرو کڻي هلندا ۽ گُل ڦُل کي اڃان به وڌيڪ معياري بڻائيندا.

جيئن ته گُل ڦُل جو تازو شمارو هٿن تائين پھتو آهي. پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. جنھن ۾ لکندڙ مھربانن پاڻ نڀايو آهي. هڪ ڀيرو ِٻيھر توهان ڏانھن پنھنجو مواد موڪلي رهيو آهيان. شفقت ڀريو هٿ رکي گُل ڦُل ۾ شايع ڪندا، ته توهان جي وڏي مھرباني ٿيندي.

ٻيو عرض اهو ته هن سال 2025ع جي شروعات ۾ هڪ مقالو به عنوان سنڌ ۽ سنڌ جي نالي بابت شھادتون موڪليو هو. جيڪو اڃان تائين گُل ڦُل ۾ شايع نه ٿيو آهي. اهو مقالو به گُل ڦُل ۾ شايع ڪندا ته توهان جا وڏا وڙ ٿيندا. سنڌ سلامت، ساٿ سلامت.

آزاد زنگيجو

خيرپورناٿن شاهه

***

گُل ڦُل ۾ مسلسل شايع ٿيندو رهيو آهيان، پر ڪجهه وقت کان منھنجو مواد گُل ڦُل ۾ الائي ڪھڙي سبب ڪري شايع ٿيڻ کان رهجيو وڃي؟ الائي منھنجو مواد اوھان تائين پھچي ٿو الائي نه ..... مان نٿو ڄاڻان!!! ڇو ته ٽپال (پوسٽ آفيس) وارا هاڻي سادن لفافن کي ائڊريس تائين پھچائڻ ۾ لاپرواهي ڪن ٿا.

هن کان پھريان به نظم اُماڻي چڪو آهيان، اُميد ته هن نِظم کي به مُناسب جاءِ ملندي.

امداد جسڪاڻي

ميونسيپل ڪاميٽي آفيس لڳ پنو عاقل پريس ڪلب ضلعو سکر

***

السلام علڪيم محترم جناب رفيق جمالي صاحب اوهان جو گُل ڦُل رسالو باقائده پڙهندا آهيون. ڪافي مضمون شايع ڪرائڻ لاءِ موڪليا آهن، ويجھڙ ۾ نه ڇپيا آهن. مهرباني ڪري ايندڙ گُل ڦُل ۾ شايع ڪندا. اُميد ته مايوس نه ڪندا.

محرم علي شيخ

ليلا آباد لاڙڪاڻو

***


 

 


 

 

 


 

لطيفي لات جو نتيجو

ڊسمبر 2025ع جي ماهوار شماري ۾ لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيتسُر آسا جي داستان پھرئين جو اوڻويهون نمبر بيت آھي.

بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:

اهو سمجهه ته اها ذات (الله تعاليٰ) هڪ ئي هڪ آهي. يعني خدا احد ئي آهي، اڪيلو هڪ ئي آهي، ۽ ان جو پويان ٻه يا ٻيو آهي ئي ڪونه. انھيءَ راز کي جن پوري جذبي ۽ جوش سان اڳتي پير پائي محسوس ڪيو، اهي پوءِ ٻيءَ ڪنھن به صورت ۾ هڪڙي هادي ۽ رهبر کان سواءِ ڪجھه نٿا ڏسن، (اهي ان اڪيلي ذات جي ديدار ۾ ئي گم رهن ٿا.)

بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:

*محمود سومرو: ڪلاس ٽيون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول، ٺارو شاهه، ضلع نوشھروفيروز

*زڪيه جمالي: ڪلاس پنجون گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ علي محمد جمالي

*ذوالقرنين حيدر: اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا نوان

*آسيه غفور چانڊيو: ڪلاس ڏهون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز

*صفي الله سومرو: ڪلاس ستون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز

*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن دادو

*سلمان جمالي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي

*مريم جاويد: اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا نوان

*علي نواز لاکو: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول هالا نوان

*انيبا ڀٽي: دي رائيٽ وي ايجوڪيشنل اڪيڊمي ڳوٺ باغ ڀٽي حيدرآباد

*ام حبيبه: ڪلاس ڇھون، مريم ايليمينٽري اسڪول حيدرآباد

*ارسلان علي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول آراضي سيوھڻ

*زهرى: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي سيوهڻ

*ڪونين زهره: ڪلاس ٻيون، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول آراضي سيوهڻ

*شايان علوي: ڪلاس ٽيون، ڪراچي

بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
صفي الله سومرو جو ڪُڻو نڪتو آھي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران
گُل ڦُل رسالي جي ڪاپي موڪلجي ٿي.                  ***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4   
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org