سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل نومبر  2025ع

باب:

صفحو:3 

 

عابد حسين ڪنڀر

خيرپورناٿن شاهه

علي جي ايمانداري

هڪ ڳوٺ ۾  علي نالي هڪ سادو ۽ سچو ڇوڪرو رهندو هيو. هو روزانو پنهنجي ماءُ سان ٻڪريون چارڻ ويندو هو. هو ھڪ غريب ڇوڪرو هو، پر سندس دل صاف ۽ محبت سان ڀريل هئي. هڪ ڏينھن، جڏهن علي ٻڪريون وٺي ٻيلي طرف وڄي رھيو ھو، ته هن کي رستي ۾ هڪ سون جو سِڪو مليو. علي حيران ٿي ويو. هن سِڪو هٿ ۾ کنيو ۽ سوچڻ لڳو، ته ھي  سون جو سِڪو ڪنھنجو آھي؟ ڪنھنجو ٿي سگھي ٿو؟

علي سون جو سِڪو کڻي سڌو ڳوٺ جي وڏيري وٽ ويو. وڏيرو جيڪو خود پاڻ ھڪ بھترين شخص ۽ ايماندار ماڻھو هو.

عليءَ وڏيري کي چيو! سائين مون کي ھي سون جو سِڪو مليو آهي. جنھنجو به هجي، اوھان مھرباني ڪري اُن کي واپس ڏياريو.

وڏيري مُسڪرائيندي عليءَ کي چيو، علي تون ھڪ غريب ڇوڪرو آھين. تون پاڻ اھو سونَ جو سِڪو رکي سگھين پيو. پر تو ائين نه ڪيو. تون وڏو سچو ۽ ايماندار ڇوڪرو آهين. تنھنجي ھن ايمانداريءَ کي آءٌ سلام پيش ڪريان ٿو. تو جھڙن نوجوان ايماندارن ڇوڪرن جي اسان جي معاشري کي وڏي ضرورت آھي. اڃان ته علي، ڳوٺ جي رستي تي ئي هو، ته هڪ امير ماڻھو پنھنجي سونَ جي سِڪي جي ڳولا ڪندو آيو.

امير ماڻھو چيو، پُٽ منھنجي کيسي مان سونو سِڪو ڪِري پيو آهي. اوھان ڪنھن کي ڏٺو آھي، سون جو سِڪو کڻندي؟ علي امير ماڻھوءَ کي سڌو وڏيري وٽ وٺي آيو.

وڏيري امير ماڻھوءَ کي چيو، علي اهو سِڪو ايمانداريءَ سان واپس ڪيو آهي. ھي سونُو سِڪو اوھان جي امانت آھي. اوھان پاڻ وٽ رکو. امير ماڻھو خوشيءَ مان عليءَ کي دعائون ڏنيون ۽ کيس انعام به ڏنو.

علي ان ڏينھن گھر موٽيو، ته سندس ماءُ پيءُ تمام گھڻا خوش نظر اچي رھيا ھئا ۽ عليءَ کي دعائون ڏئي رهيا هئا. علي مُسڪرائيندي چيو، سچ ڳالھائڻ ۽ ايماندار رهڻ ئي زندگيءَ جو اصل زيور آهي.

سبق

پيارا ٻارؤ! ايمانداري، دليريءَ کان به وڏي خوبي آهي. سچائي هميشه عزت ڏياري ٿي.

***

اظھر آزاد مغل

شڪارپور

قيمتي سبق

راحيل، تو کي سارا سان ايترو آساني سان رلي ملي وڃڻ نه گھرجي، منھنجي امڙ مون کي صبر سان چيو.

پر ڇو ؟ مان منجھيل انداز ۾ سوال ڪيو.

ياد رک، راحيل، ڪجھه دوست سڀ کان وڌيڪ سُٺا ۽ بھترين ھوندا آھن. جن کان مفاصلو رکبو آھي ۽ مان محسوس ڪيان ٿي، ته اھو صحيح نه آھي. جو توکي سارا سان تمام گھڻو رلي ملي وڃڻ گھرجي. تنھنڪري اھو بھتر آھي، ته  پنھنجي دوستي کي محدود ڪر.

منھنجي ماءُ مون کي مشورو ۽ ھدايت ڏني ۽ مون کي پنھنجن خيالن ۾ گم ڪري، ڪمري مان ھلي وئي.

سارا منھنجي سڀ کان بھترين دوست ھئي. ھوءَ مون کان عمر ۾ ٻه سال وڏي ھئي ۽ اسان ساڳي وين ۾ اسڪول ويندا ھئاسين ۽ گڏجي ويھندا ھئاسين. اسان ھر شيءِ گڏجي ڪندا ھئاسين. جيتوڻيڪ اسڪول ۾ مختلف ڪلاسن ۾ ھئڻ ڪري اسان کي الڳ ڪيو ويندو ھو. پر اسان جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار رشتو ھوندو ھو. مان ھن تي انڌو اعتماد ڪري، ڀروسو ڪندو ھوس ۽ اسان ٻئي سدائين ھڪ ٻئي جي لاءِ ھوندا ھئاسين. جڏھن اسان مان ڪنھن کي به ڪو مسئلو پيش ايندو ھو، اسان اھو ھڪ ٻئي سان ونڊيندا ھئاسين ۽ اسان کي سڪون ۽ آرام ملندو ھو. مختصراً، سارا منھنجي لاءِ وڏي ڀيڻ وانگر ھوندي ھئي.

