|
ڊاڪٽر رشيده ڀٽي
ڄام شورو
دل (Heart)
جو مختصر تعارف
دل ڇا آهي؟ هن جي وصف ڪيئن بيان ڪجي؟ ڪھڙي وصف
وڌيڪ صحي آهي؟ هتي آءٌ بيان ڪندم دل جي انھن مختلف
پھلوئن کي جيڪي مختلف انداز ۾ دل جي اهميت کي
اُجاگر ڪن ٿا. دل اهو هنڌ جتي ربّ رحيم موجود آهي.
اها ڳالھه قرآني آيات جي روشنيءَ ۾ به واضح ٿيل
آهي، ته وري بزرگن ۽ الھامي شاعرن جي زباني به
بيان ڪئي وئي آهي.
سماج ۾ ثقافتي لحاظ کان به اهميت دل کي مليل، ته
دنيا جي هر ٻوليءَ واري شاعر به دل کي اوليت ڏني
آهي. هر زبان جي شاعر دل کي نمايان اوليت ڏني آهي.
هر ٻولي ءَ ۾ دل کي نمايان مقام ڏيندڙ شاعرن جا
بي شمار شعر دل جي متعلق ملندا رهن ٿا. پوءِ اها
سنڌي زبان هجي يا اردو، يا وري ڪا ٻي ٻولي! اسان
کي بيشمار شعرن جو خزانو دل جي موضوع ۽ لفظ تي
مشتمل حاصل ٿي سگھي ٿو.
جيئن ته زندگيءَ جي بقا ۽ فنا دل جي ڌڙڪڻ سان
وابسته آهي. پوءِ اسان کي سوچڻو پوندو، ته هڪ فنا
ٿيندڙ جسم ۾ لافاني ربّ جليل ڪھڙي نموني ۽ ڪھڙي
شڪل و صورت ڪھڙي ريت هن عضوي ۾ هر وقت هر پل گڏ
گڏ رهي ٿو. سوال اهو آهي، ته ڪھڙيءَ طرح؟
ان جو جواب آهي ته قرآن ڪريم ۾ هڪ آيت سڳوريءَ ۾
واضح ٻُڌايو ويو آهي، ته (ترجمو) بيشڪ ربّ اوهان
کي اوهان جي شھه رڳَ کان به ويجھو آهي“
اها شھه رڳ جيڪا شاهه شھه رڳ شريان (Aorta)
منجھان صاف رتُ کڻي رت ٻاهر نڪري ٿي، ۽ سڄي جسم کي
تازو توانو ڪري ٿي ۽ غلاظت گڏ ڪري واپس دل ۾ آڻي
صاف ڪري ٿي ۽ ائين اهو چڪر زندگيءَ ڀر هلندو رهي
ٿو، جيڪو حياتيءَ جو اهڃاڻ پڻ آهي. ان کي اسان
ميڊيڪل سائنس ۾ چڱي نموني سمجھي سگھنداسين.
دل ڪيئن ڪم ڪري ٿي؟
ربّ تعاليٰ دل جھڙو انمول عضوو ڪو ٻيو نه خلقيو
آهي، خلقڻهار هڪ بالغ ماڻھوءَ جي دل، سائيز ۾ سند
بند مُٺِ جيتري (جوڙي) ٺاهي آهي، پر تنھن هوندي به
منجھس ايتري طاقت رکي آهي جو اها بنا وقفي جي
ڌڙڪندي رهي ٿي.بظاهر هي هڪ مُٺ جيتري گوشت پوست
جو لوٿڙُ/ڳوڙهو جنھن کي ٽِڪُنڊو چئي سگھجي ٿو.
تنھن کي دل سڏيون ٿا پر ايتري ته پڪي ۽ مضبوط جيڪا
هڪ منٽ ۾ ستر يا ٻاهتر دفعا سُڪڙجي ۽ ڦنڊجي
(ڦھلجي) ٿي ۽ سڄي عمر ڌڙڪندي رهي ٿي.
منصور علي شر ڪلاس نائون گورنمينٽ هاءِ اسڪول مولا
بخش شر ٺري ميرواهه
مانوارن استادن کي ڀيٽا
پيارا ٻارو! اُستاد اها عظيم شخصيت آهي، جيڪو نئين
نسل جي علم ۽ شعور ذريعي آبياري ڪري ٿو. جيڪو هر
دؤر ۾ پنھنجي سچائي ۽ ايمانداري سان سُٺائي جا گُڻ
پيدا ٿو ڪري. جڏهن مان پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو
هئس، تڏهن مون کي اُستاد غلام شبير دستي ۽ اُستاد
هادي بخش چنا وٽ پڙهڻ ۽ سکڻ نصيب ٿيو. اڄ به اهي
اُستاد اسان جي لاءِ قابل عزت ۽ احترام آهن. جن
وٽان پڙهڻ سان ادب اخلاقيات جا سبق به مليا، ته
پيار ۽ همت افزائي به ملي ۽ جڏهن هاءِ اسڪول ۾
پڙهڻ وياسين ته اتي اسان جو ڪلاس ٽيچر اُستاد
عبدالجبار ويسر ٿيو. جنھن اسان کي ڪورس جي پڙهائي
سان گڏوگڏ ادبي ڪتابن سان به ڳانڍاپو ڪرايو.
ڪھاڻين، مضمونن، ٻاراڻي شاعري جا ڪتاب نه صرف پڙهي
ٻُڌايا، پر پاڻ ڪيتريون ئي سرگرميون ۽ مقابلا
ڪرائيندو هو. جن ۾ کٽيندڙن کي انعام ۾ ٻاراڻا ڪتاب
۽ رسالا ڏيندا هئا. ستين ڪلاس ۾ اُستاد عمران خان
شر ڪلاس ٽيچر ٿيو. جنھن اسان کي اڃا به بھتر کان
بھتر شاگرد بڻايو. سندس پيار ۽ محبت سان پڙهائڻ جو
انداز بيحد ڀلو هو.
اٺين ڪلاس ۾ اُستاد عبدالقادر ڪلاس ٽيچر ٿيو. جنھن
ٻارن کان ڪلاس کي سينگارڻ جو ڪم وٺڻ سان گڏوگڏ
پڙهائي جون سرگرميون بھترين ڪري ڪلاس ۾ ساھه وڌو ۽
اسان ۾ گھڻي حوصلا افزائي پيدا ٿي. پاڻ انگلش
مضمون جو ماهر اُستاد آهي.
اُستاد ساجد علي سومرو ۽ اُستاد نصرالله شر مئٿ جو
مضمون ڏاڍو محنت سان پڙهايو. انھن سان گڏ ٻيا
اُستاد سائين نظر علي شر، سائين غلام عباس ويسر،
سائين عبدالقادر شر، سائين راول بخش مانڊڻ، سائين
جميل احمد دستي، سائين شھزاد علي انصاري سميت ان
وقت جي هيڊ ماسترز سائين قدير احمد شر ۽ سائين
محمد حسن ويسر جي نگراني قابل تعريف آهي.
اُستادن کي ڀيٽا پيش ڪندي ناميارو شاعر ۽ اُستاد
سائين غفار عباسي لکي ٿو،
هٿن کي ٿو چمان اُستاد آهن،
منھنجو ابو ۽ امان اُستاد آهن،
بڻايو مون کي جن لائق غفار آ،
سچا سي رهنما اُستاد آهن.
اڄ دنيا جي نقشي تي جيڪي به ترقيءَ جون نيون راهون
۽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪيون ٿا، اهي اُستادن جي
بدولت ئي ميسر آهن.
جيڪڏهن اسان معاشري ۾ اُستادن کي عزت ۽ مانُ نه
ڏينداسين، ته اسان پوئتي ئي رهيل هونداسين. اسان
هر ڏينھن پنھنجي اُستادن کي دعائون، عزتون، محبتون
۽ قدمن جي پيروي ڪندي گذاريون، ته وڌيڪ ڪامياب
ٿينداسين. شال منھنجا پيارا اُستاد شاد ۽ آباد
رهن.
***
موڪليندڙ: عليزا بروهي
قاضي جميل پبلڪ هاءِ اسڪول/نواب شاهه
اميزون ٻيلو
Amazon Forest
هي ايميزون ٻيلو آهي (Amazon
Forest)
هتي زمين تي روشني تمام گھٽ پوي ٿي. ڇاڪاڻ ته وڻ
تمام گھڻا گھاٽا آهن. هن ٻيلي ۾ ٻوٽن ۽ وڻن جو
تعداد تمام گھڻو آهي. هڪ رپورٽ موجب، صرف ايميزون
ٻيلي ۾ وڻن جو تعداد لڳ ڀڳ ٽي سؤ نوي ارب آهي. هتي
وڻ ايترا گھاٽا آهن، جو مينھن جو پاڻي زمين تائين
پھچڻ ۾ ڏهه منٽ لڳن ٿا. هي دنيا جو سڀ کان وڏو
ٻيلو آهي. ايميزون ٻيلو دنيا جي
9
ملڪن ۾ پکڙيل آهي. جنھن ۾ برازيل سڀ کان مٿي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي، ته هن ٻيلي جي ڪل ايراضي
5.5
ملين چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. جڏهن ته پاڪستان
جي ايراضي
795
هزار چورس ڪلوميٽر آهي. ان مان، توهان چڱي طرح
اندازو لڳائي سگھو ٿا، ته هي ٻيلو ڪيترو وڏو
هوندو؟
ايميزون هڪ يوناني لفظ آهي. جنھن جي معنيٰ آهي،A
جو مطلب آهي بغير، جڏهن ته مازونMazon
جو مطلب آهي سِينُو. يعني ان جو مطلب آهي سينن کان
سواءِ عورتون.
