سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل نومبر  2025ع

باب:

صفحو:4 

اشتياق احمد                   (قسط: آخري)

مترجم: مير سردار چنڙ

اله دين جو چراغ

ٻاراڻو ناول

توھان چراغ کي زور زور سان رڳڙيندا ھئو. روات سان رڳڙيندا ھو. مون کي سخت تڪليف ٿيندي ھئي. ھاڻي انھن پنھنجي زيادتين جو مزو چکيو. ھي وٺو. مان گھر مان ھٿ ڪڍانوَ ٿو.

نه نه! ادا جن! ايئن نه ڪجو. اسان سڀ مري وينداسين. ڇو. ايئن نه ڪريان. ھاڻ مان توھان جو غلام ناھيان رھيو. سدائين لاءِ آزاد ٿي ويو آھيان. ھا ھاھاھا!

جن ادا ،ادا جن. مان دانھون ڪيون ۽ تون مون کي مسٽر جن به چوندو ھئين. پر! مان تنھنجي منع ڪرڻ تي اھو چوڻ ڇڏي ڏيندو ھئس. مان چيو.

ھاڻي توھان ڪجھه به چئو. مان آزادي جو مزو ضرور وٺندس. ھاھاھاھا. ھاھاھا. مان اڄ کان آزاد آھيان. ھاڻي مان ڪوهه قاف ۾ وڃي گھِري ننڊ ڪندس. ھاڻ ڪير چراغ کي رڳڙي مون کي نه سڏيندو. جن ميان! اسان جا ھڏا سرنھن جا داڻا ٿي ويندا. ٿين ته ٿيڻ ڏيو. منھنجو ڇا! ھي وٺو! مان ھلان ٿو ڪوهه قاف. جن گھر جي ھيٺيان پنھجو ڪُلھو ھٽايو، ته اھو بجليءَ جي رفتار سان ھيٺ ڪرڻ لڳو.

اڙي ! مري وياسين. بابا دانھن ڪئي. اي! پالڻھار خير ڪجان. امان پڪاريو. منھنجا ڪريم ربّ! اسان کي بچاءِ! نادر روئندي چيو. اسان رُکي سُکي کائي گذارو ڪري وينداسين. امان وري ڳالھايو. اسان ھڪ ڪمري بدران اڌ ڪمري ۾ رھنداسين. باجي مقدس چوڻ لڳي. پر ڪنھن جي دعا ڪو اثر نه ڏيکاريو! گھر جي ڪرڻ جي رفتار ۾ ڪا به گھٽتائي نه آئي.

اڙي! جن جا پٽ. خدا توکي غرق ڪري. تون اسان کي زمين تي به ڇڏي سگھين پيو. تنھنجو ڇا پيو وڃي. امان عورتن واري انداز ۾ پٽيندي چيو. ان وقت ئي اتان ھڪ جھاز ويندي نظر آيو، ڪٿي گھر جھاز سان نه ٽڪرائجي وڃي. اھڙي طرح اسان، ته بلڪل بي موت مري وينداسين. لفظ منھنجي وات ۾ ئي ھئا، ته جھاز مٿان گذريو. ان ۾ ھڪ زنجير لڙڪي رهي هئي. پوءِ خدا ڄاڻي ڇا ٿيو ۽ ڪيئن ٿيو جو زنجير گھر ۾ ڦاسي پئي. ھاڻي ته عجيب غريب منظر ڏسڻ ۾ آيا. ھوائي جھاز اڳيان اڳيان ۽ گھر ان جي پويان پويان!!