مان پنھنجي ماءُ سان متفق نه ٿيس ۽ سارا سان وقت گذارڻ جاري رکيو. مون کي اچرج ٿيو ته سارا، جيڪا اسڪول ۾ منھنجو سڀ کان وڌيڪ خيال رکندي ھئي، ڪيئن منھنجي لاءِ صحيح نه ٿي ٿي سگھي. اھڙي طرح، مان پنھنجي ماءُ جي مشوري کي اھميت نه ڏني ۽ نصيحت کي نه ٻڌو.

اسان ٻئي شام واري شفٽ ۾ ھئاسين. ائين جڏھن سارا پنھنجي ايندڙ ڪلاس جو امتحان ڏنو، ھن کي صبح واري شفٽ ۾ سينئر ڪلاسز ڏانھن موڪليو ويو. جڏھن ته مان اڃا تائين شام واري شفٽ ۾ ئي ھوس.

ھن بغير ٻن ڀيانڪ سالن کان پوءِ، جڏھن آخرڪار مون کي اڳتي وڌائي سينئرسيڪشن ۾ موڪليو ويو، مون کي ھن جي رويي ۾ وڏو فرق نظر آيو. ھن ائين مسرت ۽ خوشي مان نه ڳالھايو، جيئن ڪڏھن ڳالھائيندي ھئي. حقيقت ۾ ھن بمشڪل ئي مون کي ڀانيو، جيڪو خطرناڪ ۽ اذيتناڪ عمل ھيو. مون کي منھنجي ماءُ جي نصيحت ۽ مشورو ياد آيو، پر سارا منھنجي لاءِ ايتري ته سُٺي ٿي وئي ھئي، جو رويي جي ھن تبديلي تي مون کي يقين اچي نه سگھيو.

پر بيشڪ اھو مشورو صحيح ھو ۽ مون کي انھي ڏينھن تي ئي احساس ٿي ويو ھو. جڏھن سارا ۽ مون ۾ جھيڙو ٿي پيو ھو. اھو تمام خراب جھيڙو ھيو. جنھن مون کي روئڻھارڪو ڪري ڇڏيو. مان سوچي ۽ تصور به نه ڪري سگھيس، ته سارا جو رويو مون ڏانھن سفاڪانه ۽ بيحسيءَ وارو ٿي پوندو. سڀئي منھنجا خواب چڪناچورٿيندي ڏسڻ ۾ ٿا اچن. مان ھن تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار ٿي نه سگھيس.

جھيڙي کان پوءِ، جڏھن اسان اتفاقاً ھڪ ٻئي سان آمھون سامھون ٿيندا ھئاسين، ته اسان پنھنجا منھن ئي مخالف طرف موڙي ڇڏيندا ھئاسين. ھوءَ پنھنجي ھم ڪلاسين کي ھٿ جون گھڙيل ڪجھه ڪھاڻيون ٻڌائي مون کي بدنام به ڪندي ھئي.

مان ھاڻي سمجھي سگھيس، ته منھنجي ماءُ مون کي بلڪل درست فرمايو ھو. مان ھن جي حڪمن کي مڃان ۽ اکين تي رکان ھا. ان سان منھنجو نالو ھن جي داغ لڳائڻ کان بچي وڃي ھا ۽ ڪو حرف نه اچي ھا. مون کي ھاڻي ٿو سمجھه ۾ اچي، ته ھرڪوئي تنھنجو سچو ۽ مخلص دوست نه ھوندو آھي. جيتوڻيڪ اھي ظاھري طور ڏسڻ ۾ ايندا آھن.

***


 

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

حيدرآباد

پاڪستان جي معلومات

       ·پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع تي الڳ ملڪ جي حيثيت سان قائم ٿيو.

       ·23مارچ اهو ڏينھن آهي، جنھن تي پاڪستان جو ٺھراءُ منظور ٿيو. جنھن کي قرارداد پاڪستان سڏيو ويو آهي. انھيءَ هنڌ تي لاهور ۾ مينار پاڪستان ٺھيل آهي.

       ·پاڪستان اسلام جي نالي تي قائم ڪيل، اسلامي جمھوريه پاڪستان جي نالي سڏيو وڃي ٿو.

       ·پاڪستان جي شھر ڪراچيءَ کي اهو اعزاز حاصل آهي، جو مسلم ليگ جو پھريون اجلاس 1907ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيو.

       ·پاڪستان جو هڪ حصو 1971ع جي هندوستان ۽ پاڪستان جي جنگ دوران اوڀرپاڪستان مان بنگلاديش جي نالي تي جدا ٿي دنيا ۾ هڪ الڳ ملڪ جي حيثيت ۾ قائم ٿيو آهي.

       ·هندوستان ۽ پاڪستان ٻه پاڙيسري ملڪ هوندي به ڪجھه مسئلن تي پاڻ ۾ سخت اختلاف رکندڙ آهن. جن جي وچ ۾ ٻه جنگيون 1965ع ۽ 1971ع ۾ لڳي چڪيون آهن.

       ·پاڪستان جي سرحدن کي چين، ايران، افغانستان ۽ هندوستان جا ملڪ ويجھا آهن.

***
امر ادريس درس

ميرپورخاص

ٻه جاڙا ڀائر

عامر ۽ عمير ٻئي سڳا ۽ جاڙا ڀائر هئا. جڏهن ڄاوا، ته گھر ۾ هر طرف رونق ٿي وئي. هر چھرو مسرور ۽ خوش ٿي نظر آيو. خوشي جا گيت ۽ نغما ڳايا ويا. وڏيرو امداد اڄ ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو، ڇو ته هڪ ڊگھي عرصي کان پوءِ ربّ تعاليٰ کين اولاد جھڙي نعمت سان نوازيو هو، اهي به جاڙا، هڪ جيڏا ۽ هڪ جھڙا ٻه ٻار! گُلن جھڙا. ڄڻ ته ربّ سائين پنھنجيون سڀ نعمتون هنن جي جھوليءَ ۾ وجھي ڇڏيون هجن. ربّ کان دعا گھرڻ لڳو، ته شل سندن ڀاڳ ڀلو ٿئي. ٻنھي ٻارن کي ڪوسو واءُ نه لڳي.

