|
خير محمد لاکو
سڪرنڊ
سُلڇڻو ٻار
اول عبادت ڪيان الله جي،
پوءِ خدمت مِٺڙي ماءُ جي.
صبح سويري ڏندڻ روز ڏيان،
وهنجي سھنجي ڊريس پھريان.
وقت تي آءٌ اسڪول وڃان،
موڪل ملِي موٽِي گھر اچان.
جيڪو امان آڻي ڏي اڳيان،
کائِي خدا جو شُڪر ڪريان.
پَوش ڪتابن تي پاڻ چاڙھيان،
مٽيءَ مَرُ کان تَن کي بچايان.
جِيتَ جَڙا مور نه ماريان،
پَکِي پَکڻ کي پاڻِي پياريان.
اوڙي پاڙي جو خيال رکان،
ڪنھن جي چوري ڪِين ڪيان.
جھيڙي جَھٽي کان آھيان بيزار،
سڏيم سڀ ڪو سُلڇڻو ٻار.
***
محمد پناهه بروهي
شڪارپور
بيت
سنڌو منھنجو ديسُ آهي، پيارو منھنجو ديسُ آهي،
پياري ٻولي سنڌي آهي، پيارو سنڌي ويسُ آهي.
سنڌي سٻاجھا، سورهيا ڏاڍا، سنڌي شانُ وڌائين،
محبت، عظمت، پنھنجي همت، سنڌي مانُ وڌائين،
پير فقير ۽ صوفين سڀني، اوليائن جو ديسُ آهي.
سنڌ جا دشمن ڀڄي مري ويا، مُلڪن ڌارين جا لشڪر،
سنڌي دليرن ديس بچايو، پنھنجو ڏنائون، تنُ، منُ ۽
سرُ،
'مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون'، سنڌين جي پُڪار آهي.
سڄي دنيا کان ، سُھڻي سنڌڙي، سونھن سندس مھراڻ آ،
امن سخا ۽ ٽوپي اجرڪ، سنڌي ثقافت ڄاڻ آ،
سنڌ جي ڌرتي سونُ اُپائي، سنڌ ۾ تيل ۽ گئسُ آهي.
سنڌ اسان جو صوبو آهي، پيارو پاڪستان وطن،
سنڌ سڀن، سرواڻ آ صوبو، سنڌ جي سھڻي آهي حُسن،
’بروهي
پناهه‘
جي جندڙي هر هر سنڌ امڙ لاءِ پيش آهي.
***
شفن مڱريو
اجرڪ، ٽوپي ۽ مورُ
بابا آيو اُترَ کان،
ماما آيو لاڙَ کان،
چاچو آيو ٿرَ کان.
·بابا
آندِي ٽوپي،
ٽوپي ڪاوَن وارِي،
ڀائوءَ منھنجي پاتِي.
·ماما
اجرڪَ آندِي،
اڇين ڦُلڙين وارِي،
امڙ منھنجي پاتِي.
·چاچا
آندو مورُ،
سُنھري ساون رنگن وارو،
سڀني کان آهي زور.
جيئي منھنجو بابا،
جيئي منھنجو ماما،
جيئي منھنجو چاچا.
***


جاويد سيوهاڻي
سيوهڻ
جو سنڌ سنواري
سو جيئندو رهندو....
سنڌ ڌرتي هميشه کان محبت، علم، تهذيب ۽ امن جو
گھوارو رهي آهي. هي اهو خطو آهي، جتي هزارين ورهين
کان انساني تھذيب جا نقش ملن ٿا. جتي موئن جو دڙو
انسانيت کي پيغام ڏئي ٿو، ته
”سنڌي
سماج هميشه روشن دماغ، هُنر دوست ۽ محبت پرور رهيو
آهي.“
اهڙي شاهوڪار تمدن جي سڃاڻپ طور هر سال ڊسمبر جي
مھيني ۾
”سنڌ
جي ثقافت جو قومي ڏهاڙو“
سوشل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا، ملٽي ميڊيا سان گڏ، دنيا
جي هر وستِي ۽ واهڻ ۾ ننڍا توڙي وڏا وڏي جوش ۽
جذبي سان ملھائن ٿا. هي ڏينھن نه رڳو ثقافتي
جشن هوندو آهي، پر پنھنجي سڃاڻپ، پنھنجين
روايتن ۽ پنھنجي تاريخ سان ناتو ڳنڍڻ جو موقعو پڻ
مُھيا ڪري ٿو. دنيا ۾ ڪو به اهڙو ماڻھو ناهي، جنھن
کي پنھنجي ساڻيھه، قوم ۽ ثقافت سان پيار نه هجي.