هي نالو ان ڪري ڏنو ويو آهي، جو ڪجھه محقق لکن ٿا،
ته قديم جنگجُو عورتون تيز شاٽ لاءِ هڪ سينو
ڪٽينديون هيون. يعني يوناني ۾، ايميزون عورت
جنگجوئن جي هڪ بھادر قوم لاءِ استعمال ٿيندو هو.
دلچسپ ڳالھه اها آهي، ته زمين جي آڪسيجن جو صرف
ويھه سيڪڙو ايميزون جي وڻن ۽ ٻوٽن مان پيدا ٿئي
ٿو. دنيا جي جانورن، پکين ۽ حشرات جو چاليھه سيڪڙو
ايميزون ۾ ملي ٿو.
400
کان وڌيڪ جھنگلي قبيلا هتي رهن ٿا. انھن جي آبادي
جو اندازو لڳ ڀڳ
4.5
ملين آهي. پر دلچسپ ڳالھه اها آهي، ته اهي ماڻھو
21
صديءَ ۾ به جھنگ ۾ رهي رهيا آهن. ايميزون ٻيلي جا
ڪجھه علائقا ايترا گھاٽا آهن. جو سج جي روشني انھن
تائين نه ٿي پھچي سگھي ۽ ڏينھن ۾ به آسمان رات
وانگر آهي.
هتي زهريلا ڪيڙا به آهن. جيڪي جيڪڏهن
ڪنھن انسان کي چٻاڙين ٿا، ته ڪجھه منٽن اندر مري
وڃن ٿا. ايميزون درياهه پاڻي جي لحاظ کان دنيا جو
سڀ کان وڏو درياهه آهي ۽ ان جي ڊيگھه ست هزار
ڪلوميٽر آهي. ايميزون درياهه ۾ مڇين جون لڳ ڀڳ
30
هزار جنسون ملن ٿيون. ايميزون ٻيلن ۾
60
سيڪڙو مخلوق اڃا تائين بي نالو آهن. يعني انھن کي
اڃا تائين نالو نه ڏنو ويو آهي.
هتي مکيون ايتريون وڏيون ۽ طاقتور آهن، جو اهي
پکين کي به پڪڙي سگھن ٿيون. دلچسپ ڳالھه اها آهي،
ته هتي
30,000
قسمن جا ميوا آهن ۽ ان کان به وڌيڪ حيرت انگيز
ڳالھه اها آهي، ته حياتيات جا ماهر هن ٻيلي جي صرف
10
سيڪڙو تائين پھچي سگھيا آهن. فطرت جا هزارين راز
ايميزون ٻيلي ۾ دفن ٿيل آهن. جيڪڏهن توهان ايميزون
جي گھاٽي ٻيلن ۾ آهيو ۽ تمام گھڻي ۽ تيز برسات
شروع ٿئي، ته مينھن جو پاڻي توهان تائين لڳ ڀڳ ڏهن
منٽن تائين نه پھچندو. هڪ به پاڪستاني اڃا تائين
هن خوفناڪ ٻيلي ۾ نه ويو آهي. ڇاڪاڻ ته هتي نانگ ۽
مکيون ايترا خطرناڪ آهن، جو هڪ بھادر ماڻھو به
سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي...!!!
سمرا علي بروهي (ڪلاس ٽيون) غلام حيدر ميموريل
پبلڪ اسڪول باڊهه
ٻڌي ۾ طاقت آهي
ٻڌئ جا ڪيترائي فائدا آھن. ھڪ پوڙھو ماڻھو رھندو
ھو، جنھن کي چار پُٽ ھئا، اھي ھميشه ھڪ ٻئي سان
وڙھندا ھئا. پوڙھو ماڻھو انھن لاءِ تمام گھڻو
پريشان ھو. ان ڏاڍي ڪوشش ڪئي انھن کي گڏ ڪرڻ جي،
پر ان جون سڀ ڪوششون ناڪام ٿي ويون، ھڪ دفعي ان ھڪ
منصوبو سوچيو، انھن کي گڏ ڪرڻ جو، ھو جنگل مان
ڪاٺين جو بنڊل کڻي آيو، ان ھڪ ھڪ ڪري ھنن کي ڪاٺين
جو بنڊل ڀڃڻ لاءِ چيو، سڀني ڪوشش ڪئي، پر ڪنھن به
ڀڃي نه سگھيو. پوڙھي ماڻھو ان بنڊل کي کوليو، پوءِ
ھنن کي چيائين، ته انھن ڪاٺين کي الگ الگ ڪري ڀڃو،
سڀني آساني سان ڀڃي ڇڏيو. پوڙھي ماڻھو پنھنجن پُٽن
کي صلاح ڏني، ته ھنن ڪاٺين جي بنڊل وانگر گڏجي رھو
مضبوط ٿيندؤ. توھان کي ڪير به نقصان نه پھچائي
سگھندو. باقي اگر توھان الگ ٿيندؤ، ته توھان تباھه
ٿي ويندؤ.
ان ڏينھن کان پوءِ سڀني پُٽن ان جي صلاح تي عمل
ڪيو. ھاڻي اھي ڪڏھن به نه وڙھندا آھن، انھن ٻڌي
سان رھڻ شروع ڪيو.
***
عبدالجبار ويسر ٺري ميرواهه
گورنمنيٽ هاءِ اسڪول مولا بخش شر ٺري ميرواھ جي
ذهين شاگردَ جو تعارف
1.منھنجو
نالو پھلوان خان آهي.
2.منھنجي
پيءُ جو نالو قادري محبوب علي شر آهي.
3.آءٌ
ستين ڪلاس ۾ پڙهندو آهيان.
4.منھنجي
پسند جا مضمون انگريزي، سنڌي، سائنس ۽ مئٿ آهن.
5.منھنجي
پسند جا اُستاد سر عبدالجبار ويسر، سر عبدالقادر
ملاح، سر جميل احمد دستي، سر نظر علي شر، سر ساجد
علي سومرو ۽ سر عمران خان شر آهن.
6.منھنجي
پسند جا دوست منظور حسين سومرو، عبدالوهاب سومرو،
افضل علي مھراڻي، سبحان علي شر ۽ جنيد احمد ويسر
آهن.
7.منھنجي
پسند جي راند ڪرڪيٽ ۽ والي بال آهي.
8.آءٌ
وڏو ٿي وڪيل ٿيندس.
9.منھنجي
پسند جو کاڌو ڪڪڙ، ساڳ ۽ مڇي آهي.
10.منھنجو
پيغام آهي، ته اسان کي علم پرائڻ گھرجي، ٻاراڻا
ڪتاب ۽ گُل ڦُل رسالا پڙهڻ گھرجن. وڏن جي عزت ڪرڻ
گھرجي. علم حاصل ڪري، والدين ۽ اُستادن جو نالو
روشن ڪرڻ گھرجي.
محنتي شاگردن کي سلام!
جيڪي شاگرد، خاص ڪري نرسري کان پرائمري پنجين درجي
تائين، گرمي ۽ سردي، جُھڙي ۽ ڦڙي، پنڌ اوري توڙي
پري هجڻ جي باوجود سڄو مهينو اسڪول ۾ حاضر رهيا،
انهن جي محنت ۽ لگن کي اسين سلام پيش ڪريون ٿا.
اهي شاگرد اسان لاءِ هڪ مثال آهن. جيڪي وقت جي
پابندي، پڙهائي لاءِ جذبو، حوصلي ۽ لگن سان پابند
آهن. اچو ته اسان سڀ انھن جي محنت کي ساراهيون ۽
پنھنجي ٻارن کي هميشه تعليم سان محبت ڪرڻ جي تلقين
ڪريون. غلام حيدر ميموريل پبلڪ اسڪول باڊھ جي
انتظاميه طرفان سڄو مھينو لڳاتار بغير گسائڻ جي
اسڪول ايندڙ شاگردن کي ميڊل ۽ اسڪول جي خاص بيج
انعام طور ڏنا ويا. نالا هن ريت آهن، (نرسري بي)
محمد مالڪ بروهي، ميمونه بروهي، مزمل علي بروهي،
حسام علي سومرو، مسعود علي سومرو، محمد عزير
ڦلپوٽو، غلام حسين ڦلپوٽو، محمد حسين ديرو، محمد
انيس ديرو (ڪلاس
A
) اقصيٰ بروهي، مدِيحه گُل ڦلپوٽو، مدثر علي
ڦلپوٽو، محمد يوسف سومرو، صبا ڦلپوٽو، تبسم
ڦلپوٽو، ياسر علي گوپانگ) (ڪلاس
KG1)
بابر علي شيدي، حذيفه ڦلپوٽو، ڪنزا ڦلپوٽو، شگفته
بروهي، شاهزيب علي شيدي، سجاد علي گوپانگ، نور نبي
ساريو، معصومه ڦلپوٽو (ڪلاس پھريون
B)
غلام زهرا ڦلپوٽو، محمد حذيفه ڪلھوڙو، صداقت علي
ڦلپوٽو، ميران ڦلپوٽو، انمول سومرو (ڪلاس پھريونA)
عادل علي بروهي، رميز علي اعواڻ، صدوري منگي، مدثر
حسين سومرو، غلام عباس ميراڻي (ڪلاس2)
سوميه ڦلپوٽو، انيسا ديرو، مھرالنساءِ ڦلپوٽو،
عادل خان گوپانگ، غلام عباس ڏهر، محمد ابراهيم
سومرو (ڪلاس3)
آسيا جت، آصفه بروهي، محمد رافع منگي، عريشه
بروهي، ام رومان بروهي، زينب ميراڻي، ڪوثر گوپانگ،
مستقيم، زهرا ڦلپوٽو، دعا بروهي، سمرا بروهي (ڪلاس4)
احسان علي ساريو، ايم اسلم، محمد عادل سومرو،
ايمان بروهي، اشرف علي جوڳي، (ڪلاس
5)
عابد علي بروهي، محمد سالار سومرو ۽ فرحان علي ڦلپوٽو
کي ميڊل ۽ شيلڊ جي انعام سان نوازيو ويو.




