|
اويس ساگر سومرو
سکر
وائي
چنڊ اُلـھي ويو آ
تارا جاڳن ٿا،
منھنجي سھڻي ديسَ ۾.
تارا منھنجي ڳوٺ جا،
سارا جاڳن ٿا،
منھنجي سھڻي ديسَ ۾.
رات! ڪيڏي سانت ۾،
نعرا جاڳن ٿا،
منھنجي سھڻي ديسَ ۾.
گھر سمورو ننڊ ۾،
تارا جاڳن ٿا،
منھنجي سھڻي ديسَ ۾.

شوڪت علي جوڻيجو
لاڙڪاڻو
راند رهان ٿو
ڏينھن سمورو راند رهان ٿو،
ڪنھن سان مان ڪونه وڙهان ٿو.
هر روز صبح اسڪول وڃان ٿو،
وڏن جي عزت خوب ڪيان ٿو.
موٽي اسڪول کان جڏهن اچان ٿو،
هوم ورڪ پورو تڏهن ڪيان ٿو.
ڏينھن سمورو گھر ۾ پڙهان ٿو،
ڪتابن سان ڄڻ راند رهان ٿو.
راند نه کيڏان ٻئي ڪنھن سان ٿو،
ڪتابن کي ساٿي سمجھان ٿو.
ڪم جي وقت ڪم ڪيان ٿو،
موٽي اچي ڪتاب پڙهان ٿو.
ڏينھن سمورو راند رهان ٿو،
ڪنھن سان مان ڪونه وڙهان ٿو.
***

ضامن هيسباڻي (لاڙڪاڻو)
پيارو بابو
منھنجو بابو پيارو آهي،
منھنجي لاءِ سھارو آهي.
مون سان ڏاڍو پيار ڪري ٿو،
مون کي ڪڏهن نه مار ڪڍي ٿو،
جنھن وڏن جو ادب سيکاريو آهي،
منھنجو بابو پيارو آهي.
پڙهڻ وڃان ٿو خرچي ڏئي ٿو،
مون تي پنھنجو ساهه ڇڏي ٿو.
ڏاڍو شفقت وارو آهي،
منھنجو بابو پيارو آهي.
جڏهن ڊيوٽيءَ تان ايندو آهي،
اڳ ۾ مون کي ڏسندو آهي،
سونھن سراسر سارو آهي،
منھنجو بابو پيارو آهي.
منھنجا ٻچڙا سُکيو هجين،
شل نه ڪوئي ڏُک ڏسين،
من موهيندڙ نيارو آهي،
منھنجو بابو پيارو آهي.
’ضامن‘
ڇا لکان بابا جو شانُ،
بھترين آهي هي انسان،
سُھڻي صورت وارو آهي،
منھنجو بابو پيارو آهي،
منھنجي لاءِ سھارو آهي.
محمد ابراهيم لاکو
هالا نوان
سنڌڙي
سنڌڙي اسان جي راڄ راڻي،
اٿئون جنھن سان اُلفت صدين کان پراڻي.
سوين سُورمين کي جنم جنھن ڏنو آ،
سَسُئي هڪ، ٻي سورٺ ٽي نوري نماڻي.
اڃان ماه مومل، ٻي سُھڻي ٽي ليلان،
چوٿين مارئي جنھن رکي لَڄُ اَباڻي.
ٿڌي تنھنجي ٿر جي ڀِٽُن جي آ وارِي،
وسي مينھن جنھن تي پَلر پِئي پاڻي.
سدا ياد رهندا، هوشو ۽ دودا،
ڪئي جن وفا جي توسان پُڄاڻي.
سچل ۽ ڀٽائي، بلاول عنايت،
دلاور ۽ دولھه ۽ لاکو ڦُلاڻي.
ڪڏهن واءُ نه ڪوسو لڳي، توکي جيجل،
خداوند توسان هجي شال ساڻي.
سنڌوءَ ساهه منھنجو سُڌير آهي ڪَيَڙُو،
ڀريو آب ڪوثر پياري ٿو پاڻي.
***

مرزا گل حسن
’احسن‘
ڪربلائي
حيدرآباد
ايمانداري
حضرت محمّدﷺ جن جي اها زبردست وصف آهي، جنھن کي
دشمن به مڃن ٿا. جيئن اَبُوجھل چوندو هو، ته آءٌ
توکي نه! پر تنھنجي تعليم کي ڪوڙو سمجھان ٿو.
حضورﷺ جن نبوت ملڻ کان اڳ به ساري عرب ۾ امين جي
لقب سان مشھور هئا.
حضرت محمّدﷺ جن جي اخلاقي خوبين، سچائي ۽
ايمانداري جو عربن جي دلين تي تمام گھِرو اثر پئجي
چڪو هو. جنھن ڪري هر هنڌ سندن ايمانداريءَ جي هاڪ
هوندي هئي ۽ ماڻھو کين ڏسي چوندا هئا، ته هن جي
مُنھن مبارڪ تي ايمانداري جي روشني نظر اچي رهي
آهي.
ان وقت سندن جي عمر پنجويھه سال هئي. مڪي جي هڪ
شاهوڪار عورت جنھنجو نالو خديجه هو. جنھن جا
تجارتي قافلا شام ۽ مصر ويندا هئا. تنھن کي جڏهن
حضرت محمّدﷺ جن جي ايمانداريءَ جي خبر پئي، تڏهن
اُن جي مرضي ٿي، ته اهڙي ايماندار ۽ سچار انسان کي
پنھنجي واپار ۾ شامل ڪريان، ته پوءِ مون کي تمام
گھڻو فائدو ٿيندو. اهو خيال ڪري خديجه حضرت محمّدﷺ
جن ڏانھن پيغام ڏياري موڪليو، ته توهان مھرباني
ڪري منھنجي تجارتي قافلي جي سرداري قبول ڪريو.
جنھن تي حضرت محمّدﷺ جن جواب ۾ چوائي موڪليو، ته
مون کي قبول آهي. جنھن کان پوءِ جلدي هڪ وڏو
تجارتي قافلو تيار ڪيو ويو. جنھن تي تمام گھڻو
سامان رکائي، حضرت محمدﷺ جن جي سرداري هيٺ شام ملڪ
ڏانھن روانو ڪيو ويو.
جڏهن حضرت محمّدﷺ جن شام ملڪ کان واپس موٽي آيا،
تڏهن جيترو نفعو هر سال ٿيندو هو، تنھن کان هن
ڀيري ٻيڻو فائدو ٿيو. جنھن ڪري خديجه جي نظر ۾
حضرت محمّدﷺ جن جي ويتر عزت وڌي وئي.
انھيءَ ايمانداري جي ڪري کيس صادق ۽ امين جي لقبن
سان سڏجڻ لڳا ۽ ماڻھو پنھنجيون امانتون به حضرت
محمّدﷺ جن وٽ رکڻ شروع ڪيا. تنھن کان سواءِ جيڪي
ڏکيا معاملا هوندا هئا، انھن جا فيصلا به حضرت
محمّدﷺ جن ڪندا هئا، جيڪي هُو قبول به ڪندا هئا.
***
مستقيم محمد علي ڪوريجو
(ڪراچي)
ٻار کاڌو نٿو کائي!!
اسان جون گھڻيون مائرون هن هڪ مسئلي بابت تمام
گھڻيون پريشان رهنديون آهن. اچو ته ان مسئلي جو حل
ڳولڻ جي ڪوشش ڪريون.