جيڪا قوم پنھنجي تاريخ وساري ويھندي آهي، ان قوم
جو وجود دنيا جي تختي تان ميسارجي ويندو آهي. ان
ڪري هر سال اسان اهو ڏينھن جوش ۽ جذبي سان
ملھائيندا آهيون. جيئن دنيا کي خبر پوي، ته
’سنڌي
به هڪ عظيم قوم آهي‘
۽ سنڌي ثقافت
ننڍي کنڊ جي اوائلي تھذيب آهي. ڪنھن شاعر ڪيڏو نه
خوبصورت چيو آهي، ته
سنڌ جي ٻولي سنڌ وارا سمجھن،
اجرڪ ٽوپي جو شان دل وارا سمجھن.
پيارا دوستو! سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ امن ۽ دوستيءَ جي
علامت آهي ۽ سنڌي قوم جي مھمان نوازي ۽ دوستي هڪ
اڻ کٽَ خزانو آهي. سنڌي ٽوپي پائڻ جو رواج اٽڪل
پنج هزار سال پراڻو آهي. جنھن جو دليل موئن جي دڙي
مان مليل قديمي آثار جنھن سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافت کي
وڌيڪ روشناس ڪرايو آهي. سنڌي ثقافت جو قومي ڏهاڙو
سنڌين جي قومي ميلي ۽ عيد جيان آهي. هي ڏينھن
سنڌين کي عيد وانگر پيارو آهي.
ثقافت جو ڏهاڙو ڇو؟
هر قوم پنھنجي تاريخ، لباس، ٻولي ۽ روايتن سان
زنده رهندي آهي. سنڌي گھراڻا ڊگھي عرصي کان پنھنجي
ثقافت تي فخر ڪن ٿا. پر هڪ قومي سطح تي ڏهاڙو
ملھائڻ جو مقصد اهو آهي، ته نوجوان نسل کي اهو
احساس ڏيارجي، ته انھن جو ورثو ڪيترو قيمتي آهي.
ثقافتي ڏهاڙي ملھائڻ سان سنڌ جا ماڻھو ٻُڌائن ٿا،
ته اسان جي پَڳَ، اسان جي اجرڪ، اسان جو لباس فقط
آرٽ نه پر اسان جي تاريخ جو حصو آهن.“
اجرڪ ۽ ٽوپي شانِ سنڌ جو:
انھي ڏينھن تي سڀ کان وڌيڪ ۽ نمايان شيون اجرڪ ۽
سنڌي ٽوپي هونديون آهن. اجرڪ جا ڳاڙها، نيرا ۽ اڇا
رنگ سنڌي ثقافت جا ترجمان آهن. سنڌي ٽوپي جو هر
نقش پنھنجي اندر محبت، وفاداري ۽ خوبصورتيءَ جو
پيغام رکي ٿو. ماڻھن جو اجرڪ اوڍي، ٽوپي پائي
گُھمڻ فقط جمالياتي پسند، نه پر پنھنجي ثقافتي
وقار سان وابستگيءَ جو ڀرپور اظھار پڻ هوندو آهي.
روايتي ناچ ۽ ڌُنُون:
ثقافتي ڏهاڙو خوشي، رنگ ۽ موسيقيءَ سان واسطو رکي
ٿو. ڌمال، هوٽ، جھومڻ ۽ روايتي رقص، سنڌي ڌُنن تي
نوجوانن جو ڪُلھي سان ڪُلھو ملائي نچڻ هي سڀ اهو
ظاهر ڪري ٿو، ته سنڌي تھذيب ۾ خوشي ۽ محبت جا رنگ
ڪيڏا نه گَھِرا آهن!
