سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل ڊسمبر  2025ع

باب:

صفحو:4 

سميع ميراڻي

ڏوڪري/لاڙڪاڻو

انعام

اسلام عليڪم پيارا ٻارؤ! سڀ ٺيڪ آهيو؟ سائين صمد حسب معمول جيان اسڪول جي پنجين جماعت جي ڪلاس ۾ مُرڪندڙ چھري سان داخلا ٿيندي، ھٿ ۾ آندل ڪتابن جو بنڊل ڪٻٽ ۾ رکندي چيو. شاگرد به مھڪندڙ مزاج سان احترام ۾ اُٿندي پنھنجي پسنديده اُستاد سائين صمد کي سلام جو جواب وراڻيو.

پيارا ٻارؤ، ڇا اوهان کي خبر آهي، ته اڄ اسان ڪلاس ۾ ڇا ڪرڻ وڃي رهيا آهيون؟  نه سائين.. ٻارن بيٺي ئي جواب ڏنو. بابا! اڄ مان اوهان کان سنڌي، انگريزي، سائنس ۽ رياضي جي  پڙهايل بابن مان سرپرائيز ٽيسٽ وٺندس! سرپرائيز ٽيسٽ! ڪلاس جي مانيٽر سويرا سڄي ڪلاس ڏانھن  نھاريندي پڇيو. جي بابا. اڄ پاڻ ٽيسٽ ڪنداسين جيڪو به اوهان مان، سڀني مضمونن ۾ پاس ٿيندو، ان کي مان هي آندل ڪتابن جي هڪ هڪ ڪاپي انعام ۾ ڏيندس. سر صمد پاڻ سان آندل ڪتابن جي بنڊل ڏانھن اشارو ڪندي چيو. او! واھه سائين! پوءِ اسان ھاڻي ئي ٿا ٽيسٽ ڪريون. شاباس! اُستاد صمد ڪلاس جي شاگرد حسن ڏانھن اشارو ڪندي چيو، ته بابا ٻاهران چاڪُ کڻي اچ، ته بورڊ تي ٽيسٽ لکون ۽ اوهان سڀ ٻار پري پري ٿي صحيح ٿي ويھو. مان ٽيسٽ جا سوال بورڊ تي لکندس اوھان انھن جا جواب پنھنجي پنھنجي ڪاپين تي حل ڪندا ھلو ۽ ٻُڌو، ٽيسٽ جا ڪل سوال سَتَ آھن ۽ اوھان کي ھي ٽيسٽ صرف ھڪ پيرڊ ۾ حل ڪري مڪمل ڪرڻي آهي.

جي سائين! ڪلاس جي سڀني شاگردن جوش مان سائين صمد کي چيو، ته سر اوهان لکندا هلو، اسان جواب لکڻ ۾ دير نه ڪنداسين.

اُستاد صمد جيئن ئي ٽيسٽ لکي، بس ڪئي ته شاگرد لکڻ ۾ مصروف ٿي ويا. ٿوري هي وقت کان پوءِ شاگردن پنھنجيون پنھنجيون جوابي ڪاپيون جمع ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيون. سڀ ڪاپيون جمع ٿيندي ئي، سائين صمد اھي چيڪ ڪرڻ شروع ڪيون، ته رسيس جو گھنڊ وڄڻ لڳو. سڀني ٻارن کي رسيس کان پوءِ ٽيسٽ جي نتيجي ٻڌائڻ جو چيو ويو. رسيس ختم ٿيڻ کان پوءِ سڀ شاگرد پنھنجن بئنچن تي وڃي ويٺا ھئا. اھي سڀ پنھنجي ڪاميابي لاءِ پُر اُميد ھئا ۽ پنھنجي ٽيسٽ جي نتيجي لاءِ بيچين ھئا. ھاڻي ھو انتظار ڪري رھيا ھئا، ته سائين صمد ڪڏهن ٿو ڪلاس ۾ اچي ۽ نتيجن جو اعلان ڪري، ڪھڙو ڪتاب تحفي ۾ ڏيندو ۽ ڪھڙي مھل ڏيندو.

ٽيسٽ جون ڪاپيون چڪاس ڪرڻ کان پوءِ آخري پيريڊ ۾ نتيجي جو اعلان ڪيو ويو. شاگردن سان مخاطب ٿيندي، سائين صمد چيو، ته پيارا ٻارؤ! مون کي ھميشه جيان اوهان مان اها ئي اُميد هئي، ته اوهان ٽيسٽ ۾ بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندؤ. پر اڳ ۾ اوھان کان ورتل ٽيسٽن ۾  صرف اوھان کي ڪپ يا ميڊل ملندو ھو. پر ھاڻي اوھان جي لاءِ ھڪ بھترين ٽيسٽ جو انعام مقرر ڪيو اٿم. سائين صمد آندل ڪتابن جي بنڊل مان ھڪ گُل ڦُل رسالي جي ڪاپي ڪڍندي، شاگردن کي ڏيکاريندي چيو، ھاڻي اوھان جو انعام ھي آھي. ھر مھيني جي ٽيسٽ جو انعام، تقريري مقابلن جو انعام، زباني سوالن جوابن جو انعام، ھي گُل ڦُل رسالو آھي. اوھان کي اڄ هڪ اھڙو تحفو ڏيندس، جنھن جو ھر ٻار کي ھر مھيني شدت سان انتظار رھندو آھي، ھي سوکڙي اوھان جي لاءِ اڳتي هلي ھڪ بھترين پليٽفارم ثابت ٿيندي، جتي اوھان پنھنجي لکڻين وسيلي تخليق جو ڀرپور مظاھرو ڪندؤ. مان به ننڍي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. جڏهن منھنجي لکڻيءَ کي ھن گُل ڦُل رسالي ۾ ڇاپيو ويو ته مون کي لکڻ جو اُتساهه مليو، مان اڄ به لکندو پيو اچان، سائين صمد ڪلاس جي ٻارن کي ٻڌائيندي چيو.  اوهان هن ٻاراڻي رسالي مان گھڻو ڪجھه پرائي سگھو ٿا، حمد، نعت، بيت، مضمون، ڪھاڻيون، قصا، ٻارڙن جا انٽرويوز، عالمي معلومات جا سوال ۽ ان سان گڏ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ رح جي بيتن جي سمجھاڻي ڏئي، مقابلي ۾ به حصو وٺي انعام کٽي سگھو ٿا. گڏوگڏ اوھان پنھنجيون لکڻيون ۽ تصويرون به هن رسالي ۾ موڪلي شايع ڪرائي سگھو ٿا.

ٻارن کي انعام طور گُل ڦُل جون ڪاپيون سائين صمد اڃان مس ئي ورهائڻ شروع ڪيون ته موڪل جو گھنڊ وڄي ويو، ٻارن پنھنجو انعام وٺندي، ڪلاس کان ٻاھر ويندي، پنھنجي اسڪول جي ٻين ٻارڙن کي ڏيکاريندي، ٽِلندا ۽ مُرڪندا پنھنجن گھرن ڏانھن روانا ٿيندا ويا....

پيارا ٻارؤ! ھن ڪھاڻيءَ جو مقصد ھي آھي ته اوهان کي هڪ اهڙو انعام ڏجي جنھن سان اوھان جي حوصلا افزائي ٿيڻ سان گڏ اوهان ۾ وڌيڪ لکڻ پڙهڻ جي عادت اچي سگھي.