ڇھه مھينن کان گھٽ عمر:
ڇھه مھينن کان گھٽ عمر واري ٻار کي ڪنھن به قسم جو
کاڌو، رس (جوس)، نرم کاڌو... ڪجھه به ڏيڻ جي ضرورت
ناھي ھوندي ، آسپاس جي ماڻھن جا ۽ مائٽن جي دٻاءُ
۾ اچڻ جي ضرورت ناھي. ڇھه مھينن جي عمر تائين،
ماءُ جو کير ٻار جي صحت لاءِ ڪافي ھوندو آھي. وڌيڪ
ڪجھه به ڏيڻ جي ضرورت ناهي.
6
مھينن کان ھڪ سال جي عمر:
ھن عمر ۾، ٻار ھڪ ئي وقت سڀ ڪجھه کائڻ شروع نٿو
ڪري سگھي. اڳ ۾، ٻار صرف کير پيئندو آيو ھو،
تنھنڪري ھاڻ اسان سخت کاڌو شروع ڪيو ۽ اڄ کان ٻار
کائڻ شروع ڪري، اهو ممڪن ناهي، ذائقو پيدا ٿيڻ ۾
ڪجھه وقت لڳندو. جڏھن اسان ڪجھه نئون ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندا آهيون، ته ان کي قبول ڪرڻ ۾ ڪجھه وقت لڳندو
آهي، ساڳئي طرح، ٻار به انسان آهن، انھن جا به
جذبات، پسند ۽ ناپسند هوندا آهن. هاڻي ڇا ڪجي جو،
سخت ميوو يا سبزي کي ٻاڦ/اُٻاري ڪري، ٿورو نرم
ڪريو. ان کي ٻار جي سامھون رکو، هو جيترو چاهيندو
کائيندو. جيڪڏهن اسين پاڻ کاڌو نرم ڪريون ٿا، ته
اسان ٻار کي گھٽ يا وڌيڪ کارائي سگھون ٿا. تنھنڪري
ٻار کي جيئن چاهي کائڻ ڏيو. پھرين ڀاڄيون ۽ ميوا
ڏيو. پوءِ آهستي آهستي ايندڙ مھينن ۾، گھر ۾ جيڪو
به کاڌو تيار ڪيو پيو وڃي، ان کي لوڻ کان سواءِ
ڪڍو ۽ ان کي ماني سان ٻار کي ڏيو. مٺايون ڏيڻ جي
ڪا ضرورت ناهي. مٺاس ٻار جي ضرورتن مطابق ميون مان
ملي وينديون آهن. هن عمر ۾، ٻار کائڻ سِکي ٿو.
جيئن اسان ڪندا آهيون. ٻار به اهو ئي ڪندو. ٻار کي
ناشتي، ڏينھن ۽ رات جي کاڌي لاءِ پاڻ سان گڏ
ويھاريو، ٻار کائڻ جو عادي ٿي ويندو. ياد رکو، ته
هڪ سال تائين ٻار جي اصل ضرورت ۽ اصل غذائيت ماءُ
جو کير آهي. تنھنڪري هميشه پھريان کير پياريو ۽ اڌ
ڪلاڪ کان پوءِ نرم کاڌو ڏيو. جيڪڏهن اهو لڳي ٿو،
ته ٻار اڃان تائين ڪجھه به نه کائي رهيو آهي، ته
پوءِ ان کي کير پيارڻ کان اڌ، مُنو ڪلاڪ يا هڪ
ڪلاڪ پوءِ ڏيو. جڏهن ٻار بُکيو هوندو، ته هو کاڌو
وٺندو. کاڌو ڏيڻ جو مقصد ٻار کي کائڻ سيکارڻ آهي.
هڪ کان ٻه سال:
هڪ سال کان پوءِ به، ٻارن کي ماءُ جي کير مان
غذائيت ملندي آهي ۽ انھن کاڌو کائڻ سکيو به آهي.
پر گذريل ڇھه مھينن ۾ اُھي آساني سان نه کائيندا
آهن. پر جيڪڏهن توهان جو ٻار نه کائي رهيو آهي، ته
پوءِ مکيه ڳالھه اها آهي، ته گڏجي کائو ۽ ٻار کي
شامل رکو. هاڻي هڪ سال کان پوءِ، پھرين مضبوط يعني
هلڪو سخت کاڌو ڏنو ويندو، يعني کاڌو، پوءِ ان کان
پوءِ ٻار کي اڌ، مُني ڪلاڪ کان پوءِ ماءُ جو کير
پياريو ويندو. هڪ سال کان اسان ٻار کي اهو ئي کاڌو
ڏئي سگھون ٿا، جيڪو اسان پاڻ کائي رهيا آهيون. ٻار
کي هر
2
کان اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ ڪجھه کائڻ لاءِ ڏيو.
جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا، ته ٻار سُٺو کائي ته وچ ۾
ڪجھه به نه ڏيو. کاڌي جي وچ ۾ پاڻي ڏيو ۽ کائڻ کان
پوءِ کير پياريو. ٻار بُک لڳڻ تي کائيندا آهن.
جيڪڏهن ٻار هن وقت نه کائي رهيو آهي ۽ ٻار موڊ ۾
ناهي، ته پوءِ پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ڪجھه وقت
کان پوءِ ڏيو. ان جو مطلب اهو ناهي، ته ٻار اڃان
تائين کاڌو نه کاڌو آهي. ته اسان کيس ڪجھه جنڪ فوڊ
(تريل شيون) جھڙوڪ چپس، ناشتو، بسڪٽ وغيره ڏئي
ڇڏيون. ائين نه ڪرڻ گھرجي.
ٻن سالن کان وڏو ٻار:
ڪيتريون ئي مائرون پريشان هونديون آهن، ته جيڪڏهن
ٻار ڪجھه نه کائي رهيو آهي، ته پوءِ انھن کي
مجبوري ۾ فيڊر ڏيڻو پوندو، ۽ هتي اسان سڀ کان وڏي
غلطي ڪندا آهيون. سڀ کان پھرين، فيڊر لڳائڻ جي
ضرورت ناهي. کير ڏيڻ لاءِ گلاس، پيالا ۽ ڪيترائي
برتن آهن، اهي ڏئي سگھجن ٿا. فيڊر ٻارن جي ڏندن کي
نقصان پھچائيندا آهن. ٻن سالن کان پوءِ، ٻار کي
500
ملي ليٽر کان وڌيڪ کير پيئارڻ جي ڪا به ضرورت
ناهي. جيڪڏهن ٻار ٻن پيالن کان وڌيڪ کير پيئي ٿو،
ته هو آئرن جي گھٽتائي واري اينيما (رت جي کوٽ) جو
شڪار ٿيندو. ھن بيماري ۾، توهان ٻار کي ڪيترو به
آئرن ڏيو، اهو ٻار جي جسم طرفان جذب نه ٿيندو.
ڇاڪاڻ ته کير ان کي جذب ٿيڻ نه ڏيندو آهي.
گڏجي کاڌو کائو.