سنڌي ٻولي، ورثو ۽ وجود:
هي ڏهاڙو سنڌي ٻوليءَ جي اهميت به ياد ڏياريندو
آهي. ٻولي رڳو لفظ نه پر سڄي قوم جي سڃاڻپ هوندي
آهي. نوجوانن پاران سنڌيءَ ۾ ڳالھيون ڪرڻ، شاعري
پڙهڻ، لوڪ گيت ڳائڻ، ثقافت سان محبت جا نوان در
کوليندو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
جي رسالي جا بيت جڏهن سُرن ۾ پڙهبا آهن، ته سنڌي
تھذيب پنھنجي موجَ ۾ نظر ايندي آهي. شھرن بازارن،
اسڪولن، ڪاليجن، يونِورسٽين ۽ ڳوٺن ۾ ميلي جھڙو
ماحول هوندو آهي. ٻار توڙي وڏا سڀ پنھنجي روايتن
تي خوش ٿيندا آهن. ثقافتي ميلا نوجوانن کي پنھنجي
ڌرتيءَ سان محبت، اتحاد ۽ گڏيل سڃاڻپ جو سبق ڏين
ٿا.
سنڌي کاڌا ۽ مھمان نوازي:
سنڌ جي ثقافت صرف لباس يا رقص تائين محدود ناهي،
پر سنڌي کاڌا به هتي جي تھذيب جو اهم حصو آهن.
ساڳُ، ڀينڊِي، سنڌي برياني، پلاءُ، ڪُڪُڙَ جو ٻوڙ
۽ سُوپ، لسِي، مکڻ ۽ ٻيا روايتي ذائقيدار کاڌا
پنھنجو الڳ مقام رکن ٿا. هن ڏينھن تي گھڻا ماڻھو،
خصوصي طور تي روايتي کاڌا تيار ڪري ثقافتي ڏهاڙو
ملھائيندا آهن.
امن، محبت ۽ گڏيل سڃاڻپ جو پيغام:
سنڌ جي ثقافت جو بنيادي پيغام محبت، امن ۽ ساٿ
آهي. هر سنڌي، ملڪ جي هر قوم، هر ٻولي ۽ هر رنگ
سان محبت ڪري ٿو. ثقافتي ڏهاڙو اسان کي سيکاري ٿو،
ته اختلافن جي باوجود گڏجي رهڻ ئي اصل ثقافت آهي.
سنڌ جي روايتن ۾ ڪوڙ، نفرت ۽ دشمنيون ڪٿي به جڳھه
نه ٿيون رکن. اسان
سڀني تي به لازم آهي، ته پنھنجي مٽي سان سچي اُلفت
جو اظھار ڪريون. ان سان حقيقي محبت ڪريون ۽ عملي
قدم به اپنايون. اهو بدنصيب انسان آهي، جيڪو
پنھنجي وطن سان محبت نه ٿو ڪري! سنڌ ربّ پاڪ جي
پيارن جي نظر ۾ محبتن جي ڌرتي، رحمتن جو آستانو
آهي. سنڌ اها ڌرتي آهي، جنھن جي مٽي تي جڏهن ڪنھن
ربّ پاڪ جي نيڪ ۽ صالح ٻانھي جا قدم لڳندا آھن ۽
اُن جي مٽي کي جڏهن انھن جا قدمَ ڇُھندا آهن، ته
دل بي اختيار ٿي چوندي آهي، ته
”هي
سرزمين فقط مٽي نه پر هزارين بزرگن جي قدم رڱيل
مقدس ڌرتي آهي.“
سنڌ کي
”باب
الاسلام“
سڏيو ويو آهي، ڇاڪاڻ
ته هي خطو سڀ کان پھرين اسلامي نُور کي قبول ڪندڙ
ڌرتي بڻي. تاريخ شاهد آهي، ته جتي جتي روحانيت جا
مينار بُلند ٿيا، اُتان خدا جون رحمتون وسنديون
رهيون. سنڌ اهڙو خطو آهي، جتي هر شھر، ڳوٺ ۾
روحاني شخصيتون آرام فرما آهن. هن ڌرتي تي آيا، ته
ان کي پنھنجي علمي ۽ عملي نور سان روشن ڪري ويا.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جو راڳ:
جيڪڏهن سنڌ جي روحاني عظمت جي ڳالھه ڪئي وڃي، ته
سڀ کان وڏو نالو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
جو اچي ٿو. ڀٽائيرح پاڻ به ربّ جو
پيارو، عاشق ۽ انسانيت جو شاعر هو. هن پنھنجي
رسالي ۾ سنڌ کي نه فقط محبت جي ڌرتي قرار ڏنو، پر
ان کي
”روحانيت
جو گھوارو“
پڻ سڏيو آهي. ان ڪري ڀٽَ ڌڻيءَ سنڌ سان گڏ پوري
عالم جي لاءِ دعا فرمائي، ته
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
سچل سرمست-وحدت ۽ عشق جو پيامبر:
سچل سرمسترح پنھنجي ڪلام ۾ چوي ٿو، ته
سنڌ جي مٽي ۾ وحدت ۽ محبت جو راز سمايل آهي. سچل
سنڌ کي رنگن، محبتن ۽ فڪر جي ڌرتي سڏيندو هو.