انيتا
ڏاهري (ڪلاس ٻارهون) گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول شاهپور چاڪر سانگھڙ)
بي ايمان ڊاڪٽر
ڊاڪٽر شرما شھر جو هڪ مشھور ڊاڪٽر هو. کيس پنھنجي
شعبي ۾ بھترين شھرت حاصل هئي. پنھنجي شاندار ڪلينڪ
هوندي به ڊاڪٽر شرما جو هڪ خوفناڪ مقصد هو، ڪنھن
به طريقي سان دولت گڏ ڪرڻ. هڪ ڏينھن رامو نالي هڪ
غريب مريض ڊاڪٽر شرما جي ڪلينڪ ۾ بخار ۽ مٿي جي
سُور جي معمولي شڪايت سان آيو. رامو هڪ مزدور هو،
جيڪو پنھنجي علاج جو خرچ مشڪل سان برداشت ڪري ٿي
سگھيو. تنھن هوندي به ڊاڪٽر شرما رامو جي غريبي ۽
لاچاريءَ مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مھانگيون
ٽيسٽون لکي ڏنيون. رامو کي فوري طور تي ايم.آر.آءِ
سميت جسم جون مڪمل ٽيسٽون ڪرائڻ جي تجويز ڏني ۽
ٻڌايو، ته ان ٽيسٽن تي توهان جا ڏهه هزار روپيا
خرچ ٿيندو. توهان پريشان نه ٿيو، آءٌ توهان جي مدد
ڪندس. رامو پريشان ٿي ويو هو. پر ڊاڪٽر شرما کيس
يقين ڏياريو، ته اهو سڀ سندس علاج لاءِ ضروري آهي.
رامو پنھنجي تڪليف جي ڪري راضي ٿي ويو ۽ فيس ادا
ڪئي، جيڪا سندس محدود آمدني تي هڪ وڏو بار هئي.
جيئن رامو ڪلينڪ مان نڪتو، ته هڪ ٻئي مريض جو نمبر
آيو. جيڪا هڪ نوجوان ڇوڪري هئي جنھن جو نالو ليلا
هو. جيڪا ڊاڪٽر شرما وٽ هڪ معمولي مسئلي لاءِ آئي
هئي. ليلا هڪ شاگردياڻي هئي ۽ فيس بابت پريشان به
هئي، ڊاڪٽر شرما سندس پريشانيءَ کي محسوس ڪندي کيس
رعايت جي آڇ ڪئي ۽ علاج ڪرڻ جو واعدو ڪيو. ڊاڪٽر
شرما جو ضمير مري رهيو هو. هو مريضن کان تمام گھڻي
فيس وصول ڪرڻ لڳو. غريبن جي بيماريءَ مان ناجائز
فائدو وٺندي، دولت ڪمائي رهيو هو.
هڪ ڏينھن هڪ سماجي ڪارڪن مسز پٽيل، ڊاڪٽر شرما جي
ڪلينڪ جو دورو ڪيو، مريض جي روپ ۾. ان کان پوءِ هن
ڊاڪٽر جي اهڙن غلط عملن کي پڌرو ڪيو ۽ ڪاروائي
ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. مسز پٽيل ڊاڪٽر شرما جي شڪايت
ميڊيڪل ڪائونسل کي ٻُڌايو، جنھن تحقيقات شروع
ڪرائي. تحقيق مان معلوم ٿيو، ته ڊاڪٽر شرما غير
اخلاقي عملن ۾ ملوث رهيو آهي، جنھن ۾ مريضن کي
وڌيڪ چارج ڏيڻ ۽ غير ضروري علاج ڪرائڻ شامل آهن.
ميڊيڪل ڪائونسل ڊاڪٽر شرما جو لائسنس رد ڪري ٻي
صورت ۾ سخت ڪاروائي ڪئي ويندي! هن کي تنبيھه ڪئي،
ته هو آئينده پنھنجي ڪلينڪ بند ڪري ڇڏي.
امداد سروري
آراضي/سيوهڻ
ذهين ڇوڪريءَ جي فرياد
گھر جي قيد ۾ بند ٿي ويل مئٽرڪ پاس ذهين
شاگردياڻي، نتيجو اچڻ کان پوءِ خوش ٿيڻ بدران
پريشان آهي. سندس هم ڪلاس شاگردياڻيون ڪاليج ۾
داخلا وٺي رهيون آهن. پاڻ پنھنجي هم سبق ساٿي دوست
ڇوڪريءَ کي گھر گھرائي چئي رهي آهي، ته اسان ٻئي
مئٽرڪ ڪلاس تائين اسڪول ۾ گڏ پڙهيوسين. توکي معلوم
آهي، ته مون سدائين هر ڪلاس ۾ پوزيشن کڻندي، اڳتي
قدم وڌايو آهي. جيڪا شاهدي منھنجي ڪمري ۾ پيل هي
چمڪندڙ ميڊل، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ تنھنجي سامھون ڏئي
رهيا آهن. توکي خبر آهي، ته مون سُٺين مارڪن سان
مئٽرڪ ۾
A
ون گريڊ کنيو آهي. قدرت واري مون کي ڪافي صلاحيتن
سان نوازيو آهي. انھن کي مان پڙهي لکي زماني جي
اڳيان آڻڻ چاهيان ٿي.
ڀيڻ اڄ تون آزاد پکيءَ وانگر ڪاليج ۾ داخلا وٺي
پڙهي رهي آهين ۽ مون کي پنھنجي پيءَ ته اڳتي
پڙهائڻ چاهيو، پر ڀائرن اهو چئي گھر ۾ قيد ڪري
ڇڏيو، ته تنھنجي لاءِ ڏهه درجه ڪافي آهن. اڳتي
پڙهڻ مان ڪھڙو فائدو! ڪٿان سُٺو رشتو اچي، ته
تنھنجو بار لاهي ڇڏيون. جيڪا ڳالھه هن عمر ۾ مون
لاءِ صحيح ڪانھي ڪا. ڀائر هر وقت اهو چون ٿا، ته
هاڻي اڳتي پڙهڻ جو ماحول ئي ڪونھي ڪو. اهڙن مثالن
سان ڏس، هي موبائلون ڀريون پيون آهن. واقعي ماحول
ته خراب آهي، پر ان ماحول کي به اسان ته خراب ڪيو
آهي، جيڪڏهن هر ماڻھو پنھنجي ذميواري ايمانداريءَ
سان نڀائي، ته اسان جو معاشرو سُڌري پوي.
ان ۾ منھنجو ته ڪوبه ڏوهه ڪونھي ڪو، جو مان پنھنجي
گھر ۾ ڪاليج جي داخلا لاءِ هڪ ڪُٺل پکيءَ وانگر
ڦٿڪي رهي آهيان. اسان جي شھر جي ڪاليج جو ماحول
تمام سُٺو آهي. پر منھنجي نوجوان اڻپڙهيل ڀائرن کي
ڪير سمجھائي! جيڪي نه پاڻ پڙهيا ۽ نه علم حاصل ڪرڻ
بابت ڪا ڄاڻ اٿن. مان هاڻي گھر ۾ ان قيد ٿيل پکيءَ
وانگر آهيان، جيڪو پڃري مان ٻاهر نٿو نڪري سگھي.
جنھن کي اُڏامڻ لاءِ طاقتور پَرَ ته آهن، پر هُو
گھرَ جي قيد مان نڪري آزاد فضا ۾ اُڏامي نه ٿو
سگھي. تون پرنسيپل صاحبه کي منھنجي بدران عرض ڪر،
ته مان تنھنجي معرفت ڪاليج ۾ داخلا وٺي سگھان ٿي.
مگرڀائرن جي سختيءَ سبب ڪاليج ڪونه اچي سگھنديس!
اوهان منھنجي ڪاليج ۾ حاضري لڳرايو ۽ مون سان
ڪاليج ۾ پڙهڻ ۾ تعاون ڪريو، ته جيئن مان اڳتي پڙهي
سگھان. ان شاءَ الله مان اوهان کي گھر ۾ پڙهي به
سُٺي رزلٽ ڏينديس ۽ اوهان جي ڪاليج جو نالو روشن
ڪنديس ۽ توهان کان به نوٽس وٺي گھر ۾ پڙهنديس.
ظاهر آ ته آءٌ گھر جي قيد ۾ ته بند آهيان، پر مان
پنھنجي پڙهائي جي پرواز ۾ اهڙي صلاحيت رکان ٿي ۽
مالڪ جي مھربانيءَ سان پاڻ تي اهڙو ڀروسو رکان ٿي.
جو هر ڪو منھنجي رزلٽ ڏسي، حيران ٿي ويندو.