***

سحر بختاور  (ڪلاس ٻارهون) گورنمينٽ گرلز هائير سيڪينڊري اسڪول شاهپور چاڪر

غريب جي خواهش

سُھيل هڪ هنرمند شخص هو. هو گھرن ۾ رنگ ڪرڻ جو ڪم ڪندو هو. کيس اُتان ڪجھه پئسا ملي پوندا هئا. جنھن مان هو پنھنجي گھر جو گذران ڪندو هو. سُھيل فقط ٻارن کي ٻن وقتن جي ماني کارائي تي سگھيو. ٻارن کي پڙهائڻ لکائڻ لاءِ هن جا حالات اجازت نه پيا ڏين. هو پنھنجي ٻارن جون محروميون ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينھن پنھنجي اُستاد کان هڪ ريڙهي وٺي، ڪاٻاڙي جو سامان وٺڻ لڳو. گرميءَ ۾ سخت محنت ڪرڻ کان پوءِ هن ڪجھه وڌيڪ رقم ڪمائي ۽ بجلي جو ڪم ڪرڻ پڻ شروع ڪيو ته جيئن هو پنھنجي ٻچن جي پرورش سُٺي نموني سان ڪري سگھي. سُھيل جي خواهش هئي، ته هو پنھنجي ٻارن کي ڪنھن بھترين پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهائي، پر سندس مالي حالت ان جي اجازت نه ٿي ڏني. جنھنڪري هن پنھنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ پاڻ پنھنجي ٻارن کي تنبيھه ڪندو رهندو هو، ته محنت ڪريو جيئن توهان ڪامياب ٿي سگھو ۽ ڪا سُٺي نوڪري يا ڪاروبار ڪري سگھو. جيئن پنھنجو مستقبل سنواري سگھو. مون جھڙا نه ٿجو، آءٌ تعليم کان محروم رهي، پنھنجو وڏو نقصان ڪيو آهي. اڄ آءٌ سخت محنت ڪرڻ جي باوجود، پنھنجي ٻچن کي ايترو ڪجھه نٿو ڏئي سگھان، جيترو آءٌ ڏيڻ چاهيان ٿو. توهان جي اڄ جي تعليم جي جاکوڙ ئي توهان جي بھترين مستقبل جي ضمانت آهي.

***

اي سام آفندي /اظھر آزاد مغل

شڪارپور

مُقدس مشعل

ھن جون ٻاھر نڪتل اکيون ظاھر ظھور بوسڪي رنگ واري ڇت کي بمشڪل ئي گھوري ڏسي رھيون ھيون. ھن خوف ۽ پريشاني محسوس ڪئي، جيئن ئي ھن جي پيشانيءَ تان ٿڌا پگھر وھندا رھيا، ھن پنھنجون اکيون مھٽيون ، گَھرا ساھَه کنيا ۽ هن دنيا جي شرطن تي پورو لھڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا پنھنجو پاڻ کي چُھنڊڙيون پاتيون. بي خبر ۽ بي سراغ ٿي، ھو ڪجھه وقت لاءِ پنھنجي بستري ۾ ويھي رھيو. چوڌاري اونداھي ۽ اي سي جي آواز کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه ھو. ٿوري دير کان پوءِ، ھن پنھنجي جُرئت جمع ڪرڻ ۽ بتيون ٻارڻ جو فيصلو ڪيو. ھن پنھنجو ڪمبل لاٿو، اُٿي بيٺو ۽ وڏي ڏکيائيءَ سان گُھمڻ لڳو. ڄڻ ڪنھن شيءِ ھن کي ٿڪائي ۽ بيزار ڪري وڌو ھو. اڌ رستو پار ڪرڻ کان پوءِ ھن کي وري ساڳيا احساس ورائڻ لڳا. خوف ۽ اُلجھن، ھو تڙ تڪڙ ۾ پنھنجي ڪمري مان نڪتو. ھاڻي ھو گھر جي ٽي وي واري انتظار گاھه ۾ بيٺو رھيو، جتي سائي رنگ جو ننڍو بلب روشني جي ذريعي طور ڪم آيو. ھو اتي بي يقيني واري عالم ۾ بيٺو رھيو، ته ڪيڏانھن وڃجي. ھو پنھنجي ڀينرن جي ڪمري طرف وڌڻ لڳو. جڏھن ھو اُتي پھتو، ته ھن کي دروازو ۽ بتيون بند نظر آيا. پري کان پنن جي کڙڪڻ جي آواز ھن جي مايوسي جي خاموشيءَ کي مات ڏئي ڇڏي. ھن پنھنجو ڪنڌ ٿورو مٿي ڪيو ھن کي اوچتو وقتي سُڪون مليو. جنھن جي تلاش ۾ ھو ڀٽڪي رھيو ھو. ھو ٻئي طرف ويو ۽ پنھنجي ڏاڏي جي ڪمري جو دروازو کڙڪايو ۽ پوءِ ڪنھن موٽ ملڻ جو انتظار ڪرڻ بغير ھو اندر ھليو ويو. جتي ھن پنھنجي ڏاڏي کي ويٺل ڏٺو. جيڪو نيري رنگ جي طول وھاڻي تي ٽيڪ ڏئي ڪتاب پڙھي رھيو ھو. ھن جي چؤگرد پنن جا ڍير لڳا پيا ھئا، ڪجھه صاف سُٿرا ھئا. جڏھن ته ٻيا گُھنجيل ۽ داڳيل ھئا. ان اُميد سان، ھو ڪمري جي داخلا وٽ پنھنجي ڏاڏي جو انتظار ڪندي بيھي رھيو، ته من ھن کي ھن جي موجودگي جو احساس ٿئي. ھن جي ڏاڏي ھن کي ڏسڻ جي ڳالھه ۾ وڏو وقت لڳايو. عمر، ھن چيو. ڇا تو کي ھن وقت تائين سُمھڻ ۽ آرام ڪرڻ نه گھرجي؟

مان بلڪل ھينئر اُٿيس، خراب خواب کي جاري رکڻ کان اڳ ۾ عمر ساھي پٽِي. ڏاڏا مون کي توھان جي مدد جي ضرورت آھي.

اھا ڪھڙي شيءِ آھي، جيڪا توکي تنگ ڪري رھي آھي، منھنجا پٽ؟

ڏاڏا سائين، مان عجيب قسم جو خواب ڏٺو. مان رات جو ھڪ گھاٽي تاريڪ جھنگل ۾ ھيس، ان جي اونھي، گھاٽي نباتات ۾ گم ٿي ويس، رات جي وقت چُست ۽ سرگرم رھندڙ جانورن جي عجيب و غريب آوازن  کان خوفزده ھيس. سموري سفر دوران، مان پنھنجو رستو وڃائيندو رھيس. منھنجو دماغ منھنجي خلاف سازش ڪرڻ لڳو، مون کي يقين ڪرڻ تي مجبور ڪيو ته عجيب قسم جي بلا مون کي ھيٺ ڪيرائڻ ۽ پنھنجي چنبي ۾ وٺڻ لاءِ صحيح وقت جو انتظار ڪندي، انھن وڻن جي پُٺيان لڙڪندي رھي. منھنجو ھٿيار ۽ رھنمائي جو ذريعو فقط ڪاٺي جي ٺھيل دلڪش انداز ۾ روشن ڪندڙ  مشعل ھئي. مشعل جا روشن شعلا ايترا ته اُوچا ھئا، جو اھي منھنجو رستو روشن رکندا رھيا، مون کي اڳتي وڌائيندا ھليا ۽ واپس گھر تائين رستو ڏيکاريندا رھيا، ھن ھڪ دفعو ٻيھر ساھي پٽي.

