سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل ڊسمبر  2025ع

باب:

صفحو:2 

سِڪايل شاهزيب جمن (ڪلاس نائون)

آراضي/سيوھڻ

وطن جا ٻارڙا

رونق وطن جي ٻارڙا،

زينت وطن جي ٻارڙا.

گھرن ۾ سھڻا لڳن،

محبت وطن جي ٻارڙا.

سکن پيا ۽ کلن پيا،

محنت وطن جي ٻارڙا.

وطنَ کي روشن ڪندا،

دولت وطن جي ٻارڙا.

هنن سان نالو ملڪ جو،

شھرت وطن جي ٻارڙا.

ملڪ ٿو روشن ٿئي،

عزت وطن جي ٻارڙا.

هر طرف ڪيڏيون خوشيون،

جنت وطن جي ٻارڙا.

سِڪايل شاهزيب چئي،

رحمت وطن جي ٻارڙا.

***


 

مرزا گُل حسن احسن ڪربلائي

حيدرآباد

عدل ۽ انصاف

ڪنھن شيءِ کي ٻن برابر ڀاڱن ۾ اهڙي طرح ورهائجي جو ان ٻن ڀاڱن ۾ تِر برابر به تفاوت نه هجي. عربي ۾ ان کي عدل چوندا آهن. انساني وصفن ۾ عدل ۽ انصاف هڪ اهڙي صفت آهي، جنھن جي سبب کان انسان خالق ۽ مخلوق ٻنھي جي ويجھو مقبول ٿي وڃي ٿو ۽ ٻئي ان کي عزيز رکن ٿا.

حضرت محمّد رسول اللهﷺ جيتوڻيڪ رحيم ۽ ڪريم هئا. ڏوهاري کي به معافي ڏيڻ سندن ڪم هو. پر عدل ۽ انصاف ۾ ڪنھن جي رعايت نه ڪندا هئا. هن خاص وصف ۾ نبوت ملڻ کان اڳ، سندن عدل ۽ انصاف تي عربن کي پورو پورو ڀروسو هوندو هو. اهو ئي سبب هو، جو کين نبوت ملڻ کان اڳ به ڪيترن ئي معاملن ۾ امين مقرر ڪندا هئا.

سندن زندگيءَ جي واقعن ۾ هيءُ واقعو مشھور آهي، ته جڏهن ڪعبة الله شريف جي جاءِ نئن سرجوڙائي وئي. تڏهن  هن مذهبي ڪم ۾ سڀئي قبيلا شامل هئا. ڪم پوري ٿيڻ کان پوءِ جڏهن حجر اسود لڳائڻ جو وقت آيو، تڏهن هر قبيلي جي مرضي هئي، ته حجر اسود اسين کڻي لڳايون. ان جي رکڻ واسطي بحث ٿيڻ لڳا. بلڪ هر شخص جي مرضي هئي، ته مون کي هي فخر حاصل ٿئي ۽ منھنجي محلي جي طرف حجر اسود جو مُنھن رهي. انھن جو هي جھيڙو وڌي ويو ۽ هر هڪ ماڻھو هڪ ٻئي کي قتل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. نيٺ هي فيصلو ڪيائون، ته سڀاڻي جيڪو شخص ڪعبه شريف ۾ سڀني کان پھرين ايندو، اُهو هن باري ۾ جيڪي چوندو، اُن جي راءِ تي هلبو. ٻئي ڏينھن صبح جو سڀني کان اڳ حضرت محمّدﷺ جن ڪعبي ۾ آيا ۽ هي معاملو سندن اڳيان پيش ڪيو ويو.

جنھن تي پاڻ اُٿي بيٺا ۽ پنھنجي چادر مبارڪ وڇائي، حجر اسود اُن تي رکي چوڻ لڳا، ته هر هڪ قبيلي جو سردار اچي چادر جي پاسن کي جھلي کڻي، جڏهن حجر اسود پنھنجي جاءِ تي کڻي آيا، تڏهن حضرت محمّدﷺ جن پنھنجي هٿن سان ان کي کڻي ڪعبه جي ڀت ۾ لڳايو.

اهڙيءَ طرح هي جھيڙو ٽرِي ويو. قريش سندن هي انصاف ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خونريزي جا خيال، انھن جي دلين مان نڪري ويا ۽ هر هڪ ماڻھو راضي ٿي، خوشي خوشي پنھنجي پنھنجي گھر هليو ويو.

عدل ۽ انصاف جي باري ۾ مٽ مائٽ يا ويجھي ۾ ويجھو لاڳاپو رکندڙ ماڻھو به هوندو هو، ته پاڻ ڪريمﷺ اُن جي به رعايت نه ڪندا هئا.

هڪ ڀيري هڪ عورت جيڪا قريش خاندان مان هئي، چوري ڪيائين. قريش جي عزت جي لحاظ سان قريشن جي سردارن جي مرضي هئي، ته هو ان عورت کي سزا کان بچائي وڃن ۽ هي معاملو اُتي دٻجي وڃي. قريش جي سردارن، جناب اُسامه بن زيد  کي (جيڪو حضرت محمّدﷺ جن جو خاص دوست هو) ماڻھن ان کي چيو، ته توهان حضرت محمّدﷺ کي سفارش ڪريو. جنھن تي ان اصحابيءَ حضرت محمّدﷺ جن کي معافي ڏيڻ جي درخواست ڪئي. حضرت محمّدﷺ جن ماڻھو گڏ ڪري چوڻ لڳا، ته توهان کان اڳ جيڪي قومون هيون، سي انھيءَ ڪري برباد ٿيون، جو جڏهن ڪو سردار ڏوهه ڪندو هو، ته اُن  کي معافي ڏيندا هئا. پر جي ڪو غريب گناهه ڪندو هو، ته اُن کي سزا ڏيندا هئا. خدا جو قسم جيڪڏهن اُن عورت جي جڳھه تي فاطمه بنت محمّدﷺ به چوري ڪري ها، ته اُن جا به هٿ وڍيا وڃن ها.