اسان کي اسان جو مذهب ڪٿي به علم حاصل ڪرڻ کان منع
نٿو ڪري. پوءِ اهو مرد هجي يا عورت، علم حاصل ڪرڻ
ٻنھي تي فرض آهي. اگر اوهان ٻاهر هوا تي اُڏامي
سگھو ٿا، ته مان به پنھنجي گھر ۾ پَرَ کولي پرواز
ڪري سگھان ٿي. ڇو ته قدرت واري مون کي جيڪا
صلاحيت، عقل ۽ شعور ڏنو آهي، جنھن کي مان گھر جي
قيد واري ڪوٺيءَ ۾ به حاصل ڪري سگھان ٿي. اگر مون
پنھنجي سوچ، فڪر ۽ صلاحيتن کي فقط پاڻ تائين
محدور رکيو ۽ هن قيد جي کوهه مان ٻاهر نڪرڻ جي
ڪابه ڪوشش نه ڪئي، ته منھنجيون صلاحيتون مون سان
گڏ اُتي ئي ڦٿڪي ڦٿڪي مري وينديون! هڪ مشھور قول
آهي، ته
”ڪوشش
ڪرڻ وارو انسان ڪڏهن به ناڪام نٿو ٿي سگھي.“
تڏهن، ته شاهه صاحب فرمايو، ته
”پڇن
سي پسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي،
ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.“
اوهان مون کي منھنجي زندگيءَ ۾ اهڙو موقعو فراهم
ڪيو. مون کي معلوم آهي، ته مون جھڙين ڪيترين ئي
سنڌ جي نياڻين سان اهڙو ظلم جاري آهي ۽ اسان جھڙين
مظلوم نياڻين سان دنيا وارن جي ڪيتري همدردي آهي.
جيڪي مون جھڙين مظلوم نياڻين لاءِ ڪٿي به آوز نٿا
اُٿارين ۽ اسان جي اڻپڙهيل جاهل ڀائرن کي
سمجھائين، ته علم حاصل ڪرڻ جي اهميت ڇا آهي! هو
پنھنجي انڌي پرواز ۾ مغرور ٿي، اسان جھڙين لاچار ۽
بيوس نياڻين لاءِ ڪجھه ڪونه ٿا ڪن. آءٌ انھن کي
پڙهي ٻُڌائڻ چاهيان ٿي، ته اسان جي سوچ ۽ ذھن جو
پرواز آسمان جي سج، چنڊ ۽ تارن تائين آهي. جيڪي
دنيا کي روشن ڪري رهيا آهن. انھن وانگر مون کي به
موقعو مليو، ته آءٌ به دنيا کي روشني ڏئي سگھان
ٿي. هن وقت آءٌ پنھنجي گھر مان ٻاهريون جھان گھمي
۽ ڏسي نٿي سگھان! مگر محسوس ڪري سگھان ٿي، ته مون
کي ڇا ڪرڻو آهي. منھنجي زبان کي زماني کان به
شڪايت ڪانھي ڪا! مون کي پنھنجن ئي پنھنجي گھر ۾
قيد ڪري رکيو آهي. آءٌ زندگيءَ جي نفعي نقصان کي
چڱيءَ طرح سمجھي سگھان ٿي. آءٌ پنھنجي قسمت کي
ڏوهه ڏئي، گھر ۾ نٿي ويھڻ چاهيان. منھنجي قسمت پاڻ
مون کي ڏسي پُڇي رهي آهي ۽ چئي رهي آهي، ته اُٿُ
سجاڳ ٿي، خزان کان پوءِ ضرور بھار ايندي ۽ وڻن جا
سُڪل پن ساوا ٿي پوندا.
دنيا ۾ طاقتور هجي، ڪمزور هجي، تون هجين يا آءٌ
هجان، ڇا به ڪيون پر هي جھان ضرور ڇڏڻو آهي. هڪڙا
انسان جيئرا ته آهن، پر آهن مئن مثل! ٻيا انسان
مئل ته آهن، پر مرڻ کان پوءِ به اسان سان ڳالھيون
ڪري چئي رهيا آهن، ته زندگي ئي زنده رهڻ جو نالو
آهي. ڪجھه ڪريو ۽ پنھنجو نالو روشن ڪريو. هو اسان
کي مستقبل جو رستو ڏيکاري رهيا آهن. خدارا مون کي
هن قيد جي ڪوٺيءَ مان ڪڍي آزاد ڪريو يا مون کي قيد
۾ اهڙيون سھوليتون ڏيو، جو آءٌ زماني کي ڪجھه ٿي
ڏيکاريان!؟
قيد ۾ هوندي به مان پرواز رکان ٿي،
گھر ۾ ئي لکڻ پڙهڻ جو انداز رکان ٿي،
ٻين کي ڇڏ مون کان پُڇ
”امداد
سروري“،
دل ۾ هزارين ڪمن جا مان راز رکان ٿي.
***
سانگي شبير ڪنڀر
سنڌڙي/ ميرپورخاص
نثار جي هڪ ننڍڙي دنيا
هڪ ننڍڙي ڳوٺ
۾ نثار نالي ھڪ ٻار رهندو هو. سندس گھر ڀاتين ۾
سندس ماءُ پيءُ سميت ڀيڻ ۽ ڀاءُ هئا، جيڪي ھن کان
عمر ۾ وڏا هئا، ۽ اھي پنھنجي دنيا ۾ مصروف رهندا
هئا. نثار جو ڳوٺ تمام ننڍڙو هو. جتي اسڪول ڪونه
هوندو هو. هن کي هر روز پنھنجي ڳوٺ مان اڪيلو پري
پنڌ ڪري هڪ ٻئي ڳوٺ جي اسڪول وڃڻو پوندو هو.
نثار صبح جو سوير اُٿندو ھو، جلدي جلدي تيار ٿي،
پنھنجو اسڪولي بيگ کڻندو ھو، ۽ پوءِ گھران نڪري
ھُو ٻاھر ماحول ۾ گُھلندڙ هوائن، وڻن ۽ ماڪ سان
ڳالھائيندو، رستي تي هلندو هلندو اسڪول پھچندو هو.
پر جڏھن اسڪول پھچندو، ته هو ٻين ٻارن کي گڏ گڏ
کِلندي، راند ڪندي، ڳالھائيندي ڏسندو هو، ته پاڻ
کي اڪيلو محسوس ڪندو.
هڪ ڏينھن راند جي وقفي دوران، نثار ڪُنڊ ۾ ويٺو
هو، ته سندس چھرو اُداس ۽ اکين ۾ خاموشي هئي.
اُستاد، جيڪو هميشه ٻارن جو خيال رکندو هو، هن وٽ
آيو ۽ ھن کي چوڻ لڳو، ته
”نثار،
تون اڪيلو ڇو ويٺو آهين؟ سڀ ٻار ٻاهر راند ڪري
رهيا آهن.“
نثار آهستي وراڻيو،
”سائين،
مان پنھنجي ڳوٺ مان اڪيلو اسڪول ايندو آهيان.
منھنجو هتي ڪو به واقف ناهي. اسڪول به ڏاڍو پري
آهي. آءٌ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو
آهيان.“
نثار جو جواب ٻُڌي، اُستاد شفقت ڀريي لھجي ۾ ھن کي
چيو،
”نثار،
جتي ماڻھو ناهن، اتي فطرت آهي. وَڻَ، گُل، ندِي،
هوا، بادل، پکِي... اهي سڀ تنھنجا دوست بڻجي سگھن
ٿا. تون انھن سان ڳالھاءِ، انھن سان رستو گڏ طئي
ڪر، ۽ ڏس، ته تون ڪڏھن به اڪيلو نه رهندين.“
اُستاد جا اهي لفظ ڄڻ ته نثار جي دل ۾ لھي ويا. ان
ڏينھن کان پوءِ، جڏهن هو اسڪول جي رستي تي هلندو
ھو، ته وڻن سان پيو ڳالھائيندو ھو، پکين کي پيو
سلام ڪندو ھو، پاڻيءَ جي وهڪرن کي پيو ٻُڌندو ھو،
۽ پاڻ سان پاڻ پيو مُرڪندو هو.
هڪ ڏينھن هو باغ ۾ ويھي وڻ سان ڳالھائڻ لڳو،
”اڙي
وڻ! تون سڄو ڏينھن بيھي رهين ٿو، نه ڳالھائين ٿو،
نه هلين ٿو... ائين اڪيلو نٿو لڳين؟“
ان گھڙيءَ وڻ جا پن لھرائيندي چوڻ لڳن ٿا، نثار،
مون پاڻ کي ڪڏهن به اڪيلو ناهي ڀانئيو. هي پکي مون
سان رهن ٿا، هوا مون سان راند ڪري ٿي ۽ تون به ته
منھنجو بھترين دوست آهين!“
پوءِ نثار ٻيھر پنڌ ڪري اڳتي وڌي ٿو ۽ سندس اسڪول
جي رستي وٽان گذرندڙ واھه وٽ اچي کانئس پڇي ٿو،
”اي
وھندڙ پاڻي، تون ته هلندو رهين ٿو، ٿڪجي نه پوندو
آهين؟“
پاڻي پنھنجي پوري موج ۾ اچي وڃي ٿو ۽ پوءِ ورندي
ڏيندي چوڻ لڳي ٿو،
”نثار،
آءٌ خوشحالي ورهائيندي هلندو رهان ٿو. آءٌ فطرت جي
موسيقي آهيان.“
اھڙي ماحول ۾ ھجڻ ڪري بادل، هوا، گُل، ۽ پکِي سڀ
کيس پنھنجا لڳن ٿا. هاڻ هو پاڻ کي اڪيلو محسوس نه
ڪندو هو، ۽ هر ڏينھن جي سفر ۾ نئين خوشي ڳوليندو
هو. نثار فطرت جو سچو دوست بڻجي چڪو ھو. هاڻ هو
ٻين ٻارن کي به چوندو هو،
”فطرت
سان دوستي ڪريو. پوءِ توهان ڪڏهن به پاڻ کي اڪيلو
نه ڀائيندا. وڻ، ندِي، بادل، گُل، پکِي اهي سڀ
قدرت جا ساٿي آهن. جيڪي انسان جي دل کي سُڪون
پھچائين ٿا.“
نثار پوءِ اڪثر پنھنجن ھڪ جيڏن ٻارڙن کي فطرت سان
پيار پيدا ڪرڻ جون ڳالھيون ڪندو ھو ۽ کين چوندو
هو، ته وڻ نه وڍڻ گھرجن، پاڻيءَ جو زيان نه ڪجي،
پکين کي نه مارجي. نثار اھا ڳالھه سمجھي ورتي هئي
۽ ھن چاھيو ٿي، ته ٻيا انسان به اھا ڳالھه سمجھن
ته فطرت سان پيار ڪرڻ وارن سان، فطرت به پيار ڪرڻ لڳندي آهي.