اي ! پالڻھار تنھنجا احسان! ھاڻي اسان بچي وينداسين. پر نه ڄاڻ جھاز ڪھڙي ملڪ وڃي رھيو آھي. ڪاڏي به وڃي. زندگي ته بچي ويندي. ٿي سگھي ان ملڪ ۾ اسان کي جاسوس سمجھي گرفتار ڪيو وڃي. پوءِ ته اھا ئي ڳالھه ٿيندي، آسمان مان ڪريو کجيءَ ۾ ڦاٿو! مان خدشو ظاھر ڪيو. ھن وقت ته اسان جھاز ۾ ڦاٿل آھيون. نادر چيو ۽ پريشاني وقت اسان کان کل نڪري وئي. اوچتو جھاز کي ھت زبردست لوڏو آيو. ان لوڏي ۾ زنجير گھر مان ڇڏائجي وئي. اسان کي به ھڪ تيز ڌڪو لڳو، گھر ھڪ ڀيرو ٻيھر تيزي سان ڪِرڻ لڳو. اسان جي واتان خطرناڪ دانھون نڪرڻ لڳيون. بس ھاڻي اسان نه بچنداسين! بابا مايوس ٿيندي چيو. سڀ پنھنجي پنھجي گناھن جي معافي وٺو. امان صلاح ڏني.

يا ربّ اسان سڀني جا گناھه معاف ڪر. يا ربّ! اسان تنھنجي بدران ھڪ جن تي اعتبار ڪيو. اسان کي اھا غلطي به معاف ڪر. يا ربّ ان جن جو به ٻيڙو غرق ڪر. جنھن اسان کي ھن حالت ۾ پھچايو آ. نادر چيو. اھا ڪھڙي بڪواس ٿو ڪرين. اھڙي وقت ۾ صرف پنھنجي گناھن جي معافي وٺ. اڙي اڙي! اسان ھاڻي جبلن سان ٽڪرجڻ وارا آھيون. امان اچانڪ چيو. ھا! ھي ته ڪوهه قاف جا جبل آھن. نه! ھي ھماليه  جا پھاڙ آھن. بابا چيو. ربّ تعاليٰ کي ھماليه  جبل به ھن وقت ڏيکارڻا ھئا! مان مايوسي ۾ چيو. ان وقت گھر ھڪ جبل جي چوٽي سان ٽڪرائجي ويو.  ڪرڻ جي رفتار ٿوري ھلڪي ٿي وري ڪِرڻ لڳي. اسان مُنھن ڀر ڪرياسين. وري اُٿياسين ته گھر ٻئي جبل جي چوٽي سان ٽڪرايو، اسان وري مُنھن ڀر ڪرياسين. ھيءَ ربّ تعاليٰ اسان کي اسان جي گناهن جي سزا ڏئي رھيو آھي. بابا اعلان ڪيو. بس ھاڻي اسان جو خاتمو ويجھو آھي. ان وقت گھر ٽئين جبل سان ٽڪرائجي ذرو ذرو ٿي ويو. اسان کان خوفناڪ رڙيون نڪري ويون. ھاڻي اسان ھوا ۾ زمين طرف ڪِري رھيا ھئاسين ۽  ان وقت بابا ڪُلھي کان مون کي جھنجھوڙيو.

پٽ ببلو! پٽ ببلو! حالت آ يار! آخر ڪيستائين ايئن سُتو پيو ھوندين؟ اڄ ته تو حد ڪري ڇڏي آ. اَٺَ ٿي رھيا آھن. مان آفيس وڃان ٿو ۽ توکي پنھنجي ڀاءُ ۽ نادر سان گڏ مسواڙي گھر جي ڳولا لاءِ وڃڻو آھي.... اُٿو شاباس.......!
 

ولي الله بروهي

هالا نوان

حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وسلم جن جا فرمان مبارڪ

                   ·ڀٽڪيل کي رستو ڏيکاري سگھون ٿا.

سيدنا ابوذر رضي الله عنه کان روايت آهي،  رسول اللهﷺ جن فرمايو، ته ڀٽڪي ويل ماڻھوءَ کي رستو ڏيکارڻ توهان لاءِ صدقو آهي.

(سنن ترمذي 1956)

                                                                                                                             ·نابين کي رستو پار ڪرائي سگھون ٿا

سيدنا ابوذر رضي الله عنه کان روايت آهي، رسول اللهﷺجن فرمايو، ته نابين ۽ گھٽ ڏسڻ واري کي رستو ڏيکارڻ  توهان لاءِ صدقو آهي.

