سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جنوري 2026ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

 

 

 [10]

حَقِيقتَ هِنَ حالَ جي ظاهِرُ ڪَريان ذَري

لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي ڏُونگَرَ پَوَنِ ڏَرِي

وَڃَنِ وَڻَ ٻَرِي، اوڀَڙُ اُڀُري ڪونَه ڪو.

سمجھاڻي: جيڪڏهن حقيقت (صوفين جي حال) جو ٿورو به اظهار ڪريان ته (سڀ) جانور (حيوانات)، (کائڻ پيئڻ ڇڏي) ماٺ ۾ اچي ويندا ۽ جبل ۽ ٽڪر (جمادات) خوف کان ڦاٽي پوندا. وڻ ٽڻ سڀ جلِي رک ٿي ويندا، ۽ زمين مان هر شيءِ (نباتات) ڦٽڻ بند ٿي ويندي.

[11]

حَقِيقَتَ هِنَ حَال جِي، ظاهِرُ ڪَريان زَبانَ

ٽاڪَرَ ٽِڪي ڪانَ، لَڳِي ماٺِ مِرُنِ کي.

سمجھاڻي: جيڪڏهن آءٌ حال جي حقيقت زبان سان ظاهر ڪريان ته جيڪر جبل ۽ ٽڪر پنهنجيءَ جاءِ تي بيهي نه سگهن ۽ جانور (ساهوارا) ماٺ ۾ اچي وڃن.

[12]

سَنئين سُنهائي سَڀَڪا، ڪا مُون مُنجهائي

طَلَبَ ۽ تَحصِيلَ سَڀُ اورِيائِين آهي

مان تَڻُ تِتِ لائي، جِتي آهِ نه ناهِ ڪا.

سمجھاڻي: سڌي واٽ جو سونهون بڻجڻ سولي ڳالھه آهي (اهو ڪم ته سڀڪو ئي ڪري سگهي ٿو)، پر مون کي هڪ ٻيءَ ڳالھه منجهايو آهي. (ظاهري علم جي) طلب ۽ تحصيل شروعاتي مرحلو آهي (مثلاً شاگرد پڇي ٿو، استاد سندس رهبري ڪري ٿو ۽ شاگرد تحصيل ڪري ٿو، سمجهي پختو ٿئي ٿو، اها ابتدائي يا شروعاتي سونهپ آهي.) (منهنجو مسئلو هي آهي ته) منهنجي دل اُتي وڃي لڳي آهي، جتي هئڻ ۽ نه هئڻ (وجود ۽ نيستي وارا ضد ڪونه آهن (محبوب حقيقي يعني خدا جي ذات احديت ڏانهن اشارو.)

[13]

جِتي آهِ نه ناهِ ڪا، اِيءُ خاڪِيءَ جو خِيالُ

جانِبَ جو جَمالُ، پَسَڻان پَري ٿِئو.

سمجھاڻي: انسان جي سوچ هست ۽ نيست، موجود ۽ غير موجود تائين محدود آهي (هو فقط ايستائين سوچي سگهي ٿو يا ان لحاظ کان سوچي ٿو.) (حقيقت اها آهي ته) محبوب جي سونهن  ۽ ان جو جلوو پسڻ انسان جي وس (حواسن) کان ٻاهر آهي.

 شاهه جو رسالو

]سُر آسا داستان پھريون. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ:  سنڌي ادبي بورڊ[

 

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

هالا نوان

هادي آهي هڪڙو

الله ئي الله ٻيو سنبران ڪين ڪي،

ڪن ۾ ٻانگي ٻانگ سان  ڪيو آواز اِلاالله،

مادر مون معصوم کي چيو لوليءَ ۾ الله،

ڪونھي ٻيو ڪريم ري، هو شاهن سندو شاهه،

آهي ان جي امر ۾، سفيد ۽ سياهه،

هادي سو همراهه، هردم آهي هڪل ۾.

 

ڏسڻ کان جو ڏور، سو ويجھو آهي وجود کان،

ڪک پن ۾ ڪريم جو، نسورو ئي نور،

ذرڙو، ذرڙو، ذرڙو، لئي ڪاملن ڪوه طور،

جو ڏسي نٿو ڏيھه ۾، تنھن قلب جو قصور،

دريون دنيا واريون، پھرئين پٽي پور،

طالب مولا ڄاڻ تون، هر جا اٿئي حضور،

هو دل کان ناهي دور، هردم آهي هنج ۾.

 

قائم دائم ڪل تي، خالق خلقڻھار،

ڪونھي ٻيو ڪريم ري، مالڪ ۽ مختار،

ڪر اطاعت اُن جي بندا نه ٿي بيڪار،

سڌو هل سائينءَ سان، آهي ستّار ۽ غفّار،

هو ڍڪي ٿو ڍڪڻ ٿي، عاصي عيبدار،

***


 

وفا حبيب ويسر

ٺري ميرواهه/خيرپور

 

نعت

تون چنڊ ٻيا سڀ ستارا، مدني،

ڀلايون ڀلا ڪر ڀلارا، مدني.