***
آصف علي جوڻيجو (ميرپورخاص)
ڪاميابي
هڪ ڇوڪرو هو جيڪو تمام غريب هوندو هو ۽ هن جا ماءُ
پيءُ بيمار هئا. هن کي هڪ وقت جو کاڌو به مشڪل سان
ملندو هو. هو سڄو ڏينهن ڪمائيندو هو ۽ پنھنجي ماءُ
۽ پيءُ کي کاڌو کارائيندو هو. جيڪڏھن کاڌو بچندو
هو ته پاڻ کائيندو هو نه ته وري سڄو ڏينھن بُکيو
رهندو هو. هڪ ڏينھن هن جي ماءُ پيءُ هن کي چيو ته
پُٽ تون پڙهه! ان تي ڇوڪري پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ کي
چيو ته آءٌ جيڪڏهن پڙهڻ ويندس ته توهان کي کاڌو
ڪير کارائيندو ۽ توهان جو خيال ڪير رکندو؟ ماءُ ۽
پيءُ چيو ته تون پڙهندين ته اسان جو وڌيڪ خيال رکي
سگھندين. ڇوڪري چيو ته اهو وري ڪيئن امان؟ ماءُ ۽
پيءُ چيو ته پُٽ جيڪڏهن تون پڙهندين ۽ لکندين ته
تون هڪ وڏي مقام تي ڪاميابي ماڻي سگھندين ۽ اسان
ٻنھي جي سُٺي خدمت ڪري سگھندين. ڇوڪري ان ماءُ
پيءُ جي صلاح کان پوءِ پڙهڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ هو
روپز صبح جو اسڪول ويندو هو. شام جو وري ڪم ڪار
ڪندو هو. ماءُ پيءُ جو به خيال رکندو هو. جڏهن هن
پڙهائي مڪمل ڪري ورتي ته هن کي هڪ سُٺي ڪمپنيءَ ۾
نوڪري ڪرڻ جي آڇ ملي وئي، جيڪا هن فوراً قبول ڪري
ورتي. ان کان پوءِ هو پنھنجي ماءُ پيءُ جي وڌيڪ
سُٺي طريقي سان خدمت ڪرڻ لڳي ويو.
پيارا ٻارؤ! اهي آهن ماءُ ۽ پيءُ. جيڪي هميشه
پنھنجي ٻچن لاءِ سُٺو سوچيندا رهندا آهن ۽ انهن جي
فرمانبرداري ڪرڻ ۾ ئي اسان جي ڀلائي آهي هميشه
پنھنجي وڏن جي عزت ڪريو ۽ انهن جو چيو مڃيو.
ڪاميابي ضرور اوهان جا قدم چمندي.
***
احمد علي ڪورائي (ڪلاس ٻارھون)
آئي بي اي ڪميونٽي ڪاليج نوشھروفيروز
ڪا سفارش اٿئي؟
ڳوٺ جي ويران اڱڻ تي ننڊ جو نازڪ پڙدو ٽنگيل هو.
جھوپڙيءَ جي ڇت تي ڪڪڙ صبح جي سج کان اڳ ئي سڀني
کي ننڊ مان سجاڳ ڪرڻ لاءِ ٻانگ جا سُر وکيري رهي
هئي. ٿڌي هوا ثاقب جي چھري سان ٽڪرائي، پر هو تڪڙ
۾ هو ۽ گھر جو دروازو کولي ٻاهر نڪتو ئي هو، ته
پٺيان چُلھه تي ويٺل امڙ نرم لھجي ۾ چيو، ٻچڙا،
شھر جا در وڏا ٿيندا آهن، پر تون حوصلا وڏا رکِجُ.
ڪچو نه ٿِجُ، ربّ رحمان ڏسي رهيو آهي. هن جي هٿ ۾
فائل هئي ۽ هو ڳوٺ جي ڪچي گھٽيءَ مان لنگھندي چوڪ
واري ريڙهي وٽ بيٺو. ريڙهي وارو، جنھن کي سڄو ڳوٺ
چاچو ابراهيم سڏيندو هو، چانھه جي ڪٽلي ۽ هٿن ۾
ڪوپ سنڀالي مُسڪرائيندي پڇيو، او ثاقب پُٽ، اڄ وري
سيڪريٽريٽ آفيس؟ ثاقب چيو،
”ها
چاچا! وڃي ڏسان ته نوڪريون آيون آهن يا نه!“
چاچو ابراهيم چانھه جو پيالو ڀريندي چيو، پُٽ، ڳوٺ
۾ ته ماڻھن کي پاڻي به دير سان ملي ٿو ۽ شھر ۾ وري
نوڪريون به سفارش تي ملن. پڙهيل لکيل طبقو هتي هن
ٻھراڙيءَ ۾ اچي مزدوري ڪري، زندگيءَ جي گاڏي کي
ڌڪو ڏئي. پر سائين جا ماڻھو، آڱوٺي ڇاپ جنھن ڪڏهن
اسڪول جو منھن به نه ڏٺو آهي، نه ڪنھن کي سلام ڪن،
نه ڪنھن کي دعا، سيڪريٽريٽ جي آفيس کي پنھنجي
اوطاق سمجھي سڌو اندر. اهو آهي اسان جي معاشري جو
الميو.“
ثاقب کي نه کِلَ آئي، نه غصو. بس سندس چھري تي
اُداسي جو عالم ڇائنجي ويو. بس اسٽاپ تي پھتو، ته
ٻه عورتون ڪڇ ۾ ڪپھه سان ڀريل ٽوڪريون کنيو بيٺيون
هيون. هڪ عورت چيو،
”ٻچڙا،
شھر وڃين ٿو؟ اسان کي به لاڙڪاڻي لاهه! ٻار بيمار
آهي.“
بس هلڻ شروع ڪيو. دريءَ مان ٻاهر ٻنيون، پاڻيءَ جا
واهه ۽ ڪچن گھرن جا ڇَپَر هڪ گاڏيءَ مٿان هڪ منظر
تيزيءَ سان گذرندا پئي ويا! پنھنجي منزل تي بيٺي.
ثاقب لٿو ۽ منھن سيڪريٽريٽ آفيس طرف. آفيس اڳ
وانگر ڀريل هئي. پر ثاقب کي لڳو ڄڻ هو ڪنھن ٻئي
دنيا ۾ اچي ويو آهي. هتي زباني گفتگو ائين هئي، ڄڻ
ڳوٺ جي اوطاق ۾ وڏيرا ڳالھائين. بس لباس، عمارت ۽
لفظ مختلف هئا. پر طاقت جو انداز ساڳيو هو. مُک
دروازي وٽ هڪ ماڻھو، هٿ ۾ فائل، وڏي آواز سان پئي
چيائين،
”ڀائو،
منھنجو ڪم هو، پر چون ٿا، ته
”سائين
جو ڊرائيور اندر آهي.“
ٻئي ماڻھوءَ هيرن واري ٽوپي مٿي ڪندي چيو، اسان
جھڙن کي ته هتي ڪوئي کيڪاري ئي نه ٿو! نمبر وٺڻ
لاءِ به نالو کپي.“
ثاقب اندر ويو. ڪمري ٻاهران ڊگھي قطار هئي، پر
ڳوٺاڻن جي قطار وانگر نه. اهي ماڻھو وڏن شھپرن سان
۽ انھن شھپرن کي غرور سان وٽ ڏئي ۽ اڇا اُجرا لٽا
پھريو بيٺا هئا. ٻه ڇوڪرا پاڻ ۾ ڳالھيون ڪري رهيا
هئا،
”مون
سفارش ڪرائي آهي ڪلارڪ کي، چوي ٿو ڪم ٿي ويندو.“
ٻئي چيو،
”مون
کان ته وڏي سفارش گھري اٿن. لڳي ٿو منھنجي سيٽ ۾
رزق وڌيڪ آهي.“
ان دوران اوچتو هڪ (Vigo)
گاڏي اچي بيٺي. ٻه ٿلھا متارا ماڻھو لٿا. هٿن ۾
فون ۽ چھري تي اعتماد صاف ظاهر هو. ڪلارڪ جو
پٽيوالو ڊوڙندو آيو، اڳيان هٽي وڃو صاحب جو ماڻھو
آيو آهي. آفيس ۾ بيٺل خلق ٻن سيڪنڊن ۾ هڪ پاسي ٿي
وئي. اهو منظر ڏسي ثاقب کي پنھنجي ڳوٺ جي اوطاق جي
ياد اچي وئي. جتي وڏيري جي اچڻ سان ئي سڀ ماڻھو
پاڻمرادو ٻه قدم پٺتي ٿي ويندا هئا! هڪ ڇوڪري حسرت
مان چيو،
”يار،
ڪاش! اسان وٽ به ڪا سفارش واري پرچي هجي
ها!“
ثاقب جي اندر ڳوٺاڻي غيرت جاڳي، پر هو خاموش
تماشائي وانگر سڄو منظر ڏسي رهيو هو. سندس ڪاوڙ ۾
چھرو لال ٿي ويو. پنج منٽن ۾ وڏيرن جا ماڻھو ڪم
ڪرائي مُرڪندي ٻاهر نڪتا. ڪلارڪ تيز آواز ۾ سڏ
ڪيو،
”فائل
نمبر
14.“
ثاقب اندر وڌيو ڪلارڪ پاڻي پيئندي پڇيو،
”ڪا
سفارش اٿئي؟“
”نه
سر...“
”ته
پوءِ اوهان جو ڪم نه ٿيندو. فائل کڻو ۽ روانا ٿيو.“
”سر،
سر..... پر ميرٽ جو ڇا؟“
ڪلارڪ ٽھڪ ڏيندي چيو،
”ميرٽ
ته صرف ماڻھن کي شيشو ڏيکارڻ لاءِ هوندي آهي. هتي
مرضي هلندي آهي،
”اهي
لفظ ٻُڌي ثاقب جا ٺَپَ ئي ٺرِي ويا. ڄڻ سندس اندر
جي کوهه ۾ ڪو پٿر ڪِري پيو هجي.“
ثاقب سيڪريٽريٽ مان ٻاهر نڪتو. شام ڳوٺ جي شام
وانگر کيس لڳي، مٽيءَ ۾ ٻرندڙ روشني، هوا ۾ ٿڌڙو
ساڳيو درد هو، رستي تي بيھي پنھنجي جُوتن مان مِٽي
لاهڻ لڳو. اها مٽِي سندس ڳوٺ جي نه هئي، پر شھر جي
هئي.