لعل شھباز قلندر تبليغ ۽ عشق جو سج:
سيوهڻ شريف جي لال شھباز قلندررح سنڌ
کي عشق جو مينار بڻايو. سنڌ جي ماڻھن جي نظر ۾
سيوهڻ فقط هڪ شھر نه پر الھامي فيض جو مرڪز آهي.
ڳالھه ڪندا آهن، ته سيوهڻ سوا لک ولين جو ماڳ آهي.
قلندر لعل شھبازرح پنھنجي محبت، سخاوت
۽ خدمت ذريعي سنڌ ۽ سنڌين کي ربّ جي قُرب جو رستو
ڏيکاريو.
صوفياڻي روايتون:
سنڌ جا خانه بدوش قبيلا، ماڳ مڪا، ڌنار، ٿر، بَر،
بحر، ريگستاني ماڻھو سڀ سادا، پر ربّ پاڪ وارن جا
پيارا آهن. انھن جي سادگي ۽ محبت عبادت جي هڪ صورت
آهي. سنڌ کي جيڪڏهن نوراني فيض جي ڌرتي چئجي، ته
ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. جتي ربّ پاڪ جا دوست ملن اتي
آسمان کان رحمتون وسنديون آهن. سنڌ جي هوا ۾ اها
خوشبو آهي، جيڪا فقط اولياءَ ڪرام جي وستي ۾ ملي
ٿي. سنڌ جي مٽيءَ ۾ شفقت جو فيض، برڪت جو نفعو ۽
دعا جي قبوليت جي لذت سمايل آهي.
سنڌ ۽ باب الاسلام جو اعزاز:
سنڌ کي باب الاسلام سڏڻ جو مطلب فقط تاريخي فتح
نه، پر روحاني طور پڻ آهي. هن ڌرتيءَ تي اسلام
پنھنجو پايو رکيو، ته ربّ سائين ان کي روحانيت جي
روشني ڏني. ديني عالم چون ٿا، ته سنڌ جو ماحول
صوفي تحريڪن لاءِ هميشه سازگار رهيو آهي، ڇو ته
هتي جا ماڻھو دل جي گھرائين سان ربّ پاڪ ۽ ان جي
رسولﷺ سان عشق رکن ٿا. هتي جون روايتون نوراني
آهن. ربّ پاڪ سنڌ کي سلامت رکي. سنڌ جي ماڻھن کي
خوش رکي.(آمين)
سنڌ جي ثقافت جو قومي ڏهاڙو فقط لباس ۽
موسيقي جي نمائش، نه پر پنھنجي ڌرتي ۽ پنھنجي
سڃاڻپ سان تجديد عھد جو ڏينھن آهي. هيءُ ڏينھن
اسان کي ياد ڏياريندو آهي، ته اسان جي ثقافت اسان
جي طاقت آهي. سنڌ جي سورمن ۽ دودن پنھنجي جانين جو
نذرانو ڏئي، هن ڌرتيءَ کي سيراب ڪيو ۽ اها وصيت
ڪري ويا، ته مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون.
