|


[05]
حوصلو حَيرَتَ ۾ ويڇُون ٿِي وِئو
حُسنُ حَقَ سَندو، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَڪِين.
سمجھاڻي:
حيرت (جي حالت) ۾ پهچڻ سان عقل پرزا پرزا ٿي وڃي
ٿو، انهيءَ ڪري (جيڪو معرفت جي رستي تي هلندڙ
ناهي) جيڪو انڌو آهي، اهو حقيقي حسن کي ڪيئن سڃاڻي
سگهندو.
[06]
حوصلو حيرَتَ ۾ وڃي ٿِئو ويڇون
مَحَبَتَ جيون ميڇُون، ڪُورُ پَروڙي ڪِينيڪِين.
سمجھاڻي:
حيرت جو مرحلو اهڙو آهي جتي سمجهه ۽ سُرت ذرا ذرا
ٿي وڃن ٿا. محبت جا راز ۽ اشارا انڌا (راهه کان اڻ
واقف) ڪونه سمجهي سگهندا.
[07]
حوصلو حَيرَتَ ۾ آهِ نه مَٿي عام
محَبَتَ سِندِي مامَ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينڪِين.
سمجھاڻي:
حيرت واري هنڌ تي حوصلو برقرار رکڻ اهو عام ماڻھن
جو ڪم ناهي (ان جي مجال کان ٻاهر آهي.) محبت جي
گهجھارت کي انڌو ڪڏهن ڪونه سمجهي سگهندو.
[08]
حوصلو حيرَتَ ۾ وَڃي لَڄاڻُو
ويچارو ڪاڻُو، ڏِسي ٿو ڏِسَڻَ کي.
سمجھاڻي:
حيرت جي مرحلي تي عقل توڙي هوش پنھنجي بيوسيءَ جي
ڪري شرمسار ٿئي ٿو. هن جو مثال ان ڪاڻي شخص وانگر
آهي، جيڪو شيءِ کي پوريءَ طرح ڏسي نٿو سگھي (ڇو ته
هو هميشه اڌ يا ڪجھه حصو ڏسي ٿو) ان ڪري هو سڄي
صورت کي ڏسڻ لاءِ وري وري ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو (پر
هو ڪڏهن به سڄي نٿو ڏسي سگھي!)
[09]
حَقِيقَت هَڻِي، مُنهِنجِي جانِ جُدا ڪَئِي
هِڪُ پَساهُ پِرينءَ ري سگهان تان نه کَڻِي
ڌَڻِي ۽ ڌَڻِي، رَهيو آهِمِ رُوحَ ۾.
سمجھاڻي:
حقيقت (واري جلوي) منهنجو ساهه ڪڍي مون کي بي جان
ڪري ڇڏيو آهي. هينئر منهنجو اهو حال آهي، جو آءٌ
هڪ دم به ان محبوب کان سواءِ نٿو کڻي سگهان. هن
کان سواءِ منهنجو رنده رهڻ محال آهي، بس اهو مالڪ
۽ محبوب ئي منهنجي اندر ۾ باقي رهجي ويو آهي،
(ائين جو آءٌ هن کان سواءِ هڪ ساهه نه اندر کڻي ٿو
سگهان ۽ نه ٻاهر ڪڍي ٿو سگھان.)
شاهه جو رسالو
سُر
’آسا‘
داستان پھريون. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو،
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ

محمد ياسين ڪنڀر
سلطانپور/پنوعاقل
حمّد
تون ذُوالجَلالُ آهين تون ئي جَليلُ آهين.
تون ذوالجَمالُ آهين ڏاڍو جَميلُ آهين.
ھر حمّدُ ٿو جُڳائي توکي ڌڻِي بلاشڪ،
سنسارَ جِي تون ٻُڌندو ھَر قالَ قيل آهين.
ھردردَ جِي دَوا تون ھر مرضَ جي شِفا تون.
ڪنھن کي ڪندو چڱو تون ڪنھن کي عليلُ آهين.
ڪو سيٺ ٿو سَڏائي ڪَنھن جا ته حالَ هيڻا،
ڪنھن کي ڪَثير ڏيندو، ڪَنھن کي قَليلُ آهين.
جنھن در ڇڏيو آ تنھنجو دَرِ درِ ڌڪا ٿو کائي.
مشرڪ کي تون ڪندو پوءِ خُوارُ و ذليلُ آهين.
حق تي ھلي ٿو جيڪو توحيد کي مڃي ٿو،
اُن کي بڻائيندو تون پَنھنجو خَليلُ آهين.
توکان ڳجھو نه ڪجھه ڀي، رازن کان باخبر تون،
ڄاڻيندو منھنجا مولا اَصل و اَصيلُ آهين.
ذات و صفات ۾ ھڪ يڪتا يگانو ياور،
پنھنجو خدا تون خود ئي بيشڪ دليل آهين.
ايمانُ و عِلم عزّت رَکجان
صِحَت
کي سالِم،
’ياسين‘
جو ته ياربّ تون ئي ڪَفيلُ آهين.
صوفي عبدالقيوم جکراڻي
(جيڪب آباد)
نعتيه بيت