انصاف جي معاملي ۾ حضرت محمّدﷺ جن مسلمان ۽ غير مسلمان نه ڏسندا هئا، بلڪ سڀني سان هڪ جھڙو عدل ۽ انصاف ڪندا هئا. مدينه منوره ۾ هڪڙي ڏينھن هڪ مسلمان ۽ هڪ يھودي ۾ جھيڙو ٿي پيو. جيئن ته حضرت محمّدﷺ جن جي ايمانداري، عدل ۽ انصاف کي دشمن به مڃيندا هئا. يھودي حق تي هو. تنھن مسلمان کي چيو، ته اُٿ هل جيڪو فيصلو تنھنجو پيغمبر صاحب ڪندو، سو مون کي قبول آهي. نيٺ گھڻي رد بدل کان پوءِ يھودي اُن مسلمان کي حضرت محمّدﷺ جن جي ڪچھري ۾ وٺي آيو ۽ سارو احوال ٻُڌايو. انھن ٻنھي جو احوال ٻُڌي ڪري، پاڻ ڪريمﷺ جن مسلمان جي ڪابه پاسداري نه ڪئي ۽ يھودي جي حق ۾ فيصلو ڪيائون.

***


 

نصرالله نھڙيو

لياکڙو/مٺي

ننڍن ٻارن لاءِ نماز جي نصيحت

پيارا ٻارڙا! ربّ پاڪ اسان سڀني کي پيار ڪندو آهي، ۽ هو چاهي ٿو، ته اسان روزانو نماز پڙهون. نماز اسان لاءِ هڪ خوبصورت تحفو آهي، جيئن مائرون پنھنجي ٻارن کي تحفو ڏين ٿيون ربّ پاڪ به نماز جي صورت ۾ اسان کي تحفو ڏنو آهي.

نماز سان دل صاف ٿئي ٿي، برڪت اچي ٿي، ۽ ربّ پاڪ اسان کان خوش ٿيندو آهي. جڏهن اسان نماز پڙهون ٿا، ته ڄڻ اسان سڌو ربّ پاڪ سان ڳالھايون ٿا. هُو ٻڌي ٿو، ڏسي ٿو ۽ خوش ٿيندو آهي. جيئن توهان اسڪول ۾ وقت تي وڃو ٿا، ائين ئي نماز به وقت تي پڙهڻ گھرجي.

صبح جي نماز جيئن سج اُڀرڻ کان اڳ جاڳڻ جو انعام، ظھر ۽ عصر پڙهڻ سان دل ٿڌي ٿئي، مغرب ۽ عشاء پڙهڻ سان رات برڪت واري ٿي وڃي ٿي. جيڪڏهن توهان روز نماز پڙهندا، ته ربّ پاڪ توهان جي دل ۾ نور ڀريندو، توهان کي  عقل، ادب، ۽ عزت ڏيندو.

پيارا ٻارؤ! روز پنج وقت نماز پڙهو، بابا امان ۽ سڀني سان گڏ. ته ربّ پاڪ هميشه خوش رهي، ۽ اسان کي دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ ڪامياب ڪري.

***


 

مھر فقير

ڪراچي

سنڌي ٻِاراڻو ادب

 

ادب مطلب رڳو ادب ئي ادب. اهو ادب انسان کي وڏي عظمت ٿو بخشي. جيڪو انسان ادب جي واٽ سان ٿو هلي، انھيءَ کي ادب هميشه ياد ۽ زنده ٿو رکي. واقعي ئي ادب وڏو عظيم آهي. پر انھيءَ ادب ۾ جڏهن ٻاراڻي ادب جو ذڪر ٿو اچي يا ڪجي، ته ادب ويتر نکار ۾ ٿو اچي ۽ ان وقت ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ، آسمان تي چوڏهينءَ جو چنڊ ظاهر ٿيو هجي ڇو ته ٻاراڻي ادب کان بغير ڪوبه ادب اڻپورو آهي. اهڙو اڻپورو ادب ڪنھن به ڪم جو ناهي هوندو. سچ ته ٻاراڻو ادب ئي سونھن ۽ حُسن جو اهو آبشار يا چشمو آهي، جيڪو سدائين گلاب جي گُلَ وانگيان ٽڙيل رهي ڪري، خوشبوءِ سان تَر کي واسيندو ٿو رهي.

ٻار ڪيترو نه پيارو ۽ محبوب لفظ آهي. ٻار جنھن هنج يا جنھن گھر ۾ نه هجي، ته اها هنج ۽ اهو گھر ويران هوندو آهي. ٻارَ جو مُرڪڻ مَنَ کي مُعطر ڪندو آهي. ٻار جا ٽھڪ دنيا جي هر موسيقيءَ کان مٿي، اُتم ۽ اعليٰ هوندا آهن. ٻار جي هر کَڄندڙ وکَ ايندڙ وقت جي لاءِ سگھه ۽ طاقت هوندي آهي. ٻار جو ڀاڪُر هر ٿَڪُ ختم ڪري ڇڏيندو آهي. ٻار جي چُمي ڪاوڙ کي فنا ڪري پيار ۽ محبت کي جنم ڏيندي آهي. ها اهو ٻار آئنده لاءِ آڌار ۽ مستقبل جو معمار آهي. ٻار کي ٻارن وارو پيار گھرجي، ٻار کي اهڙو پيار ڏجي جو هن جي جيون ۾ ڪڏهن به ڪو ڏکيو وقت نه اچي. پر جي اچي به ته هُو اُن ڏکئي وقت کي پيار جي طاقت سان مُنھن ڏئي ڪاميابي حاصل ڪري. اهو پيار آهي علم ۽ ادب جو پيار، ڇو ته جنھن وٽ علم هوندو آهي، اُن کي دنيا جي ڪا به طاقت ناڪام ڪري يا ختم ڪري ناهي سگھندي ۽ علم به اهو علم جنھن ۾ ادب هجي، ڇو ته اهو علم بيڪار علم هوندو آهي، جيڪو ادب کان خالي هوندو آهي.