استاد بخاريءَ ڪيڏو نه انقلابي درس ڏنو آهي، ته
”جو
قوم جياري سو جيئندو رهندو،
جو عام اُجاري سو جيئندو رهندو،
مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پَڪَ آ،
جو سنڌ سنواري سو جيئندو رهندو.“
مرزا گل حسن
’احسن‘
ڪربلائي
حيدرآباد
علم حاصل ڪرڻ
قسمت وارا اهي ماڻھو آهن، جن وٽ علم جي نه فنا ٿيڻ
واري دولت آهي. روپيا، مال ملڪيت ۽ ڌن دولت کي چور
چورائي سگھن ٿا. باهه ساڙي سگھي ٿي، پاڻي ۾ ٻُڏي
وڃي ٿي. پر علم جي دولت اهڙي آهي، جو هنن
مان ڪوبه هن کي ڪنھن به قسم جو نقصان نٿو پھچائي
سگھي. بلڪ علم کي جيتري قدر خرچ ڪبو ۽ استعمال ۾
آڻبو، اوتري قدر زياده وڌندو ويندو. هميشه قائم
رهڻ واري اهڙي دولت کي حاصل ڪرڻ ۾. توهان کان
جيتري ڪوشش ٿي سگھي ڪريو. حقيقت ڪري علم ئي انسان
کي انسان بنائي ٿو. ۽ ان جو هر هنڌ مانُ ۽ قدر ڪيو
وڃي ٿو. بصره شھر ۾ هڪڙو ماڻھو رهندو هو. جنھن کي
هڪ پُٽُ هوندو هو. جنھن جو نالو ابو سعيد عبدالملڪ
هو. ان جي پيءَ جو ڏاڍو تنگ وقت گذرندو هو. پر هن
جي مرضي هئي، ته ان جو پُٽُ علم حاصل ڪري. تنھنڪري
ان کي اسڪول ۾ ويھاريو ويو ۽ هو به ڏاڍي شوق سان
پڙهڻ لڳو. جنھن رستي تان ابو سعيد اسڪول ويندو هو،
اُن رستي تي هڪ دڪاندار جو دڪان هوندو هو. ابو
سعيد صبح جو سوير ڪتاب کڻي اسڪول ويندو هو، ته
دڪاندار اُن کان پُڇندو هو ته ميان ڪيڏانهن وڃي
رهيو آهين؟ ابو سعيد چوندو هو، ته پڙهڻ وڃان ٿو.
تڏهن هو دڪاندار ٺٺولي ڪري چوڻ لڳندو هوس، ته ميان
تون پڙهي ڪھڙا ڦاڙها ماريندين!“
گھڻي ۾ گھڻو ته ڪنھن امير وٽ مُنشي ٿي ڪم ڪندين.
منھنجي صلاح اٿئي ته ڪو هُنر سکِي وٺ. ڏس آءٌ هڪ
اکر به نٿو ڄاڻان، پر دڪان وٺي مزي سان زندگي
گذاري رهيو آهيان. مون کي ڏي پنھنجا ڪتاب! دڪاندار
جا اُهي لفظ ٻُڌي، ابو سعيد کي تير وانگر دل ۾
چُڀي ويا. پر ڇا ڪري ماٺ ڪري هليو ويندو هو.
دڪاندار جي مھڻن هوندي به ابو سعيد پڙهڻ نه ڇڏيو.
بلڪ محنت سان تعليم حاصل ڪندو رهيو. ٿوري وقت کان
پوءِ ابو سعيد جي مالي حالت خراب ٿي وئي. جو بدن
تي به ڦاٽل ڪپڙا وڃي رهيا هئس. جنھن ڪري گھر کان
ٻاهر به نه نڪرندو هو. هڪڙي ڏينھن هو گھر ۾ پنھنجي
حالت تي غور ڪري رهيو هو، ته اوچتو دروازي جو ڪڙو
ڪنھن کُڙڪايو. دروازو کولي ڏٺائين، ته هڪ سپاهي
بيٺو آهي. سپاهي کي ڏسي هي ويچارو حيران ٿي ويو.
سپاهي پڇيو، ته ابو سعيد توهان جو نالو آهي؟
هن چيو، ته هائو! ابو سعيد آءٌ آهيان.
سپاهيءَ چيو، ته توهان کي بصره جي حاڪم سڏايو آهي.