جيڪڏهن ٻار کي اهو پسند نه آهي، ته ان کي ڪجھه دير
لاءِ ڇڏي ڏيو. جڏهن ٻار بُکيو هوندو، ته فوري طور
تي اچي کائيندو. جيڪڏهن هو هاڻي نه کائي رهيو آهي،
ته مائرون ڊوڙ پائينديون آهن، مان ڪجھه ٻيو ٺاهي
ٿي اچان يا ٻاهر کان ڪجھه آرڊر ڪري ٿي اچان. اهو
ئي آهي! جيڪو عادتن کي بگاڙيندو آهي ۽ ٻار گھر جو
پچيل کاڌو نه کائيندو آهي. ٻار کي هڪ شيءِ پسند نه
ايندي آهي، هڪ سبزي يا هڪ ميوو، پر گھر ۾ هر کاڌي
تي ٻار جو انڪار ۽ ماءُ ٻاهران ڪجھه آرڊر ڪندي
مسئلا پيدا ڪندي آهي. ٻار جو پيٽ کير سان نه ڀريو،
ان کي غذائي کاڌو ڏيو. وڏن ٻارن کي روزانو
45
کان
90
گرام گوشت کائڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ آئرن (فولاد)
ٻار جي صحت لاءِ تمام ضروري آهي. هاڻي سوال اهو
پيدا ٿئي ٿو، ته ايترو مھانگو گوشت هر روز ڪٿان
ڏيون. اهو هڪ مھيني لاءِ لڳ ڀڳ ٻه ڪلو ٺھندو آهي ۽
ان کي ڏينھن جي حساب سان ورهايو ۽ ٻار کي ڪباب،
ڀاڄي، يا جيڪو به ٻار کي پسند اچي، اهو ڏيو ان کان
علاوه، پالڪ ۾ آئرن هوندو آهي. جيڪڏهن توهان گوشت
نه ڏيڻ چاهيو ٿا، ته پالڪ ضرور ڏيڻ گھرجي. ان کان
علاوه، توهان ڳاڙها لوبيا (چئونرا) پڻ ڏئي سگھو
ٿا. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي، ته جسم ۾ آئرن
ڪيئن جذب ٿئي ٿو. ان لاءِ وٽامن
C
ضروري آهي. جيڪو کٽن ميون، اسٽرابيري، ٽماٽن،
ڳاڙهي ۽ سائي ڀاڄين مان حاصل ڪري سگھجي ٿو. ڪوشش
ڪندا رهو، ٻار کائڻ شروع ڪري ڇڏيندا.
***
ڊاڪٽر رشيده ڀٽي (ڄام شورو)
ليمي جي کَلَ جا فائده!
يارهن فائدا جيڪي ليمي جي کلَ ليمي جي رس کان وڌيڪ
پھچائي ٿي، اهي فائدا اهڙاآهن، جيڪي ليمي جي رس
کان وڌيڪ آهن. هتي اها گذارش ڪرڻي آهي، ته سڄي
مڪمل ليمي جي فائدن کان ته اسين سڀ واقف آهيون. پر
کل کي لاهي يا وري نچوڙي رسُ ڪڍي، اسان اُڇلي
ڇڏيندا آهيون. سي وڌيڪ فائديمند آهن. سو منھنجيون
ڀينرون اڄ کان پوءِ توهان ليمي جي کلن کي بلڪل به
ضايع نه ڪنديون. اڄ کان هن مضمون کي پڙهڻ بعد
توهان ليمي جي کلن کي اُس ۾ اهڙي طرح سُڪڻ لاءِ
رکو، جتي ڀرپور اُس سان گڏ و گڏ هوا به لڳندي رهي.
ڪنھن صاف کُليل ٿانوَ ۾ کلون رکندا وڃو ۽ ڪنھن صاف
ڄاريءَ سان ڍڪي ڇڏيو. ڪجھه ڏينھن کان پوءِ جڏهن
باقائده سُڪي وڃن، ته پوءِ صاف سٿرو ڪري پيھِي
پائوڊر وانگر ڪُٽي ڪري، ڪنھن شيشي جي ٿانوَ ۾ بند
ڪري رکو. هيٺ ڪجھه ڳالھيون توهان سان ضرور ڪبيون.
ته آخر اسان انھن کلن جي ايتري حفاظت ڇوٿا ڪريون.
توهان کي خبر هجڻ کپي، ته قديم يوناني، رومن ۽
دنيا جا ٻيا ماڻھو به انھن کي استعمال ڪندا هئا.
اڄ انھن سڀني ڏندڪٿائن ۽ ٻين ڳالھين کي سائنسي
تناظر ۾ به پرکيو ويو آهي ۽ سائنسي تحقيق کان پوءِ
تجرباتي مرحلن منجھان گذرندي، مختلف وقتن تي مختلف
فائدن کان آگاهه ڪيو آهي. قديم يوناني ۽ رومن
ماڻھن ته ليمي جي هر مرحلي کي فائديمند ڄاڻايو
آهي. گڏو گڏ هينئر موجوده دؤر جي تجرباتي مرحلن کي
طئه ڪندي، سائنسدانن سائنسي چارٽ ذريعي هن ڳالھه
کي پڻ واضح طور بيان ڪيو آهي. اڄ هتي مان توهان کي
ليمي جي جوس سميت انھن جي کلن منجھان حاصل ٿيندڙ
فائدن جي باري ۾ چارٽ جي ذريعي ٻُڌائيندس، ته
ڪھڙيون معدني (Minerals)
۽ وٽامنس (Vitamins)
هن ۾ موجود آهن. ليمون بطور ميووي ۽ گڏوگڏ ان جي
کل سميت اسان کي هيٺينءَ ريت فائدو پھچائي سگھي
ٿو. توهان کي اهو ٻُڌي ۽ پڙهي حيرت ٿيندي .
|
فائدو |
وضاحت |
|
اينٽي آڪسيڊنٽس |
ليمي جي کل (Vit.
C)
۽ (Flavonoids)
هوندا آهن، جيڪي جسم کي آزاد ريڊيڪلز
کان بچائين ٿا. |
|
چمڙي جي صفائي. |
چمڙيءَ تي لڳائڻ سان چمڪ، داغن جي
صفائي، ۽ تيل گھٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. |
|
ڏندن جي صفائي. |
ليمي جي کل جو پائوڊر ڏندن تي لڳائڻ
سان صفائي ۽ خوشبوءِ اچي ٿي. |
|
جراثيم ڪش خاصيتون. |
ان ۾ (Antibacterial)
خاصيتون هونديون آهن، جيڪي جراثيم ۽
ناپسند خوشبو ختم ڪن ٿيون. |
|
مزاج بھتر ڪرڻ. |
ليمي جي خوشبوءِ دماغ کي تازگي، سڪون،
۽ توانائي ڏئي ٿي. |
|
گھر جي صفائي. |
کَل کي سُرڪي يا بيڪنگ سوڊا سان
ملايو، ته فرش، سنڪ، ۽ فريج صاف ڪري
سگھجي ٿو. |
|
خوراڪ ۾ استعمال. |
خشڪ ڪري مصالحن، چٽڻين، يا چانھه ۾
استعمال ڪري سگھجي ٿو. |
|
ڪيڙن کان بچاءُ. |
ليمي جي کل جي خوشبوءِ مڇر، ماڪوڙين،
۽ ٻين ڪيڙن کي ڀڄائي ٿي. |
***
ڊاڪٽر زبيده جوڻيجو
ڄام شورو
کنگهه (Cough)
کنگھه ھڪ ارادي يا غير ارادي عمل آھي. جيڪو نڙيءَ
۽ ساھه جي رستي کي جراثيمن، ٻاھرين ۽ تڪليف ڏيندڙ
ذرڙن، پاڻياٺ ۽ گِگَ (Mucus)
کي صاف ڪري ٿو. ھي ھوا جو ھڪ تڪڙو نيڪال آھي، ڦڦڙن
مان. کنگھه ڄاڻي واڻي به ڪري سگھجي ٿي، يا غير
ارادي عمل، ريفليڪس (Reflex)
جي ھڪ حصي طور به ٿي سگھي ٿي. جيتوڻيڪ کنگھه ھڪ
موتمار بيماري جي نشاني به ٿي سگھي ٿي. پر اڪثر
پنھنجو پاڻ به ختم ٿي سگھي ٿي، بنا ڪنھن علاج
معالجي جي. ھن مضمون ۾ کنگھه جي ممڪن سببن، تشخيص
۽ علاج بابت ڄاڻنداسين.