ادب تان ياد آيو، ته ڪنھن وقت ۾ ڪراچي منجھان روزاني جاڳو اخبار شايع ٿيندي هئي. جنھن ۾ ٻارن جي لاءِ پابندي سان هفتيوار صفحو شايع ٿيندو هو. جنھن جو ڪافي وقت تائين مرحوم گلشن شيخ انچارج هو. اهڙيءَ ريت هلال پاڪستان اخبار ۾ به ٻالڪ صفحو شايع ٿيندو هو. پر افسوس جو جاڳو اخبار ته بند ٿي وئي، پر هلال پاڪستان وارن به صفحي جو معيار گھٽائي ڇڏيو. اڳ وانگر باضابطا طور تي صفحو ناهي رهيو. ان ڪري اخباري ادارن ۽ اخبارن جي مالڪن ۽ ايڊيٽرن کي گھرجي، ته ٻارن جي لاءِ هر هفتي ٻالڪ صفحو پابندي سان شايع ڪن.

ٻاراڻو ادب اڄ به تخليق ٿي رهيو آهي. ٻاراڻي ادب سان چاهه رکندڙ شاعر ۽ اديب اڄ به پنھنجي ناماچاري خاطر هڙان ۽ وڙان جي بنياد تي ڪتاب شايع ڪرائي ۽ ورهائي رهيا آهن. ورهائڻ مطلب گفٽ يا تحفي جو ذڪر ٿو ڪجي، ته اها ورهاست ياري باشي تحت ٿئي ٿي، ته جيئن ڪو ان تي تبصرو ڪري ۽ نالي کي هٿي ملي. پر هجڻ ايئن گھرجي، ته اهي ٻارن جي شاعريءَ جا ڪتاب اسڪولن ۾ ورهايا وڃن، ته جيئن انھن ڪتابن جو مطالعو خود ٻار به ڪري سگھن. سو جيڪڏهن اهو ۽ اهڙو عمل نٿو ڪيو وڃي، ته پوءِ اهو ٻاراڻو ادب ڪنھن ٻار لاءِ لاڀائتو نٿو ٿي سگھي. اول ته ٻارن کي اها به خبر ناهي، ته ٻارن جا شاعر ڪھڙا آهن. ڪھڙا ٻاراڻا رسالا يا ڪتاب شايع ٿين ٿا. اها ڄاڻ ٻارن کي تڏهن ملندي، جڏهن اهي رسالا ۽ اهي ڪتاب ٻارن جي هٿن تائين رسائي حاصل ڪندا .

ڪو وقت هوندو هو، جڏهن مختلف شھرن مان ماهوار بنياد تي ٻارڙن جي ذهني اوسر، علمي، عملي تربيت ۽ اوسر خاطر رسالا شايع ٿيندا هئا. پر هاڻي ته شايد ڪو PDF  سطح تي به ڪونھي. جيڪو هڪ الميو ته آهي ئي آهي. هڪ طرح سان ٻاراڻي ادب جو زوال به آهي. باقي جيڪي ليکڪ يا ليکڪائون ٻارن لاءِ پاڻ پتوڙي لکن پيا، ته اهو مواد به صرف اخبارن جو پيٽ ٿو ڀري يا وري ڪٻٽن ۾ قيديءَ وانگر عمر قيد جي سزا ٿو ڪاٽي. مطلب ته جيڪو ڪمائي سو ئي کائي وارو جھان ٿو هلي. جيڪو عمل ٻين کي گرهه کان محروم رکِي بُکَ مارڻ وارو عمل آهي.

ڪجھه ڏينھن پھرين فيس بوڪ تي هڪ رپورٽ نظر منجھان گُذري، جنھن سچ پچ ۾ مَنَ کي موهي وڌو ۽ ڏاڍي خوشي محسوس ڪيم. ان وقت سوچڻ لڳس، ته جيڪڏهن اسان جا سنڌي اديب جيڪي خاص ڪري ٻارن جي مواد سان دلچسپي رکن ٿا ۽ ڪتاب شايع ڪرائن ٿا، ته انھن کي به اهڙو عمل ڪرڻ گھرجي. سائين خالد ڀٽيءَ جو ترجمو ڪيل ٻارن لاءِ ناوليٽ شرارتي روبوٽ جون ڪاپيون شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ورھايون ويون. واهه قسم سان اهو عمل ڏسي ڪري دل باغ بھار ٿي وئي، ته اڃان ڪي آهن جوڳيئڙا هن جوءِ ۾.

ٻارن جي لاءِ هن وقت منھنجي سروي مطابق سنڌي ادبي بورڊ طرفان هر مھيني پابندي سان شايع ٿيندڙ رسالو گُل ڦُل ئي آهي، جنھن ۾ ٻارڙن جي لاءِ بھتر کان بھترين مواد شايع ٿي رهيو آهي ۽ اها به هڪ حقيقت آهي، ته اڪثر ڪري ٻارن جي شاعري ڪندڙ يا ٻاراڻو ادب سرجيندڙ شاعر جن اڳتي هلي وڏو نالو ڪمايو، انھن جي پيڙهه گُل ڦُل کان ئي ٿي. مطلب ته هُو گُل ڦُل جي معرفت سان ئي اڳتي وڌيا ۽ هاڻ به ڪيترائي نئين ٽھيءَ جا ليکڪ ۽ شاعر پابنديءَ سان واڳيل آهن. ٻيو ته گُل ڦُل ۾ ماضيءَ جي روايتن کي برقرار رکندي، ٻارن لاءِ هر قسم جو بھترين مواد ڇپجي رهيو آهي. جيڪو هڪ ٻار پڙهڻ لاءِ طلبي ٿو يا جيڪو ٻار کي پڙهڻ گھرجي.

هتي آخر ۾ وري به رسالن ۽ اخباري ادارن کي عرض ڪندس، ته ٻارن جي ادب کي اوليت جي بنياد تي شايع ڪرڻ خاطر ڪي صفحا مختص ڪريو ۽ شاعر دوستن کي چئو، ته اهي ٻارن لاءِ شاعري ڪن. ڇو ته ٻار ئي هن سماج، معاشري ۽ مستقبل جو اصل بنياد آهي. اُميد ٿي ڪجي، ته ادارا هن عرض تي عمل ڪري، ٻارن جي شعوري سگھه ۽ ذهني اوسر خاطر ڪو عملي قدم ضرور کڻندا.