ابو سعيد حيران ٿي ويو، ته خدا ڄاڻي ڪھڙو معاملو
آهي. سپاهي کي چيائين ته ڏس منھنجا ڪپڙا ڦاٽا پيا
آهن. جنھن ڪري حاڪم وٽ هلي نه ٿو سگھان. سپاهي
هليو ويو، ٿوري دير گذرڻ کان پوءِ، اهو ساڳيو
سپاهي هڪ ڳوٿري روپين جي ۽ ڪپڙن جو هڪ سُٺو وڳو
کڻي آيو ۽ ابو سعيد کي چيائين، ته ڳوٿري گھر ۾
رکي، پوشاڪ پائي مون سان گڏجي هلو. ابو سعيد روپين
جي ڳوٿري وٺڻ کان انڪار ڪيو. پر سپاهيءَ جي گھڻي
زور ڪرڻ تي روپين جي ڳوٿري رکي، ڪپڙا پائي بصري جي
حاڪم جي محل ڏانھن روانو ٿي ويو.
جڏهن ابو سعيد محل ۾ پھتو ته حاڪم سڏائي، پاڻ سان
گڏ ماني کارائي ۽ کيس چيائين، ته مون توهان کي
انھيءَ ڪري تڪليف ڏني آهي، ته آءٌ توهان کي شھزاي
امين رشيد ولد خليفي هارون رشيد جو اُستاد ڪري،
بغداد روانو ڪريان ٿو. بغداد پھچڻ تي ابو سعيد
خليفي هارون سان مليو. جنھن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو
۽ کيس پنھنجي پُٽ شھزادي امين الرشيد جي تعليم
لاءِ مقرر ڪيو. ٿورن سالن اندر شھزادي پنھنجي
تعليم پوري ڪئي. هڪڙي ڏينھن شھزادي امين الرشيد
جمعي جو خطبو پڙهيو، ته خليفي ھارون رشيد پنھنجي
پُٽ جي لياقت ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ابو سعيد کي
انعام ڏئي چيائين، ته اوهان جي ڪا خواهش هجي، ته
ٻُڌايو. ابو سعيد چيو ته حضور جن جي مھرباني سان
سڀ ڪجھه آهي. جيڪڏهن حضور جن موڪل ڏين، ته وطن
وڃان. جنھن تي خليفي خوشيءَ سان موڪل ڏني. ابو
سعيد جڏهن بصري پھتو، تڏهن ماڻھو هن جي ملاقات
لاءِ اچڻ لڳا.
هڪ ڏينھن اهو ساڳيو دڪاندار به ملاقات لاءِ آيو،
جيڪو ابو سعيد تي چٿرون ڪري چوندو هو، ته
”ميان
تون پڙهي ڪھڙا ڦاڙها ماريندين.“
ابو سعيد دڪاندار سان ڏاڍي چاهه سان مليو. جنھن تي
دڪاندار چيو، ته اڄ مون کي معلوم ٿيو، ته علم
کان وڌيڪ ٻي ڪا به دولت عزت ڪرڻ جي لائق نه ٿي
سگھي ٿي.
سرهاڻ خاتُون جت (ڪلاس پنجون) غلام حيدر ميموريل
پبلڪ اسڪول باڊهه/لاڙڪاڻو
منافقت ڇا آهي!!!
منھنجو نالو سرهاڻ خاتون آهي. منھنجي دوست مون کان
سوال ڪيو ته منافقت ڇا آهي؟ مون ان کي جواب ڏنو ،
ته ماڻھن جي دل ۾ هڪڙي ڳالھه هجي ۽ زبان تي ٻي
ڳالھه هجي ته اهڙي ماڻھو کي منافق چئبو آهي.
منافقت بابت ربّ تعاليٰ جو فرمان آهي، ته منافق
دوزخ جي سڀ کان هيٺين طبقي ۾ هوندا ۽ منافقن بابت
ربّ تعاليٰ جو ٻيو فرمان آهي، ته توهان اهڙي ڳالھه
ڇو ٿا چئو، جنھن کي توهان نٿا مڃو. هن وري ٻيھر
مون کان سوال ڪيو، ته حضور اڪرمﷺ جن منافق ماڻھن
جون ڪھڙيون نشانيون ٻُڌايون آهن؟ مون جواب ۾ چيو،
ته حضور اڪرمﷺ جن فرمايو آهي، ته جن ماڻھن ۾ ٽي
نشانيون هونديون ته اهو پڪو منافق ماڻھو آهي، ڀلي
پنھنجو پاڻ کي مسلمان سمجھندڙ هجي، اُهي نشانيون
هي آهن.
