سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل ڊسمبر  2025ع

باب:

صفحو:3 

 

 

 

 

 مستقيم محمد علي ڪوريجو (ڪراچي)

مڇي (Fish) بابت غلط فهميون!

ڇا مڇي کائي پوءِ کير پيئجي ته الرجِي يا بيماري ٿي ويندي!!؟

اهو خيال عام ماڻھن ۾ مشھور آهي، ته جيڪڏهن مڇي کائي پوءِ کير پيئجي ته الرجِي يا بيماري ٿي ويندي. پر سائنس مطابق اهو صحيح ناهي. مڇي ۽ کير ٻئي غذائي شيون آهن ۽ انھن کي گڏ کائڻ سان ڪا خاص بيماري نه ٿيندي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهڙا کاڌا عام جام آهن. جتي مڇي ۽ کير يا کير مان ٺھيل شيون گڏ استعمال ڪيون وينديون آهن ۽ ماڻھن کي ڪا به تڪليف نه ٿيندي آهي. ها، البته جيڪڏهن ڪنھن ماڻھوءَ کي اڳ ۾ ئي مڇيءَ يا کير سان الرجِي آهي، ته پوءِ هو انھن کي گڏ يا الڳ الڳ کائڻ سان ڪو به مسئلو محسوس ڪندو. يا ڊاڪٽر جي اجازت کان پوءِ کائي. پر صحتمند ماڻھن لاءِ مڇي ۽ کير گڏ کائڻ سان ڪا خاص الرجِي يا برص ڇل يا (Vitiligo) ٿيڻ جو ڪو به سائنسي ثبوت ناهي. مڇي ۽ کير غذا جا اهم هٿيار آهن. جنھن کي استعمال ڪرڻ سان انسان صحتمند رهندو آهي. انھن جو ضرور استعمال ڪجي.

ڇا مڇي ذهانت وڌائي ٿي؟ مڇيءَ ۾ دماغ لاءِ فائديمند غذائي جزا (Omega-3) هوندا آهن، پر اها ڪنھن کي هڪدم ذهين نٿي بڻائي سگھجي. ننڍي عمر ۾ متوازن کاڌو دماغي واڌ لاءِ اهم آهي. پر وڏي هوندي ۾ مڇي صرف غذائي کوٽ پوري ڪري سگھي ٿي دماغي گُروٿ (Growth) تبديل نٿي ڪري سگھجي.

ڇا مڇي گرم گوشت آهي؟ طبي سائنس ۾ کاڌي کي گرم يا ٿڌو سڏڻ جو تصور موجود ناهي. پروٽين (Protein) هضم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ انرجي لڳندي آهي. جنھن ڪري جسم ۾ حرارت محسوس ٿيندي آهي. هن کي (Thermic Effect of Food) چوندا آهن. باقي مڇيءَ کي گرم سڏڻ هڪ غلط فھمي آهي.

***

احمد رضا چانڊيو (ساٿ پبلڪ اسڪول قاضي احمد)

سهڻا سخن

1. دنيا ۾ غريب اھو ناھي ھوندو جنھن وٽ پئسو ناھي، غريب اھو ھوندو آھي جنھن وٽ سٺو دوست ناھي.

2. ڪوڙ ڳالھائي کٽڻ کان بھتر آھي سچ ڳالھائي ھارائجي.

***


 

عبدالواسع عبد سھندڙو (شڪارپور)

وفا منطور چوهاڻ

}ٻاراڻي ادب جو باوفا ليکڪ {

منظور، محمد ابراهيم چوهاڻ جي گهر ۾ پھرين مارچ 1969ع تي شڪارپور جي چوهاڻ محلا ڪوٽ اختر محمد شيخ ۾ اک کولي. منظور جو والد غريب مسڪين هاري هو. منظور جو ادبي نالو وفا منظور آهي. وفا پنج درجا پاڙي جي اسڪول مان 1980ع ۾ پاس ڪيا. مئٽرڪ هاءِ اسڪول نمبر 2 مان. 1985ع ۾. انٽر شاهه لطيف ڪاليج مان. 1987ع ۾، بي.اي. 1990ع ۾، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪيائين. جڏهن ته پيشه ورانه تعليم  پي.ٽي.سي 1987ع ۾ سکر مان ۽ بي.ايڊ. 1994ع ۾ پڻ خيرپور يونيورسٽيءَ مان پرايائون. اهڙي طرح اَٺ جون 1989ع ۾ پرائمري اُستاد طور مقرر ٿيا.