وقت گذرندو ويو. وڏيرو امداد تمام گھڻو خوش هو. وڏيري امداد جو ٻنھي ٻارن ۾ ساهه اٽڪيل هوندو هو. اڪثر ڪري پنھنجي اوطاق تي ڪچھري ۾ ٻنھي ٻارن جي واکاڻ ڪندو هو. جڏهن ميرپورخاص شھر ويندو هو، ته پنھنجا ٻئي ٻار ساڻ هوندا هئس. اُهي جيڪا به فرمائش ڪندا هئس، سا پوري ڪندو هو. ٻئي سُھڻي صورت ۽ سُھڻي سيرت جا مالڪ هئا. ڳوٺ ۾ پنج درجا پاس ڪري جڏهن ڇھين درجي ۾ داخل ٿيا، ته عامر وڌ کان وڌ محنت ڪرڻ لڳو. جڏهن ته عمير سوچيو، ته بابا ڳوٺ جو وڏيرو آهي. هر ڀيري جيان مون کي سُٺن نمبرن ۾ پاس ڪرائي ڇڏيندو. ان سوچ عمير کي محنت کان پري ڪري ڇڏيو!

عامر هر هر عمير کي سمجھائيندو رهيو، ته ادا! تون وقت کي زيان نه ڪر، وقت توکان بدلو ضرور وٺندو. هي وقت جا قيمتي لمحا آھن، جيڪي سون کان به وڌيڪ آهن. اهي ٻيھر پاڻ کي موٽي نه ملندا. ان ڪري ادا! تون پنھنجو پاڻ کي ضايع نه ڪر ۽ پاڻ تي رحم ڪر، نه ڄاڻ اڳتي ڇا ٿئي؟ پر عمير جي ڪن تي جونءِ به نه سِري. ويتر هن جي موج مستيءَ ۾ اضافو ٿي ويو. اڳي جيان هن ڀيري به هن پنھنجي هڪ جيڏي ۽ هڪجھڙي ڀاءُ جي صلاح نه مڃي ۽ محنت ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيائين! عامر هر ڀيري جيان محنت ڪندو رهيو، اسڪول کان پوءِ ڪاليج جو سفر به هن محنت ذريعي طئه ڪيو. پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ پير پاتائين. مھراڻ يونيورسٽي جي انٽري ٽيسٽ پاس ڪري، هو يونيورسٽي ۾ هليو ويو. ٻنھي ڀائرن جو سفر گڏ گڏ هو. پر هتي سندن راهون ڌار ڌار ٿي ويون. ڇو ته عمير انٽري ٽيسٽ پاس ڪري نه سگھيو. ڪاليج تائين ته سندس والد هر ممڪن مدد ڪئي. کيس پنھنجي سياسي اثر رسوخ ڪري تعليم جا مرحلا طئه ڪرائيندو آيو. پر آخرڪار اثر رسوخ جو سج لھي ويو! سياسي دائرو اڳتي وڌي نه سگھيو. اُتان کان ٻنھي ڀائرن جا پنڌ الڳ الڳ ٿي ويا. وقت ڪڪرن جيان وڌي رهيو هو، عامر مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي پڙهندي، سي.ايس.ايس جي امتحان جي تياري ڪرڻ لڳو ۽ سندس محنت رنگ لاتو. سندس اوجاڳا نيٺ ڪامياب ٿيا. کيس پنھنجي محنت جو سُٺو ڦَلُ مليو. پاڻ سي.ايس.ايس. جو امتحان پاس ڪري ايريگيشن ۾ سُٺي عھدي تي فائز ٿي ويو ۽ پنھنجي والدين کي به پاڻ سان رهائڻ لڳو.

عمير هر سال بئنڪ مان قرض کڻندو هو. ايتري تائين جو هو قرض ۾ ڪارو ٿي ويو. مٿان وري سنڌ ۾ جيڪا برسات پئي، تنھن سڀني فصلن کي ٻوڙي ڇڏيو. عمير بئنڪ جو قرض به لاھي نه سگھيو. ان ڪري عمير لاچاري ۽ بيوسي واري زندگي گذارڻ لڳو. سندس سڀ دوست ۽ مٽ مائٽ به هٿ ڪڍي ويا. تڏهن کيس پنھنجي سڳي ڀاءَ جا چيل لفظ ياد آيا. هو سوچڻ لڳو، ته ڪاش هو پنھنجي زندگي ڪوڙي اُميد بدران، محنت ڪندي گذاري ها، ته جيڪر اڄ ڪنھن سُٺي مقام تي ضرو هجي ها.

پيارا ٻارؤ! آخرت جو مثال به بلڪل ڪجھه ائين آهي. هن دنيا ۾ عمل کي وڏي طاقت آهي. آخرت ۾ انسان جا عمل ڏٺا ويندا. ڪنھنجي شڪل صورت يا مِٽي مائٽي کيس بچائي نه سگھندي. تنھنڪري ٻارؤ اسان کي ٿورو گھڻو آخرت لاءِ به ثمر گڏ ڪرڻ کپي، ته جيئن اسين اُتي به سرخرو ٿي سگھون.

***

 

محمد پناھه بروهي(شڪارپور)

ڪڇون ۽ سَهي جي ڳالهه

ڪُمي ۽ سھو هڪ رهن گڏ پيا،

انھن ڏينھن هڪڙي تي وعدا ڪيا،

پنھنجي گھر انھيءَ کان ڊوڙيا ٻئي وڃن،

ڇڏي وڻ ويجھي کي پريان وڻ پُڄن.