·جڏهن
ڳالھائي ته ڪوڙ ڳالھائي.
·جڏهن
واعدو ڪري ته ان جي ڀڃڪڙي ڪري.
·جڏهن
ڪير وٽس ڪا شيءِ امانت رکي، ته ان ۾ خيانت ڪري.
هڪ ٻي جاءِ تي رسول اڪرمﷺ جن منافق ماڻھن جي هي
نشاني به بيان فرمائي آهي، ته جڏهن ڪنھن سان بحث
مباحثو ڪري ته گار گند ڪندڙ هجي.
شوڪت جوڻيجو
لاڙڪاڻو
ٻارڙن جي تربيت
ٻار مستقبل جا معمار، ماءُ پيءُ جي اکڙين جا ٺار،
هنئين جا هار ۽ گھرجي سُونھن سينگار هوندا آهن.
ائين جيئن گُل ٻوٽن جي سونھن هوندا آهن. ٻارڙا اهو
رستو اختيار ڪندا آهن، جيڪو کين وڏڙا ڏيکاريندا
آهن. ٻار کي جھڙي صحبت ۽ جھڙو ماحول ملندو، ٻار ۾
اهڙا گُڻ پيدا ٿيندا. ڇو ته ٻاروتڻ ئي سِکڻ جي عمر
آهي ۽ اهو ماءُ پيءُ تي ٿو ڀاڙي، ته اهي پنھنجي
اکين جي ٺارن کي ڪھڙي صُحبت ۽ ماحول ڏين ٿا.
والدين ئي آهن جيڪي ٻارڙن کي سُٺو ماحول ۽ چڱي
تربيت ڏئي ڪري، انھن جي بھترين نموني پرورش ڪن ٿا.
کين گھرجي، ته اهي ٻارن کي نئين دڳ تي لائين. سندن
هر جائز گھرج ۽ انگل وَسَ آهر پورو ڪن. اجايون
خواھشون پوريون ڪرڻ ۽ سجاين ڳالھين کان انڪار،
ٻارڙن لاءِ انھتائي هاڃيڪار آهي. اهو ڪٿي جو انصاف
آهي، ته ٻار جي هٿ ۾ گيم کيڏڻ لاءِ مھانگي ٽچ فون
ته ڏئي ڇڏيون، پر ڪتاب ۽ ڪاپين کان ٽاريو رکجي.
کين نماز ۽ قرآن جي تعليم کان پري رکجي.....؟
وڏن جيان ٻارڙا به کوڙ ساريون غلطيون ڪن ٿا. پر
کين ڪنھن به ڀُلَ تي مارڻ ۽ دڙڪا ڏيڻ بجاءِ، کين
شفقت سان سمجھايو وڃي، ته ڪھڙي ڳالھه چڱي آهي،
ڪھڙي بُري، ڪھڙو ڪم صحيح آهي ۽ ڪھڙو غلط! ڇو ته
ٻارڙن کي اجايو ڇڙٻڻ توڙي
ڍر ڏيڻ ٻئي
عمل هاڃيڪار آهن.
سندن تعليم ۽ تربيت رڳو اُستاد جي ذميواري نه
سمجھي وڃي، پر پڙهائيءَ ۾ سدائين سندن مدد ڪئي
وڃي. هوم ورڪ (Home
Work)
وغيره مھل سر ڪرائڻ سان گڏو گڏ، سندن ڪاپين،
ڪتابن ۽ اسٽيشنري وغيره جو پڻ خيال رکيو وڃي ۽ هر
ڪا گھربل شيءِ کين مھل سان ڏياري وڃي. توهان
والدين جي توجھه ۽ تربيت ٻار کي سُٺي شھري بنائڻ ۾
مددگار ثابت ٿيندي. ٻارڙن کي دين کان چڱيءَ طرح
واقف ڪرايو وڃي، ان لاءِ ضروري آهي، ته توهان پاڻ
به دين جي بابت ڄاڻندا هجو. ربّ پاڪ جا انسان تي
ڪھڙا حق (حقوق العباد) آهن. بندن جا بندن تي ڪھڙا
حق (حقوق العباد) آهن. اهو کين توهان کي سيکارڻو
آهي.