(سنن ترمذي 1956)

                                                                                                                                  ·نيڪيءَ جي نيت ڪري سگھون ٿا.

سيدنا ابودرداء رضي الله عنه کان روايت آهي، رسول اللهﷺ جن فرمايو ته، جيڪو شخص رات جو سُمھڻ مھل نيت ڪندو هجي ته رات جو قيام لاءِ اُٿندو، ليڪن ان کي گھِري نِنڊ اچي وئي ۽ صبح تائين سُتل رهيو ان لاءِ ان نماز جو ثواب لکيو ويندو.  جنھن جي هن نيت ڪئي ۽ ننڊ ان لاءِ ربّ پاڪ جي طرفان نوازش هوندي.

(سنن نسائي1788)

جانور ميز تي تحفو رکڻ کان پوءِ پنھنجي سيٽ تي ويھندا ويا. جنھن جو تحفو سٺو ھوندو ھو، انھي کي سيٽ به سٺي ڏني ويندي هئي. ھر جانور جي حيثيت مطابق سيٽ رکي وئي هئي. گوشت کائيندڙ ۽ گاھه کائيندڙ جانورن لاءِ پنڊال ۾ الڳ الڳ جڳھه ھئي. جانورن جي ٻارن لاءِ کيڏڻ لاءِ الڳ پنڊال ٺاھيو ويو ھو. ڊڊو ۽ لڊو سڄو تماشو دوربين سان ڏسي رهيا ھئا، ھنن دوربين جا شيشا ورھائي کنيا ھئا. ٻلي اسٽيج وٽ ويٺي مسلسل کنگھي رھي ھئي، سندس سامھون ڊسٽ بن پيو ھو، جنھن ۾ ھو مسلسل کنگھڻ کانپوءِ بلغم ٿُڪي رھي ھئي. شينھن کي ٻلي کان سخت ڪوفت پئي آئي، جيڪڏهن ٻلي سندس ماسي نه ھجي ھا، ته يڪدم کيس ٻاھر ڪڍي ھا. ٻليءَ جي کنگھڻ تي شينھن جو پارو چڙھندو ويو. اچانڪ شينھن پنھنجن باڊي گارڊ ڪُتن تي ڪڙڪي پيو. توھان ڪُتا نه پر، ڪُتي جا پٽ آھيو. ڪاري ڪُتي سر جھڪائي چيو، بادشاھه سلامت اسان ست پيڙھين کان ڪُتا آھيون، اسان جو اولاد به ڪُتا ئي ٿيندو. توھان کي ھڪڙو پُڇ به نه مليو، ڳالھيون ته وڏيون ڪندا آھيو. شينھن ڪُتن کي ٽوڪيندي چيو. ڪاري ڪُتي ھٿ ٻڌندي چيو، بادشاھه سلامت اسان جي ڳولا جاري آهي. اسان ھڪ تفتيشي ٽيم به تشڪيل ڏني آھي. اسان کي اُميد آهي، ته جلدي پُڇُ برآمد ڪري وٺنداسين. چٽڪمري ڪُتي چيو، اسان ڪيترن ئي جانورن کي حراست ۾ ورتو آھي ۽ کانئن پڇا ڳاڇا ڪري رھيا آھيون. پُڇ جي چوري ۾ پاڙيسري ملڪ جو ھٿ ٿي سگھي ٿو. ڪاري ڪُتي چيو، دھشتگردي جي امڪان کي به رد نٿو ڪري سگھجي، ايئن به ٿي سگھي ٿو، ته بگھڙن توھان جو ڌيان ھٽائڻ لاءِ ايئن ڪيو ھجي، ۽ ھو ٻي ڪا سنگين واردات ڪندا ھجن. ان ڪري اسان سرحد تي سيڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي آهي. چٽڪمري ڪُتي چيو، اڄ ندِي ۾ ٻه مينھون وھنجي رھيون ھيون. ڪجھه جانورن به مينھن کي وھنجندي ڏٺو ھو. ڪجھه وقت کان پوءِ مينھون گم ٿي ويون.