پوءِ ڇا ٿيو عمر؟ ھن جي ڏاڏي پڇا ڪئي، ھن جي لھجي ۾ وڏي ڳڻتي ۽ پريشاني ھئي. هن چيو، اتفاق سان منھنجوگذر ھڪ خوبصورت تلاءَ وٽان ٿيو، جنھن جي چوڌاري حسين گل ۽ بي انتھا سرسبز ساوڪ ھئي. سج جي پيار ڀري ۽ جوشيلي روشني منھنجي چمڙيءَ کي پيار منجھان ڇُھيو ۽ مان تازي ھوا اندر کنئي. ڊگھي سفر کان پوءِ، اھو محسوس ٿيو، ته مان آخرڪار گھر پھچي چڪو ھوس. بي انتھا خوش ٿيڻ ڪري، مان تلاءَ مان پاڻي پيئڻ ۽  پنھنجي اُڃ اُجھائڻ لاءِ تلاءَ طرف ڀَڳس. مون کي ھيءَ مشعل پنھنجي ھٿ ۾ ھئي، جيڪا مون کي ھاڻي بيڪار نظر آئي ۽ ان کي تلاءَ ۾ اُڇلائي ڇڏيو. جيئن ئي مشعل جا خوبصورت روشن ڪندڙ شعلا تلاءَ جي مٿاڇري کي لڳا ۽ وسامي ويا، تيئن ئي ساڳي پراڻي تاريڪي ۽ اونداھي مون کي ويڙھي وئي. ھن ڀيري اھا اڃا به وڌيڪ اونداھي ۽ خوفزده ڪندڙ ھئي. پوءِ اھو واقع ٿيو، ھڪ عجيب مخلوق منھنجي پٺيءَ جي مٿان ٽپو ڏنو ۽ مون کي پنھنجي چنبي ۾ ورتو! جڏھن ته مان سُور مان دانھون، ڪوڪون ۽ رڙيون ڪندو رھيس. مشعل کي بيڪار سمجھي اُڇلائڻ تي پڇتاءُ ٿيو. مان انھيءَ مشعل جي سھاري ھن بلا سان جنگ جوٽي سگھان ھا، پر مان ان کي اُڇلائي ڇڏيو. عُمرَ جو آواز پڇتاءَ سان ٽمٽار ھو. ڄڻ ھو وساري ويٺو ھو، ته اھو خواب ھو. جيڪو ھو بيان ڪري رھيو ھو.

ڏاڏي چشمي جي مدد سان عمر جي منھن کي باريڪ بينيءَ سان جاچي ڏٺو. ان کان پوءِ ھن چيو، عمر، ھر ڪنھن کي خراب ۽ ڀوائتا خواب ايندا آھن ۽ ڪنھن کي به انھن جي باري ۾ ايتري گھڻي سوچ ويچار ڪرڻ نه گھرجي.

پر، ڏاڏا، ھي ڪوئي خواب نه آھي، مان ڪڏھن به اھڙي قسم جو ڀوائتو خواب نه ڏٺو آھي. ھي خواب اھو .... اھو تمام گھڻو حقيقي محسوس ٿيو! ان مان ڇا مراد آھي؟

منھنجا پٽ جيڪڏھن تون چاھين ٿو، ته توکي خواب جي حقيقي ۽ سچي معنيٰ ۽ مقصد جي ڄاڻ ملي، ته پوءِ جيڪو ڪجھه آءٌ توکي ٻڌائڻ وارو آھيان، تو کي اهو صبر سان ٻُڌڻ جي ضرورت آھي. عمر ڪنڌ لوڏي ھاڪار ۾ جواب ڏنو.

گھاٽو اُونھو جھنگل، مختلف شڪارخور ۽ رڪاوٽون جيڪي توکي ورائي ويون، سي ھن دنيا جا مسئلا آھن. پنھنجي گھر کي ڳولڻ وارو تنھنجو سفر اھا زندگي آھي، جيڪو تون ھن دنيا ۾ زنده رھڻ لاءِ ڪري رھيو آھين. ھن سڄي سفر دوران فقط مشعل ئي تنھنجو سھارو آھي. جيڪا تنھنجو رستو ڳولڻ ۽ شڪارخورن سان ويڙھه ڪرڻ ۾ توکي مدد فراھم ڪري ٿي.جڏھن تون محسوس ڪرين ٿو، ته تون گھر پھچي ويو آھين ۽ تون اھو به محسوس ڪرين ٿو، ته تنھنجا سڀئي مسئلا منظر عام تان غائب ٿي ويا آھن، تون مشعل کي پري ڦٽو ڪري ٿو ڇڏين. جيئن ئي مشعل جا شُعلا پنھنجو وجود وڃائي ويھن ٿا، ساڳي اونداھي توکي پنھنجي گھيري ۾ آڻي ٿي ۽ تون ساڳي جاءِ ۾ ڦاسي پوين ٿو. جيڪا توکي محفوظ محسوس ٿيندي ھئي. ھي سڀ ڪجھه مشعل جي اھميت ڏانھن اشارو ڪري ٿو ۽ ان جي فضيلت واضح ڪري ٿو. ھن چڱي طرح پنھنجا ھٿ عمر جي ڪُلھي تي رکيا، ھن جي اکين ۾ نھاريو ۽ ڏاڍيان آواز ۾ چيو، ھيءَ رڳو ڪائي مشعل نه آھي، اھا مقدس مشعل آھي تنھنجو والد.

عمر ناپسنديدگيءَ جي ڪري تڪڙ ۾ ڪاوڙ مان اُٿي بيٺو ۽ رڙ ڪئي، ڇاڪاڻ جو اڄوڪي ڏينھن تي مون پنھنجي والد سان  بحث ۽ دليلبازي ڪئي ھئي، ڏاڏا تون مون تي الزام تراشي ڪندين ۽ مون کي مجرم محسوس ڪرائيندين؟ توکي ويھڻ ۽ صبر سان ٻُڌڻ جي ضرورت آھي. جھڙي طرح تو وچن ۽ واعدو ڪيو ھو، ڏاڏي جواب ڏنو. عمر ويھي رھيو. مان توکي مجرم يا ڏوھاري نه ٺھرائي رھيو آھيان. اھو تنھنجو ضمير آھي، جيڪو توکي مجرم محسوس ڪرائي رھيو آھي. عمر پنھنجو ڪنڌ ھيٺ ڪري ٻڌو. ھيءَ مشعل تنھنجي والد کي ظاھر ڪري ٿي. ھو سڀني مسئلن جي خلاف تنھنجو ھٿيار آھي. جن سان تون مقابلو ڪندين. جيڪڏھن ھو تنھنجي پاسي آھي، تون دنيا جي نعمتن جو مزو ماڻيندين ۽ ھن کان بغير، جيئن تون خواب ۾ ڏٺو ھو، اونداھي کان سواءِ توکي ڪجھه به پلئه نه پوندو.

آءٌ خوب ڄاڻان ٿو ڏاڏا سائين، پر آءٌ ناراض ٿي ويندو آھيان ۽ اھي شيون چئي ويندو آھيان، جيڪي مون کي نه چوڻ گھرجن ۽ مون کي معلوم نه آھي ته معافي ڪيئن وٺجي.

ٺيڪ آھي منھنجا پٽ. بس وڃ ۽ پنھنجي والد کي چُمي ڏي، تون ھن کي ٻڌاءِ جيترو تون ھن سان پيار ڪرين ٿو. ھو يقينن توکي معاف ڪري ڇڏيندو. مون تي يقين ڪر ته ڪنھن کي به رشتن جي اھميت ۽ تقدس جي خبر تڏھن پوندي آھي، جڏھن ڪوئي ان کي وڃائيندوآھي. جيڪو محدود وقت اسان کي آھي، تنھن کي معمولي جھيڙن ۽ بحثن ۾ وڃائڻ ۽ استعمال ڪرڻ نه ڏيو. تنھنڪري، مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ عمر سوال ڪيو. بس وڃ ۽ ھينئر معافي طلب ڪر ۽ ھن سان ڪجھه قيمتي گھڙيون ۽ معياري وقت گذار.

ھينئر ؟عمر اچرج مان پڇا ڪئي.

ھائو ! صبح جا ست وڳا آھن ، ڏاڏي جواب ڏنو.

جيئن ئي عمر ڪمري کان ٻاھر نڪتو، ھن جي ڏاڏي پنھنجي عينڪ واپس اکين تي چاڙھي، پنھنجي ڪتاب جي انھي صفحي کي ٻيھر کوليائين، جنھن ۾ ھن پنھنجي پيءُ جي تصوير رکي ھئي. ھن ان تي آخري نظر وڌي، ڪتاب کي بند ڪيو ۽  پنھنجي والد جي آخرت واري زندگي جي ڀلائي ۽ چڱائيءَ لاءِ دعا گھري.