آيو عربي ڄامﷺ، اسان لئي عيدون ٿيون،
پڙھو پرت منجھان سڀ صلواة و سلام،
ڏک ڏولاوا ڏور ٿيا، آيا خوشين جا ايام،
”خمر
صبح و شام، ڪر خوشيون آيو عربيﷺ آ،“
آيو عربي احمدﷺ آ، مُحمّدﷺ منٺار،
مھڙ مڙني مرسلن، سو سيدالابرارﷺ،
”عبدالقيوم“
عاصين لئه ڪوڙين ٿيا قرار،
لٿا غم غبار، خوشيون آيون
”خمر“
چئي.
خوشيون آيون
”خمر“
چئي، ٿيا ڏک ڏولاوا ڏُور،
آئي عربيءَ ڄامﷺ جي، ٿيا دفع سڀئي سُور،
ظلم ظلمتن جا سڀ مَٽجي ويا دستور،
’قيوم‘
ڪل قصور، ٿيا معاف مُھابي مدنيءَ جي.
معاف مُھابي مدنيءَ ﷺ جي، ٿيون مَندايون،
”عبدالقيوم“
اسان جي لئه آيون سرھايون،
”خمر“
ارھايون، ويون مٽجي ساري ملڪ مان.
***
امداد جسڪاڻي
پنوعاقل/سکر
قومي ڏينهن ملهايو
پنھنجي ثقافت پياري آهي،
ٽوپي اجرڪ واري آھي.
پاڻ جمالو ڳايون ويٺا،
تنھن تي جھومر پايون ويٺا.
پَڳَ اسان جي پٽڪو آهي،
دشمن لئه ھي دڙڪو آھي.
ڪوڏر ساڻ ڪُھاڙِي آهي،
شھپر سان گڏ ڏاڙهي آهي.
ننڍڙن ڀي آ نينھن نڀايو،
قومي آھي ڏينهن ملھايو.
***

غلام محمد غازي (شڪارپور)
گوادر بندرگاهه
سمنڊ ڪناري هڪڙو مھاڻو،
گوادر بابت سوچي راڻو.
خواب اسان جو پورو ٿيندو،
گوادر ٺھندو راحت ڏيندو.
چوڌاري پيا ٻيڙا ترندا،
مُلڪن سان پيا واپار به هلندا.
گوادر بندر گاهه وڏو آ،
ويندس ڏسندس اڳ نه ڏٺو آ.
هتڙي مھاڻا مڇي ماريندا،
۽ ڪي ئي ڪارخانا ٺھندا.
سڙڪان ٺھنديون روڊ به ٺھندا،
ريل جي خاطر رستا به ٺھندا.
ماڻھو بلوچستان جا ڏسجو،
هر ڪو ئي خوشحال ٿي رهندو.
ملڪ جو مانُ مٿانھون ٿيندو،
گھر گھر ۾ وڌ ناڻو ايندو.
ملڪ اسان جي پاسن وارا،
ايندا ڏسندا خوب نظارا.
قدرت جي هڪ هڪ نعمت سان،
ملڪ کي مالا مال ڏسئون ٿا.
گوادر بندر گاهه اي
’غازي‘،
ڏسڻ هلئون ٿا ٿي پئو رازي.
امداد سروري
آراضي/سيوھڻ
ايڪتا جو ڏهاڙو
ايڪتا جو ڏهاڙو آهي اعزاز اسان جو،
سنڌ منھنجي جِند هڪ آواز اسان جو.
سڀ جھومي نچن ٿا ته ٻُڍا ٻارَ ۽ جوانَ،
دم مست قلندر تي وڄي سازُ اسان جو.
دنيا ۾ نرالي آ سنڌي قوم اسان جي،
اجرڪ، ٽوپي پٽڪي ۾ آ، پرواز اسان جو.
هن سنڌ جي مٽيءَ ۾ ڏسُ درويش آرامي،
قلندر ۽ ڀٽائيءَ تي آهي نازُ اسان جو.
مقبول ساري ملڪ ۾ درگاهون اسان جون،
سچل، سرور نوح ۽ شھباز اسان جو.
مشھور آهي سنڌ جي مھمان نوازي،
دشمن به سمجھي ڪونه سگھيو راز اسان جو.
’امداد
سروري‘
هي سچي آهي حقيقت،
ڇا راز، ڇا نياز، ڇا انداز اسان جو.
***