دل ئي دل ۾ چيائين،
”اِهڙين
آفيسن ۾ نه فقط رستا بند ٿين ٿا، پر دلون به بند
ٿين ٿيون. ميرٽ اها جاءِ آهي، جتي رستا نه رڳو
کُليل هوندا آهن، پر اُميد به اوسيئڙي ۾ بيٺي
هوندي آهي. مان ناڪام نه آهيان، فقط اکيون کولي
ڏٺو اٿم، ته منھنجو اصل دشمن ڪير آهي. سفارش،
نظام، ۽ خاموش رهڻ وارا ماڻھو.“
ٻئي ڏينهن هو نوڪريءَ جي تلاش ۾ وري نڪتو. انھن
ديوارن کان پري، جتي در ته کُليل هئا، پر
ايمانداريءَ تي زنجير لڳل هوندي آهي. ان ڏينھن هو
ڪنھن آسري سان نه، پر پنھنجي محنت تي ڀاڙي نڪتو.
هر انڪار کيس ڪمزور نه، پر وڌيڪ باحوصلو بڻائيندو
رهيو. شام جو جڏهن هو ڳوٺ موٽي آيو، ته هوا ۾ ڪا
پراسرار تسڪِين هئي. اها ڌرتيءَ جي دعا لڳي پئي.
ڄڻ ڪنھن چُپ چاپ سرگوشي ڪئي هجي.
”او
اٽل ارادي وارا شاگرد! محنت ڪرڻ وارن جي هار نه
ٿيندي آهي ۽ ڪوشش ڪندڙ ڪڏهن ناڪام نه ويندو آهي.“
ثاقب محنت ڪندو رهيو. ان اُميد سان ته شايد ڪڏهن
ته اها صبح ضرور ايندي. جتي ميرٽ سج وانگر اُڀرندو
۽ ان ڏينھن، ڪنھن ڳوٺاڻي ٻار وانگر ثاقب، رڳو پاڇو
نه پر روشنيءَ جيان سماج ۾ روشن پيغام کڻي ايندو.
اُهو روشنيءَ جو پيغام، جيڪو سفارش جي درن
کي نه پر ميرٽ جي دلين کي کوليندو.
***
پرديپ ڪمار واگھيلا
غريب آباد جھلوري/ميرپوخاص
ٻارڙن جي دنيا
هن جي عمر تقريباً پنج ڇھه سال جي لڳ ڀڳ هوندي. قد
بُت ۾ ٽي چار فٽ ڊگھو، ڀورا وار، ناسِي اکيون،
ننڍڙي مُسڪراهٽ، موتين جھڙا ڏندَ، معصوم چھرو ۽
ڪوئل کان به مٺڙِي ٻولي، اسان جو پيارو ننڍڙو
ھنسراج جنھن کي اسان پيار منجھان
’ھنسُو‘
ڪري سڏيندا آھيون. سو ڪلھه منجھند مھل بورچيخاني
جي ٻاهريان پٽ تي اڪيلو ويٺو هو. آسپاس جي ماحول ۾
سناٽو ڇانيل هو، اھڙو ماحول ڄڻ چؤطرف راڪاس واڪا
ڪندو ھجي. اهڙي گونگي ماحول ۾ ھو اڪيلو خاموش ۽
اُداس ٿي ويٺو هو.
اهو حال ڏسي مون کانئس پڇيو،
”
ڪھڙو کنڊ جو جھاز ٻُڏو اٿئي؟
”ڇو
پريشان آھين!“
جواب ڪونه ڏنائين چپ رھيو. ٻيھر پڇيم
”ڇا
ٿي پيو آهي! ڇو مايوس ٿي ويٺو آھين!“
چيائين،
”ٻه
ٽي ڏينھن کان بابا جي دڪان تي ڪم ناھي ۽ گھر ۾
کائڻ پيئڻ لاءِ ڪا شيءِ ڪونھي تنھنڪري.....“
ھو جملو پورو نه ڪري سگھيو، ڄڻ ھن کي ڪنھن کان
وڇڙڻ جو ڏک ھو. ھو خاموش ٿي ويو.
مون ٻيھر جھيڻي آواز سان پڇيو،
”ڇا
تنھنڪري؟“
ورندي نه ڏنائين ماٺ ٿي ويو.
مون کي ڳالھه سمجھه ۾ اچڻ لڳي، ته شايد ھن کي بُک
لڳي ھوندي، مون پنھنجي کيسي مان سؤ رپين جو نوٽ
ڪڍي ھن جي ھٿ تي رکيو ۽ چيو،
”اچي
هي ڪجھه پئسا وٺ ۽ انھي مان وڃي ڪا شيءِ کائي
وٺجان.“
ھن پئسا نه ورتا، سؤ رپين جو نوٽ مون کي واپسي
موٽائي ڏنو ۽ چپ رھيو. ان حرڪت تي مون کي ڪجھه
ڪجھه تعجب ٿيو ڇو، ته جڏهن به مان ڪنھن ٻار کي کڻي
ڏھه رپيا به ڏيندو ھئس، ته اھي ھڪدم خوشي سان
وٺندا هئا. پر اڄ مون کي ھن جو ٻين کان مختلف رويو
ڏسي حيرانگي ٿي. مون نيٺ بيزار ٿي هن کان پڇيو،
”آخر
ٻُڌا ته سھي، ڳالھه ڇا آهي؟ ڇو مايوس ٿي ويٺو
آهين!“
ھن جي اکين ۾ لُڙڪ لڙِي آيا. شايد ڪا شيءِ کَسجِي
وڃڻ ڪارڻ لُڙڪ لڙِي آيا ھجن. آليون اکيون مھٽيندي
ھن مون کي ورندي ڏني، ته
”بابا
وٽ پئسا نه ھئڻ جي ڪري، اڄ صبح جو ھن رامون کي
وڪڻي ڇڏيو!!“
مون کي حيراني ٿي. گذريل سال ھن جي ڏاڍي ضد تي ھن
جي بابا ھن کي ڳوٺ مان گھيٽو وٺي ڏنو ھو. جنھن کي
پوءِ پيار منجھان اسين رامون ڪري ڪوٺيندا هئاسين.
ان کي اڄ ائين اوچتو وڪڻڻ تي ھن کي ڏاڍو ڏک ٿيو
ھوندو. ھنسو رامون کي جام ڀائيندو هو، سڄو ڏينھن
ھن جي پويان پيو ڀڄندو رهندو هو. جيڪا شيءِ پاڻ
کائيندو ھو، سا ھن کي به کارائيندو هو، ھنسو رامون
سان تمام گھڻو پيار ڪندو هو. ھن جي ائين وڇڙڻ سان
ھنسُو لڳاتار ھنجون ھاريندو رھيو.
مون کيس دلاسو ڏيندي چيو،
”چريا!
رو نه، پاڻ اڳئين پڙيءَ مان ٻيو گھيٽو وٺي
ڇڏينداسين.“
چيائين،
”نه!
مون کي رامون گھڻي کان سواءِ ٻيو ڪوبه نٿو کپي.“
چيم،
”ٺيڪ
آهي، مان تنھنجي بابا سان ڳالھه ڪندس.“
ھن کي مون تي ڀروسو ھو، تنھنڪري جلدي راضي ٿي ويو
۽ روئڻ بند ڪيائين. اوچتو مٿان ھنجو بابا اچي ويو،
هن جي نظر هڪدم پنھنجي بابا تي پئي ۽ مونکي
چيائين،
”بابا
اچي ويو آهي!“
حيران ٿيندي پڇيم
”ڪٿي
آهي؟“
چيائين،
”ھوڏانھن
گيٽ ڏانھن.“
چيم،
”ٺيڪ
آهي، آئون چوانس ٿو.“
ھن جي چھري تي پھرين واري رونق ترِي آئي. مان جلدي
اُٿي ھن جي بابا ڏانھن ويس ۽ پڇيم
”رامون
ڪھڙي واپاري کي وڪڻي آيا آهيو؟“
چيائين
”ڇو؟“
”مان
ھن کي خريدڻ چاهيان ٿو.“
”پر
مون ته ھن کي قصائي جي دڪان تي وڪڻي ڇڏيو آ.“
اھو ٻُڌي مان وائڙو ٿي ويس، جلدي قصائي جي دڪان
ڏانھن ڀڳس.