***

 

سيد اعجاز علي شاهه رضوي

حيدرآباد

رنِي ڪوٽ جي آتم ڪهاڻي

پيارا ٻارؤ! توهان مان گھڻن منھنجو نالو ٻُڌو هوندو. ڪي مون کي راڻي ڪوٽ، ڪي نيرون ڪوٽ، ته ڪي وري دلوراءِ جو ڪوٽ سڏين ٿا. ڪي مون کي سا سانين جي وقت جو سڏين ٿا، ته ڪي وري ايرانين جي وقت جو سڏين ٿا، (پھرين صدي قبل مسيح) پر مان اوهان کي پنھنجي اصليت ٻُڌايان ٿو.

منھنجو اصل نالو علي آباد پر نئن
رني ڪري مون کي رني ڪوٽ چوندا آهن. جنھن جي معنيٰ آهي، پاڻيءَ جي وهڪ وارو ڪوٽ ڇو جو منھنجي وچ مان هڪ قدرتي نئن (وڏي نالي) ٺھيل آهي. جنھن ۾ برسات پوڻ ڪري، پاڻي وهي ايندو آهي. انھيءَ مان گھڻو پاڻي وهي ويندو آهي، پوءِ به چڱي انداز ۾ پاڻي رهجي ويندو آهي. جيڪو ٻارنھن ئي مھينا مون وٽ به رهندو آهي، نه صرف ايترو بلڪ مون وٽ هڪ چشمو به آهي، جنھن مان مون وٽ رهندڙ ماڻھو پاڻي پي سگھن ٿا ۽ مينھن جو گڏ ٿيل پاڻي، پوکِي راهي لاءِ ڪم آڻي سگھجي ٿو. مون  کي نه ته سا سانين جوڙايو هو، نه سڪندر بادشاهه جوڙايو هو ۽ نه وري ايرانين اڏايو هو. پر مون کي سنڌ جي حاڪمن مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي ٽالپور 1819ع ۾ ٺھرايو هو. منھنجي تعمير واري نگراني سپھه سالار نواب ولي محمد لغاري ڪئي هئي. سنڌ جا حاڪم مير (ٽالپر) گھڻو ڪري شڪار ڪرڻ ايندا هئا. انھيءَ وقت ۾ منھنجي ڀرسان هرڻ، چيتا، گڊ ۽ جھنگلي ٻڪر جام هوندا هئا. مير صاحبان شڪار ڪري، اچي مون وٽ ترسندا هئا. انھن ٻڪرن ۽ هرڻن کي ڪُھي ٻوڙ پُلاءُ به اُتي تيار ڪري کائيندا هئا. انھيءَ وقت مون وٽ مزائي مزا لڳا پيا هوندا هئا. ميرن سان گڏ ٻيا به ڪيترائي راڄ جا ماڻھو ايندا هئا. راڳ رنگ، کِلَ ڀوڳ ۽ ڪچھريون تمام مزي واريون ٿينديون هيون. مينھن جي موسم ۾ مون وٽ ڏاڍا مزا هوندا هئا، مينھن پوڻ کان پوءِ، جھنگ جا جانور خوشيءَ ۾ ٻاهر نڪري ايندا هئا ۽ وٺي گجگوڙيون ڪندا هئا. انھن گجگوڙين ڪري ڪي جانور ڊڄندا به هئا ۽ اچي منھنجي ڀَرِ ۾ لِڪندا هئا ۽ آءٌ انھن کي پنھنجي چرن ۽ غارن ۾ پناهه ڏيندو هوس. مينھن جي ڏينھن ۾ شڪار جا شوقين مون وٽ خاص طرح ايندا هئا. جڏهن مينھن گھڻو پوندو هو، ته پوءِ ماڻھو مون کان ٿورو ڀَؤُ به ڪندا هئا. ڇو ته جبلن جو پاڻي اچي منھنجي نئن ۾ اچي ڪٺو ٿيندو هو. جڏهن پاڻي مون وٽان لنگھندو هو، ته ان جو شور ۽ گوڙ خوف پيدا ڪندو هو. مون کي مٿي اول جبل تي ٺاهيو ويو آهي. جتي ڀلي کڻي ٻوڏ اچي، پر مون کي ڀَؤ نه ڀولو. آءٌ مينھن واءُ کان سُڪ آهيان. منھنجي چوڌاري ڇھن فوٽن جي ويڪري ڀتِ ڏنل آهي.  جيڪا جبلن جي پٿرن مان ٺھيل آهي. ان جي وچ ۾ سوراخ نڪتل آهن. جتان تِير ۽ گولا وسائي سگھجن ٿا. وري ڀتِ جي مضبوطي لاءِ ٿُلھا ٺُلھه به ٺھيل آهن. ان سان گڏ منھنجي چوڌاري هڪ کاهِي به کوٽيل آهي. منھنجي ويجھڙ ۾ نه ڪا وسَندي آهي، نه پاڻي. ان ڪري جي دشمن اچن، ته گھڻو وقت تائين اتي ترسي نه ٿا سگھن. وري ڀتِ جي اوٽَ ۾ ويٺل منھنجي سنڀال ڪندڙ سپاهي، انھن کي سوراخن مان تِير ۽ گولا وسائي ماري ڀَڄائي ڪڍن ٿا. ڀتِ ۾ سوراخ اهڙا نڪتل آهن، جو دشمن جي سپاهين جي نظر به نه پوي.

پيارا ٻارؤ! مون کي ٺاهڻ جو اصل مقصد به اهو هو، ته جي دشمنن جو حملو ٿئي ته انھن کي اهڙي اٽڪل سان ڀڄائي ڪڍجي ۽ ضرورت وقت سنڌ جا حاڪم پنھنجي ٻچن ۽ عوام کي پناهه ۾ رکي سگھن. ميرن پنھنجي دؤر حڪومت ۾ ٻيا به ڪيترائي قلعا ٺھرايا هئا.