شفيق عاصم منگي
شڪارپور
ٻالڪن ٻولي
ٻالڪ ٻولن ٻاتِي ٻولي،
ڪيڏي سُھڻي سادِي سَوَلِي.
لفطن ۾ ڀي صافُ سچائي،
گُلڙن جھڙي رنگَ رتولِي.
سوچ فڪر کان آجا جَن لئي،
ڇانوَ ڇَپَر جيجل جي جھولِي.
مُرڪون ماڻا مَھڪن مُکَ تي،
هرڪا ڏسُ ڄڻُ آهه پرولِي.
ميٺُ محبتَ هَرجا جَھلڪي،
پاتَل ڄڻُ تَنِ قربَ ڪڙولِي.
کيجُ خوشيءَ مان ٻارن لاتو،
’عاصم‘
ڪيڏو ٺاهي ٽولِي.
***

ارباب علي
’عادل‘
چوهاڻ
شڪارپور
ٻالڪ
روز اسڪول ٻالڪ پڙھڻ ٿا وڃن
چاھ مان علم حاصل ڪرڻ ٿا وڃن
علم بلڪل خزائو. ته اڻ کٽ اٿئي
ان منجھان جھول پنھنجي ڀرڻ ٿاوڃن
جاگرافي سنڌي شھريت دينيات
ٻار انگلش رياضي سکڻ ٿا وڃن
بيت توڙي سبق پاڻ پڙھندا نظم
بڪ سليٽون پٽيون پڻ لکڻ ٿا وڃن
علم جو جت وھي ٿو سمنڊ بي بھا
ان منجھان پاڻ موتي ڪڍڻ ٿا وڃن
ڪيئن پڙھائي ٿا ڪن ٻار اسڪول ۾
خوبصورت سو منظر ڏسڻ ٿا وڃن
ھر جڳھ کان اچي خوب مھڪار ٿي
علم جي پاڻ خوشبوء سنگھڻ ٿا وڃن
روز اسڪول ساجھر سويرو سدا
ساٿين سان ملڻ ۽ جلڻ ٿا وڃن
ڪوٽ اختر محمد شڪارپور ۾،
علم
’عادل‘
کان ٻالڪ وٺڻ ٿا وڃن.
***
عزير احمد
’عزير‘
علوي
الفقير اڪيڊمي/شڪارپور
ڪتاب
ٿو منزل تي پاڻھي پُڄائي ڪتاب،
وڏي عھدي تي پڻ رسائي ڪتاب.
سچو دوست همدم، ڀلارو بلاشڪ،
پڙھڻ وقت ڄڻ ٿو ڳالھائي ڪتاب.
ڪتابن ۾ اعلي اتم ڄاڻ آهي،
قصا اڳلا پڻ ٿو ٻڌائي ڪتاب.
’سُونھارو‘
به اسلامي پنھنجو ادب آ،
سدا علم سڀ جو وڌائي ڪتاب.
رکو سارا چاھت ڪتابن جي دل ۾،
سدائين پڙھو دل لڳائي ڪتاب.
پڙھڻ سان کُلن راز مخفِي سمورا،
ٿو معلومات من ۾ مچائي ڪتاب.
برابر حقيقت کي کولي ڇڏي ٿو،
دلين کي به پيارا سجائي ڪتاب.
جڏھن کوليان ٿو انھيءَ کي مان مٺڙا،
’عزير‘
کي ٿو سچو دڳ وٺائي ڪتاب.
آزاد زنگيجو
خيرپور ناٿن شاهه
ڏيئو
رات کي روشن! بڻائي ٿو ڏيئو،
ٿو ٿرن ۽ هن برن کي پيو،
۽ ڪکائن هن گهرن کي پيو،
ڏس سدا گلشن!
بڻائي ٿو ڏيئو!
پاڻ نوڙي ٿو لڪائي ڏس،
جوت پنهنجي ٿو بچائي ڏس،
شاد روز چمن!
بڻائي ٿو ڏيئو!
روز
’آزاد‘
واٽ ويندن کي،
ٿو ڏسي هو راهه! ايندن کي،
ديد کي درپن!
بڻائي ٿو ڏيئو.
***