دڪان تي پھچي ڇا ڏسان، ته رامون جو سِر سسيءَ کان
ڌار لوھه جي ڪُنڊي ۾ لٽڪيل هو، اھو ڏسي منھنجي
اکين مان ڳوڙها ڳَڙڻ لڳا. ائين ئي اڄ کان رامون جو
باب (چيپٽرChapter)
اسان جي زندگيءَ مان ھميشھ ھميشھ لاءِ ختم ٿي ويو.
پر مان سمجھان ٿو، ته ھنسُو انھيءَ کي ڪڏهن به ڪين
وساري سگھندو.
***
نانا
آچر لاکو
(ڪلاس چوٿون)مخدوم مولابخش پرائمري اسڪول هالا
نوان
سَتَ پُڇو ڪُوئو!!
هڪڙي ڳوٺ ۾ پنھنجي ماءُ سان گڏ هڪ ڪوئو رهندو هو.
جنھن کي ست پُڇ هوندا هئا. هن کي روز ماءُ ڪنھن نه
ڪنھن ڪم سانگي گھر کان ٻاهر موڪليندي هئي. هڪ ڀيري
هن کي ماءُ ڪجھه ڪم چيو، ته ڪري اچ ٻاهران. هي
ٻاهر ويو، ته هن کي ٻارن اچي چيڙايو، ته
”سَتَ
پُڇو ڪُوئو.... سَتَ پُڇو ڪُوئو..“
هي همراهه چڙي واپس گھر اچي ويو ۽ ماڻس کي چيائين
ته مون کي ٻار ست پڇو ڪوئو چئي چيڙائين ٿا. آءٌ
هاڻي ٻاهر نه ويندس. ته اُتي هن پنھنجي ماءُ کي
چيو ته امان منھنجو هڪ پُڇ ڪٽي ڇڏ. ماءُ ويچاري
نيٺ مجبور ٿي هڪ پُڇ ڪٽي وڌس. هي همراهه خوش ٿي
وري ٻاهر نڪتو ته ٻارن هن کي ڏسي ڪري وري چيو ته
”ڇهه
پُڇو ڪوئو... ڇهه پُڇو ڪوئو....“
هي همراهه وري ڪاوڙجي اچي واپس گهر پهتو ۽ ماڻس کي
چيائين ته امان منھنجو هڪڙو پُڇ ڪٽي ڇڏ. نيٺ ائين
ڪندي ڪندي هن سڀ پُڇ ڪٽرائي ڇڏيا ۽ لُنڊو ٿي گهر
ويهي رهيو. ان کان پوءِ هي ٻاهر نڪتو ته وري به هن
کي ٻار لُنڊو ڪوئو.... لُنڊو ڪوئو.... چئي
چيڙائڻ لڳا. هي همراهه نيٺ چڙي ڪري واپس گھر ويهي
رهيو.
پيارا
ٻارؤ! هن ڪھاڻيءَ مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو، ته
پنھنجي ابي ۽ امان جي صلاح تي هلون، اُهي اسان کي
ڪڏهن به غلط صلاح نه ڏيندا هن دنيا جا ماڻھو اسان
مان ڪڏهن به خوش نه ٿيندا، ڀلي اسان ڪيڏا به سُٺا
ڇو نه هجون. اُهي اسان مان غلطيون ڪڍندا رهندا. ان
ڪري پنھنجي وڏن جو ادب ۽ احترام ڪريون ۽ انھن جي
صلاح ۽ مشوري سان هلون.
***
عابد
حسين ڪنڀر
خيرپورناٿن شاهه
ڳوٺ جا رانديگر
هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٻار روز شام جو پنھنجي پڙهائي وارن
ڪتابن کان فارغ ٿي، وڏن وڻن جي ڇانوَ ۾ گڏ ٿيندا
هئا. ڳوٺ جو ماحول بلڪل سادو هو. کُليل هوا، ساوڪ
۽ واهه مان وهِي ايندڙ پاڻيءَ جو گوڙ. سڀني ٻارن
لاءِ اها شام زندگيءَ جي سڀ کان خوشگوار گھڙي
هوندي هئي. ڇاڪاڻ ته ان وقت هو راندين ۾ مصروف
ٿيندا هئا.
ان ڳوٺ جا ٻار علي، زينب، راشد ۽ نسرين ھي چار ھڪ
ٻئي جا دوست هئا. هو هر روز هڪ نئين راند شروع
ڪندا ھئا. ڪڏهن ڪرڪيٽ، ڪڏهن فٽبال، ته ڪڏهن لغڙ
اُڏائڻ. سندن ننڍڙين اکڙين ۾ وڏا خواب هئا ۽ سندن
کِل ڳوٺ جي فضا ۾ اُڀري اُٿندي هئي. هڪ ڏينھن سڀني
ٻارن پاڻ ۾ فيصلو ڪيو، ته ڇو نه اڄ ڪرڪيٽ کيڏڻ
گھرجي. ڳوٺ ۾ ڪنھن وٽ به اصلي بال يا بيٽ نه ھئي.
ٻارن ھڪ ڪاٺيءَ جي تاڪ مان بيٽ تيار ڪئي ۽ پراڻي
ٽائر جي ٽوپ مان ھڪ گول بال ٺاهي ورتو. ٻارن جي ان
جذبي کي ڏسي ڳوٺ جا وڏا ماڻھو به خوش ٿيندا هئا،
ته ٻار پاڻ پنھنجي لاءِ سامان ٺاهين ٿا.
جلد ئي ڳوٺ ۾ ڪرڪيٽ راند مشھور ٿي وئي ھئي. شام جو
هر گھر مان ٻار ميدان ۾ اچڻ لڳو. ڪڏهن علي بيٽسمين
بڻجندو هو، ته ڪڏهن زينب بولر بڻجندي ھئي. جڏهن به
ڪا ٽيم کٽيندي هئي، ته ٻارن جي خوشيءَ ۾ ڳوٺ جا
وڏا به شامل ٿيندا هئا.
ٻئي ڏينھن سڀني ٻارن کي خيال آيو، ته ڇو نه ھاڻي
فٽبال راند کيڏڻ گھرجي. ڳوٺ جي اسڪول جي اُستاد
انھن ٻارن کي هڪ پراڻو بال آڻي ڏنو. جيڪو اڳي
شاگردن لاءِ رکيل هو. ٻارن پنھنجي هٿن سان ميدان
صاف ڪيو. پٿر هٽايا ۽ ٻن وڻن کي گول ڪرڻ وارو
دائرو بڻايو.
فٽبال جي راند ۾ راشد سڀ کان تيز ڊوڙندو هو. جڏهن
به هو بال کي کڻي مخالف ٽيم ڏانھن ڊوڙندو هو، ته
ٻيا سڀ حيران ٿي ويندا هئا. سڀئي چوندا ھئا، ته
راشد فٽبال جو ھڪ بھترين رانديگر بڻجندو. گھڻي دير
راند ڪرڻ کان پوءِ جڏهن سڀ ٿڪجي پوندا هئا، ته ڳوٺ
جي درياھه وٽ ويھي پاڻي پيئندا ۽ ڳالھيون ڪندا
هئا. اُستاد کين سمجھائيندو هو، ته راندين سان صرف
جسم مضبوط نٿو ٿئي، پر انسان جو ذهن به تيز ٿيندو
آهي. گڏجي راند کيڏڻ سان ٻارن ۾ محبت ساٿ ۽ دوستي
وڌندي آهي. ان ڳوٺ جا ٻار آهستي آهستي وڏا خواب
ڏسڻ لڳا ھئا. علي چوندو هو، ته مون کي وڏو رانديگر
ٿيڻو آهي. زينب چوندي هئي، ته مان ڇوڪرين لاءِ
مثال بڻجنديس. باقي ٻار به پنھنجن خوابن جي ڳالھه
ٻُڌائيندا هئا.
راندين جي ڪري اهو ڳوٺ آسپاس جي ٻين ڳوٺن ۾ مشھور
ٿيڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن پاڙيسري ڳوٺن جا ٻار به اچي
راندين ۾ شامل ٿيندا هئا. ڳوٺ ۾ راندين جو ميلو
ٿيندو ھو. جنھن ۾ ٻارن جون ٽيمون ٺھنديون هيون.
جتي ماڻھو پري پري کان اچي ٻارن جون رانديون ڏسندا
هئا. راندين نه صرف ٻارن کي خوش ڪيو، پر ڳوٺ جي
ماحول کي به گڏ رکبو. وڏا ماڻھو به پنھنجن ٻارن کي
سکيا ڏيڻ لڳا، ته محنت، ايمانداري ۽ گڏيل راندين
سان ئي زندگي بھتر بڻجي ٿي. وقت گذرڻ سان ڳوٺ جا
اهي ٻار وڏا ٿي ويا. ڪيترن شاگردن پنھنجي پنھنجي
اسڪول ۾ راندين جا انعام ماڻي ورتا ھئا. ڳوٺ جي
اُستادن کي به فخر ٿيڻ لڳو، ته سندن شاگرد ٻين
شھرن ۾ وڃي پنھنجو نالو روشن ڪري رهيا آهن.
سبق:
راند صرف وقت گذارڻ جو نالو نه آهي، راند ٻارن کي
همت برداشت ۽ گڏجي هلڻ جو سبق سيکاري ٿي. ڳوٺ جي
سادگيءَ ۾ جنم وٺندڙ اهي رانديگر ئي مستقبل جا
حقيقي هيرو ڪامياب شاگرد ۽ رانديگر بڻجن ٿا.