وفا منظور کي ادبي شوق ننڍپڻ کان وٺي هو. ادبي ماحول پنھنجي گھر کان ئي مليو. هن جو وڏو ڀاءُ ارباب علي عادل چوهاڻ پڻ هڪ سُٺو شاعر آهي. جنھن جي صحبت ۽ محبت مليس. وفا جڏهن ستين درجي ۾ پڙهندو هو ته هن اڻپوري آس نالي سان ڪھاڻي لکي جيڪا جيڪب آباد مان نڪرندڙ رسالي سنڌ سجاڳ ۾  1982ع ۾ ڇپي. ان کان پوءِ ٻارن لاءِ لکڻ جو سندرو ٻڌو ۽ هن طرح گلڙا، ٻالڪ، ٻالڪ رنگ، گُل ڦُل، گُلستان، ارچڪ مرچڪ، ٽانڊاڻو، رانديڪو، هٻڪار، مھراڻ جا تارا، سنگتي، جاڳو ٻالڪ،  ٻارڙا اکين جا تارڙا ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ تخليقون شايع ٿينديون رهيون. ان سان گڏ وفا‘ 1989ع کان شاعري جي کيتر ۾ پير پاتو. اهڙي طرح ٻارن لاءِ سُٺا نظم،  گيت، ٽيڙو، نثري نظم، وغيره لکيا آهن.

وفا منظور وڏاڻي ادب ۽ ٻاراڻي ادب ۾ پاڻ ملھايو آهي. هن ٻاراڻي ادب ۾ ڪيترائي ڪتاب پڌرا ڪيا آهن. جن ۾ ڪاٺ جي عورت،  1995ع، بلخ جو ٻوڙو، 1995ع، عقلمند ڇوڪرو، عبدالرحمان جتوئي سان گڏ 1997ع ۾ عقلمند سپھه سالار (ڪھاڻيون) عبدالرحمان جتوئي سان گڏ 1998ع، اچو ته انگريزي الفابيٽ پڙهون ٻارن لاءِ ٽيڙو 2000ع، پنھنجي ديس جا ٻار پيارا (شاعري) 2001ع، سُٺي تربيت ٻالڪ سنواري (آغا تاج محمد خان جي ٻارن لاءِ شاعري (ترتيب) 2005ع، پورهئي جي اھميت (ٻارن لاءِ تقريرون ۽ شاعري) 2013ع، ابا مون کي پڙهاءِ (ٻارن لاءِ ناٽڪ 2024ع ۽ هوٽل ٽپ ٽاپ 2024ع، شامل آهن.

وفا منظور ٻاراڻي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي. مٿين ڪتابن کان سواءِ وفا ٻاراڻي ادب سان وفا ڪندي هڪ ٻاراڻو رسالو نالي مھراڻ جا تارا به ڪڍيو. جنھن جو پھريون شمارو جنوري - فيبروري 1999ع  ۾ نڪتو. جنھن جا نَوَ شمارا شايع ٿيا. باقي وڏن جي ادبي خدمت ڪندي جيڪڏهن ويھي ليکو ڪجي، ته وفا هن طرف به وسان نه گھٽايو آهي. هيٺ ڪجھه چونڊ ڪتابن جو تذڪرو ڪجي ٿو.ته جيئن وفا منظور جو ادبي ڪٿ ڪري سگھجي.

بلخ جو ٻوڙو:  هيءُ ڪتاب ٻاراڻين ڪھاڻين جو مجموعو آهي. جيڪو منظور بوڪ اسٽور شڪارپور وارن 1995ع ۾ ڇاپيو. ڪھاڻيون شامل آهن، بلخ جو ٻُوڙو، سچي دوستي، بُرائيءَ جي پاڙ، حادثو، بُري صحبت، خواب ۾ نصيحت  ۽ اڻپوري آس شامل آهن. سچي دوستي ڪھاڻي ۾ ٽي اهم ڪردار آهن. هڪ عامر، ٻيو اياز ۽ ٽيون عامر جي ماءُ مريم.