خير محمد لاکو
سڪرنڊ
سُلڇڻو ٻارُ
اول عبادت ڪيان الله جي،
پوءِ خدمت مٺڙي ماءُ جي.
صبح سويري ڏندڻ روز ڏيان،
وهنجي سھنجي ڊريس پھريان.
وقت تي آءٌ اسڪول وڃان،
موڪل ملي موٽي گھر اچان.
جيڪو امان آڻي ڏي اڳيان،
کائي خدا جو شڪر ڪريان.
پوش ڪتابن تي پاڻ چاڙھيان،
مٽيءَ مر کان تن کي بچايان.
جيت جڙا مور نه ماريان،
پکِي پکڻ کي پاڻي پياريان.
اوڙي پاڙي جو خيال رکان،
ڪنھن جي چوري ڪِين ڪيان.
’خيرمحمد‘
جھيڙي کان آھي بيزار،
سڏيم سڀ ڪو سُلڇڻو ٻار.
***
ممتاز علي جوڻيجو (ڏوڪري)
گُل ڦُل
اسان گُل ڦُل آهيون ٻار،
الله ضامن ذميوار.
اسين ڌڻ تون ڌنار،
سخي ناهين اسان کان ڌار،
مالڪ لھج اسان جي سار.
اسان گُل ڦُل آهيون ٻار،
الله ضامن ذميوار.
ماءُ کان وڌ تنھنجو پيار،
اسين مستقبل جا معمار،
خدا راهه ڪجان هموار.
اسان گُل ڦُل آهيون ٻار،
الله ضامن ذميوار.
اسين سڀ پاڪستاني ٻار،
سڀ پرچم جا پڳدار،
ملڪ ڪنداسين گلزار.
اسان گُل ڦُل آهيون ٻار،
الله ضامن ذميوار.
لکي پڙهي ٿينداسين هوشيار،
پاڪستان هميشه ڪنداسين نروار،
وطن سان اسان کي آهي پيار.
اسان گُل ڦُل آهيون ٻار،
الله ضامن ذميوار.
سنڌي، بلوچي، پنجابي ۽ پٺاڻ دودا آهيون يار،
غدار ٿي جلد ڌار، ورنه ڪنداسين هڪ وار،
ڌرتيءَ سان آهي اسان کي هر وقت پيار.
اسان گُل ڦُل آهيون ٻار،
الله ضامن ذميوار.
***
محمد پناهه بروهي
شڪارپور
گُل ڦُل جا گُلڙا
اول نام الله شروع ٿو ڪيان،
سلام نعت سھڻي نبيءَﷺ تي چوان.
بخدمت سڄي سٿَ هي گُل ڦُل اوهان،
سلام ۽ دعا پڻ اسان طرف کان.
هي گُل ڦُل جا سرواڻ،
’عاطف‘
جوان،
آءٌ خادم تون مخدوم سعيدالزمان.
ايڊيٽر تون گُل ڦُل جي
’نجمه‘
ادي،
عزت مانَ سان ڀيڻ منھنجي وڏي.
رفيق جان جمالي، ايڊيٽر ادا،
هجين خوش سلامت رهين تون سدا.
هي مضمون اوسر ادب لاءِ لکيل،
هي تحفي جي صورت آهي موڪليل.
’بروهي
پناهه‘
جو هي خطڙو لکيل،
هي خدمت اوهان جي آ قربن ڀريل.
هي گُل ڦُل جا گُلڙا ۽ ساٿين سڀن،
لکڻ ۽ پڙهڻ جا جيڪي پيغام ڏين.
ٿيو علم ادب جا ته خادم سدا،
اسان ۽ توهان سڀ جو حافظ خدا.
اويس ساگر
سکر
جيون
جيون ڍُڪُ زهر جو،
جيون شام پھرَ جو.
جيون دردُ وڇوڙي جو،
جيون مٽيءَ ڳوڙهي جو.
جيون کلندڙ ٻارَ جھڙو،
جيون ڪُلھن تي بارَ جھڙو.
جيون پراڻي مزار جھڙو،
جيون شاهي بازار جھڙو.
جيون سفرُ ريل جھڙو،
جيون کلاڙيءَ کيل جھڙو.
جيون موهن جو ماڳُ آهي،
جيون ته گھڙيءَ جو ڀاڳ آهي.
جيون مندَ ملھاري جھڙو،
جيون ڀاڳ نوريءَ جھڙو.
 |