مستقيم محمد علي ڪوريجو (ڪراچي)
منزل
هڪ ڀيري گڏھه ۽ ڪُتي جي وچ ۾ ڊوڙ جو مقبالو ان
ڳالھه تي طئه ٿيو ته جيڪو به ڊوڙ مقابلو کٽي ويو،
ته اهو ڦلاڻي رياست جي تخت تي ويھندو ۽ بادشاهي
ڪندو، ڪتو اهو سوچي خوش ٿيڻ لڳو ته آئون گڏھه کان
تيز (تکو) آهيان. مقابلو کٽي بادشاهي تي ويھندس
پنھنجي راڄ ڀاڳ جي خوب خدمت ڪندس ڊوڙ شروع ٿي گڏھه
۽ ڪتو تيز ڊوڙڻ لڳا. جئين ئي ڪنھن ڳوٺ جي ڀرپاسي
مان ڊوڙندي گذرڻ لڳا، ته هر رستي ۽ گھٽي ۾ ڪافي
ڪُتا موجود هئا ۽ ڊوڙ ۾ مقابلو ڪندڙ ڪُتي سان وڙھڻ
لڳا. آخرڪار ڪُتو سڀني ڪُتن سان وڙهندي وڙهندي وڃي
منزل تي پھتو ڏٺائين، ته گڏھه اڳ ئي بادشاهي تخت
تي ويھي مُسڪرائي رهيو هو.
ڪُتي سوچيو، ته ڪاش مون سان منھنجا پنھنجا نه وڙھن
ها ۽ رستي روڪ ڪرڻ بدران حوصلو ڏين ها، ته آءٌ ان
بادشاهي تخت تي ويھي پنھنجي راڄ ڀاڳ جي خدمت ڪيان
ها. ائين ئي انسان جي زندگي ۾ اهڙا کوڙ سارا
پنھنجا رشتا آهن، جيڪي حوصلي ڏيڻ بدران ٽوڪ، ٺٺول،
رستا روڪ ۽ مخالفت ڪري پنھنجي کي ئي منزل تي پھچڻ
کان روڪيندا آهن. جئين هو منزل تي نه پھچي سگھي،
پر هڪ ڳالھه ياد رکو هزار اختلافن ۽ رستا روڪ
باوجود پنھنجي منزل تان دستبردار نه ٿجي. هر مشڪل
حالات کي منھن ڏئي به پنھنجي منزل ضرور حاصل ڪجي.
اشرف علي ابڙو
دوستي هجي ته اهڙي...
ڪنھن جھنگل ۾ هڪ خرگوش ۽ هڪ گينڊو گڏ رهندا هئا.
ٻنھي جي پاڻ ۾ وڏي دوستي هئي. اهي ٻئي گڏ کائيندا
پيئندا ۽ کيڏندا هئا. ايتري قدر جو سڀئي جانور
سندن دوستي جا مثال ڏيندا هئا. ائين انھن جي وچ ۾
مثالي دوستي هئي، پر گينڊي ۾ هڪ خراب عادت هئي، ته
هو هر وقت خرگوش تي پنھنجي طاقت جو رعب وجھندو هو.
هن کي پنھنجي طاقت تي تمام گھڻو فخر هو. جڏهن به
گينڊو خرگوش کي پنھنجي بھادري جا قصا ٻُڌائيندو
هو. خرگوش خاموشيءَ سان هن جون ڳالھيون ٻُڌي
برداشت ڪري ويندو هو. دل ئي دل ۾ خرگوش کي ڪاوڙ به
ايندي هئي، ته آخر ڇو ايتري سُٺي دوستي هجڻ باوجود
گينڊو هن تي پنھنجي بھادري جو رعب ڄمائڻ جي ڪوشش
ڪندو آهي.
هڪ ڏينھن خرگوش سوچيو، ته ان کان اڳ جو اسان جي
دوستي خراب ٿئي، مون کي گينڊي کي ان جي غلطيءَ جو
احساس ڏيارڻ گھرجي ۽ هن پنھنجي دماغ ۾ هڪ منصوبو
(پلان) به جوڙي ورتو. ٻئي ڏينھن خرگوش گينڊي کي
چيو، ته
”گينڊا
ڀاءُ، اڄ مان توکي سڄي جھنگل جو سير ڪرائڻ چاهيان
ٿو.“
گينڊي خوش ٿيندي چيو:
”ها
ها، هلو مان تيار آهيان.“
ٻئي جھنگل جي سير تي نڪري پيا ۽ سڄو ڏينھن خوب موج
مَستِي ۾ گذارڻ کان پوءِ، جڏهن شام ٿيڻ لڳي، ته
گينڊي چيو،
”منھنجو
خيال آهي، ته هاڻي مون کي گھر موٽي وڃڻ گھرجي،
ڇاڪاڻ ته رات ٿيڻ واري آهي.“
تڏهن خرگوش چيو،
”اڙي
گينڊا ڀاءُ، مان ته سوچي رهيو هئس، ته اڄ اسان کي
هتي ئي رهي پوڻ گھرجي. هن جڳھه تي رات جو تمام
خوبصورت موسم ٿيندو آهي ۽ خوب ٿڌي هوا هلندي آهي.“
پھرين ته گينڊي انڪار ڪيو، پر جڏهن خرگوش جو اصرار
وڌندو ويو، ته آخرڪار هن کي مڃڻو پيو ۽ هو رات
خرگوش سان گڏ گذارڻ لاءِ راضي ٿي ويو ۽ چيائين،
”چڱو
ٺيڪ آهي، مان هتي رھان ٿو. پر سوچيان ٿو، ته ننڍا
جانور مون کي هتي ڏسي ڊڄي نه وڃن، ڇاڪاڻ ته اڪثر
جانور منھنجو ڊيل ڊول جسم ڏسي ڊڄي ويندا آهن.
خرگوش کي اهو ٻُڌي ڪاوڙ اچڻ لڳي، پر هُو برداشت
ڪري ويو ۽ چيائين،
”تون
فڪر نه ڪر گينڊا يار. ڪو به نه ايندو، سڀني کي خبر
آهي، ته تون اڄ منھنجو مھمان آهين.“
جڏهن گينڊو گھِري ننڊ ۾ سُمھي رھيو، ته خرگوش
اُٿيو ۽ پنھنجي منصوبي موجب ساٿين کي سڏي گينڊي جي
چوڌاري هڪ تمام گھري کَڏ کوٽي ڇڏي. ٻئي صبح جڏهن
گينڊو جاڳيو، ته هن پاڻ کي هڪ گھِري کَڏ ۾ موجود
ڏٺو. پريشانيءَ جي حالت ۾ هن هيڏانھن هوڏانھن
ڏسندي خرگوش کي آواز ڏيڻ شروع ڪيا. جلد ئي خرگوش
ٽُپَ ڏيندو، کڏ جي ويجھو آيو ۽ اندر جُھڪي ڏسندي
چيو،
”ڀاءُ
گينڊا، تون هن کَڏ ۾ ڪيئن پھچي ويو آهين؟“
جواب ۾ گينڊي پريشان ٿيندي چيو،
”مون
کي پاڻ به خبر ناهي، ته ننڊ ۾ هن کَڏ ۾ ڪيئن ڪِري
پيو آهيان؟“
خرگوش، گينڊي کي دلداري ڏيندي چيو،
”خير،
پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالھه ناهي، تون تمام بھادر ۽
طاقتور آهين ۽ مان
ڄاڻان ٿو، ته ٿوري ڪوشش سان ئي تون هتان نڪرڻ ۾
ڪامياب ٿي ويندين.“
جواب ۾ گينڊي نھڪر ۾ سِر لوڏيندي چيو، ته
”نه
دوست، مان غلط هئس، هزار ڪوششون ڪرڻ باوجود به مان
هن کَڏ مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهيان. پنھنجي
ڳَري وزن جي ڪري، مان ٻاهر نڪرندي پنھنجو ئي وزن
کڻي نه پيو سگھان. اڄ مون کي سمجھه ۾ اچي رهيو
آهي، ته منھنجي اها طاقت ته صرف خدا جي عطا ڪيل
آهي، ان ۾ منھنجو ڪو به ڪمال ناهي.
اهڙي صورتحال ۾ ان جي بدران جو آءٌ پنھنجي ربّ جو
شڪر ادا ڪريان ها، مان پاڻ کان ننڍن جانورن تي
پنھنجي طاقت جو ڌاڪو ڄمائيندو رهيس. شايد اها ئي
سزا آهي، جنھن جي نتيجي ۾ اڄ مان هن مصيبت ۾ اهڙي
طرح مبتلا آهيان. جو هاڻي مون کي هتان نڪرڻ لاءِ
پاڻ جھڙن وڏن جانورن جي نه پر تو جھڙن ننڍن جانورن
جي مدد جي ضرورت آهي. مھرباني ڪري دوست مون کي
هتان ٻاهر ڪڍ.“
گينڊي جي ڳالھه ٻُڌي خرگوش جي دل خوشيءَ سان ڀرجي
وئي. هو پنھنجي عزيز دوست کي تڪليف ڏئي، خوش هرگز
نه ٿيو هو. پر هن کي سبق سيکارڻ به ضروري هو، ۽
خرگوش کي خوشي هئي، ته هن جي اها ڪوشش ڪامياب رهي.
هن کي يقين هو، ته اڄ کان پوءِ سندس پنھنجي ڀاءُ
گينڊي سان دوستي اڳ کان به وڌيڪ مضبوط ٿي ويندي. |