ڪجھه حقيقتون:
ڪي جراثيم کنگھه کي نون ميزبانن (hosts)
تائين پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪندا آھن. کنگھه جا بي
شمار لڪيل سبب ٿي سگھن ٿا. کنگھه جا ڪي قسم رڳو
رات جي وقت ٿيندڙ کنگھه جا آھن. کنگھه جي تشخيص ۾
ڏکيائي ٿئي ته ڇاتيءَ جو ايڪسري ڪرائڻ ضروري ٿي
پوندو آھي.
کنگھه جون ٽي حالتون (Phase)
ٿين ٿيون:
1.اندر
ساھه کڻڻ (Breathing
in)
2.
آواز جي ڪارڊز (Vocal
cards)
سان گڏ ڦڦڙن ۽ ڳلي ۾ وڌيل دٻاءُ.
3.جڏھن
ووڪل (Vocal
Card)
ڪارڊز کُلندا آھن، ته ھڪ زوردار
مخصوص آواز سان ھوا ٻاھر نڪري، اسان کي کنگھه
ڪرائيندي آھي. جيڪڏهن ڪو ماڻھو گھڻي کنگھه ڪري ٿو،
ته اھا بيماري جي ھڪ نشاني به آھي. اڪثر کنگھه،
وچڙندڙ بيمارين، مثال طور، زڪام جي ڪري ٿيندي آھي.
پر ان جا ڪي سبب اڻ وچڙندڙ بيماريون به ٿي سگھن
ٿيون.
سبب
Causes:
کنگھه گھڻو ڪري وائرل انفيڪشن جي ڪري ٿيندي آھي ۽
علاج کان سواءِ پاڻھي ختم ٿي ويندي آھي.
اوچتو يا (Acute
Cough)کنگھه
جا سبب:
اڪثر حالتن ۾ انفيڪشن ساھه جي سرشتي جي مٿين حصي ۾
ھوندو آھي. جيڪو ڳلي کي متاثر ڪندو آھي. ان کي (Upper
respiratory tract infections)
يا
’URT‘
چئجي ٿو. مثال طور، زڪام (Flu)،
ٿَڌِ لڳڻ (Common
cold)،
نرگھٽ (Larynx)
جو انفيڪشن (Laryngitis)
پر جيڪڏهن اھو ساھه جي سرشتي جي ھيٺئين حصي جو
انفيڪشن آھي. (Lower
Respiratory tract infections)
يا
’LRT‘
ته ان ۾ ڦڦڙ متاثر ٿيندا ۽ ساھه جون ناليون جيڪي
نڙگھٽ کان ھيٺ تائين اينديون آھن، مثال طور
برونڪائيٽس
Bronchitis،
نمونيا
Pneumonia.
دائمي يا وڌيڪ وقت ھلندڙ کنگھه (Chronic
cough)
جا سبب:
سگريٽ پيئڻ، نڪ جي پٺيان ھيٺ ڳلي تي ڳاڙو ڪرندو
رھڻ، معدي کاڌي جي نالي جي ريفليڪس جي بيماري ڇھر
اوڳرائي يا
Gerd
وغيره.
دم/سھڪو
Asthma:
ڪجھه دوائون مثال طور بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪندڙ
دوا. ٻارن ۾ دائمي کنگھه جو اڪثر سبب دمو
يا سھڪي جي بيماري ٿي سگھي ٿي. پر ڳاڙو ۽ ڇھر
اوڳرائي به ٿي سگھي ٿي. وڏن ۾ دائمي کنگھه جا گھٽ
سبب بڻجندڙ، ٽي بي، ڦڦڙن ۾ فنگس جو انفيڪشن ۽
ڦڦڙن جو سرطان
Cancer
شامل آھن.
ڊاڪٽر کي ڪڏھن ڏيکارجي:
جيڪڏهن ٽن ھفتن تائين بنا ڪنھن فرق جي لاڳيتو
کنگھه ٿيندي رھي، ته بھتر آھي ڊاڪٽر کي ڏيکارجي.
اڪثر حالتن ۾ ڪو خاص ڳنڀير
Serious
سبب ناھي ھوندو. پر ڪن اڻ لڀ
Rare
حالتن ۾ لاڳيتو ٿيندڙ کنگھه ڪنھن اھڙي بيماري جي
نشاني ٿي سگھي ٿي، جنھن کي علاج جي ضرورت ھجي،
جيئن ته ڦڦڙن جو ڪينسر يا دل جو فيل ٿيڻ (Heart
Failure).
ڪجھه ٻيا سبب جن جي ميڊيڪل علاج جي ضرورت پيش اچي
سگھي ٿي، تن ۾، کنگھه وڌندي وڃي، ڪنڌ ۾ ڳوڙھين يا
سوڄ جو موجود ھجڻ، وزن جو گھٽجڻ، شديد قسم جي
کنگھه، کاڌو ڳِھڻ
۾ ڏکيائي، آواز جو مستقل ڳرو ٿيڻ يا مَٽجڻ، کنگھه
سان گڏ وات مان رت اچڻ، ڇاتيءَ ۾ سُور ۽ بخار،
وغيره جيڪو لھي نه.
تشخيص
Diagnosis:
جيڪڏهن ڊاڪٽر فيصلو ڪري ٿو، ته کنگھه جو سبب عام
ٿڌ يا زڪام آھي، ته عام طور تي اھا صلاح ڏني ويندي
آھي، ته آرام ڪيو، پاڻياٺ گھڻو واپرايو ۽ کنگھه کي
پاڻ مرادو ختم ٿيڻ ڏيو. اڪثر حالتن ۾ اھا کنگھه ھڪ
ٻن ھفتن ۾ پاڻھي ئي ختم ٿي ويندي آھي. ڪنھن وائرل
انفيڪشن سبب ٿيندڙ کنگھه جيڪا ڪجھه ھفتن تائين
ھلندي رھي ھجي، تنھن کي ميڊيڪل علاج جي ضرورت
ٿيندي آھي. ڊاڪٽر ڪي ٽيسٽ به ڪرائي سگھي ٿو. جيئن
ته ڇاتيءَ جو ايڪسري، ليبارٽري مان بلغم جي نموني
جي چڪاس ته جيئن خبر پوي ته انفيڪشن جو سبب ڪھڙو
آھي. مريض کي ھڪ مشين سان جڙيل ٽيوب ۾ ساھه اندر
کڻڻ ۽ ٻاھر ڪڍڻ جو چئي سگھجي ٿو. ھن ٽيسٽ کي
اسپائروميٽري
Spirometry
چئجي ٿو. جنھن جي مدد سان ڊاڪٽر کي خبر پوندي، ته
ساھه جي نالين ۾ ڪا رڪاوٽ ته ناھي! جيڪا سھڪي/دم
جي ۽
Emphysema
جي حالت ۾ عام آھي. جيڪڏهن سھڪي/دمي جي مرض جي
تشخيص ٿي وڃي ٿي، ته مريض کي ان جي علاج لاءِ
دوائون ڏنيون وينديون آھن.