 

سوا ڪونه تنھنجي سھارا، مدني،

او پاڪن کان پاڪ پيارا، مدني.

 

پسان تنھنجو روضو اُميد اندر ۾،

پسان پاڪ تنھنجا منارا، مدني.

 

گناھن جي گندَ ۾ ڦاسي ويو ھان،

ڪري قرب ڏي معافي موچارا، مدني.

 

ٻڏي قسمت جي ٻيڙي کي تاري ڏي،

تون ئي ڪَنڌِي ۽ ڪنارا، مدني.

 

وفا تنھنجون سائين ثنائون ڪري ٿو،

مٿان ٻاجھه ڪر ڪا ٻاجھارا، مدني.

***


 

امداد جسڪاڻي پنوعاقل/سکر

وک وڌايون سال نئين ۾

خيال پچايون سال نئين ۾،

وک وڌايون سال نئين ۾.

 

ڇاھي چوڻو سال نئين ۾،

ڪجھه آ ڪرڻو سال نئين ۾.

 

سوچ نئين سان سوچ ڪجي ڪا،

سوچ نئين سان لوچ ڪجي ڪا.

 

ڀاڳ نرالا ٿيندا ھاڻي،

خوب اُجالا ٿيندا ھاڻي.

 

داخل ٿيندا ٻار نوان ھي،

اڳتي ويندا ٻار نوان ھي.

 

اسڪولن ۾ رونق ايندي،

ڪاليجن ۾ رونق ٿيندي.

 

ڳالھه امن جي ڦھلايون ٿا،

جھنڊو پيار  جو لھرايون ٿا.

 

ساري جڳ ۾ خوشحالي ٿئي،

عيد ٿئي ۽ ديوالي ٿئي.

 

ڪاميابيءَ جو ميڊل پائي،

ڪجھه امداد جي دل ٿي چاهي.

***

خوشبو سومرو

ڊکڻ محلا خيرپورميرس

 

گُل ڦُل

پيارا ٻارؤ پيارا ٻارؤ، ڏسو ٻارو ڏسو ٻارو،

سڄي سنڌ ۾ ڇپرايو، گُل ڦُل آيو گُل ڦُل آيو.

 

پنھنجي خرچي پاڻ بچايو، گُل ڦُل جا سڀ گيت ڳايو،

گُل ڦُل جو ميلو هي مچايو، گُل ڦُل آيو گُل ڦُل آيو.

 

گُل ڦُل ۾ توهان شوق وڌايو، گُل ڦُل سان توهان سنگت رچايو،

گُل ڦُل کي سيني سان لايو، گُل ڦُل آيو گُل ڦُل آيو.

 

گُل ڦُل پڙهڻ سان علم ملي ٿو، گُل ڦُل پڙهي هرڪو کِلي ٿو،

ڪجھه پاڻ به ٺاهيو ٻين کان به ٺهرايو، گُل ڦُل آيو گُل ڦُل آيو.

 

گُل ڦُل ڪيڏو پيارو آهي، بلڪل نرالو نرالو آهي،

گُل ڦُل اسان کي آهي ٻُڌايو، گُل ڦُل آيو گُل ڦُل آيو.

 

گُل ڦُل کي رنگن سان سجايو، ڪجھه کايو ڪجھه بچايو،

پاڻ به سکو ۽ ٻين کي به سيکاريو، گُل ڦُل آيو گُل ڦُل آيو.

 

گُل ڦُل ۾ سُرهاڻ گھڻي آ، گُل ڦُل جي مون کي ڳالھه وڻي آ،

گُل ڦُل جي دشمن کي مِٽايو، گُل ڦُل آيو گُل ڦُل آيو.

 

گُل ڦُل گُلن ۾ سُھڻو آهي، سڀني کان منَ مُھڻو آهي،

گُل ڦُل ۾ سڀ جان لڳايو، گُل ڦُل آيو گُل ڦُل آيو.
 

سميع ميراڻي

ڏوڪري

هي مارُو پيارا

جيئَن جيئَن هِي مارُو پيارا،

ٽوپِي اجرڪ وارا سارا،

سُونھن ۾ هي آهن پيارا،

ساري جڳَ منجھه نِرالا.

جِيئَنِ جِيئَنِ هي مارُو پيارا،

ٽوپي اجرڪ وارا سارا.

محنت هي خوب ڪن ٿا،

ڪنھنجي اڳيان ڪِينَ جُھڪن ٿا،

جِيئَنِ جِيئَنِ هي مارُو پيارا،

ٽوپي اجرڪَ وارا سارا.

محبت امن جا هِي پُوڄاري آهن،

جھيڙي جَھٽي کان انڪاري آهن.

جِيئَنِ جِيئَنِ هي مارُو پيار،

ٽوپي اجرڪ وارا سارا.

لطيف، سچل، سامِي جا هي حامي آهن،

سميع تڏهن ڇڏين نٿا ڪائِي خامِي.

جِيئَنِ جِيئَنِ مارُو پيارا،

ٽوپي اجرڪ وارا سارا.


 

 اويس ساگر

سکر

ايڪتا ڏينهن ملهايون

ويڇا سڀ گھٽايون!

