|


[01]
لُڇان ٿِي لاحَدَ ۾، هادِي لَهان نه حَدُ
سُپيريان جِي سُونھَ جو نَڪو قَدُ نه مَدُ
هِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ، هُتِ پِرينِ پَرواهِ ناههِ
ڪا.
سمجھاڻي:
آءٌ هن (محبوب) جي جستجو (طلب) ۾ حد کان وڌيڪ
بيتاب آهيان، پر انهيءَ هادي (مالڪ) جي ڪنهن
هڪڙيءَ حد (صفت) کي به ڄاڻي نه سگهيو آهيان. (ڇو
ته هو ذات مطلق آهي.) انهيءَ محبوب جي حسن (صفات)
جو قد ڪاٺ (ڊيگهه ويڪر) نه آهي (ڇو ته هو بي صورت
آهي) جيئن عاشقن جي سڪ ۽ محبت حساب کان ٻاهر آهي،
تيئن اُهو محبوب بيپرواهه ۽ بي نياز آهي. (هر قسم
جي احتياج کان پاڪ آهي.)
[02]
ڪا جا پَرَ پِرِيَنِ، نه سا سُئِي نه ٻُڌِي
مَتيُون سَڀِ مُنجهَنِ، اِهَڙي ڏِٺي قَضِيي.
سمجھاڻي:
منهنجي محبوب جي اهڙي عجيب عادت توڻي دستور آهي،
جيڪو (عام طور) ڪنهن نه اڳ ۾ ڏٺو آهي ۽ نه ڪنهن ان
بابت ٻين کان ٻڌو آهي، بلڪ اهڙي واقعي کي ڏسي سڀ
هوش حواس گم ٿي وڃن ٿا. (هن جي حڪمت عام انساني
سمجهه ۽ سوچ کان ٻاهر آهي، عام انسان جي سوچ توڻي
عقل محدود آهي. صرف عارف ڪامل ئي اهڙن رازن کي
سمجهي سگهن ٿا.)
[03]
نَڪو ڊيگههُ نه وِيلُ، نَڪو مُنھُ مُهَاڙَ ڪا
اِيءُ اُهوئِي کيلُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَڪِين.
سمجھاڻي:
هن (ذات) جي نه ڊيگهه آهي ۽ نه ويڪر (هيڏو ۽ هيترو
ناهي) ۽ نڪي سندس ظاهري سڃاڻپ (صورت) جا اهڃاڻ
آهن. اهو حق حقيقت (بيچوني ۽ بي رنگيءَ جو) اهڙو
(پر اسرار) کيل آهي جنهن کي انڌو (بي سمجهه ۽ بي
شعور) ڪونه سمجهي سگهندو (ليڪن عارف ڪامل ان جو
شعور رکن ٿا.)
[04]
حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪِينَ دَرَڪُ
حُسنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَڪِين.
سمجھاڻي:
حيرت (جي مرحلي) ۾ سمجهه (حقيقت جي) ادراڪ (سڃاڻپ)
کان عاجز ٿي پوي ٿي (حقيقي) حسن جو حق (پوري پرک)
جيڪو انڌو (معرفت جي رستي کان اڻ واقف) آهي ادا نه
ٿو ڪري سگهي.
شاهه جو
رسالو
سُر آسا داستان پھريون. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو،
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ

محمد ياسين ڪنڀر
سلطانپور/پنوعاقل
حمّد

خالق سچا خدا تون ھرجاءِ تي وسين ٿو،
سڀني جا سڏ سُڻين ٿو سڀ ڪجھه ڏِسين پسين ٿو.
ھوڏانھن ڀي تون آھين ھيڏانھن ڀي رھين ٿو، جيڏانھن
ڀي ڏسان ٿو تيڏانھن ڀي رھين ٿو.
ڪيڏانھن ڀي وڃان ٿو ھر راھه ۾ رسين ٿو،
اڻٿيڻو ٿي ٿو ٿيڻو ۽ ڇا مان ڇا ٿئي ٿو.
ھر ساھه وارو تنھنجي چئي سان فنا ٿئي ٿو،
ڪنھن کي ٿو سک
سوين ڏين ڪنھن کي ڏئي کسين ٿو.
صاحب سخا ڪرين ٿو رحمت جي حد ڪرين ٿو،
مظلوم ھيڻي جي تون مالڪ مدد ڪرين ٿو.
علم و ادب ٿو بخشين
’ياسين‘
کي، فن ڏين ٿو،
اھل علم بڻائي ڏاھپ جا ڏس ڏسين ٿو.
نياز حسين نياز ھيسباڻي
لاڙڪاڻو
نعت