پيارا ٻارؤ! جي مون کي ڏسڻ ۽ گُھمڻ اچو، ته پوءِ سن ريلوي اسٽيشن جي ڏکڻ  اولھه طرف 18 ميلن جي پنڌ تي تعلقي ٿاڻي بولا خان جي ديھه رني ڪوٽ (اها ديھه به منھنجي نالي تي آهي) تي اچو. مون ڏانھن اچڻ لاءِ ڪوبه سواري جو بندوبست ٿيل نه آهي. ان ڪري سواري جو بندوبست اوهان کي ڪرڻو پوندو. مون وٽ اندر اچڻ لاءِ چار دروازا ٺھيل آهن. انھن مان اوڀر کان سن دروازو، اولھه کان موهن دروازو، اُتر کان آمري دروازو، ۽ ڏکڻ کان شاھه پور دروازو ٺھيل آهي. منھنجي اندران جيڪا نئن وهي ٿي، اها موهن دروازي کان ٿيندي سن دروازي کان ٻاهر نڪري ٿي.

توهان کي خبر آهي، ته مان ڪيترو  وڏو آھيان ۽ ڪيترو مٿي آهيان؟ چڱو اهو به ٿو ٻُڌايان. آءٌ ويھه کن ميلن تي پکڙيل آهيان ۽ سمنڊ کان ٻه هزار فُٽ مٿي آهيان. اوهان جڏهن مون کي ڏسڻ ۽ گُھمڻ لاءِ هڪ وڏي دروازي وٽان داخل ٿيندا، ته اوهان کي وچ تي ٻه محراب نظر ايندا. اڳي اُتي چوڪيدار ويھندا هئا. اُهي ٽُپي اندر ايندا، ته اوهان کي ٻه ننڍا ڪوٽ نظر ايندا. انھن مان هڪ جو نالو ميري ڪوٽ ۽ ٻئي جو نالو شير ڳڙهه ڪوٽ آهي. ميري ڪوٽ ۾ اندر ٽي وڏا ڪمرا آهن.۽ وري انھن مان هرهڪ ڪمري ۾ ٻه ٽي ڀتِيون نڪتل آهن. انھن جي اڳيان هڪ تمام وڏو ڪمرو، يا کڻي سمجھو ته هال ٺھيل آهي. اڳي ميرن جي وقت هن ڪوٽ ۾ درٻار لڳندي هئي. ماڻھن جا فيصلا ٿيندا هئا. ساڳئي وقت اندرئين ڪمرن ۾ حڪمرانن جا ٻار رهندا هئا. ٻيو ڪوٽ شير ڳڙهه، موهن دروازي کي ويجھو آهي. هن ڪوٽ جون ڀتِيون ويڪريون آهن. هي سمورو ڪوٽ کُليل آهي. هتي پٿرن سان پاڻي جو حوض جُڙيل آهي. جتي پاڻي گڏ ڪري رکبو هو. هي ڪوٽ ايترو مٿي آهي، جو اُن تان بيھي سڄي ڪوٽ جو نظارو ڪري سگھجي ٿو. منھنجي شاهدي ٺھرائڻ لاءِ ميرن جي اڳوڻي وزير نواب ولي محمد لغاري، جنھن بابت آءٌ اڳيئي ٻُڌائي آيو آهيان، ته هن منھنجي ٺھڻ واري ڪم جي نگراني ڪئي هئي. هن پنھنجي ڪلام ۾ منھنجي ٺاهڻ جي وقت، سال ۽ خرچ جو اندازو ٻُڌايو آهي.

پيارا ٻارؤ! توهان کي خبر آهي، ته ان وقت مون تي ڪل ڪيترو خرچ آيو؟ وقت ڪيترو لڳو؟ ظاهر آهي، ته اها خبر توهان کي ڪانه هوندي! مان اوهان کي ٻُڌايان ٿو! مون تي ڪل خرچ 17 لک رپيا آيو. اهو ڪم سال  1819ع ۾  جُڙي راس ٿيو!

***


 

عبدالوهاب سومرو ڪلاس ستون گورنمينٽ هاءِ اسڪول مولا بخش شر ٺري ميرواهه

اُستاد سيرت سنواريندڙ

مان انتھائي ٿورائتو آهيان. پنھنجي مھربان اُستاد امداد علي جوگيءَ جو جنھن پرائمري اسڪول حاجي ولي محمد سومرو ۾ علم ۽ سکيا سندا ٻه اکر لکڻ پڙهڻ جي قابل بڻايو.اُتي ڪجهه بهترين دوست به مليا جن جي ساٿ ۾ پڙهڻ جو اڃا به گھڻو چاھه جاڳيو. مان اُستاد ۽ پنھنجي دوستن جو گهڻو شڪرگذار آهيان. مان گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مولا بخش شر ۾ داخلا ورتي. اتي به تمام سٺا اُستاد مليا. اُستاد اھڙو ڪردار آھي جيڪو هڪ ڏاڪي کان ٻئي ڏاڪي تائين پھچائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. اُستادَ جاھلن کي عالم بڻائين ٿا، سُتلن کي سُجاڳ ڪن ٿا. اسان جا والدين پڻ اسان جا عظيم رهبر ۽ استادَ  آهن. اسان کي اُستادن جي تربيت نصيب ٿئي ٿي. اھا انسان کي خوبصورت بڻائي ٿي. اُستادن جي اھڙي تربيت اڳتي ھلي معاشري ۾ جيون کي سُرخرو بڻائي ٿي. تڏھن ته امداد حسيني چيو آهي، ته

سُستيءَ مان ڇا هڙ حاصلُ، قدم وڌائي اڳتي هَلُ.

علم ته سچ جي واٽ، واٽ انهيءَ تي هلندو هلُ.

پيارا ٻارؤ! اسان اوهان سڀني ٻارن کي سُستي نه ڪرڻ گهرجي. استادن جي ڏنل تعليم ۽ تربيت سان ڪاميابيون ماڻيندا رھون، ته هڪ ڏينهن اسان سڀني کي استادن جي پيار ڀري درس و تدريس ۽ دُعائن جو ڦَلُ ضرور ملندو.

مئٽرڪ جو ڪورس اهڙي طرح هجڻ گھرجي، جو ٻارن کي تعليم سان گڏوگڏ هنر به سيکاريو وڃي. ته جيئن ٻار کي خبر پوي، ته ان کي ڪھڙي فيلڊ اختيار ڪرڻ کپي ۽ ڏسجي ته ان کي ڪھڙي شعبي ۾ دلچسپي آهي.