شينھن چيو، مينھون ندِي ۾ ٻُڏي به سگھن ٿيون. ڪاري ڪُتي چيو، بادشاھه سلامت مينھون تارُو ھونديون آھن. شينھن چيو، خبر آ مون کي، مينھون تيراڪ ھونديون آھن. بَدڪُن وانگر ترنديون آھن، مون پاڻ ڏٺو آھي. ٻنھي ڪُتن ھا ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. شينھن ڪُتن ڏانھن ڪاوڙ ۾ ڏسندي چيو، مون کان پري ٿيو، توھان ٻنھي جي لاپرواهي جي ڪري منھنجي پوزيشن خراب ٿي وئي آھي. منھنجي بيعزتي ٿي رھي آھي ۽ راڻي سڄو ڏينھن روئيندي رھندي آھي، منھنجا ٻار به ڏاڍا ڏکارا آهن. ڇو ته ھو پنھنجي ماءُ جي پُڇ سان راند کيڏندا هئا. اچانڪ شينھن جي نظر زرافِي تي پئي، جيڪا گوشت کائيندڙ جانورن جي ٻارن جي پرنسپل ھئي، زرافِي شينھن کي سلام ڪيو. شينھن سلام جو جواب ڏيندي چيو، مس توھان دير ڇو ڪئي. زرافي چيو، بادشاھه سلامت آئون اسڪول مان سڌو ھيڏانھن پئي اچان. شينھن حيران ٿيندي پڇيو، مس جبل وارو رستو ته زگ زيگ آھي، تون سڌو ڪيئن پئي اچين. مس زرافِي چيو، آئون زگ زيگ واري رستي تان سڌو ھيڏانھن پئي اچان.

شينھن چيو، ٺيڪ آئون سمجھي ويس، اسڪول ۾ ته سڀ خير ھو نه! زرافي چيو، نه بادشاھه سلامت، ٻار عجيب و غريب ڳالھيون ڪري رھيا ھئا. شينھن ڀڇيو، ڪھڙيون ڳالھيون؟ مون کي به ته ٻڌاءِ. زرافي چيو، بادشاھه سلامت ھو ڪنھن پُڇ جي ڳالھه ڪري رھيا ھئا، شايد راڻي جي پُڇ جي! مون ٻارن کي ڪڪڙ ڪرايو ۽ ڪجھه ٻارن کي بئنچ تي بيھاري ڇڏيو ۽ ڪجھه کي سزا طور ڏھه صفحا لکرايا. شينھن ٿڌو ساھه ڀريندي چيو، ٻار ملائڪ ھوندا آھن. ڪلھه رات شينھڻ جو پُڇ سچ ۾ چورائجي ويو آهي. زرافي حيران ٿيندي پنھنجي منھن تي ھٿ رکي ڇڏيو. شينھن چيو، ادي زرافي تنھنجي ڳچي ڊگھي آهي، مون توکي شينھڻ جي پڇ تي نظر رکڻ لاءِ چيو ھو، تنھنجي ھوندي شينھڻ جو پُڇ چوري ٿي ويو آهي. زرافي چيو، بادشاھه سلامت آئون شرمسار آھيان. شينھن چيو، شرمندگي اسان جو مقدر بنجي چڪي آهي. زرافي چيو، بادشاھه سلامت آئون پري کان ڏسي وٺندي آھيان، ڪير منھنجي ھيٺان گذري وڃي ته اھا مون کي خبر نه پوندي آهي، ٿي سگھي ٿو ڪير پُڇ چورائي منھنجي ھيٺان گذري ويو ھجي. شينھن افسوس ڪندي چيو، انھي ڊگھي ڳچيءَ جو اسان کي ڪھڙو فائدو ٿيو، ٺيڪ آ ھاڻي ھڪ پاسي کان بيھي رھه، زرافي اتي ئي بيٺي ھئي. پر ڳچي پٺيان ڪيائين ته شينھن سمجھيو ته زرافي ھلي وئي. جھنگ جا سڀ جانور پنھنجي پنھنجي پنڊال ۾ پھچي رھيا ھئا. لومڙ ۽ گڏھه پري کان بيھي تماشو ڏسي رھيا ھئا. ڪوئو ٺينگ ٽپا ڏيندو پنڊال جي مين گيٽ کان داخل ٿيو. لومڙ ۽ ڀولڙي جي ڀر مان گذريو ته لومڙ ڪن کان جھلي ورتس، ڪيڏانهن پيو وڃين. ڪوئي چيو، منھنجي مرضي جيڏانھن به وڃان، توکي ڇو ٻڌايان ته آئون شينھن جي حاضري ڀرڻ پيو وڃان. ڀولڙي چيو، اڇا ته تون شينھن جي حاضري ڀرڻ پيو وڃين، ڏس ڪوئا ڳالھه ٻُڌ سياڻا چوندا آهن ته وڏن ماڻھن جي ياري صحيح ناھي. لومڙ چيو، ڏي خبر وڏو خوش آھين، خير ته آھي نه... ڪوئي چيو، جانور ته ھر حال ۾ خوش ھوندا آھن، بس انسان ڪنھن حال ۾ به خوش ناھن ٿيندا. ڀولڙي چيو، انھي کي چوندا ننڍو وات وڏي ڳالھه. لومڙ ڪوئي کان پڇيو، خوش ھجڻ جو ڪو خاص سبب آهي ڇا؟ ڪوئي ڇاتي تاڻيندي چيو، نوريئڙي پئي چيو ته شينھڻ جو پڇ مون چورايو آهي. لومڙ جي وات مان نڪري ويو اڙي نه اھو ته مون چورايو آهي. لومڙ اھو چئي ته ويو پر پوءِ پنھنجي منھن تي ھٿ رکي ڇڏيائين. ڀولڙو پريشان ٿي ويو. ڪوئي جي خوشي غائب ٿي وئي، چيائين ڇا پُڇ تو چورايو آهي.