ڪاٺ جي عورت: هيءُ ڪتاب به ٻاراڻي ڪھاڻين تي مشتمل آهي. جنھن ۾ عجيب فيصلو، ڪاٺ جي عورت، نوشيروان جو انصاف، پنج ڪم ڪرڻ گھرجن، ڏکايل گدڙ ۽ حاتم سخي، الله جي سپرد، رحمددل شھزادو ۽ وعدي وفائي (ڪھاڻيون) شامل آهن  هيءُ ڪتاب به منظور بوڪ اسٽور شڪارپور وارن جو 1995ع ۾ ڇپايل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي تاريخي اسلامي ڪھاڻيون آهن جو اچرج ۾ وجھڻ جھڙي فيصلي کي ڪھاڻي  جي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڪاٺ جي عورت هڪ دلچسپ ڪھاڻي آهي. اهو قصو مثنوي شريف ۾ بيان ٿيل آهي. جنھن کي ڪھاڻي جي رنگ ۾ رچايو ويو آهي.

هن ۾ مولانا رومي اها نصيحت ڏيڻ چاهيندو آهي، ته اولاد جڏهن ڄمندو آهي، ته والدين، ڀاءُ، ڀيڻ،  ماما ۽ چاچا اُن کي ڀائيندا آهن. پر جڏهن  مرندو آهي، ته ڪوبه ان سان گڏ نه ويندو آهي. اهڙي طرح ٻيون ڪھاڻيون به ڪونه ڪو مقصد اڳيان رکي لکيون ويون آهن.

وفا منظور ٻاراڻي ڪھاڻين جي کيتر ۾ پاڻ مڃايو آهي. پر ٻاراڻي شاعريءَ ۾ به هن پنھنجي وت ست آهر ڪم ڪيو آهي.

پنھنجي ديس جا ٻار: هيءُ ڪتاب ٻاراڻي شاعريءَ تي مشتمل آهي. جيڪو مھراڻ ادبي سنگت شڪارپور طرفان 2001ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. هن ۾ شاعريءَ جو هر عنوان شامل آهي. حمد، نعت، شاهه ڀٽائي، ڪوئل، گُل ٽڙيا، روشن تارا، علم ٽين اک، عيد آئي، سائيڪل، سيارو، چنڊ، ابا مون کي پڙهاءِ، اسڪول، ڪاري ٻلڙي، شڪارپور، ٻار ۽ گُل وغيره. جھڙا دلچسپ عنوان شامل آهن.

اچو ته انگريزي الفابيٽ پڙهون هي ڪتاب ٻارن لاءِ ٽيڙوءَ جي صورت ۾ منظوم ٿيل آهي. جنھن ۾ سڄي انگريزي الفابيٽ يعني اي کان زيڊ تائين ٽن سٽن  جي مختصر ترين لفظن کي موتين ۾ پوئيو ويو آهي. جنھن ۾ ٻارن لاءِ اي بِي سِي کي سُھڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جيئن اي لاءِ چوي ٿو ته:

اي فـــــــــــار ايـــــــــــپل،

ڏاڍو سُــــــــھڻو ٺـــــھيل آ،

ٻــــــــارو ٽــــــــاور ايـــــــفل.

زيڊ لاءِ چوي ٿو ته:

زيــــــــــــڊ فـــــــــــــار زپ،

غريبن جــــي جُھڳيءَ مان،

مينھن ٽـــمي ٿو ٽپ ٽپ.

اهڙيءَ طرح هر اکر جي سامھون مناسبت سان تصوير ڏنل آهي جنھن سان ٻارن جو تجسس اڃا به وڌي ٿو.