صبح سان ته گڏجي هتان ٻئي ڀڄون،

ڊوڙي جو وڃي اڳ انھيءَ وڻ پُڄون،

آهي شرط جيڪو هارايل هجي،

ويلو گاهه ٻئي کي کارايل هجي،

ڪُمي پنھنجي رفتار هڪڙي ھليو،

۽ سھو ٽُپا ڏئي ڀڄندو ويو،

ڀڄي ۽ بيھي پيو ڪري پيو ڏسڻ جي،

چيائين ڪڇون پڻ ڪندو نه پُڄڻ جي،

هيٺان هن ننڍي وڻ هاڻي پڻ سُمھان،

آيو هِت ڪڇون پوءِ وري ٿو ڀَڄان.

سُمھڻ سان سَھي کي وٺي ننڊ وئي،

۽ هوڏانھن ڪُمي پنڌ ڪندي رهي،

ڪُمي نيٺ اچي پنھنجي منزل پُڳي،

سھي کي وڏائي دوکي ۾ وڌي!

جاڳي وڻ وڏي طرف ڊوڙيو مگر،

ڪُمي اڳ ۾ ويٺل آئي تنھن کي نظر،

چيئين منھنجي سُستي ۽ منھنجو غرور،

ڪيئون ڪاميابيءَ کان مون کي ڏور،

ڪندو سُستي آڪڙ به جيڪو بندو،

ائين ٿيندو مايوس ۽ شرمندو،

ارادي پڪي سان جيڪو وڌي،

ته منزل مُرادن کي پنھنجي پُڄي،

بروهي پناھه کان قصو هي ٻُڌو،

پڙهو ۽ نصيحت وٺو.
 

عزير احمدعزيرعلوي

الفقير اڪيڊمي شڪارپور

اُُستاد جي مار،

 ٻار جي سنوار!!

جنوريءَ جي مھيني ۾ سخت سيءُ هجڻ سبب سڀئي شاگرد گرم ۽ اوني ڪپڙا پائي اسڪول اچڻ لڳا. هو مٿي تي گرم ٽوپ ۽ پيرن ۾ گرم جوراب ۽ بوٽ پائي پاڻ کي هر طرح ٿڌ کان محفوظ رکڻ لڳا. پر انھن ۾ عبدالڪريم هڪ اهڙو شاگرد هو، جيڪو نه سوئيٽر پائي پيو ۽ نه مٿي تي ٽوپ پيو پائي ۽ پيرن ۾ به رڳو چمپل پائي اسڪول اچي رهيو هو. هڪ ڏينھن ڪلاس ٽيچر سرقربان کيس سمجھايو، ته پُٽ! جنوريءَ جو مھينو آهي ۽ سخت ٿڌ آهي. ان ڪري هر طرح سان پاڻ کي ٿڌِ کان بچاءِ! عبدالڪريم! سائين هيءَ به ڪا ٿڌ آهي؟ ايتري ڪُولنگ ته ڪمري ۾ ايسي (A.C) به ڪندي آهي.

سرقربان بابا! اوهان نوجوان آهيو، ٿڌ سان مستي نه ڪريو ته بھتر آهي. عبدالڪريم! چيو،سر هتي سيءُ هلندو ڪل ٻه مھينا، باقي ڏهه مھينا گرمي هوندي. ان ڪري مون کي ٿڌڪار وڻي ٿو.

ٻي ڏينھن رات جو لکيدر تي عبدالڪريم جو ڪلاس فيلو انيش ڪمار پنھنجي والد سان گڏ وڃي رهيو هو، ته اوچتو!! عبدالڪريم تي نظر پيس جيڪو بائيڪ تي وڃي رهيو هو. صبح جڏهن اسڪول ۾ آيا، ته انيش ڪمار ڪلاس ٽيچر کي ٻڌايو، تهسر ڪالھه رات جو سخت ٿڌ ۾ مون عبدالڪريم کي لکيدر بائيڪ تي گھمندي ڏٺو هو. ايڏي ٿڌ ۾ بائيڪ هلائي رهيو هو. نه مٿي تي گرم ٽوپي ۽ نه وري جسم تي ڪو سوئيٽر

سرقربان! پٽ مون عبدالڪريم کي ڪالھه ئي سمجھايو هيو، پر هو نه ٿو مڙي ڇا ڪجي؟ انيش ڪمار سر! مون عبدالڪريم جو گھر ڏٺو آهي. ان جي والد کي ڏسي اچان؟

سرقربان! مان توکي هڪ خط ٿو لکي ڏيان، اهو عبدالڪريم جي والد کي ڏج! ٻئي ڏينھن صبح جو عبدالڪريم جو والد صاحب ڪلاس ٽيچر سان ملڻ اسڪول آيو، ته سرقربان کيس چيو ته سخت ٿڌ ۾ نه سوئيٽر ۽ ٽوپ پائڻ کان سواءِ گُھمندو رهي ٿو. مان سندس اُستاد آهيان. پر منھنجو چيو به نه ٿو مڃي. اهو ٻڌي سندس والد صاحب وراڻيو، ته سائين قربان صاحب! ڪجھه عرصي کان هي ڇوڪرو صفا بي چيو ٿي چڪو آهي.

سرقربان ڇو ڀلا؟ پيءُ جي چئي ۾ ڇو نه آهي؟

عبدالڪريم جو والد سائين! روز نيون فرمائشون ڪندو رهي ٿو، ان ڪري آءٌ ته پريشان ٿي ويو آهيان!

سر قربان: آءٌ هاڻ کيس سزا ڏيندس. عبدالڪريم جو والد سائين! اها اوهان جي مھرباني ٿيندي. مون کي ڇوڪرو سُڌاري ڏيو.