جڏهن عملن پڇا ٿيندي، تڏهن روز و جزا ايندو،
ڇڏائڻ پنھنجي اُمت کي محمّد مصطفيٰﷺ ايندو.
ربيع الاول ۾ ٿي وئي ولادت ميرمُرسل جي،
اچڻ کان اڳ چيو عيسيٰعه اجھو نُور خدا
ايندو.
گناھن جي گردش ۾ زھر ٿي زندگي منھنجي،
سگھو منھنجي شفاعت لئه امام الانبياءُ ايندو.
دنيا جي هر فڪر ۾ اي بندا غلطان تون آھين،
رهي ڪامل يقين توکي مدد ۾ مصطفيٰ ايندو.
نبيءَﷺ جي نُور سان نسبت عليءَ جي نُور جي اھڙي،
انا من نور واحد جو اھڙو فرمان بجا ايندو.
نگاھن ۾ جو پوشيده اصل ۾ سو عيان آھي،
کڻي تحفو هدايت جو اهو نورالھديٰ ايندو.
پُڇا ٿيندي گناھن جي جڏھن اي
’نياز‘
سڀ توکان،
تڏھن هيڻن سندو حامي حبيبِ ڪِبريّا ايندو.
شفيق عاصم منگي
شڪارپور
قدر وقت جو
قدر وقت جو ڪريو ٻارو،
ڌيان انھيءَ تي ڌريو ٻارو.
وقت وڃائي ويھي جيڪو،
سڏجي سو ٿو چريو ٻارو.
ڪُوڙَ بَدُوڙَ ۽ لُڙَ لَٻاڙُون،
تِن سان ڇا آ وريو ٻارو.
محنت ڏانھن رغبت جن جِي،
تِن کي سڀ ڪجھه سريو ٻارو.
هر هڪ ساعت قيمت واري،
تنھن سان جھولِي ڀريو ٻارو.
آرسُ سُستي جن جا ساٿِي،
نفسُ وڃي تِن مريو ٻارو.
غفلت ۾ جي گھارن تِن جو،
جيونُ کير به کَريو ٻارو.
هِمَتُن جِي وِيرَ ۾
’عاصم‘،
جذبو جوش به تَريو ٻارو.