حوالو : آسَ مئگزين، دي نيوز انٽرنيشنل

ميرپور بٺوري شھر ۾ هڪ ذهين ۽ خوش مزاج نياڻي رهندي هئي، جنھن جو نالو هو شافيا سڪندر ابڙو. هوءَ دي اوريئينٽل اسڪول سسٽم جي ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي. پنھنجي پڙهائي سان گڏوگڏ اخلاقي خوبين سبب به سڄي اسڪول ۾ سُڃاتي ويندي هئي. شافيا هميشه مُرڪندي رهندي هئي ۽ هر ڪنھن سان محبت ۽ نرميءَ سان پيش ايندي هئي.

هڪ ڏينھن جڏهن هوءَ اسڪول ڏانھن وڃي رهي هئي، تڏهن هن ڏٺو ته هڪ ننڍڙو ٻار روڊ جي ڪُنڊ تي ڪِري پيو آهي ۽ سندس ڪتاب زمين تي پکڙجي ويا آهن. ڪيترائي ٻار اُتان گذريا، پر ڪنھن به اُن معصوم ٻار ڏانھن ڌيان نه ڏنو.

شافيا جي دل نرم ھئي، هوءَ بنا ڪنھن دير جي ڊوڙي آئِي. ٻار جا ڪتاب کڻي صاف ڪيا ۽ کيس هٿ ڏئِي اُٿاريو. ٻار جي چَپَن ۾ مُرڪ ۽ اکين ۾ شڪر گذاري جا جذبا هئا. هن پيار ڀري انداز ۾ چيو، ته مھرباني! شافيا! تون سچي معنيٰ ۾ هڪ دوست آهين.

شافيا محبت سان کيس مُرڪندي جواب ڏنو، ٻين جي مدد ڪرڻ سان دل کي سُڪون ملي ٿو ۽ اها انسانيت جي سچي نشاني آهي.

جڏهن شافيا ڪلاس ۾ پھتي، ته اُستاد سڀني ٻارن کي هڪ اهم ڳالھه ياد ڏياريندي چيو، ته پيارا ٻارؤ! اخلاقيات ئي انسانيت آهي. جيڪو ننڍپڻ کان ئي ٻين جي مدد ڪرڻ، عزت ڏيڻ ۽ سچ ڳالھائيندو رهندو، اهو وڏو ٿي هڪ بھترين انسان بڻجندو.

شافيا جو اهو عمل نه رڳو ڪلاس جي ٻارن پر سڄي اسڪول ڏٺو. سڀني شاگردن ۽ اُستادن سندس عزت ڪرڻ شروع ڪئي.

ان ڏينھن کان پوءِ اسڪول ۾ هڪ نئون ماحول پيدا ٿي ويو. ٻار هڪ ٻئي سان پيار ۽ محبت سان پيش اچڻ لڳا ۽ شافيا سڪندر سڀني لاءِ هڪ روشن مثال بڻجي وئي.

پيارا ٻارؤ! شافيا سڪندر جي خوش اخلاقي ۽ حُسن سُلوڪ مان اسان سڀني کي اهو سبق ملي ٿو، ته زندگيءَ جو اصل حُسن علم سان گڏ اخلاقيات به آهي، ڇو ته اخلاقيات ئي انسانيت آهي.
 

علي محمد پلھه

ڳوٺ پلھه/شاهپور چاڪر

عقلمند مُهاڻو

آڳاٽي زماني جي ڳالھه آهي، ته هڪ ڳوٺ ۾ هڪ غريب مھاڻو رهندو هو. هو روزانو پنھنجو ڄار کڻي، درياءَ جي ڪپ تي ويندو هو. ڄار درياءَ ۾ اُڇلائي شڪار جي انتظار ۾ ويھي رهندو هو. ڪڏهن شڪار گھٽ ايندو هوس ۽ ڪڏهن وڌ. ان شڪار مان ڪجھه حصو گھر رکندو هو ۽ ڪجھه حصو شھر ۾ وڪڻي گھر جو سيڌو سامان وٺي ايندو هو. هن جو روزاني اهو دستور هوندو هو.

هڪ ڏينھن شڪار لاءِ درياءَ تي وڃي ويٺو. ڄار پاڻيءَ ۾ اُڇلائي شڪار جو انتظار ڪرڻ لڳو. ڪافي دير کان پوءِ هن ڄارُ ٻاهر ڪڍيو، پر هن ڀيري ڪابه مڇي ڄار ۾ ڪانه ڦاٿي. هو ڄار کڻي درياءَ جو ڪنارو وٺي هلڻ لڳو. هلندي هلندي اڳيان هن کي ماڻھن جو ميڙ ڏسڻ ۾ آيو. هن ڄار هڪ ٻُوڙي ۾ لڪائي اچي ماڻھن سان مليو ۽ پُڇاءُ ڪيائين، ته هت ڇو بيٺا آهيو؟  ماڻھن هن کي ڪوبه جواب نه ڏنو۽ کيس پڪڙي اچي وزير جي سامھون پيش ڪيو. هن وزير کي چيو، ته سائين آءٌ هڪ غريب مھاڻو آهيان. وزير چيس، ته اسان جي ملڪ جو دستور آهي، ته صبح جو سوير جيڪو به نئون ماڻھو ملندو آهي، ان کي ٻارهن مھينن لاءِ اسان پنھنجي ملڪ جو بادشاهه بڻائيندا آهيون. جيڪڏهن هن سُٺا ڪم ڪيا، ته اُن کي اڳتي لاءِ به بادشاهه رکندا آهيون. پر جي هن سُٺا ڪم نه ڪيا ۽ عيش عشرت ۾ وقت وڃايو، ته ٻارهن مھينن کان پوءِ، ان کي تخت تان لاهي درياءَ جي هُن پار جھنگ ۾ ڦٽو ڪري ايندا آهيون. پوءِ کٽي ان جي قسمت! جھنگ جا جانور کائي وڃنس يا پاڻ جھنگ مان نڪري هليو وڃي. وزير ماڻھن کي حڪم ڏنو، ته هن کي وھنجاري نوان ڪپڙا پارائي پيش ڪيو وڃي ۽ پوءِ کيس آڻي تخت تي ويھاريو ۽ کيس چئو، ته هاڻي سڀ ڪجھه تنهنجي هٿ ۾ آهي.

مھاڻو عقلمند هو، هن سوچي حڪم ڏنو، ته درياءَ جي ڪناري هڪ ڳوٺ ۾ منھنجا ٻار ٻچا رهن ٿا. انھن کي وٺي اچي مون وٽ پھچايو. نوڪر چاڪر ويا ۽ ڳولي مُھاڻي جي ٻارن کي وٺي آيا. مھاڻي انھن کي وهنجاري نوان ڪپڙا پارائي پاڻ سان گڏ محلات ۾ رهايو.

هڪ ڏينھن نئين بادشاهه پنھنجي وزير کي گھرائي چيو ته: آءٌ شھر گُھمندس وزير سان گڏجي سڄو شھر گھمي آيو ۽ اچي تخت تي ويٺو. پوءِ وزير کي حڪم ڏنائين، ته شھر ۾ پڙهو ڏياريو، ته هر هڪ ماڻھو پنھنجا گھر ۽ گھٽيون هڪدم صاف ڪن نه ته کين سزا ملندي. اهو حڪم ٻُڌي سڄو شھر صاف سُٿرو ٿي ويو. ٻِئي ڏينھن حڪم ڏنائين، ته شھر ۾ جيڪي به رازا ۽ مستري آهن، انھن کي مون وٽ پيش ڪيو وڃي.  هن وزير کي حڪم ڏنو، ته هي رازا مستري ۽ مزدور پُل تي وٺي وڃي، درياءَ تي پُل تعمير ڪرايو. مزدور تمام گھڻا رکو، ته جيئن ڪم جلد مڪمل ٿي وڃي. وزيرن، مسترين، رازن ۽ مزدورن کي وٺي وڃي پُل جو نقشو سمجھايو کين چيو ته جيترو جلد ٿي سگھي ته ڪم پورو ٿئي. مزدور جيترا وڌيڪ هوندا، اوترو ڪم جلد پورو ٿيندو. پُل جو ڪم شروع ٿي ويو. وزير موٽي اچي بادشاهه کي ڪم جو احوال ٻُڌايو.