ان کان پوءِ عبدالڪريم جو پيءُ سرقربان کان موڪلائي هليو ويو. ٻئي ڏينھن سرقربان عبدالڪريم کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کيس چيائين،مون توکي پيار مان نصيحت ڪئي، پر ان جو توتي ڪو به اثر نه ٿيو. گھر ۾ به پيءُ ۽ ماءُ کي تنگ ٿو ڪرين. هاڻ تنھنجو علاج هن لَڪُڻِ ۾ آهي. پوءِ سر قربان کيس لَڪُڻ جو ٺاهوڪو ڪُٽڪو ڏنو! سخت ٿڌ ۾ عبدالڪريم کي لَڪُڻن واري مار صفا ڀاڙِي ڪري وڌو ۽ هن روئيندي سر قربان کي چيو، ته سائين مون کي معاف ڪريو آئينده آءٌ مٿي تي گرم ٽوپ، سوئيٽر ۽ بوٽ، جورابا پائي ايندس ۽ بائيڪ تي به نه گھمندس ۽ بابا ۽ امان کي به تنگ نه ڪندس. آءٌ واعدو ٿو ڪريان.

هاڻ عبدالڪريم! بلڪل سُڌري ويو هو. اسڪول ۾ گرم ڪپڙا، بُوٽ، جورابا پائي اچڻ لڳو ۽ پيءُ ماءُ جو به چيو مڃڻ لڳو.

ٻارو! ڏسو عبدالڪريم کي اُستاد صاحب پيار سان نصيحت ڪئي، ته هن ان تي عمل نه ڪيو. پر جڏھن کيس مار ملي، ته هُو سُڌري ويو. ان ڪري سچ چيو اٿن، ته مار ٻار جي سنوار.

***


 

محرم شيخ

لاڙڪاڻو

سهڻا سخن

       ·جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته ماڻھن کي پنھنجو ڪرڻو آھي، ته ھر ماڻھوءَ جي دل جي چاٻي سُڃاڻو.

       ·لالچي ماڻھوءَ کي نصيحت نه ڏيو، بلڪ کيس ٿوري لالچ ڏيکاريو، اھا ئي سندس واٽ آھي.

       ·مغرور ۽ گھمنڊ ۾ آيل ماڻھو سان بحث نه ڪريو ۽ نه ئي کيس جھڪائڻ جي ڪوشش ڪريو، اوھان پاڻ جھڪي وڃو، سندس مغروري ۽ گھمنڊ پاڻھي ٽُٽي پوندو.

       ·بيوقوف ماڻھوءَ کي دليل سان سمجھائڻ جي ڪوشش نه ڪريو، کيس پنھنجي رستي تي هلڻ ڏيو، ڀلي منزل تي پھچي يا ڌوڪو کائي، پاڻ سمجھي ويندو.

       ·عالم (علم واري) کان ڪجھه نه لڪايو، کيس سچ ٻُڌايو، ڇو ته سندس جون نظرون ڪُوڙ کي به سڃاڻي وٺن ٿيون.

       ·جيڪو ماڻھو ڪنھن سبب اڪيلو آهي، ان کي نصيحت نه ڏيو. اُن جو ساٿ ڏيو. ھن جو هٿ پڪڙيو، ھُو دنيا فتح ڪري وٺندو.

       ·جيڪڏهن ڪو ماڻھو بُکيو آهي، ته کيس تقرير نه ٻُڌايو،  صرف اُن کي مانِي ڏيو. ڇو ته اُن وقت بُک ئي سندس سڀ کان وڏو سچ آهي.

***


 

مھرالنساء جويو

ڄام شورو

چنڊ کان انٽرويو

چوڏهين جي رات چنڊ پنھنجي آب ۽ تاب سان سوين سينگار ڪري اچي نيري آسمان تي ڪروڙين تارن جي وچ ۾ ٽڪ هڻي بيھي رهيو هو. پر آءٌ هلان ته مون سان گڏ هلي پيو. آءٌ ويھان ته هي بيهي رهي پيو. آءٌ کِلان ته هي به کِلي پيو. مون سوال ڪرڻ شروع ڪيا.

سوال: تون ايڏو اڇو ايڏو سھڻو ۽ وڻندڙ ڇو آهين؟ اونداهيءَ کي به روشنيءَ ۾ بدلائي ٿو ڇڏين. لطيف سائين کان وٺي هر شاعر جي زبان تي تنھنجي ساراهه ئي ساراهه! ڪجھه پنھنجي ساراهه جي باري ۾ ٻُڌائيندا؟

جواب: اصل ۾ مان ڪارو هڪ پٿر نموني آهيان. جيئن ته انسان ويچارو اصل ته آهي مٽي، پر اهي ربّ پاڪ جا احسان ۽ ڪرم ئي آهن جو اشرف المخلوقات جو درجو اُتم ڪيائين ۽ اهو انسان مقدس لفظن ۾ منھنجي ساراهه ڪرڻ لڳو آهي. مون کي ربّ پاڪ اهڙي عزت سان نوازيو آهي جو گھڙيال به مون تان رِيس ڪري وقت ٻُڌائڻ لڳو آ. پر ان کي انسان پنھنجن هٿن سان ٺاهيو آهي ۽ مون کي قدرت واري جي حڪم سان روشني سج کان ملندي آهي ۽ مان اسلامي مھينن جي حساب ڪتاب لاءِ مقرر ڪيو ويو آهيان. جيئن ماڻھو پنھنجي زندگيءَ جا ونھوار پنھنجي حساب سان رکن. رات جو چمڪڻ به منھنجو ماڻھن ۽ هن ڪائنات لاءِ وڏو فائديمند آهي. پر اصلي ڳالھه اها آهي، ته منھنجي هجڻ سان ڌرتيءَ تي رهندڙن کي فائدي سان گڏ ذهني خوشي پڻ ٿيندي آهي ۽ ٻار مون سان گڏ راند به ڪندا آهن. آءٌ بيٺو هڪ جاءِ تي آهيان، پر ٻار ڊوڙون پائن ته ائين ڏسن ٿا، ته آءٌ به انھن سان گڏ ڊوڙان پيو. ٻارن سان گڏ آءٌ ڏاڍو خوش ٿيندو آهيان.