منھنجو خيال آهي، ته هاڻي رٽا سسٽم کي ختم ڪيو وڃي. شاگردن کي مئٽرڪ کان پوءِ گھڻي تعليم ٽيڪنيڪل سبجيڪٽ ۾ ڏني وڃي. هفتي ۾ ٻه ڏينھن جمعو ۽ ڇنڇر نصابي ڪتابن کي بند ڪري، ٻارن کي هُنر سيکاريو وڃي.

مڪينڪ:

خاص طور تي ٻارن کي موٽر سائيڪل جي پُرزن جي ڄاڻ سان گڏ، انجڻ ۽ وائرنگ جي ڄاڻ ڏني وڃي. ڏٺو ويو آهي، ته اڪثر شاگرد اسڪوٽرن تي اسڪول اچن ٿا. اُهي ڪڏهن ڪڏهن اسڪوٽر  جي خراب ٿيڻ ڪري، رستن تي بيٺا هوندا آهن. هن عمل سان سندن هيءُ مسئلو حل ٿي ويندو.

بجليءَ جو ڪم:

ٻارن کي اسڪولن ۾ بجليءَ جو ڪم به سيکاريو وڃي، ته انڊر گرائونڊ وائرنگ ڪيئن ڪبي آهي. فزڪس ۾ ان ڪم جا باب ته آهن، ٿيوري جي طور تي. پر ٻارن کي پريڪٽيڪل طور تي سمجھايو ۽ سيکاريو، ته جيئن ٻار غريب هئڻ جي باوجود اسڪول ٽائيم کان پوءِ هي ڪم ڪري، پنھنجي پڙهائي جاري رکي سگھن.

گھر جو ڊاڪٽر:

ٻارن کي بلڊ پريشر معلوم ڪرڻ، شگر ٽيسٽ ڪرڻ ۽ وين (Vein) ۾ انجيڪشن لڳائڻ سيکاريو وڃي. اهي ڪم ٻار لاءِ ضروري آهن. جيڪو زندگيءَ جي هر مرحلي لاءِ ٻار کي ڪم ايندو آهي.

موبائيل رپيئرنگ ۽ سافٽويئر:

اڄ جي ترقي يافته دؤر ۾ ٻار کي موبائيل جي بنا پڙهائڻ ناممڪن آهي. تنھنڪري ٻار کي موبائل جي مرمت جو هر ڪم سيکارجي، سافٽويئر اپ ڊيٽ ڪيئن ڪجي.

پنھنجو پئسو پنھنجو ڪاروبار:

موڪلن دوران ٻارن ۾ اهو رجحان پيدا ڪجي، ته فضول خرچي بدران پنج پنج ٻار گڏ ٿي ڪو ننڍڙو دڪان پاڻ جيڏن ٻارن جو کولين، ته جيئن انھن کي، ڪنھن ڪاروبار هلائڻ جو شوق پيدا ٿئي ۽ ڪم ڪرڻ جو طريقو پڻ سکِي سگھندا.

ڪمپيوٽر جي ڄاڻ:

جيئن ته هن جديد دؤر ۾ ٻارن کي وڊيو گيم کيڏڻ کان علاوه، ڪمپيوٽر جي هلائڻ مان فائدن جي آگاهي ڏني وڃي. سافٽويئر ۽ هارڊويئر جي ڄاڻ ڏيڻ گھرجي. ان سان گڏ انٽرنيٽ جي ڄاڻ به ڏني وڃي، ته انٽرنيٽ جي ذريعي آساني سان ڪيئن مسئلا حل ٿي سگھن ٿا

مارڪيٽنگ ڪرڻ:

ٻارن ۾ اعتماد پيدا ڪيو وڃي، ته اهي بھترين مارڪيٽنگ ڪيئن ڪري سگھن ٿا. پنھنجيون شيون سيل ڪرڻ جو هُنر به سيکاريو وڃي. جيڪو اُستادن کان بھتر کين ڪير به سيکاري نٿو سگھي. والدين کان وڌيڪ اعتماد ٻارن کي اسڪول جي ماحول ۽ پنھنجن اُستادن کان ملي ٿو.

هاڻي وقت آيو آهي، ته ٻارن کي موجوده ڪھاڻين سان گڏوگڏ، مئٽرڪ ڪلاس تائين مڪمل پريڪٽيڪل تعليم ڏني وڃي، ته جيئن ٻار اڳتي هلي بيروزگاريءَ کان بچي وڃي ۽ کين نوڪري نه به ملي، ته پنھنجو باعزت روزگار ڪري سگھن. اسان جي وطن عزيز مان بيروزگاري ختم ٿئي ۽  اڳتي هلي ملڪ جو هر نوجوان پنھنجو باعزت روزگار ڪري سگھي.
 

ورکا هاشم

پبلڪ اسڪول/ميرپورخاص

ڪڏهن به همٿ نه ڇڏڻ گهرجي!!

هڪ غريب ڇوڪري هوندي هئي، جنھن جو نالو راڻي هوندو هو. ڏاڍي غريب ۽ مسڪين هوندي هئي، گھر ۾ رُکو سُکو کائي پيا وقت ڪاٽيندا هئا. ان جو پيءُ مزدور هوندو  هو ۽ ان جي ماءُ ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري، گھر جو خرچو پيا هلائيندا هئا. ان جي گھر ڀرسان اميرن جا گھر هوندا هئا، راڻي انھن گھرن کي روز ڏسندي هئي ۽ چوندي هئي، ته ڪاش! مان اسڪول پڙھي سگھان ها، ته منھنجو به اهڙو گھر هجي ها! پر هن همٿ نه ڇڏي، پوءِ جڏهن اسڪول جو وقت ٿيندو هو، ته هُو پڙهڻ لاءِ ويندي هئي. پر ان وٽ نه ڪتاب هئا نه ڪاپيون هيون. پوءِ هوءَ سوچيندي هئي، ته آءٌ ڪيئن پڙهان. پوءِ ڪلاس جي دريءَ کان ٻئي پاسي ڏسي سمجھندي ويندي هئي ۽ پڙهندي هئي. هيءَ زمين تي لکندي هئي. ربّ پاڪ ان کي ائين ڪامياب ڪيو. هن پھرين کان وٺي ٻارهين ڪلاس تائين ائين ڪيو. جڏهن وڏي ٿي، ته ڊاڪٽر ٿي وئي پنھنجي ماءُ پيءُ کي ڏاڍو خوش رکيائين.