ٻارڙا مشڪلن کان گھٻرائن، ته ان لاءِ کين سيرت
النّبيﷺ کان واقف ڪرائجي. کين ٻُڌايو، ته رسول
اللهﷺ کي اسلام جي ڦھلائڻ ۽ سيکارڻ لاءِ ڪيترين
ڏُکيائين کي مُنھن ڏيڻو پيو. پر پاڻ ڪريمنﷺ ربّ
پاڪ جي دين کي ربّ جي ٻانَھَنِ تائين پھچائي
ڏيکاريائون. هر وقت صبر ڪيائون. تنھنڪري ٻارڙن کي
هر وقت صبر ۽ شڪر جي هدايت ڪندا رهو ۽ ثابت قدم
رهڻ جو چوندا رهو.
ٻارڙن کي تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ تحفظ جي پڻ گھڻي
گھرج هوندي آهي. ان لاءِ ضروري آهي، ته گھر ۾
ٻارڙن سان اهڙو ورتاءُ ڪيو وڃي، جو گھر، کين پناھه
گاهه محسوس ٿئي. سندن احساسن ۽
خواھشن
جو احترام ڪيو وڃي، ته جيئن هو به سڀاڻي وڏن جو
احترام ڪري. توهان جي بھترين پرورش ئي ٻار کي هن
معاشري جو سُٺو ۽ ذميورا فرد بڻائيندي.
اگر ٻار کي آزاد ڇڏيو ويندو، ته هو معاشري جي غلط
ماڻھن جي صحبت ۾ اچي ويندو ۽ پوءِ نتيجي ۾ هُو
سماجي بُرائين جو شڪار بڻجي ويندو. ائين ڪڏهن به
نه پڙهي سگھندو ۽ نه پِرائي سگھندو. پوءِ هو جڏهن
وڏو ٿي ويندو، ته معاشري جو هڪ غيرذميورا ۽ بيڪار
فرد ثابت ٿيندو. ساڻس هرڪو ئي نفرت پيو ڪندو. پوءِ
هو اڪيلو رهجي ويندو.
خدارا! پنھنجي ٻارڙن کي هڪ مڪمل اسلامي تعليم ۽
اخلاقي ماحول ڏيو. کين موبائل ڪلچر ۽ ٽي وي ڪلچرن
کان پري رکو. کين پنھنجي سنڌي ثقافت سان
سلھاڙيل رکو.
اگر توهان ۽ اسان اڄ به اک نه کولي ته پوءِ تاريخ
اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي تاريخ ئي گواهه آهي،
ته ڪنھن به شيءِ جي بنيادي رٿ صحيح نه هوندي آهي،
ته اها ڪڏهن به ڪامياب نه ويندي آهي.
منير حيدر لغاري
شھدادپور
تقرير
ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت سان
اول نام الله جو، ڏيندڙ ڏيھه ساري،
ڏئي نه پچاري، مڙنئان مھربان گھڻون.
مانوارا اُستاد، معزز مھمان ۽ پيارا شاگرد ساٿيو
اسلام عليڪم.
جيئي سنڌ جي ثقافت،
جيئي سنڌي ٻولي.
اڄ جنھن عنوان تي مون کي ڳالھائڻ جو موقعو مليو
آهي، سو آهي اسان جي ثقافت.
جناب صدر! اسان جي تھذيب اُها تھذيب آهي، جنھن
انسان کي پھريون ڀيرو لباس جو تحفو ڏنو. اسان جي
تھذيب اُها تھذيب آهي، جنھن انسان کي ڦيٿي جھڙي
سادي مشين ڏني. اسان جي تھذيب اُها تھذيب آهي،
جنھن دنيا کي پھريون ڀيرو غسل خانو ۽ نيڪال جو
نظام ڏنو. اسان جي تھذيب اُها تھذيب آهي، جنھن
دنيا کي پھريون ڀيرو موٽر مارڪيٽ، وزن ۽ ماپ جو
نظام ڏنو. اسان جي تهذيب اها تھذيب آهي، جنھن جي
آثارن مان ڪڏهن هٿيار نه مليو.
جناب صدر!
اسان جي تھذيب امن جي تھذيب آهي.
اسان جي تھذيب ترقيءَ جي تھذيب آهي.
اسان جي تھذيب تحقيق جي تھذيب آهي. |