ڪڏهن ڪڏهن ھڪ ڊاڪٽر مريض کي ڦڦڙ، ڪن، نڪ يا ڳلي جي
ماھر ڊاڪٽر (ENT
Specialist)
ڏانھن ريفر ڪري سگھي ٿو.
علاج
Treatment:
ڪنھن وائرل انفيڪشن سبب ٿيندڙ کنگھه جي علاج جو
بھترين طريقو اھو آھي، ته ان کي جسم جي دفائي
سرشتي (Immune
System)
تي ڇڏي ڏجي، ته ان کي مُنھن ڏي! عام طور تي اھڙي
کنگھه پنھنجو پاڻ به ختم ٿي ويندي آھي. جيڪڏهن ڪو
ڊاڪٽر کنگھه جو علاج ڪري ٿو، ته ان جي توجھه سبب
تي ھوندي آھي. مثال طور، جيڪڏهن اھا (ACE
Inhibitors)
جي ڪري آھي، ته ان دوا کي واپرائڻ بند ڪري سگھجي
ٿو.
اڪثر ماڻھو ڪوڊين
Codeine،
Dextromethorphan
۽ ٻيون کنگھه کي گھٽائڻ جون دوائون استعمال ڪندا
آھن. جيتوڻيڪ کنگھه جي دوائن تي تمام گھڻي تحقيق
ٿيل ناھي ته اھي ڪيتري حد تائين علامتن کي گھٽائي
سگھن ٿيون. ڪن ھنڌن تي کنگھه کي گھٽائڻ لاءِ
گھريلو ٽوٽڪن طور ماکي ۽ ليمون استعمال ٿيندا آھن.
علاج جو مقصد گھڻو ڪري اھو ھوندو آھي، ته مريض کي
ڪجھه آرام اچي پر عام طور تي کنگھه کي گھٽائڻ ۾
مدد ناھي ملندي.
کنگھه لاءِ دوائون:
ڪِن دوائن سان نشانين ۽ علامتن کي گھٽائڻ ۾ مدد
ملندي آھي. جيئن، ته بخار يا نڪ جي بند ھجڻ کي.
جيتوڻيڪ ھتي ڪابه اھڙي پڪي شاھدي ناھي، ته کنگھه
کي گھٽائڻ وارين دوائن سان جلد اثر ٿئي ۽ جلد
کنگھه ختم ٿي وڃي. ٻارن جي لاءِ بھتر اھو
آھي، ته انھن کي جلد ڊاڪٽر کي ڏيکارجي. کنگھه جي
علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائن ۾ ڪي جزا مثال طور،Codeine
اھڙي شيءِ آھي، جيڪا ٿورڙي مقدار ۾ به ننڍڙن ٻارن
لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگھي ٿي. اھڙي ڪابه شاھدي
ناھي، ته ٻارن جي لاءِ کنگھه جي دوا ڪا مدد ڪري
سگھي ٿي، ۽ اصل ۾ اھي پنھنجي سائيڊ افيڪٽس جي ڪري
ٻارن لاءِ خطرناڪ به ثابت ٿي سگھن ٿيون.
کنگھه کي دٻائيندڙ دوا (Cough
suppressants):
ھي دوا کنگھه جي ريفليڪس کي دٻائيندڙ ۽ عام طور تي
خشڪ کنگھه جي لاءِ تجويز ڪئي ويندي آھي. مثال طور،
Pholcodine
Antihistamines.
کانگھارو ڪڍندڙ دوا يا (Expectorant):
اھي کانگھاري يا بلغم کي، ساھه جي نالين ۽ ڦڦڙن
مان ڪڍي، مٿي آڻڻ ۾ مدد ڪنديون آھن. اھي بلغم کي
ڇڊو ڪري ۽ ساھه جي نالين کي آلو رکي، خارش
گھٽائينديون آھن ۽ ساھ جي نالين کي صاف ڪنديون
آھن.
خاص پيغام (Takeaway):
خلاصي طور، کنگھه تنگ ڪندڙ ۽ بيچين ڪندڙ ٿي سگھي
ٿي. پر اڪثر پنھنجو پاڻ ختم ٿي ويندي آھي. جيڪڏهن
کنگھه کي گھڻو عرصو ٿي وڃي يا وڌندي وڃي، ته ڊاڪٽر
کي ڏيکارڻ ضروري ٿيو پوي.
(نيٽ تان ورتل)
***
20-
نومبر هر سال ٻارڙن جي عالمي ڏهاڙي طور ملھايو
ويندو آهي، جڏهن
1989ع
۾ اقوام متحده
”ٻارڙن
جي حقن جو عالمي معاهدو“
منظور ڪيو ويو. هي ڏينھن اسان کي ياد ڏياري ٿو، ته
هر ٻار محبت، تحفظ، تعليم، ۽ عزت جو حقدار آهي.
1959ع
۾ اقوام متحده ۾
”ٻارن
جي حقن جو اعلان“
جاري ڪيو ويو.
1989ع
۾ (Convention
on the Rights of the Child)
منظور ٿيو. پاڪستان سميت
190+
ملڪن هن معاهدي تي صحيح ڪئي.
ٻارڙن جا بنيادي حق:
اقوام متحده جي معاهدي مطابق، هر ٻار کي هيٺيان حق
حاصل آهن،
·تعليم
حاصل ڪرڻ جو حق.
·محفوظ
۽ تشدد کان پاڪ ماحول ۾ رهڻ جو حق.
·صحت
جي سھولتن تائين رسائي.
·اظھار،
سوچ، ۽ راند جو حق.
·محبت،
عزت، ۽ خاندان سان گڏ رهڻ جو حق.
منھنجي ناقص علم مطابق دنيا ۾ جيڪي قومون شعور رکن
ٿيون. انھن پنھنجي مستقبل جي معمارن جي حقن
لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ انھن کي اهي سڀ سھولتون
حاصل آهن، جيڪي اقوام متحده ۾ ٻارن جا حق رکيا ويا
هئا، اهي سڀ ملڪ پنھنجي قوم جي ٻارن جو خاص خيال
پڻ رکن پيا.
پر جيئن، ته اسان جي پنھنجي ملڪ پياري پاڪستان تي
نظر وجھنداسين ته اسان انھن کان اڃان گھڻو پري
آهيون! ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ لکين ٻار تعليم، صحت،
۽ تحفظ کان محروم آهن! ٻارن جي مزدوري، تشدد، ۽
ناانصافي عام آهي. خاص طور تي ٻھراڙيءَ جي علائقن
۾ ٻار اسڪول وڃڻ بدران ڪم تي وڃڻ لاءِ مجبور آهن.
جڏهن ته ڪيترائي ادارا، اسڪول، ۽ سماجي ڪارڪن انھن
جي بھتري لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن.