پيارا ٻارؤ! تڏهن ته چوندا آهن، ته ڪڏهن به همٿ نه ڇڏڻ گھرجي.)

***


 

احسان احمد عباسي

چنيھاڻي/ڪنڊيارو

گِلا ڪرڻ وڏو گناهه آهي!!

ڪنھن ماڻھوءَ جي غير موجودگيءَ ۾  ان جي بُرائي ۽ عيب بيان ڪرڻ کي گِلا چئبو آھي. جيڪڏھن اُن ۾ اھا بُرائي ۽ عيب موجود نه آهي ته پوءِ اهو بُھتان آھي ۽ اھو گِلا کان به وڏو سخت گناهه آهي.

هر مُعاشري ۽ ماڻھن ۾ ڪيتريون ئي خراب عادتون ھونديون آھن، انھن ۾ گِلا ڪرڻ به هڪ آهي. گِلا ڪرڻ هڪ وڏو گناهه آهي. ربّ تعالى گِلا ڪرڻ کان سخت منع ڪئي آهي. قرآن مجيد ۾ فرمان الاهي آهي، ته ترجمو: ڪنھن به ماڻھوءَ جي گِلا ڪرڻ ائين آھي ڄڻ ته گِلا ڪرڻ واري پنھنجي مئل ڀاءَ جو گوشت کاڌو.

اهڙو ڪير آھي جيڪو پنھنجي مئل ڀاءَ جو گوشت کائڻ پسند ڪندو؟. قرآن مجيد جي ھن فرمان مان معلوم ٿيو ته گِلا ڪرڻ ڪيترو بُرو عمل آهي. ٻئي ماڻھوءَ جي دل ڏُکائڻ ۽ ان جي عزت کي نقصان پھچائڻ ربّ تعاليٰ وٽ ناقابل معافي ڏوهه آهي. ان ڪري گِلا ڪرڻ جو گُناهه تمام وڏو ٻُڌايو ويو آهي.

گِلا ڪرڻ رڳو ڪنھن جي زبان سان بُرائي بيان ڪرڻ نه آهي، پر ڪنھن به شخص جي عيب ظاهر ڪرڻ، اکين سان اشارو ڪرڻ ۽ هٿن جي ذريعي نقل ڪرڻ به گِلا ۾ شامل آهي.

گلا جا نقصان: گِلا جا ڪيترائي نقصان آهن. جيئن گِلا ڪرڻ سان پاڻ ۾ نفرت پئدا ٿئي ٿي. گِلا ڪرڻ وارو بي عزتو ٿئي ٿو. گِلا ڪرڻ وارو ربّ تعاليٰ جي سامھون  ذليل ۽ رسوا ٿئي ٿو. گِلا ڪرڻ واري تي ماڻھو ڀروسو نه ٿا ڪن. گِلا ڪرڻ سان سماج ۾ سُڪون ختم ٿي وڃي ٿو.

گلا کان بچڻ جو طريقو:  هر قسم جي اجائي ڳالھين کان بچڻ گھرجي. مطلب ته زبان جھڙي نعمت کي صحيح استعمال ڪرڻ گھرجي. زبان جي ذريعي انسان آخرت جي لاءِ نيڪيون ذخيرو ڪري رکندو آھي يا انھيءَ ذريعي نيڪيون برباد ڪري ڇڏيندو آھي.  تنھنڪري گھڻين حديثن ۾ زبان کي قابو رکڻ ۽ گھٽ ڳالھائڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آھي.

گُلڙن جھڙا پيارا ٻارؤ! اسان کي گھرجي ته اسان اُن بُري عمل (گلا) کان پاسو ڪريون پنھنجي زبان سان سنڀالي ڳالھايون. ڪنھن جي عيب جوئي نه ڪريون، ڪا اھڙي ڳالھه زبان تي نه آڻيون، جنھن سان ٻين کي تڪليف پھچي. اسان کي گھرجي ته اهڙين خراب عادتن کان بچون ۽ اهڙا ڪم ڪندا رهون. جن سان الله تعاليٰ ۽ ان جو رسول محمد صلي الله عليھ وسلم جن راضي ٿين ۽ معاشري ۾ گڏ رهندڙ عزت، محبت، پيار ۽ سُک سڪون سان رهي سگھن.

***

انيلان عطا حسين شر (ڪلاس ٻارهون)

گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺري ميرواهه

اُستاد هڪ ڏيئو آهي

آءٌ هونئن ته ڪا ليکڪه نه آهيان، جو اُستادن جي عظمت تي ايڏو تفصيل سان لکِي سگھان. پر دل چاهي ٿي، ته هن عظيم هستيءَ يعني اُستادن کي لفظن جي ننڍڙي ڀيٽا پيش ڪريان. جيڪو آءٌ پنھنجو فرض سمجھان ٿي. اُستاد هڪ ٻرندڙ ڏيئو آهي. جيڪڏهن اهو وسامِي ويندو، ته اُونداهي ٿي ويندي آهي. شاھه عبداللطيف ڀٽائيرح فرمايو آهي:

جِت نه پکيءَ پيرُ، تتي ٽمڪي باهڙي،

ٻِيو ٻاريندو ڪيرُ، کاهوڙڪي کَيرَ ري.