ٿورن گھڻن ڏينھن ۾ پُل ٺھي تيار ٿي وئي. وزير بادشاهه کي رپورٽ پيش ڪئي. صبح جو بادشاهه سلامت اميرن وزيرن سان گڏجي پل جو جائزو ورتو ڳالھيون ڪندي ڪندي درياءَ جي ٻئي ڪناري تي پھچي ويا. اتي بادشاهه وزير کي وري حڪم ڏنو، ته هن ڪناري کان وٺي، جھنگ جي وچ تائين پُل کان وٺي سڌو رستو ٺھرايو. جيترا مزدور لڳن ڪم تي لڳايو. مزدورن کي چئو ته توهان کي پنھنجي مزدوري ملندي ۽ ٻيو ته جيڪو مزدور جيتريون ڪاٺيون وڍيندو، اهي به پنھنجي گھر کڻي وڃي سگھي ٿو. اها خبر ٻُڌي مزدور دل سان ڪم ڪرڻ لڳا ۽ ڪم تمام جلد پورو ٿي ويو.

بادشاهه کي اطلاع ڏنو ويو، ته بادشاهه ۽ وزير صبح جو اچي رستي جو جائزو ورتو. هلندا هلندا اچي جھنگ جي وچ ۾ پھتا. اُتي وزير کي حڪم ڏنائين، ته هتي منھنجي لاءِ شڪار گاهه تعمير ڪرايو ۽ رستي جي ٻنھي پاسي اضافي بيٺل وڻ وڍرايا وڃن. وزير شھر ۾ پڙهو گھمائي، مزدورن کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين چيائين، ته جيترا به مزدور گھرجن، اهي گھرايو ۽ مون کي رستي جي ٻنھي پاسي بيٺل اضافي وڻ وڍرائي ڏيو. سُٺي مزدوري ملڻ ڪري، مزدور محنت سان ڪم ڪرڻ لڳا ۽ روڊ جي ٻنھي پاسن جا اضافي وڻ تمام جلد وڍجي صاف ٿي ويا. جھنگ صاف ٿيڻ جو اطلاع بادشاهه سلامت کي ڏنو ويو. بادشاهه سلامت اميرن وزيرن سان گڏجي ميدان جو جائزو ورتو ۽ حڪم ڏنائين، ته هي جيڪي اضافي وڻ وڍيل آهن، انھن جو ڪاٺ شاهي بورچي خاني ۾ جمع ڪرايو وڃي. اهو چئي بادشاهه سلامت موٽي آيو ۽ اچي تخت تي ويٺو.

وري ٻئي ڏينھن وزير کي حڪم ڪيائين ته شھر جي سڀني اميرن کي مون وٽ گھرايو. جڏهن امير درٻار ۾ پھتا، ته انھن کي چيائين، ته مون کي رستي جي ٻنھي پاسن کان شھر تعمير ڪرائڻو آهي. ان ڪري رستي جي هڪ پاسي کان اوهان پنھنجون جايون ٺھرائڻ شروع ڪيو ۽ وزيرن کي حڪم ڏنائين، ته رستي جي ٻئي پاسي کا شاهي خزاني مان پئسا کڻي، بي گھر ماڻھن لاءِ سرڪاري خرچ تي جايون ٺھرايون وڃن. پئسي ۽ مزدورن جي گھڻائي سبب، ڪم تمام تيزيءَ سان تيار ٿيڻ لڳو. ٿورن ئي ڏينھن ۾ شھر جون جايون تعمير ٿي ويون. هڪ ڏينھن بادشاهه تعمير ٿيل شھر جو جائزو وٺڻ لاءِ اميرن وزيرن سان گڏجي شھر جو سير ڪرڻ لڳو ۽ اچي شڪارگاهه تائين پھتا. شڪارگاهه تمام سُھڻو ٺھيل هو. ان کي ڏسي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو. اتي هن وزير کي حڪم ڏنو، ته سرڪاري خرچ تي ٺھيل جاين لاءِ شھر جي غريب ماڻھن جي لسٽ ٺاهي، اهي جايون غريبن ۾ ورهايون وڃن ۽ اميرن کي چيائين، ته توهان ٺھيل جايون پنھنجي دوستن کي ڏيو، يا پاڻ اچي رهو. ٿورن گھڻن ڏينھن کان پوءِ نئون ٺھرايل شھر آباد ٿي ويو.

بادشاهه هڪ ڏينھن وزير کي حڪم ڏنو، ته شھر ۾ پڙهو گُھمايو وڃي، ته شھر جا ٻار، ٻُڍا، عورتون ۽ مرد سڀئي شاهي ميدان ۾ اچي گڏ ٿين.  بادشاهه سلامت جي طرفان ڏنل ماني جي دعوت ۾ شريڪ ٿين. بادشاهه سلامت جي حڪم تي رڌ پچاءَ لاءِ سوين ڪاريگر اچي پھتا ۽ هزارين ماڻھن لاءِ کاڌو تيار ٿي ويو. وزير اچي بادشاهه سلامت کي اطلاءُ ڏنو، ته بادشاهه اميرن ۽ وزيرن سان گڏجي اچي دعوت ۾ پھتو.

بادشاهه سلامت ماڻھن جي روبرُو اُٿي بيٺو ۽ تقرير ڪري کين چوڻ لڳو، ته اي شھر واسيو! هيءَ منھنجي اوهان سان آخري ملاقات آهي. اوهان جي ملڪ جي دستور موجب هر ٻارنھن مھينن کان پوءِ بادشاهه تبديل ڪيو ويندو آهي. سڀاڻي منھنجا ٻارنھن مھينا پورا ٿي رهيا آهن. منھنجي موڪلاڻي آهي. اوهان کي جيڪو نئون بادشاهه ملي، ان کي آڻي تخت تي ويھارجؤ.

شھر جي ماڻھن کان رڙيون نڪري ويون ۽ چوڻ لڳا، ته اسان کي هيترن سالن کان اڄ تائين اوهان جھڙو عادل ۽ خيرخواهه بادشاهه نه مليو آهي. اسان جي اوهان کي التجاء آهي ته اڳتي لاءِ به اوهان حاڪم ٿي رهو. اسين اوهان مان راضي آهيون. اهو ٻُڌي بادشاهه خوش ٿيو ۽ حڪم ڪيائين، ته وزير تون پنھنجي اميرن وزيرن کان پُڇ، ته اوهان به راضي آهيو؟ سڀني يڪزبان ۾ چيو، ته قبلا! اوهين اسان کي منظور آهيو ۽ تاحيات اسان جا بادشاهه ٿي رهو. ان کان پوءِ بادشاهه حڪم ڏنو، ته هاڻي سڀني کي ماني کارائي وڃي. ماني کائڻ کان پوءِ سڀني کي چيائين، ته هاڻي ڀلي سڀڪو پنھنجي ڪم ڪار سان هليو وڃي ۽ پوءِ بادشاهه سلامت به موٽي اچي پنھنجي تخت تي ويٺو ۽ ملڪ جا انتطام وري خوش اسلوبيءَ سان سنڀالڻ لڳو.

پيارا ٻارؤ! هن ڪھاڻيءَ مان اسان کي اها نصيحت ملي ٿي، ته خيرخواهي، عدل ۽ انصاف سان، بادشاهي ڪندڙ بادشاهه هميشه قائم ۽ دائم رهندو آهي. ان ڪري اوهان به هميشه سُٺي راهه تي هلندا رهو ۽ پنھنجي ملڪ جي سلامتي ۽ پنھنجي ملڪ جي غريب ماڻھن جي مدد ڪندا رهجؤ.