 (هلندڙ.....)
 

 

لطيفي لات جو نتيجو

آڪٽوبر 2025ع جي ماهوار شماري ۾ لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيتسُر ڪلياڻ جي داستان پھرئين جوپنجويھون نمبر بيت آھي.

بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:

جيتوڻيڪ هن (ذات حق) کي صورت واري ذريعي کان سواءِ سڃاڻي نه سگهبو، پر تون انهيءَ صورت کي نه پچار ۽ ويچار (جو عقل ان ڳالھه کي پهچي نه سگهندو.) بيشڪ هن (حق ۽ حقيقت) کي سمجهڻ لاءِ ٻار جي مثال ٿيءُ (وڌيڪ سکڻ لاءِ تيار ٿيءُ.) پنھنجي وجود جي نفي ڪر (پنھنجي ڪم علميءَ جو اقرار ڪر.)

بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:

*آسيه غفور چانڊيو: ڪلاس ڏهون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز

*صفي الله سومرو: ڪلاس ستون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز

*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن دادو

*محمود سومرو: ڪلاس ٽيون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول، ٺارو شاهه، ضلع نوشھروفيروز

*زڪيه جمالي: ڪلاس پنجون گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ علي محمد جمالي

*سلمان جمالي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي

*ڪونين زهره: ڪلاس ٻيون، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول آراضي سيوهڻ

*ارسلان علي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول آراضي سيوھڻ

*زهرى: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي سيوهڻ

*انيبا ڀٽي: دي رائيٽ وي ايجوڪيشنل اڪيڊمي ڳوٺ باغ ڀٽي حيدرآباد

*ام حبيبه: ڪلاس ڇھون، مريم ايليمينٽري اسڪول حيدرآباد

*شايان علوي: ڪلاس ٽيون، ڪراچي

*علي نواز لاکو: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول هالا نوان

*مريم جاويد: اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا نوان

*ذوالقرنين حيدر: اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا نوان

بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
سلمان جمالي جو ڪُڻو نڪتو آھي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران
گُل ڦُل رسالي جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org