اُستاد ڪو عام شعبو نه آهي، پر اُستاد هڪ اهڙو شعبو آهي، جيڪو نسلن جي تقدير سنواري ٿو. لفظاُستاد عربي زبان مان نڪتل آهي. جنھن جي معنيٰ آهي، تعليم ڏيڻ وارو. ان جو مطلب اهڙو شخص آهي، جيڪو شاگردن کي علم، تعليم يا زندگي جي رستن تي هلڻ سيکاري ٿو. اُستاد صرف نصابي ماهر نه آهي، پر اُستاد ڪامياب زندگي گذارڻ جي هنر سيکارڻ جو به ماهر آهي. اُستاد هر وقت شاگردن کي حوصلو ڏيندا آهن. جڏهن اهي مشڪلاتن کي منھن ڏيندا آهن ۽ انھيءَ  دوران انھن جي غلطين کي سڌاري اڳتي وڌڻ جي سکيا ڏين ٿا. حقيقي اُستادَ پنھنجي علم ۽ عمل سان شاگردن لاءِ هڪ روشن مثال بڻجي سگھن ٿا. هڪ اُستادَ جو عمل، ان جا لفظ ۽ ان جو سُھڻو طريقو شاگردن کي متاثر ڪندو آهي. اُستاد صرف ڪتابن تائين محدود نه آهن، بلڪه اهي سماجي ذميوارين، انسانيت ۽ اخلاقيات ۾ پڻ شاگردن جا مددگار ٿين ٿا. اُستاد هڪ اهڙو فرد آهي، جيڪو شاگردن کي زندگي ۾ سکڻ، سوچڻ ۽ سمجھڻ جو رستو پڻ ڏيکاري ٿو. ڪنھن ڏاهي جو قول آهي، ته سکڻ کان پوءِ سمجھڻ جو علم آهي ۽ سمجھڻ انسان کي سچائيءَ سان ڳنڍيندو آهي. سچو شاگرد اهو آهي، جيڪو اُستاد جي هميشه عزت ڪري.

***

فضا مگسي (ڪلاس ٻارهون) گورنمينٽ گرلز هائير سيڪينڊري اسڪول شاهه پور چاڪر

هاريءَ جي ڪهاڻي

ممتاز هڪ هاري آهي. هي محنتي ۽ ايماندار ماڻھو آهي. پنھنجو ڪم پوري انصاف سان ڪري ٿو. ممتاز ڪڏهن به محنت ڪرڻ کان ڪيٻائيندو ناهي ۽ سدائين پنھنجي فرضن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن جو سڄو ڏينھن ڪم ڪندي گذرندو آهي. هو صبح جو سوير اُٿندو آهي ۽ پنھنجي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳي ويندو آهي. سج لھڻ تائين هو فصلن جي سنڀال، زمين جي آبادڪاري ۽ پاڻيءَ ڏيڻ ۾ مصروف رهندو آهي. هو ايتري محنت ان ڪري ڪندو آهي، ته سندس محنت ڪرڻ جو ڦَل ملي، ته سندس خاندان کي خوشحال رکي سگھي. ممتاز جي گھر ۾ سندس زال ۽ ٽي ٻار رهندا آهن. هو ان لاءِ محنت ڪندو آهي، ته سندس ٻارن کي سُٺي تعليم ڏئي سگھي ۽ خوش رکي سگھي. پر افسوس ته هو جيترو ڪمائيندو آھي ان کي ايترو محنت جو ڦَلُ ملندو ئي ناهي.

پيارا ٻارؤ! ربّ ۾ اُميد آهي ته هڪ ڏينھن هن جي محنت رنگ لائيندي ۽ هن جا ٻار سُٺي تعليم سان گڏوگڏ خوشحال پڻ رهي سگھندا ۽ پنھنجي والدين ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪندا.

***

شُمائلا عطا حسين شر (ڪلاس ٻارهون)

گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺري ميرواھه

اُستاد کي سلام

 

اُستاد ڪنھن به قوم لاءِ اهڙو سرچشمو آهي، جيڪو نسلن کي علم، شعور، اخلاق ۽ تربيت ڏئي ٿو. جيئن ماءُ ٻار کي جنم ڏئي ٿي، تيئن اُستاد ان ٻار کي علم ۽ عقل سان سنواري ٿو. تڏهن ته ڪنھن شاعر اُستاد بابت چيو آهي،

اُستـــــاد جــــي عـــزت ڪـر،

اُستاد ئي آهي روشني جو گھر.

اُستاد اسان جي زندگيءَ کي بدلائي ٿو. شاگردن کي اونداهين مان ڪڍي علم جي روشني ڏئي ٿو. ارسطو چيو: اُستاد کي والدين کان وڌيڪ عزت ڏيڻ گھرجي. ڇو ته والدين زندگي ڏين ٿا، پر اُستاد زندگيءَ کي صحيح رخ ڏئي ٿو.

جيڪا قوم ۽ معاشرو اُستادن کي عزت ڏئي ٿو، اهو ملڪ ڪڏهن به پوئتي نه ٿو رهي. اُستادن جي مھرباني سان ئي سائنسدان، ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل ۽ سياستدان تيار ٿين ٿا. توهان سوچي ڏسو، هڪ حقيقي اُستاد نه صرف پڙهائيندو آهي، پر شاگردن جي دلين ۾ محبت، سچائي ۽ محنت جي جذبي کي به پيدا ڪندو آهي! ان حوالي سان هڪ شاعر جون سٽون آهن ته:

جيڪو ڏئي علم جو اُجالو،

سو آهي دنيا جو سچو حوالو.

اُستاد آهي قومن جو سھارو،

اُستاد بنان سڀ ڪجھه اجايو.

اُستاد بابت علامه اقبالرح چيو، ته اُستاد جي خدمت قومن جي عظمت جو راز آهي. اُستاد ئي آهي، جيڪو پُٺِ تي پيل قومن کي ترقيءَ جي راهه سيکاري ٿو. انسانيت جي عزت ڏياري ۽ دنيا کي علم ۽ شعور سان روشن ڪري ٿو.

پيارا ٻارؤ! انھيءَ ڪري اسان سڀني تي ذميواري آهي، ته اسين پنھنجي اُستادن جي عزت ڪريون. انھن جي ڳالھين تي عمل ڪريون ۽ هميشه سندن خدمتگذار بڻجون، ڇو ته اُستاد ئي آهي، جيڪو اسان جي مستقبل جو تعميرڪار آهي. ان ڪري آءٌ پنھنجي اُستادن جي عظمت کي سلام پيش ڪريان ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org