وفا منظور چوهاڻ مھراڻ ادبي سنگت جي بانيڪارن مان هڪ آهي. جنھن جو بنياد 31 آڪٽوبر 1992ع تي پيو، هن وقت پاڻ ان جا روح روان آهن.  وفا ايترا انعام ۽ اڪرام حاصل ڪيا آهن، جو انھن جي ڊگھي لسٽ آهي. دعوة اڪيڊمي اسلام آباد پاران 1993ع ۾ ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ، دعوة اڪيڊمي اسلام آباد سنڌ شعبي پاران ڪھاڻي نويسيءَ جي مقابلي ۾  1998ع  ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪندي، هڪ هزار نقد ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيائون. عباسي ڪلھوڙا تنظيم طرفان 1999ع ۾ ٻاراڻي ادب تي تنوير عباسي ايوارڊ مليو. بھرحال وفا منظور چوهاڻ جون ٻاراڻي ادب ۾ ڪيل خدمتون يادگار رهڻ جھڙيون آهن.


 

مقبول احمد عباسي

ڪنڊيارو

انسانذات کان نفرت نه ڪجي

هڪ دفعي حضرت سائين عبدالڪريم قريشيرح ٻير شريف وارن پنھنجي مجلس مبارڪ ۾ فرمايو، ته انسانذات کان نفرت نه ڪجي. انسان اشرف المخلوقات آهي. هيءَ جدا ڳالھه آهي، ته انسان پاڻ پنھنجي اشرفيت کي وڃائي. يعني حق جو انڪار ڪري  ۽ بدعمليءَ جو مظاهرو ڪري. نه ته آهي عزت وارو ۽ حضرت آدم عليھ السلام جي اولاد مان آهي. حضرت مولانا سائين عطاءُ الله شاهه بخاري رح جو مشھور قصو آهي، ته  ان هڪ ڀنگيءَ کي پاڻ سان گڏ ويھاري ماني کارائي. بزرگ جي اهڙي ورتاءُ جو ان تي اهڙو اثر پيو جو اهو پنھنجن ٻارن ٻچن (گھروارن) سميت اچي شاهه صاحب جي هٿ تي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيو.

حضرت سائين ٻير شريفرح وارن فرمايو، ته مان ڪنھن وقت ڪنڊياري جي مدرسي ۾ پڙائيندو هيس بچل نالي ڀنگي مدرسي جي صفائي ڪرڻ آيو، ته ان سان پنھنجو ننڍڙو ٻارڙو (پنجن ڇھن سالن جو) گڏ هيو. صفائيءَ دوران ٻارڙي ان کان پاڻي گھريو ته ڀنگي پيءُ کيس دڙڪو ڏيئي چيو ته چُپ ڪر گھر هلي پيئجانءِ. مان انھيءَ ڀنگيءَ جي ڳالھه ٻُڌي ورتي. مون وٽ ان وقت وڏن ڪتابن جا طالب پڙهندا هئا. مان هڪ طالب علم کي چيو ته مَٽَ مان هڪ گلاس ڀري آءُ. اهو طالب علم پاڻيءَ جو گلاس ڀري آيو. مون ڀنگيءَ کي سڏي چيو ته وَٺُ هيءُ پاڻي ٻار کي پيئار. هن چيو نه سائين مان گھر وڃي پيئاريندومانس.

مون زوريءَ سان گلاس ڏنومانس، هو ٻار کي پاڻي پيئاري هليو ويو. مون طالبن کان پڇيو هو ته هن گلاس ۾ پاڻي پيئندؤ...؟ سمورن طالبن انڪار ڪيو، مون اهو گلاس پنھنجي گھر ڏي موڪلي ڏنو. ۽ انھيءَ کي صاف ڪري استعمال ڪرڻ لڳاسين. مون مدرسي جي لاءِ نئون گلاس گھرائي رکيو.

پيارا ٻارؤ! توهان ۽ اسان کي ان مان سبق پرائڻ گھرجي ته انسانذات کان نفرت نه ڪريون ۽ بنا فرق جي پوري انسانذات جي خدمت ڪريون. ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي کي ڪم اچون. ان شاءَ الله ان جا سُٺا نتيجا ظاهر ٿيندا ۽ ربّ ڪريم به راضي ٿي پوندو ۽ حديث مبارڪ ۾ آهي، ته توهان زمين وارن تي رحم ڪريو، ته آئون آسمان وارو توهان تي رحم ڪريان ۽ جيئن توهان رساليگُل ڦُل ڊسمبر 2024ع، جي شماري ۾ پڙهيو ته، ٿامس باٽا کي انساني خدمت ڪرڻ  جي ڪري ياد ڪيو وڃي ٿو.