***


 

سرمد عباسي                      (قسط: ٻارهين)

خانواهڻ

سپِي،  سارنگ ۽ مَتارو

ٻاراڻو ناول

 

ھيٺ پھچي، آڪاش پنھنجي سپاھي ديدار کان موٽرسائيڪل جي چاٻي ورتي ۽ کين جبل تان ھلي ھوٽل وٽ ڪريل گاڏيءَ ڀرسان پھچڻَ جو حڪم ڏنو. سائين،اسان جبل بدران ھتان ئي وڃون ٿا. مِينھن تيز ٿي ويو آھي. ديدار مُنجھيل انداز ۾ چيو. جيئن چيو اٿم، تيئن ڪيو. جلدي. آڪاش ڪاوڙ مان چيو. جِي سائين. ٻنھي ڄڻن، آڪاش کي سلام ڪيو ۽ تڪڙ ۾ جبل جي چاڙھيءَ ڏانھن وڌي ويا. ھنن جي ويندي ئي آڪاش پھرين سپيءَ کي موٽرسائيڪل تي ويھاريو ۽ پوءِ پاڻ به ويھي رھيو. بندوق ھن جيڪيٽ مٿان پاتل جبي ۾ ڦاسائي ڇڏي.اڃان ھنَ گاڏي اسٽارٽ ئي ڪونه ڪئي ھئي جو سامھون کان متاري جي گجگوڙ جو آواز آيو. ادا،متارو اچي ويو. سپيءَ رڙ ڪئي. آڪاش ته گجگوڙ جو آواز ٻڌي ئي سمجھي ويو، ته متاري کين ڏسي ورتو آھي. ھن موٽرسائيڪل اسٽارٽ ڪئي ۽ ان کي ڦيرائي روڊ تي ھلائڻ شروع ڪيو. جبل تي چڙھندڙ ديدار ۽ منير،شينھن جي گجگوڙ ٻڌي ڇِرڪجي پيا.

ش...ش...شينھن. منير ڊپَ مان ڪَنبندي چيو. اِھا ٻاراڻي ڪتابَ واري پَٽي پڙھڻ بند ڪر. ھل ته ڪٿي ھَلي لِڪون. ديدار ڳيت ڏيندي چيو ۽ ھُو ٻئي ڄڻا تڪڙ ۾ مٿي پُڄي، ھڪ وڏي پٿر پويان لڪي ويھي رھيا.

***

ڇت تي لِڪي ويٺل متارو، ٻنھي ماڻھن جي مَٿي ويندي ئي روڊَ تي لھڻَ لاءِ تيار ٿي ويو. ھنَ روڊ جي ٻنھي پاسن ڏانھن نھاريو. کيس ٻيو ڪو به ماڻھو ڏسڻَ ۾ ڪونه آيو. سڀڪو پنھنجي گھرَن ۾ آرامي ھو. متاري چڱيءَ طرح جانچَ لھڻَ کان پوءِ ٽپُ ڏنو ۽ مزي سان ھيٺ لھي آيو. دڪانن جي درن تي ٻرندڙ بلبن جي ھلڪي سھائيءَ ۾ ھن سامھون بيٺل موٽرسائيڪل به ڏسي ورتي. متارو اڃان سنڌو ڪالونيءَ ڏانھن وڃڻ جو سوچي ئي رھيو ھو جو، ھنَ کي جبل تان ماڻھن جي ڳالھائڻ جو آواز آيو.

آڪاش. متاري ڀُڻڪندي چيو ۽ ھڪ دڪان آڏو رکيل،گند واري ڊرم پويان لڪي ويو. جلد ئي ھنَ ڏٺو ته ساجھر مٿي ويندڙ ٻن ڄڻن سان گڏ، آڪاش ۽ سپي موٽرسائيڪل وٽ اچي بيھي رھيا. سپيءَ جي پٺيءَ تي سارنگ به ھو. متارو، ماٺ ڪري ھنن جي ڳالھه ٻولھه ٻُڌڻَ لڳو.

آڪاش وارن جي ڳالھه پوري ٿيندي ئي، متاري جي ڀوائتي چپن تي مُرڪ اچي وئي.

ڏاڍو سٺو آڪاش. موٽرسائيڪل تي ويھي تون مون کي گوليون به نه ھڻي سگھندين ۽ تو کي اونداھي کاھيءَ ۾ ڌِڪيندي مون کي ڏاڍو مزو ايندو. متاري پاڻ سان ڳالھايو. سپاھين جي جبل ڏانھن ويندي ئي متاري گجگوڙ ڪئي ۽ تيزيءَ سان آڪاش ۽ سپيءَ ڏانھن وَڌيو.

***

موٽرسائيڪل تِکي رفتار سان اڳتي وڌڻَ لڳي. توڙي جو روڊَ تي تِرڪڻ ھئي ۽ مينھن به تيز ھو، پر پوءِ به آڪاش،گاڏيءَ جي رفتار جَهڪي نه ڪئي.ھُو ڏاڍي ھوشياريءَ سان گاڏي ھلائيندو رھيو. پويان ايندڙ متارو به سموري سگھه سان ڊوڙندو پئي آيو. صاف لڳو پئي، ته موٽرسائيڪل تائين رَسڻَ ۾ کيس گھڻو وقت نه لڳندو.

سپي، متارو... سارنگ ڊِنل انداز ۾ چيو.

ڊِڄ نه سارنگ. ادا آڪاش جي ھوندي، اسان کي ڪجھه به نه ٿيندو. جيتوڻيڪ، سپي پاڻَ به ڊِڄي رھي ھئي. پرَ سارنگ کي آٿت ڏيڻ لاءِ، ھنَ پنھنجو ڊَپُ لڪائي ڇڏيو ھو. ڊُڪندي ڊُڪندي متاري گجگوڙ ڪئي ۽ موٽرسائيڪل ڏانھن ٽپُ ڏئي ڇڏيائين. سپي. سارنگ، متاري کي ٽپ ڏيندو ڏسي دانھن ڪئي. سپيءَ به ڪنڌ ورائي متاري ڏانھن ڏٺو ۽ ڏڪِي وئي.

ادا آڪاش، متارو ته پُڄي ويو. سپيءَ روئڻھارڪو ٿيندي چيو. مون کي سُڪَ ڪري پَڪڙ سپي. آڪاش وراڻيو ۽ موٽرسائيڪل جي رفتار وڌائي ڇڏي. موٽرسائيڪل جَھٽڪو ڏيندي ويتر ڏاڍيان ھلڻ لڳي. موٽرسائيڪل کي تِکو ٿيندي ڏسي متاري پنھنجا ٻئي چَنبا اُڀا ڪيا ۽ ھيٺ ايندي ئي موٽرسائيڪل جي پٺئين ڀاڱي کي پڪڙڻَ جي جاکوڙ ڪئي. پر موٽرسائيڪل جي رفتار تيز ھئي، سو سندس چنبا  انَ تائين پھچي نه سگھيا. موٽرسائيڪل زُوڪاٽُ ڪندي، اڳتي وَڌي وئي ۽ متارو روڊَ تي ڪري اونڌو سُونڌو ٿيندي، تِرڪندي جبلَ سان وڃي لڳو. ھنَ کي ڌڪُ ته گھڻو لڳو. بُتَ تي رَھنڊون به جام آيس. پرَ ھُو تڪڙ ۾ اُٿي بيھي رھيو. اُٿندي ئي ھنَ جبلَ ڏانھن ٽپُ ڏنو ۽ ڪنھن بازيگرَ جيان مٿي چڙھي ويو. مٿي پھچي ھنَ پھاڙَ جي ڪپرَ تي ڊُڪڻ شروع ڪيو. ھيٺ روڊَ تي موٽرسائيڪل ڊوڙي رھي ھئي ۽ مٿي ساڳي رفتارَ سان متارو ڊُڪي رھيو ھو. ادا متارو جبل تي پيو ڊُڪي. سپيءَ ڪنبندڙ آواز ۾ ٻڌايو.