خليل عارف سومرو (جوهي/دادو)
پيارا ٻارؤ
پيارا ٻارو سنڌي آهيون،
اچو ته سنڌي ۾ ڳالھايون.
ماءُ کي امڙ چئبو آهي،
جيجل چئي پڻ سڏبو آهي.
امان ڪيڏو پيارو لفظ آ،
سنڌيءَ ۾ موچارو لفظ آ.
موم، مَمِي ڇو مَما چئجي،
ڇو نه امڙ کي امان چئجي.
پيءُ کي بابا چئبو آهي،
نانءُ ادب سان وٺبو آهي.
ڊيڊي، پپا، ابُو ڇو چئون،
رشتن کي سنڌيءَ ۾ سڏيون.
ڀاءُ کي ادا چئبو آهي،
ڀائي چوڻ سُٺو ناهي،
ڀيڻ کي چئبو آهي ادي،
ڇو چئون آپي، ڇو چئون باجي.
پيءُ جي ڀيڻ پُڦي ٿيندي آ،
ڦُپَو چئون ته دل ڏکندي آ.
چاچي کي چاچو ئي چئجي،
مامي کي مامو ئي چئجي.
ڀاڀي سنڌي لفظ ناهي،
ڀاءُ جي زال ڀاڄائي آهي.
پيءُ جا ماءُ پيءُ، ڏاڏو ڏاڏي،
ماءُ جا ماءُ پيءُ نانو ناني.
مٺڙو لفظ آ ماسي مامِي،
ڇا لئه چئجي خالا، آنٽي،
’عارف‘
جيڪي وڏڙا آهيو،
سي ڀي هيءُ ڳالھه سنڀاليو.
پُٽ ۽ ڌيءُ کي پُٽ ۽ ڌيءُ چئو،
ڇو ٿا ڇوٽُو ۽ ڇُٽڪي چئو.
امداد
’سروري‘
آراضي/سيوھڻ
ٻوڏ، راشن، اسڪول ۽ ٻار
ٻوڏ ڇڏيو آ ڳوٺ کي ٻوڙي،
منڇر بند کي ڇڏيئون ٽوڙي،
راشن پويان ٻار ٿو ڊوڙي،
تنھن کي واپس آڻيو موڙي،
اخلاق ادب جو درس جي ھلندو،
ھر ٻار ڪلھي ۾ ٿيلھو ھوندو،
ٻارن کي ھاڻي خوف ٿو ماري،
ھر ڪو خوف ۾ لڙڪ ٿو ھاري،
ٻوڏ بيماري واري واري،
ٻارن ڇڏيو اسڪول وساري،
تن کي پاڻ سان کڻي جي ھلبو،
ھر ٻار ڪلھي ۾ ٿيلهو ھوندو.
جھالت کي جي ختم ڪنداسين،
ٻارن کي مستقبل ڏينداسين،
خوف دل مان تن جي ڪڍنداسين،
تن کي پنھنجي سوچ ڏينداسين،
ان جو سِلو اُستاد کي ملندو،
ھر ٻار ڪلھي ۾ ٿيلھو ھوندو.
گڏجي ڪيون ٻارن جي اڏاوت،
قدم قدم تي گھرجي محبت،
ٻار ئي آھن قوم جي طاقت،
تن جي ذھن مان ڪڍو مصيبت،
ھر ڪو اوهان کي واھه وا چوندو،
ھر ٻار ڪلھي ۾ ٿيلھو ھوندو.
مصيبت ۾ ھي وچن ڪيون ٿا،
بھادريءَ جو ھت درس ڏيون ٿا،
سور نه ڪنھن سان پنھنجو سليون ٿا،
ٻار ٿي ٻارن ۾ ئي جيئون ٿا،
ھنن منجھان ڪو ڀُٽو ٿي اُٿندو،
ھر ٻار ڪلھي ۾ ٿيلھو ھوندو.
وطن جا آهن ٻار سپاهي،
اکين سان ڏٺي جن آهي تباھي،
ٿيندا وڏا ۽ ڏيندا گواھي،
اُستاد اسان جو ٿيو ھو واھي،
ان لاءِ دعائون گھرندو رھندو،
ھر ٻار ڪلھي ۾ ٿيلھو ھوندو.
اچو ته هنن کي ھنر سيکاريون،
دنيا ۾ جيئڻ جو فڪر سيکاريون،
الله رسولﷺ جو ذڪر سيکاريون،
علم جو اھڙو اثر سيکاريون،
اُستاد جو در جي کليل رھندو،
ھر ٻار ڪلھي ۾ ٿيلھو ھوندو.
راشن پويان ٻار ٿو ڊوڙي،
ٻيڙي ملڪ جي ڇڏيئون ٻوڙي،
ھر ڪو پنھنجو ڪيتو لوڙي،
’امداد‘
اوهان کي ھٿ ٿو جوڙي،
ڪتاب قلم جي ٻار کي ملندو،
ھر ٻار ڪلھي ۾ ٿيلھو ھوندو.
سميع سجاد ميراڻي
سنڌيڪا سکر
سالگرهه
گھر کي خوب سجايان ٿي،
گيت ۽ گانا ڳايان ٿي.
اوڙي پاڙي واريون سڀ،
ساهيڙيون به سڏايان ٿي.
ابوءَ کي چئي بازر مان،
ڪيڪ به جلد گھرايان ٿي.
سڀني کي حيراني آ،
ڪنھن کي ڪجھه نه ٻڌايان ٿي.
پنھنجي ننڍڙي گڏڙيءَ جي،
سالگره مان ملھايان ٿي.
***

خير محمد لاکو
سڪرنڊ
اُستاد
اُستاد
اسان جو رهبر آھي،
پيار
سان ٿو
ٻار پڙھائي.
الفاظ
هي پئي اُستاد چيا،
ٻين
کان
به خُوب ٻُڌا.
محنت
سان مَچُ مچي ٿو،
ٻَڌيءَ سان رنگ رچي ٿو.
ساڙ
سدائين ڪرائي ڪمَ بُرا،
جن
جي آھي سخت سَزا.
ان
کي هر هنڌ مانُ ملي ٿو،
علم
تي جيڪو ڌيان ڏِئي ٿو.
دنيا
جي ٿو تاريخ پڙھائي،
واٽ
سدائين سچ جي لائي.
’خير
محمد‘
جو کيس سلام،
عظمت
وارو اُستاد جو نام. |