سوال: اڇا! چنڊ صاحب اوهان اهو ٻُڌائيندا، ته اوهان جي پيٽ ۾ وڻ نظر ٿو اچي! ان جو ڇا سبب آهي؟

جواب: اصل ۾ مان پھريائين اهو عرض ڪري چڪو آهيان، ته مان ڪارو پٿر آهيان. اها ربّ ٻاجھاري جو شانُ مبارڪ آهي، جو مون کي روشني ڏيئي، مون کي ايڏو خوبصورت بڻايو اٿس. اهو ان ڪاري پٿر جي نشاني آهي ۽ ماڻھو موهجي پوندا آهن، منھنجي سونھن ڏسي، ته پوءِ شاعر جو ذهن سان گڏ قلم به نه رڪجي سگھندو آهي.

سوال: ڀلا چنڊ صاحب! اوهان کي پياري نبيءَ محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن پاڻ پنھنجي هٿ مبارڪ جي شاهد آڱر سان به ٽڪرا ڪري ڏيکاريو. اهو توهان ڪھڙن لفظن ۾ بيان ڪندا؟

جواب: اها منھنجي خوشنصيبي هئي، جو حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم ۽ ربّ پاڪ جي حڪم سان مون نشاني طور ڪري ڏيکاريو ته جيڪي ٻيا چنڊ کي پوڄڻ وارا آهن، اهي ڏسي وٺن ته چنڊ به هڪ سيارو آهي. ربّ پاڪ جي نشانين مان هڪ آهي. ان کي به فنا ٿيڻو آهي. ان ڪري مون چنڊ جي پُوڄا نه ڪريو هرگز نه. آءٌ به هڪ بيجان سيارو ئي آهيان. عبادت جي لائق صرف اها پاڪ ذات اسان جي ۽ ساري ڪائنات جي خلقڻھار جي آهي، جيڪو اوهان جو، اسان جو ۽ ساري ڪائنات جو خالق مالڪ آهي.

سوال: اڇا! ته چنڊ صاحب تارن جي باري ۾ توهان ڇا چوڻ فرمائيندا؟

جواب: تارا منھنجا پيارا ساٿي آهن. اهي به پٿر ئي آهن ۽ مون وانگر سج کان اُڌاري روشني وٺي ڏينھن جو غائب، رات جو نموندار ٿين ٿا. توهان ٻارن پڪي پھرئين جي ڪورس واري ڪتاب ۾ ته پڙهيو هوندو، اسان جي جوت جي نه هجي ته واٽھڙو ڪا واٽ نه لھن. منھنجي ۽ تارن مان ڌرتيءَ تي رهندڙن کي گھڻو فائدو آهي.

سوال: آخر ۾ چنڊ صاحب ٻارن لاءِ ڪو پيغام ڏيندا؟

جواب: منھنجو ٻارن لاءِ هي پيغام آهي، ته پيارا ٻارؤ لکو پڙهو خوب محنت ڪريو، ته مون چنڊ ۽ تارن وانگر چلڪندا چمڪندا رهندا ۽ آءٌ چنڊ آخر ۾ توهان جو ۽ پڙهندڙن جو بيحد شڪر گذار آهيان، پر تمام گھڻو شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جو ٿورائتو آهيان. جنھن مون کي ايڏو مانُ مرتبو ۽ عزت آبروءَ سان پنھنجي شاعريءَ جي زينت بنايو اٿس. اها منھنجي لاءِ تاقيامت تائين فخر جوڳي ڳالھه آهي ۽ ٻين شاعرن جو به شڪر گذار آهيان، جن مون کي پنھنجي ڏات ۾ اول رکيو آهي.

ورکا هاشم

پبلڪ اسڪول/ميرپورخاص

محنت جو ڦَلُ

هڪ ننڍڙو خاندان  هوندو هو، جنھن ۾ ٽي ڀاتي هوندا هئا. ان ۾ هڪ ننڍي ڇوڪري هوندي هئي، جيڪا اسڪول پڙهندي هئي، هڪ ان جي ماءُ ۽ ٻيو ان جو پيءُ هوندو هو. هُو ڏاڍا غريب هوندا هئا. ان ڇوڪريءَ جا ماءُ پيءُ هڪ انبن جي باغ ۾ ڪم ڪندا هئا ۽ پنھنجي ڌيءُ کي هڪ نم جي ڇانوَ ۾ ويھاري، پاڻ انبن جي پَٽائِي ڪندا هئا. جيڪو به پئسو ملندو هون، اُن مان کاڌو ۽ ٻين پئسن مان پنھنجي ڌيءُ جي پڙهائي جو خرچ وغيره وٺندا هئا. ائين ڪندي ڪندي جڏهن ان پنھنجي پڙهائي پوري ڪئي. پوءِ هڪ سُٺي ڪمپنيءَ ۾ هن کي نوڪري ڪرڻ جي آڇ ٿي ۽ ان جي ٽيسٽ ڏني. جيڪا هن ڇوڪريءَ سٺي نمبرن سان پاس ڪئي. پوءِ هن کي نوڪري ملي وئي. ان نوڪري ملڻ تي هن جا ماءُ پيءُ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ پنھنجي هن ڇوڪريءَ تي ناز ڪرڻ لڳا، ته تو محنت سان پڙهائي ڪري ڪامياب ٿي آهين ۽ تو اسان سان گڏ پنھنجي ملڪ جو به نالو روشن ڪيو آهي.