مون کي سُڪَ ڪيون ويٺا ھجو. آڪاش چيو ۽ مَٿي متاري ڏانھن ڏٺو.

متارو، جبلَ جي ڪپَ تي ايئن ڊُڪي رھيو ھو، جيئن ڪنھن سَنئين سِڌي دڳَ تي ڊُڪبو آھي. ھنَ کي پٿرن ۽ تِرڪڻَ جي ڪا پرواھه ئي ڪو نه ھئي. آڪاش ھڪ ھٿَ سان موٽرسائيڪل جي ھَٿيي (ھينڊل) کي سوگھو ڪيو ۽ ٻئي ھٿَ سان جبي ۾ ڦاٿل بندوق ڪڍي، متاري ڏانھن اُڀي ڪري ڇڏي. کاھيءَ سان لڳو لڳ، ان ڀوائتي روڊَ تي ايئن ڪرڻ وڏي غلطي ھئي. پر آڪاش، سپي ۽ سارنگ کي بچائڻَ لاءِ موتَ جي مُنھن ۾ به وڃڻَ لاءِ تيار ھو. ھنَ ٻانھن مٿي ڪئي ۽ متاري ڏانھن گولي ھلائي. گوليءَ جو آواز ٻُڌي متاري ھنن ڏانھن ڏٺو. پرَ بيھڻ بدران لاڳيتو ڊُڪندو رھيو. گولي ھنَ جي بُتَ ۾ لڳڻ بدران جبل سان وڃي لڳي. متارو ساڳئي نموني صحيح سلامت ڊُڪندو رھيو. آڪاش سمجھي ويو، ته ڪاوڙيل متارو کين ايئن ڪونه ڇڏيندو. ھُو ڪجھه نه ڪجھه ضرور ڪندو. .......

(هلندڙ.......)

لومڙ يڪدم ڳالھه مٽائيندي چيو، آئون ڇو چورائيندس، مون وٽ پنھنجو ايڏو ڀلو پڇ آھي، ھي ڏس. ڪوئي چيو شينھڻ جو پڇ به ڏاڍو ڀلو ھو، ھو ھر مھيني پڇ جا وار پارلر واري ڇوڪري کان ڪٽرائيندي ھئي. ڀولڙو ڪوئي جي ويجھو ويو ۽ چيائين، اھا ڳالھه ڪنھن کي ٻڌائجان نه. ڪوئي چيو پارلر واري ڇوڪري واري ڳالھه. ڀولڙي چيو، پڇ واري ڳالھه، ڪنھن کي به نه ٻڌائجان. ڪوئي چيو، ڪنھن کي ٻڌايان يا نه، پر شينھن کي ضرور ٻڌائيندس. لومڙ ڪوئي کي منٿ ڪرڻ لڳو، تون منھنجو يار آھين نه. ڪوئو پنھنجي ڳالھه تي اٽل رھيو، نه ڪو، اھا ڳالھه آئون ضرور ٻڌائيندس، ڪجھه به ٿي پئي، شينھن کي ضرور ٻڌائيندس. ڪوئو ڀڄڻ لڳو، ڀولڙو ۽ لومڙ به سندس پٺيان لڳا. ڀولڙي ڪوئي کي ڪن کان پڪڙي ورتو ۽ لومڙ ڪلوروفام (دوا) سنگھائي ڪوئي کي بيھوش ڪري ڇڏيو. اھو منظر ڏسي لڊو حيران ٿي ويو. لڊو اھا ڳالھه بابا ڪڇون ڪوما کي ٻڌائڻ پئي چاھي پر ھڪ مسئلو ھو، بابا ڪڇون ڪوما کيس سختي سان منع ڪيو ھو ته ڪجھه به ٿي پئي خاموش رھڻو آھي. بابا ڪڇون ڪوما اجلاس ۾  وڃڻ لاءِ تيار ٿي چڪو هو. صدري ۽ مٿي تي ترڪي ٽوپي پاتائين، لڊو ۽ ڊڊو کي پنھنجي خول ۾ لڪايائين ۽ کين چيائين، توھان کي ڪنھن به حالت ۾ خول مان ٻاھر ناھي نڪرڻو ۽ نه ئي ڪجھه ڳالھائڻو آھي، ڇو ته توھان جو شناختي ڪارڊ ٺھيل ناھي، توھان کي ڪنھن ڏسي ورتو ته مسئلو ٿي پوندو. جھنگ جو قانون آهي ته شير جي اجازت کانسواءِ ڪير به ھن جھنگ ۾ نٿو اچي سگھي، جيڪڏهن ڪنھن ڏسي ورتو ته ان کي ماريو ويندو آھي.

ڊڊو ۽ لڊو ڳالھه کي سمجھڻ کانپوءِ ھا ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. شينھن ٻئي ھٿ مٿي تي رکي غمگين ويٺو هو، سندس اکيون بند ھيون. ڪاري ۽ چٽڪمري ڪتي سندس اڳيان ھڪ ٽوڪري رکي. شينھن سمجھيو ته ٽوڪري ۾ ڪو تحفو آهي. ڪاري ڪتي چيو، بادشاھه سلامت ھڪ عرض ڪيان، شينھن اجازت ڏني، ته چيائين، ھنن پڇن مان جيڪڏهن ڪو پُڇ راڻيءَ کي پسند اچي ته اسان کي انعام ڏجو. شينھن حيران ٿيو، ٽوڪري ۾ پيل پُڇن کي غور سان ڏسڻ لڳو، ھي ڍڳي جو پڇ! ھي ٻڪري جو پڇ! ھي نوريئڙي جو پڇ! ھي سھي جو پُڇ.... ھي ڇا آھي..؟ ڪاري ڪتي فخر مان چيو، بادشاھه سلامت اسان راڻي لاءِ پڇن جو بندوبست ڪيو آھي. شينھن ڪاوڙ ۾ گجگوڙ ڪندي چوڻ لڳو، توھان وڏو ظلم ڪيو آھي، شينھڻ جي پڇ جي ڪري توھان ايترن جانورن کي لُنڊو ڪري ڇڏيو. دل ٿي چوي ته توھان جا پُڇ ڪٽي مرچ مصالحا وجھي کائي ڇڏيان پر افسوس توھان جا پڇ اڳيئي ڪٽيل آھن، توھان جي ڪري منھنجو نالو ظالم بادشاھن جي لسٽ ۾ لکيو ويندو. ٻئي ڪُتا شرمسار ٿيڻ لڳا، اسان کان غلطي ٿي وئي بادشاھه سلامت. شينھن گجگوڙ ڪندي ٻنھي کي چيو، وڃو جانورن کي پنھنجا پڇ واپس ڪيو ۽ منھنجي طرفان معافي به وٺو، ھاڻي ٽرو منھنجي اکين اڳيان. آئون ھڪ انصاف پسند بادشاھه آھيان. ڪتن پڇن واري ٽوڪري کنئي ۽ ھليا ويا.