اسان جو ڪردار ڇا هجڻ گھرجي:
جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا، ته اسان جا ٻار محفوظ،
خوشحال، ۽ تعليم يافته هجن، ته اسان کي هي قدم
کڻڻا پوندا. والدين کي گھرجي، ته محبت، تربيت، ۽
پنھنجي ٻارن کي وقت ڏيڻ شروع ڪن. اُستادن کي گھرجي
ته اُهي بھتر کان بھتر علم سان گڏ اخلاقيات به
سيکارين. سماج کي گھرجي، ته ٻارن لاءِ دوست ماحول
جوڙي. حڪومت کي گھرجي، ته ٻارڙن جي حقن ۽ سڀني
قانونن تي عملدرآمد ڪرائڻ ۽ سڀن کي سھولتون فراهم
ڪري.
آخر ۾ اهو پيغام ڏيڻ چاهيندم ته
ٻار رڳو هڪ گھر جا نه، قوم جا به چراغ آهن. جيئن
گُلن کي پاڻي، روشني، ۽ حفاظت کپي، تيئن ٻارڙن کي
به محبت، علم، ۽ عزت کپي. اچو ته
20
نومبر تي صرف تقرير نه، پر عمل جو عزم ڪريون ته
جيئن هر ٻار جو مستقبل روشن، محفوظ، ۽ خوشحال هجي.
***
جاويد سيوهاڻي (سيوهڻ)
اسان جو نصاب ۽ مغربي نصاب
علم جي ميدان ۾ نصاب اهم ڪردار ادا ڪندو آهي ۽
جيستائين نصاب معياري نه هوندو، ان نصاب جو پڙھڻ ۽
پڙهائڻ ڪو فائدو نه ڏيندو ۽ وقت جي زيان کانسواءِ
ڪجھه حاصل نه ٿيندو.
موجوده دؤر ۾ نجي تعليمي ادارن ۾ جيڪو نصاب پڙهايو
وڃي ٿو، ان کان هر اهلِ علم واقف آهي. جڏهن ته سنڌ
جي سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا ڪتاب
پڙهايا وڃن ٿا ۽ نجي تعليمي ادارن جا مالڪ پنھنجو
من پسند نصاب پڙهائين ٿا. جتي انھن کي سُٺي ڪميشن
۽ فائدو ملي ٿو. انھن ڪتابن کي پنھنجي اسڪول ۾ رکن
ٿا ۽ نصاب کي سيکارڻ جو گھٽ، پر ڪمائي جو ذريعو
وڌيڪ بڻايو وڃي ٿو. اهو اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي، ته
نجي تعليمي ادارا
’سنڌ
ٽيڪسٽ بڪ بورڊ‘
جي ڪتابن کي ايتري اھميت نه ٿا ڏين، جيتري مغربي
نصاب يا ٻئي ڪنھن پبلشر کي ڏين ٿا. پر اصل ۾ اهو
اسان جي ايندڙ نسل لاءِ باعثِ لمحه فڪر به آهي. ڇو
ته ڪتاب ٻار جي ذهني نشونما ڪري انھن جي اخلاقي،
تھذيبي ۽ روحاني طور دماغ جي اوسر ڪري ٿو ۽ ٻار
جيڪو ننڍپڻ ۾ سکي ٿو، اهو ڪڏهن به نه ٿو وساري.
جيڪڏهن ٻار کي ننڍي عمر ۾ ئي اھڙو نصاب پڙهايو
وڃي، جيڪو ان کي ذهني طور مفلوج بڻائي ۽ اسان جي
تھذيب ۽ ثقافت کان پري ڪري، ته پوءِ نئون نسل
اُسرڻ کان پھرين بگڙڻ جو شڪار ٿي ويندو. هڪ مغربي
ڪتاب جو جڏهن مطالعو ڪيو ويو، ته ان ۾ جيڪو مواد
هو، اهو بلڪل اسان جي سماجيات، اخلاقيات، تھذيب ۽
ثقافت جي ابتڙ ۽ غير معياري هو. ڀلا غيرن کي ڪھڙي
خبر، ته اسان جو دين ڪھڙو درس ڏئي ٿو ۽ اسان جي
تھذيب ۽ ثقافت ڪھڙو سبق سيکاري ٿي!!
جيڪڏهن مغربي تھذيب ۽ ثقافت مان شاعرِ مشرق علامه
محمد اقبال رح کي فيض حاصل ٿئي ھا، ته
اهو پنھنجي شعر ۾ هرگز ائين نه چئي ها، ته
ہر شام کا
ڈھلتا
ہوا سورج
یہی
درس دیتا
ہے
کہ،
مغرب کی
طرف جائوگے
تو
ڈُوب
جائوگے۔!
سنڌ جي ڪافي نجي تعليمي ادارن ۾ مادري ٻوليءَ جي
ڪتابن کي بلڪل نظر انداز ڪيو پيو وڃي. انھن ڪتابن
کي گھٽ سمجھيو ٿو وڃي. جيڪو نھايت ئي افسوسناڪ عمل
آهي. جنھن جي نتيجي ۾ مختلف نجي تعليمي ادارا
پنھنجي من ماني ڪري رهيا آهن ۽ پنھنجي ادارن ۾ غير
معياري نصاب رکي، مافيائن سان ملي ڀڳت ڪري نئين
نسل جو ٻيڙو غرق ڪري رھيا آھن. جڏھن ته ان جي
برعڪس پنجاب حڪومت پنھنجي تعليمي نظام کي بھتر
بڻايو آهي ۽ مختلف نجي تعليمي ادارن کي
’پنجاب
ٽيڪسٽ بڪس‘
جو پابند بڻايو آهي ۽ اتي هر علمي شيءِ ڊجيٽلائيز
ڪئي وئي. پر اسان وٽ
”سنڌ
۾ ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگھه“
واري ڪار لڳي پئي آهي.
سيوهڻ شريف جي نامياري تعليمي ماهر ۽ اُستاد مرحوم
سائين الله ڏتو پنھور عرف
”سر
اي. ڊي.“
پنھنجي اسڪول جي سالياني تقريب دوران چيو، ته
”مون
کي حيرت آهي، ته تقريباً پرائيويٽ اسڪول مغربي يا
ٻين نصابن کي
’سنڌ
ٽيڪسٽ بڪس‘
تي فوقيت ڏين ٿا ۽ ٻارن کي مادري زبان جي بجاءِ
مغربي زبان ۾ پڙهائن ٿا. پر منھنجي خيال موجب، ٻار
جيڪو جلدي پنھنجي مادري زبان ۾ سکندو، اهو ڌاري
ٻوليءَ ۾ نه سکي سگھندو.“
مون کي رڳو اهو ٻڌايو ته دنيا جا ٻيا ملڪ پنھنجي
مادري زبان ۾ تعليم ڏين ٿا يا ٻين جي ٻوليءَ ۾؟
بلڪل نه.... هر ملڪ پنھنجي مادري زبان ۾ ئي
ابتدائي تعليم ڏيندو آهي. ٻارن کي گھٽ ۾ گھٽ پنجين
ڪلاس تائين، ته پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ پڙهائجي.