پيارا ٻارؤ! تڏهن ته چوندا آهن، ته محنت جو ڦَلُ مٺو هوندو آهي. اوهان به خوب محنت ڪري پڙهو ۽ پنھنجي ماءُ، پيءُ ۽ پنھنجي ملڪ جو جو نالو روشن ڪريو.

خالد ڀٽي

شڪارپور

زورا

هڪ  رات بلو سٽي نالي شھر جي سمنڊ ۾ هڪ وڏو طوفان آيو. سامونڊي طوفان جون ويرون ايتريون ته اوچيون هيون، جو ڄڻ جبلن وانگر نظر اچي رهيون هيون. هڪ وڏو ٻيڙو، جيڪو سامان سان ڀريل هو، سو طوفان ۾ ڦاسي پيو. پاڻيءَ جو شديد زور هو، ٻيڙو طوفان ۾ لڏڻ لمڻ  لڳو ۽ نيٺ هڪ هنڌان ڀڄي ٽُٽي پيو. ماڻھو پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، پر پوءِ ٻيڙو ٻڏي تباھه ٿي ويو، ٻيڙي ۾ ڪيتري ئي سامان سان گڏوگڏ وڏا وڏا  باڪس به هئا، جيڪي سمنڊ ۾ ڪِري پاڻيءَ جي تيز موجن حوالي ٿي ويا. انھن مان هڪڙو باڪس ترندو ترندو ڪناري تي اچي کُلي  ويو. جنھن مان هڪڙي عجيب مشين نڪري آئي. اھا مشين اصل ۾ هڪ روبوٽ هو، جنھن جو نالو هو زورا..

زورا جون اکيون  هوريان هوريان ٽمڪڻ لڳيون، هن پنھنجي ڌاتوءَ وارن هٿن ۽ پيرن کي چورڻ شروع ڪيو ۽ اٿي کڙو ٿيو. زورا جي اڳيان ڪا به عمارت ۽ ڪابه ديوار نه هئي، رڳو وڏا وڏا وڻ، عجيب ۽ انوکا گُل پَن ۽ ٻُوٽا هئا، پکين جون نراليون لاتيون، جيت جڻيا ۽  لھرن جو شور هو. زورا حيران ٿي پاڻ سان  ڳالھائيندي چيو، هيءَ الائجي ڪھڙي جاءِ آهي؟ مان هتي هن هيڏي ساري جھنگ ۾ اڪيلو اڪيلو...! شايد مان ڪنھن ٻيٽ ۾آهيان.!!

جھنگ جا سڀئي جانور هن نئين ۽ اوپري آيل مھمان کي ڏسي ڊڄي ويا. سيھڙ وڃي پنھنجي ڏر ۾ لڪا. پکي زورا کي ڏسي ٻوليون ٻولي رهيا هئا. رڇن ۽ ڀولڙن پري کان روبوٽ  کي ڏٺو، ته پاڻ ۾ چيائون پئي هي لوهي ديوَ اسان کي نقصان ڏي ئي ڏي!

زورا پھريان پاڻ کي ڏٺو، پوءِ جانورن ڏانھن نھار ڪئي، هو سمجھي ويو، ته سڀ  کانئس ڊڄن ٿا. هو سوچڻ لڳو، ته جيڪڏهن مان اهو کين محسوس نه ڪرائيندس، ته مان سندن ساٿي آهيان، ته مان سدائين اڪيلو ئي رهندس. زورا خاموشيءَ سان جانورن کي ڏسندو رهيو. هن نوٽ ڪيو ته پکي ڪيئن پنھنجا آکيرا ٺاهين ٿا، هرڻ ڪيئن گڏجي پاڻي پيئن ٿا ۽  سيھڙ زمين ۾ ڪيئن ڏر ٺاهي رهن ٿا.

زورا فيصلو ڪيو، ته مون کي انھن کان سکڻو پوندو، جيئن اهي جھنگ ۾ گذارين ٿا، تيئن مون کي به گذارڻو پوندو.

هڪ ڏينھن، هڪ ننڍڙو پکي اُڏامڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ته اوچتو هو وڻ تان پَٽَ تي ڪِري زخمي ٿي پيو. ننڍڙي پکيءَ جي ماءُ پکي زور زور سان دانھون ڪرڻ لڳي، آهي ڪو جيڪو منھنجي مدد ڪري. منھنجي ٻچي کي ڪو بچائي. زورا اڳتي وڌيو. هو احتياط سان جھڪيو ۽ پنھنجي ڌاتوءَ جي هٿن سان ٻچي کي کنيو. سڀ پکي ڊڄي ويا.هاڻ هو منھنجي ٻچي کي  نه ڇڏيندو، کائي ويندو! پر زورا ٻچي کي واپس وڻ ۾ رکيو ۽ پوءِ احتياط سان سندس آکيري ۾ واپس رکيو.

ننڍڙي پکيءَ جي ماءُ خوش ٿي چيو، هي روبوٽ اسان جو دشمن ناهي، هي ته اسان جو واهرو ۽ مددگار آهي! ان ڏينھن کان  زورا کي جانور پيار ۽ عزت واري نظر سان ڏسڻ لڳا. سيھڙ به آهستي آهستي پنھنجو ڊپ ختم ڪري، زورا جي ويجھو اچڻ لڳا ۽ هرڻن به ڊڄڻ ڇڏي ڏنو. زورا کي پھريون ڀيرو ائين لڳو، ته مان اڪيلو ناهيان، شايد هي سمورا  جانور منھنجا دوست آهن .