ھاٿي ۽ گينڊي جي گھاٽي دوستي لومڙ جي ڪري ختم ٿي وئي هئي، ٻئي ھڪٻئي جا جاني دشمن ٿي پيا. اھي وڙھي وڙھي ٿڪجي پيا ھئا، کين ياد آيو ته شينھن اجلاس گھرايو آھي. ھاٿي سونڍ لھرائيندي چيو، آئون توکي ڏسي رھندس گينڊا. گينڊي چيو، ھل ھل مون به چوڙيون ناهن پاتيون، آئون به توکي ڏسي رھندس. ٻنھي ھڪٻئي کي حقارت مان ڏٺو ۽ پوءِ ھڪڙو ساڄي پاسي ويو ۽ ٻيو کاٻي پاسي. عجيب اتفاق اهو ٿيو ته درٻار جي مين گيٽ تي وري ھڪٻئي جي آمھون سامھون ٿي ويا. ٻئي ايڏا وڏا ھئا جو ھڪئي وقت گيٽ مان داخل نه پئي ٿي سگھيا ۽ ڦاسي پيا. ھاٿي گينڊي کي چيو، اڙي موٽا رستو ڏي. گينڊي به بدتميزي مان چيو، او ڊگھي نڪ وارا رستي تان پري ٿي نه ته سڱ ھڻي ٻه ٽڪرا ڪري ڇڏيندوسانءِ. ھاٿي سونڍ ساڄي کاٻي طرف ڦيريندي چيو، گينڊي جا پٽ تون منھنجي رستي ۾ آيو آھين، سونڍ ھڻي انڌو ڪري ڇڏيندوسانءِ. گينڊي ھاٿي جو مذاق اُڏائيندي پنھنجا ٻئي ھٿ اکين تي رکيا ۽ روئڻ جي اداڪاري ڪرڻ لڳو. جانورو منھنجي سامھون ھڪ وڏي نڪ واري مخلوق بيٺي آهي، ڇا توھان انھي کي ڏسو پيا، آئون ته انڌو ٿي ويو آھيان، الا الا... آئون ته انڌو ٿي ويو آھيان. گينڊي ھاٿي جو مذاق اڏايو. ھاٿي کي به گھڻي ڪاوڙ آئي، درٻار نه ھجي ھا ته کيس مزو چکائي ھا.. ٻيا جانور، ٻنھي جي جھيڙي مان لطف اندوز ٿيڻ لڳا. ان کان پھرين جو ھاٿي ۽ گينڊو ٻکين پون ڪارو ۽ چٽڪمرو ڪتو ڀڄندا آيا ۽ ٻنھي کي ياد ڏياريائون ته ھو شينھن جي درٻار ۾ بيٺا آهن ۽ درٻار جا به ڪجھه آداب ھوندا آھن. درٻار ۾ وڙھڻ منع آهي ۽ شينھن کي جھيڙو ته بلڪل به پسند ناھي. ڪاري ڪتي پھرين شينھن کي اندر داخل ٿيڻ جو اشارو ڪيو ۽ چٽڪمري ڪتي کيس پنھنجي سيٽ ڏيکاري. سڀ جانور خوف ۾ ورتل ھئا. بابا ڪڇون ڪوما درٻار ۾ آيو ته شينھن اسٽيج تان لٿو ۽ بابا ڪڇون ڪوما جا ھٿ چُميا ۽ کيس ھٿ مان وٺي اسٽيج تي آيو. لڊو ۽ ڊڊو خول ۾ لڪا ويٺا هئا، ڪيڏي مھل ٻاھر منھن ڪڍي ڏسي رھيا ھئا ۽ حيران ٿي رھيا ھئا. ٻنھي وڏن جانورن کي ايتري ويجھي کان اڳ نه ڏٺو ھو. اتفاق سان ھاٿي ۽ گينڊي جي سيٽ گڏ ھئي، ٻئي ھڪٻئي کان منھن ڦيري ويھي رھيا. طوطي ۽ مينا جي سيٽ به گڏ ھئي. طوطي پنھنجي چھنب کوليندي چيو، عجيب زمانو اچي ويو آهي، اڄ شينھڻ جو پڇ چوري ٿي ويو آهي، سڀاڻي طوطي جي چُھنب گُم ٿي ويندي، پوءِ آئون ڪيئن ٻوليندس. مينا طوطي کي ٽوڪيندي چيو، ھي درٻار آھي، ھتي ڳالھائڻ منع آهي. طوطي چيو آئون ته ....

(هلندڙ.....)

سنڌي ادبي بورڊ مان نڪرندڙ سنڌ جو خوبصورت رسالو گل ڦل نومبر وارو رسالو ھٿن تائين پھتو جنهن کي پڙھي انتھائي خوشي محسوس ٿي پھريان ته مان شڪر گذار آھيانگل ڦل رسالي جي ايڊيٽر محترم سر رفيق جمالي جو جنهن منهنجي ڪھاڻي پنهنجي خوبصورت رسالي ۾ شايع ڪئي جنهن جو عنوان آھي علي جي ايمانداري ماھوار "گل ڦل ڏانهن پنهنجي ٻي ڪھاڻي ڳوٺ جا رانديگر ٻار جي عنوان سان اماڻي رھيو آھيان اميد آھي ته گل ڦل رسالي ۾ شايع ڪندا ته مھرباني ٿيندي.

عابد حسين ڪنڀر

رحمت الله ڪالوني ٻورڙي روڊ خيرپور ناٿن شاھه

***

السلام عليڪم جناب ايڊيٽر جيئن ته مون ٻه ڪھاڻيون توهان ڏي موڪليون ھيون، توهان گُل ڦُل رسالي جولاءِ ۽ آگسٽ واري شماري ۾ شايع ڪيون. توهان جي مھرباني. مون اڊريس موڪلي ھئي، پر اعزازي ڪاپي ڪانه ملي.

اشرف علي ابڙو

نور مصطفيٰ چوڪ شبير مهر هوٽل تعلقه ڳڙهي ياسين ضلع شڪارپور

***

محترم جناب گُل ڦُل ٽيم جا مانوارا صاحبان السلام عليڪم، عرض اهو آهي ته مون اوهان جو گُل ڦُل رسالو اسڪول (AMS) ۾ پڙهيو. رسالي جون ڪجھه ڪاپيون پڻ خريد ڪيون. رسالي ۾ تمام سُٺي رهنمائي ۽ محنت ٿيل آهي. ماشاءَ الله. محمود صاحب کان گُل ڦُل جون ڪاپيون مليون آهن. ڪافي ناليج ٻارن لاءِ آهي. ربّ پاڪ اوهان کي مزيد ترقي ڏيندو رهي. آءٌ ڪجھه نظم جون لائينون پيش ڪري رهيو آهيان، اُميد آهي ته منھنجو مواد گُل ڦُل ۾ شامل ڪندا. مهرباني. منهنجو پنهنجو پرائيويٽ اسڪول آهي. آءٌ ان جو انچارج پڻ آهيان.

ممتاز علي جوڻيجو

ڏوڪري

***

محترم رفيق جمالي السلام عليڪم، عرض، ته ماهوار گُل ڦُل جو نومبر 2025ع جو تازو شمارو هٿن تائين پهتو آهي، پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي جنهن ۾ سڀني لکندڙن پنهنجو پاڻ موکيو آهي. گرمين جي ڪري طبيعت ناساز ٿي پئي هئي تنهنڪري توهان ڏانهن ڪو مواد موڪلي نه سگهيس. هن ڀيري توهان ڏانهن هڪ نعت ۽ هڪ بيت موڪلي رهيو آهيان، اُميد ته شفقت ڀريو هٿُ رکي گُل ڦُل ۾ شايع ڪندا ته توهان جي وڏي مهرباني ٿيندي. آخري احوال ته، گذريل ٻن ٽن مهينن کان گُل ڦُل ۾ منھنجي نالي آزاد زنگيجو جي بجاءِ افضل زنگيجو لکي موڪليو ٿو وڃي، جيئن ته سنڌي ادب ۾ منهنجي سُڃاڻپ منهنجي قلمي نالي آزاد زنگيجو
سان آهي. تنھنڪري آئنده پوسٽ تي منھنجو قلمي نالو آزاد زنگيجو لکي موڪليندا ته توهان جي مهرباني ٿيندي.

آزاد زنگيجو

خيرپورناٿن شاههجواب: ادا آزاد صاحب اسان مئنيجر ڪتاب گهر کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ان شاء الله آئنده توهان جي ٽپال درست ڪري توهان جي نالي سان اُماڻينداسين. (ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org