سائين پنھنجي تقرير ۾ وڌيڪ چيو، ته
”سوچڻ
۽ سمجھڻ جھڙي ڳالھه آهي، ته سنڌ جا نجي اسڪول اٺين
ڪلاس تائين پنھنجو پسنديده نصاب پڙهائين ٿا. پر
نائين ڪلاس ۾ ڇو اهي وري
’سنڌ
ٽيڪسٽ بڪس‘
کي پڙهائن ٿا. ڇو نائين ڪلاس کان پھرين سنڌ ٽيڪسٽ
بڪس خراب آهن ڇا؟ ان جو اهم سبب اهو آهي، ته اهي
بورڊ جي سالياني امتحانن جي آڏو مجبور آهن. ڇو ته
بورڊ جا امتحان
’سنڌ
ٽيڪسٽ بڪس‘
مان ئي ورتا وڃن ٿا. پر جيڪر اسان جي حڪومت انھن
کي
’سنڌ
ٽيڪسٽ بڪس‘
پڙهائڻ تي پابند ڪري ۽ ڪو اهڙو اصول آڻي، ته اهي
ڪڏهن به پنھنجي نه هلائين ۽ اهي ساڳيا ئي اسڪول
شروع کان ئي
’سنڌ
ٽيڪسٽ بڪس‘
کي فالو ڪندا.“
هاڻي اسان جي تعليمي ڪتابن ۾ آهستي آهستي جدت اچي
رهي آهي ۽ پراڻو نصاب تبديل ٿي رهيو آهي. جيڪو
گذريل ٽيھن سالن کان هلي رهيو هو.
’سنڌ
ٽيڪسٽ بڪس‘
کي به جديد دور جي مناسبت سان پنھنجا ڪتاب تيار
ڪرڻ کپن، ته جيئن ٻيا پبلشر به سندن تقليد ڪن.
علامه اقبالرح پنھنجي هڪ شعر ۾
تعليمدانن ۽ عوام کي نصيحت ڪندي چيو آهي، ته
”اپنی
ملت پر قیاس اقوامِ مغرب سے نہ کر،
خاص ہے ترکیب میں قومِ رسولِ ہاشمیصہ“
سنڌ ٽيڪسٽ بڪس تيار ڪندڙن کي گذارش ٿي ڪجي، ته
پنھنجي نصابي ڪتابن ۾ موجوده حالات، ايجادات،
معاشيات سان گڏ عشقِ رسولﷺ، حبِ اهلِ بيت، آدابِ
صحابه ڪرام ۽ توقيرِ اولياء ڪرام جا به سبق شامل
ڪري، ته جيئن ايندڙ نسل جي دل ۾ معتبر هستين جي
لاءِ محبت ۽ ادب پيدا ٿئي ۽ اسان جي مستقبل جا
معمار گمراهي کان بچي سگھن.
سنڌ جي تعليمي وزارت کي گھرجي، ته اهي هتان جي نجي
ادارن کي به پنجاب حڪومت جيان پنھنجي قابو ۾ رکي،
ته جيئن انھن جي منافعي خوري کي ٻنجو اچي ۽ والدين
مھانگا ۽ غير معياري ڪتاب خريد ڪرڻ کان بچي سگھن.
سنڌ جي تعليمي وزارت کي هنَ سنجيده مسئلي تي خاص
ڌيان ڏيڻ گھرجي، ڇو ته هي مستقبل جي معمارن جو حق
۽ ايندڙ وقت جي لاءِ مشعلِ راھه آهي. علامه اقبالرح
مستقبل جي معمارن جي لاءِ چيو آهي، ته
اللہ سے کرے دُور تو تعليم بھی فتنہ،
املاک بھی اولاد بھی جاگیر بھی فتنہ،
ناحق لیے اٹھے تو شمشير بھی فتنہ،
شمشير ہی کیا نعرہ تکبیر بھی فتنہ۔
***
نمرا ڪامران سخيراڻي/
(ڪلاس نائون)
گل عرساڻي سيڪنڊري اسڪول قاسم آباد حيدرآباد
برسات
برسات ربّ تعالي جي ھڪ وڏي نعمت آهي، سنڌ ۾ آگسٽ
جو مھينو برساتن جو مھينو ھوندو آھي. ھن مھيني ۾
وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا کُلي ويندا آھن ۽ ھر جڳھه ساوڪ،
خوشحالي ٿي ويندي آهي ۽ ڀاڄيون به ڦُٽنديون آھن.
برسات جي مھيني ۾ ماحول ۾ تازي
خوشبودار ھوا محسوس ٿيندي آهي ۽ باغن ۾ به گُل
ڦُٽي پوندا آھن ۽ ھر جڳھه تي خوشبوءِ ٿي ويندي
آھي. برسات ۾ شھر جا ماڻھو تمام گھڻو مزو وٺندا
آھن. سُٺي موسم ۽ ساوڪ جو پکي، ڪوئل ۽ ٻيا ٻولي
ڪري تمام خوش ٿي ويندا آھن ۽ موسم ۾ ھڪ الڳ ئي قسم
جي رونق اچي ويندي آهي.
ڳوٺ جا ماڻھو به تمام گھڻو خوش ٿيندا آھن. خوشيءَ
۾ الله پاڪ جو شڪر ادا ڪندا آھن ۽ انھن کي به تمام
گھڻو فائدو ٿيندو آھي. برسات جي ڪري انھن جي فصلن
جي پوک به تمام سُٺي ٿي ويندي آھي ۽ برسات جي
مھيني ۾ گوار، ميھا، کُنڀيون ۽ ٻيون الڳ الڳ قسم
جون ڀاڄيون ڦٽنديون آھن. جنھن کي اسين شوق سان
کائيندا آھيون ۽ ھاري ناري به ڏاڍا خوش ٿي ويندا
آھن. انھن جي فصلن ۽ ڪاروبار ۾ فائدو ٿيندو آھي.
برسات ۾ خاص ڪري جبل ۽ ٿر جا ماڻھو تمام گھڻو خوش
ٿيندا آھن. انھن جو گذر سفر آسان ٿي ويندو آھي.
اتان جي مٽي جڏھن آلي ٿي ويندي
آھي ته ٿر جا ماڻھو تمام گھڻي خوشيءَ سان جھومندا
به آھن ۽ بارش پوندي آهي، ته گليشيئر پھاڙن جي
ھيٺيان برف ٿي ويندي آھي ۽ جڏھن برف ڳرندي آھي، ته
پوءِ ھيٺين علائقن مان پاڻي ٿيندي ٿيندي سنڌ ۾
ايندو آھي. ھتي جي زمينن کي اھو پاڻي ملندو آھي،
جنھن سان تازيون ڀاڄيون ٿينديون آهن ۽ اھو پاڻي
دريائن ۾ به ويندو آھي.
برسات جا تمام گھڻا فائدا به آهن. پر ان سان گڏوگڏ
نقصان به آھن جيئن ته برسات وڌيڪ ٿيڻ کان پوءِ
ٻوڏون ۽ سيلاب به اچي ويندا آھن. جنھن ۾ ماڻھن جا
فصل زمينون برباد ٿي وينديون آھن ۽ انھن جو روزگار
ختم ٿي ويندو آهي. ماڻھن جا گھر به ٻُڏي ويندا
آھن. ڪچا ھوندا آھن جيڪي مٽي جا ٺھيل ھوندا آھن.
ان سان گڏ ماڻھن جو روزگار ختم ٿي ويندو آهي.
ماڻھو بي گھر به ٿي ويندا آهن! ان کي قدرتي آفت به
چئبو آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن برسات زحمت به ٿي ويندي آهي.