پيارا ٻارؤ! جيڪڏهن اسان به انھن بزرگن وانگر سُٺا ڪم ڪنداسين ته ان شاءَ الله  اسان جي مري وڃڻ کان پوءِ به، دنيا وارا اسان کي سُٺن لفظن ۾ ياد ڪندا رهندا.

ڀاونا

ميرپورخاص

ننڍي ڌيءَ جي بهادري

هڪ واپاري هو. جنھن جون ٽي ڌيئرون هيون ۽ اهي ٽي ئي ڌيئرون خوبصورت به هيون. هڪڙي ڏينھن واپاري واپار لاءِ ويو ۽ ٽنھين ڌيئرن کي گھر ڇڏي نڪري ويو. هلندي هلندي واپاريءَ کان رستو وڃائجي ويو. اڳتي هلي نيٺ واپاريءَ کي هڪڙو محل نظر آيو. واپاري ان محل جي اندر ويو هليو. محل جي اندر هڪڙو راڪاس هو. ان راڪاس واپاري ڏسي چيو، ته تون منھنجو مھمان آهين. آءٌ تنهنجي خدمت ڪندس پر توکي منهنجي هڪڙي ڳالهه رکڻي پوندي، ته تون هن محل جي ڪابه شيءِ کي چوريندين ڪون جي  اگر تو ان محل جي ڪنھن به شيءِ کي نقصان پهچايو، ته توکي پنهنجي سڀ کان قيمتي شيءِ مون کي ڏيڻي پوندي.

واپس ويندي وقت واپاريءَ کي هڪڙو گُل ڏاڍو پسند آيو ۽ واپاري اهو گُل پٽي ورتو، ته انهيءَ ڳالھه تي راڪاس ڪاوڙجي چيو ته هاڻي تون مون کي قيمتي شيءِ ڏيندين ۽ اهو به پنج سالن لاءِ. واپاري پريشان ٿيندي چيو، ته مون کي ٿورو وقت ڏي ته آءٌ گهر وڃي سوچيان ۽ پوءِ توکي قيمتي شيءِ ڏيان.

راڪاس منع ڪيو، ته توتي ڀروسو ڪونه آهي. پوءِ واپاري هن سان واعدو ڪيو، ته آءٌ واپس به ايندس ۽ پنھنجي قيمتي شيءِ به توکي ڏيندس. انھيءِ ڳالھه تي راڪاس نيٺ مڃي ويو.

واپاري گھر ويندي ئي پنهنجي ڌيئرن کي اها ڳالھه ٻُڌائي ۽ واپاري دل ۾ سوچيو، ته مون کي منهنجي ننڍي ڌيءُ سڀني کان وڌيڪ پياري آهي.

ٿوري دير کان پوءِ واپاري جي ننڍي ڌيءُ چيو، ته بابا آءٌ هن راڪاس ڏي ويندس. پوءِ واپاري پنھنجي مايوس دل سان پنھنجي ننڍي ڌيءَ کي راڪاس جي حوالي ڪري ڇڏيو. پوءِ انھن پنجن سالن ۾ جڏهن ننڍي ڌيءَ جي وڃڻ جو وقت آيو، ته راڪاس مايوس ٿي ويو ۽ آخري چڪر ان کان پڇيو، ته ڇا تون مون سان شادي ڪنديئن؟

تنهن ڪو جواب ڪونه ڏنو. ان سان راڪاس جو دل نه ڀريو ته وري هن سوال پڇيو، ته ننڍي ڌيءَ جواب ڪونه ڏنو ته پوءِ آخري چڪر هن کان پڇيو، ته تون مون سان شادي ڪنديئن؟

هن چيو ها! پوءِ راڪاس هڪ شھزادو ٿي ويندو آهي. پوءِ هنن ٻنھي پاڻ ۾ شادي ڪري ڇڏي ۽ هو خوشي خوشي زندگي گذارڻ لڳا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org