ايڪتا ڏينھن ملھايون.

 

ٽوپي اجرڪ پايون!

ايڪتا ڏينھن ملھايون.

 

پيارُ ۽ خوشي ورھايون!

ايڪتا ڏينھن ملھايون.

 

ڌرتيءَ جا گيتَ ڳايون!

ايڪتا ڏينھن ملھايون.

 

ڳوٺَ ۽ شھرَ سجايون!

ايڪتا ڏينھن ملھايون.

***

 

شفيق عاصم منگي

شڪارپور

 

رانديون

راندِيون رُوندِيون وندر ساري،

سُھڻي ڏس ٻارن جِي ٻاري.

خوشين ڀريا کَجِڪَا ڪيڏا،

موجن واري لڳي چوياري.

لاٽون گُڏيون ڦِرڦِر سونٽو،

کيڏ ساري ڪيڏي پياري.

قَلَمَ سِليٽون ڦرِهيُون ڪاپيون،

جن تي عِلمي محنت جاري.

علمي جوتِ لئه راند ضروري،

ذهني سوچ ٿئي واڌاري.

جنھن سان ٻارو روح ريجھي،

راند ڪيو سا پڻ ساٿاري.

آئينده جا امين اوهين سڀ،

بڻجو ديس  جي ناما چاري.

عاصم جن جي سوچ اُتاهين،

جدا علم لئه سرسُ ۽ ساري.

***

عزير احمد عزير علوي

شڪارپور

 

سيارو

آيو ٻالڪ سرد سيارو،

پاڻ بچايو لھندو پارو.

 

سردي کان به بچاءُ ڪيو سڀ،

بلڪل ٻيو ڪو ناهي چارو.

 

سال جون چارئي موسم نياريون،

سرءُ، سِيارو، بَھار، اونھارو.

 

جيڪو سيءَ کان پاڻُ بچائيندو،

سوئي ڏاهو سڏبو ٻارو.

 

مُندَ مطابق ٻالڪ هلندو،

ان کي چئبو قسمت وارو.

 

انسان هجن، حيوان هجن،

سڀ کي سيءُ ٿيندو آ، يارو.

 

بلڪل پاڻعزير لڪايو،

هاڻي ايندءُ سيءُ سگھارو.

***


 

آزاد زنگيجو

خيرپورناٿن شاهه

 

نظم

مٽيءَ مان ڦُٽن ٿا گُل ڦُل،

هوا ۾ لُڏن ٿا گُل ڦُل.

 

رتا رابيل نرگس نيلا،

ڦِڪا، ڦُول، ڳاڙھا، پِيلا،

گُلابي لڳن ٿا گُل ڦُل.

 

ٽڙِي ٽارَ تان ٿا مُرڪن،

سدا سون جان ٿا جَرڪن،

اڱڻ هر سُھنِ ٿا گُل ڦُل.

 

لُڀَائن، لُڇائن ٿا دل،

نچائن ڪُڏائن ٿا دل،

جڏهن گڏ نچن ٿا گُل ڦُل.

 

سڄي ديس ۾ ڏس آزاد

کٿي کيسَ ۾ ڏس آزاد،

پٽن تي رچن ٿا گُل ڦُل.

***

مجاھدخاموش ھيسباڻي

(باڊھ) لاڙڪاڻو

 

پڙهڻ سان دل لڳائجي

پڙھڻ سان لکڻ سان ٻارو دل لڳائجي،

اسڪول روز وڃجي ڪينڪِي گُسائجي.

 

پڙھنداسين لکنداسين اڳتي وڌنداسين،

محنت ڪري پنھنجو مستقبل سنوارجي.

 

ننڍن جو وڏن جو ڪيون احترام،

کَرو ڪين ڪنھن سان ڪڏھن ڳالھائجي.

 

ابي ۽ امان جو چيو مڃڻ گھرجي،

ڪڏھن ڪين تن جي ڪا دل ڏکائجي.

 

حق ۽ سچ جو سدا ساٿ ڏيون،

سچائي جو ھر جاءِ تي سبق پڙھائجي.

 

علم و ادب سان رکون چاھه ٻارو،

وقت قيمتي آ نه ويھي وڃائجي.

 

منزل قريب آھي ھٽڻو نه پوئتي آ،

ان لاءِ تڪڙي ھاڻي وک وڌائجي.

 

اُٿو جاڳو ٻارو نه خاموش ويھو،

مجاھد جي ھي ڳالھه دل سان ھنڍائجي.

***


 

عبدالحئي ڀٽو

ماٿيلو مومل جي ماڙي/گھوٽڪي

 

منهنجا اُستاد

منھنجا اُستاد ايماندار آهن،

ديس جا وفادار آهن.

 

هميشه محنت ڪن ٿا،

عقلمند، داناءُ، سمجھدار آهن.

 

ٻارڙن کي پڙهائيندڙ هو،

سچا، پچا ديانتدار آهن.

 

انھن جا اصول، قائدا،

۽ تجربا شاندار آهن.

 

حئي جا اُهي اُستاد،

جسُ لھڻ جا حقدار آهن.

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4   
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org