محمد ابراهيم کٽي، ڪلاس پنجون،
اوريئينٽل اسڪول سسٽم ميرپوربٺورو
سچ جي طاقت
هڪ ڏينھن اسان جي اُستاد ڪلاس ۾ هڪ ڳالھه ڪئي،
جيڪا منھنجي دل ۾ جڳھه ڪري وئي! اُستاد چيو،
”سچ
هميشه ساڻ هوندو آهي ۽ ڪوڙ پاڻ سان شرمندگي آڻي
ٿو.“
ان ڏينھن کان پوءِ مون پاڻ سان واعدو ڪيو، ته مان
هميشه سچ ڳالھائيندس. ڀلي ان لاءِ مون کي سزا ئي
ڇو نه ملي ۽ اسان جي ڳوٺ ۾ به هڪ واقعي مان اهو
سکيو. هڪ ڇوڪرو جنھن جو نالو وقار هو، هڪ ڏينھن
اسڪول جو ڪتاب گُم ڪري ڇڏيو. جڏهن اُستاد پڇيو، ته
هن چيو، ته”
اُستاد! ڪتاب مون کان دوست کڻي ويو هو. جڏهن دوست
کان پڇيائين، ته خبر پئي ته اهو ڪوڙو الزام هو.
اُستاد وقار کي سمجھايو، ته وقار پُٽ!
”ڪوڙ
ڪجھه دير لاءِ ته اوهان کي بچائي سگھي ٿو، پر آخر
۾ اهو اوهان کي ئي شرمسار ڪندو.“
ان ڏينھن کان آءٌ سمجھي ويس، ته
”سچ
ڏسڻ ۾ ته ڏکيو ۽ ڪڙو لڳي ٿو، پر ان جي عزت ۽ انعام
وڏو هوندو آهي.“
منھنجو ڏاڏو چوندو هو ته
”ڪُوڙ
جي منھن ۾ ڌوڙ، سچ ته بيٺو نچُ.“
مطلب ته ڪوڙ وارا ڀلي ڪيترا به ڊراما ڪن، پر سچو
ماڻھو ڪڏهن به نٿو هارائي سگھي. پوءِ ڀلي هو ڏسڻ ۾
ڪمزور ئي ڇو نه هجي. اسان کي گھرجي، ته هميشه سچ
ڳالھايون ڇو، ته سچ اسان جي دل کي صاف رکي ٿو.
سڀئي اسان تي ڀروسو ڪن ٿا. سڀ کان وڏي ڳالھه ته
ربّ پاڪ به سچن ماڻھن سان گڏ هوندو آهي.
اخلاقي سبق:
پيارا ٻارؤ! سچ کي ڪڏهن به نه ڇڏجو، ڇو ته سچو
ماڻھو هميشه ڪامياب ۽ سُرخرو ٿئي ٿو ۽ ڪوڙ جي عُمر
تمام ٿوري ٿيندي آهي. ڪوڙ ڳالھائڻ سان ربّ پاڪ جي
رحمت کان پري ٿي وڃي ٿو. ڪوڙ ڳالھائڻ واري جي وات
۾ بدبوءِ ٿئي ٿي. تنھنڪري ته چيو ويو آهي،
”سچ
ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي منھن ۾ دُوڙ.“
***
حسين لغاري
قاضي احمد
ڪتاب ۽ محنت
پيارا ٻارؤ!
محنت زندگيءَ جو راز آهي،
۽ ڪتاب ان راز کي کولڻ جي ڪنجي آهن.
جيڪو محنت ڪندو ۽
ڪتاب سان دوستي ڪندو
تنهن لاءِ ڪاميابي جا در کُلي ويندا.
ڪتاب اوهان کي
نيون ڳالهيون سيکارين ٿا،
ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا،
۽ اوهان کي بهتر انسان بڻائين ٿا.
پيارا ٻارؤ!
جھڙيءَ طرح ھڪ مالھي
ٻج پوکي ان جي سار سنڀال ڪري ٿو
ته ان پوک مان مٺا ميوا
۽ خوبصورت گل پيدا ٿي ڪري
خوشبو سرھاڻ ڏيندا آھن
انھي ڪري اوھان جي محنت به
ھڪ مٺو انعام ڏيندي.
پيارا ٻارؤ!
ڪتاب پڙهڻ کي پنهنجي عادت بڻايو،
ڇاڪاڻ
ته ڪتاب اوهان جا سچا ساٿي آهن.
محنت ۽ پڙهائي سان اوهان جي زندگي روشن ٿيندي،
۽ اوهان مستقبل جا تارا بڻبا.
***
بسمه عباسي
چنيھاڻي/ڪنڊيارو
بُري صحبت کان پاسو ڪرڻ
طالب علم کي گھرجي ته پاڻ کي خراب عادتن ۽ ٻين
بُراين کان پاڪ ڪري. يعني گِلا، غيبت، تھمت، چوري
ڪرڻ، فضول ڳالھائڻ ۽ بُري صحبت وغيره. کان پاڻ کي
هميشه بچائيندو رهي. ان ڪري جو علم دل جي عبادت
آهي. جيڪا هڪ باطني شيءِ آهي. جھڙي طرح نماز ظاهري
عضون جي عبادت آهي، جيڪا بغير طھارت (پاڪائي) جي
صحيح نٿي ٿئي، ته اهڙي طرح علم جيڪو هڪ باطني
عبادت آهي اها به بغير وضوءَ جي حاصل نه ٿيندي
آهي. تعليم المتعلم (ڪتاب) ۾ هڪ قول نقل ٿيل آهي،
ته
”جيڪو
شخص طالب علميءَ ۾ گناهن کان احتياط نٿو ڪري، (نيڪ
نٿو ٿئي) ته ربّ تعاليٰ ان کي ٽن شين مان ڪنھن به
هڪ ۾ ضرور مبتلا ٿو ڪري.“
·يا
ته نوجوانيءَ ۾ اُن کي موت ڏيندو.
·باوجود
علم و فضل ۽ ڪمال جي ڪنھن اھڙي جڳھه تي اُن کي
رهائيندو، جتي ان جي علم جي اشاعت ڪونه ٿيندي ۽
علم ضايع ٿي ويندس، يعني جاهلن ۽ ڄَٽَن جي وڃي پڙ
پوندو.
·يا
ته ڪنھن بادشاھه يا سردار جي خدمت ۾ دنيا خاطر رهي
ڪري، ذلتون برداشت ڪندو رهندو.
جيڪڏهن طالب علميءَ ۾ پرهيزگار ٿي رهندو ۽ اُن جي
علم مان (دنيا وارن) کي تمام گھڻو فائدو حاصل
ٿيندو خود اُن تي به علم جا رستا ۽ راز کُلندا
ويندا.
حضرت عبدالرحمان بن قاسمرح فرمائي ٿو،
ته مان ويھه سال امام مالڪرح جن جي
خدمت ۾ رهيس. انھن ويھن سالن مان ارڙھن سال صرف
ادب ۽ اخلاق جي تعليم ۾ گذاريم.صرف ٻه سال علم
حاصل ڪرڻ ۾. اُتان معلوم ٿيو، ته علم نالو ئي
’ادب‘
جو آهي.
طالب علم کي گھرجي، ته حلال روزي کائي، حرام کان
بچي، نماز جي پابندي ڪري، عاجزي، ادب ۽ اخلاق جو
خاص خيال رکي.
پيارا ٻارؤ! اهي شيون علم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ۽ برڪتن
جو سبب بڻبيون آهن. توهان ۽ اسان کي به گھرجي، ته
انهن ڳالھين جو خاص خيال رکون، ته پوءِ توهان ۽
اسان حقيقي علم حاصل ڪندڙ بڻجنداسون.
(حوالو: ڪتاب تحفة الطالبين تان ورتل) |