وقت گذرندو ويو. زورا روبوٽ هاڻي ٻيٽ جي زندگيءَ جو حصو بڻجي ويو هو. هو هرڻن سان گڏ چراگاهن ۾ ڊوڙندو وتندو هو. رڇن سان کيڏندو، پکين سان ٻولاچاري ڪندو هو. زورا هاڻي اهو به سکي ورتو هو ته برسات کان ڪيئن بچبو آهي، پاڻيءَ مان مڇيون ڪيئن پڪڙبيون آهن ۽ وڻن مان ميوو ڪيئن لاهبو آهي.

زورا جانورن کي به نيون ڳالھيون ۽ نوان نوان سبق سيکاريندو هو. هن کين ٻڌايو ته گڏجي رهڻ ۾ طاقت آهي. جيڪڏهن ڪو زخمي ٿي پوي، ته سڀني کي گڏجي ان جي مدد ڪرڻ گھرجي. سڀ جانور هاڻي زورا کي پنھنجو سمجھڻ لڳا هئا. انھن کان هاڻي اهو وسري ويو هو، ته زورا هڪ مشين آهي. انھن لاءِ هو رڳو هڪ دوست، هڪ مددگار ۽ جھنگ جو محافظ هو.

هڪ ڏينھن نون ۽ اوپرن ماڻھن سان ڀريل هڪ  ٻيڙي ٻيٽ تي اچي پھتي. انھن ماڻھن جڏهن زورا کي ڏٺو، ته اهي حيران ٿي ويا. انھن مان هڪڙي همراھه چيو، هي ته اسان جو  ئي ٺاهيل روبوٽ آهي! هن کي هتان واپس وٺي هلڻو پوندو!

سڀئي جانور اُداس ٿي ويا. سيھڙ روئڻھارڪا ٿي ويا، پکي شور ڪرڻ لڳا. هرڻ اُداسيءَ مان زورا ڏانھن ڏسڻ لڳا. نه..! نه! زورا هاڻي اسان جو آهي، هو اسان جي ڪٽنب جو حصو آهي! سڀني گڏجي چيو. زورا به چيو، مان توهان جو ٺاهيل ضرور آهيان، پر مون هن جھنگ مان گھڻو ڪجھه سکيو آهي. مون کي دوستي، محبت ۽ گڏجي رهڻ جي طاقت هنن جانورن ئي سيکاري آهي. مان اوھان سان ڪونه ھلندس. ٻيٽ تي آيل ماڻھن ٽھڪڙا ڏنا ۽ چيائون، شايد هاڻي زورا اسان کان وڌيڪ هن جھنگ جو ٿي ويو آهي، اچو ته واپس ٿا هلون.

ان ڏينھن کان پوءِ زورا جانورن سان ئي گڏجي رهندو هيو. بلو سٽيءَ جو اهو انوکو جھنگ هاڻي رڳو وڻن ٻوٽن ۽ جانورن  جو ٿاڪ نه رهيو ھو، پر دوستيءَ ۽ محبت جو هڪ مثال بڻجي ويو هو.

پيارا ٻارؤ! هن ڪھاڻيءَ جي روشنيءَ ۾ اسان سکيوسين، ته  اوپرا به وقت گذرڻ سان سڀ کان ويجھا دوست بڻجي سگھن ٿا. دوستي ۽ محبت دلين کي جوڙي ٿي.  گڏجي رهڻ ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ ۾ ئي اصل طاقت آهي.

***

رضوان علي نھڙي

پبلڪ اسڪول/ميرپورخاص

سونا صُوف

هڪڙا ٽي ڀائر هوندا هئا، جن جو پيءُ بادشاهه وٽ مالھي هوندو هو. بادشاهه وٽ سون جي صوفن جو باغ هوندو هو ۽ مالھي روز صوف ڳڻيندو هو. هن جي باغ مان روز هڪ صوف غائب ٿي ويندو هو. بادشاهه مالھي کي چيو، ته رات جو ڪير باغ ۾ پھرو ڏيندو؟ مالھيءَ جو وڏو پُٽ اڳتي وڌيو ۽ چيو، ته بادشاهه سلامت! اڄ رات آءٌ پھرو ڏيندس. پوءِ رات ٿي ۽ وڏو پُٽ  باغ ۾ پھرو ڏيڻ لڳو، ڪجھه رات گذرڻ کان پوءِ، وڏو پُٽ  باغ ۾ هڪ وڻ هيٺ سُمھي رهيو ۽ صبح جو وري هڪ صوف غائب هو.

بادشاهه ڪجھه ناراض ٿيو ۽ چيو، ته هاڻي ٻيو ڪير پھرو ڏيندو، اوهان مان؟ مالھيءَ جو ٻيو پُٽ اڳتي وڌيو ۽ چيو، ته بادشاهه سلامت! اڄ رات آءٌ پھرو ڏئي، ان چور کي جھليندس. پوءِ رات ٿي ۽ مالهي جو ٻيو پُٽ پھرو ڏيڻ لڳو ۽ هن کي به ننڊ اچي ويئي ۽ صبح جو وري به هڪ صوف غائب هو!

بادشاهه سلامت! وري ناراض ٿي پيو ۽ چيائين ته هاڻي ڪير پھرو ڏيندو؟ مالھي جي ٽئين پُٽ چيو، ته بادشاهه سلامت! اڄ رات آءٌ پھرو ڏئي، ان چور کي پڪڙيندس.

نيٺ رات ٿي ۽ مالھيءَ جو آخري ۽ ننڍو پُٽ پھرو ڏيڻ لڳو ۽ رات پوري گذاري، آڌيءَ رات جو هڪ آواز ٻُڌائين، جيڪو ڪنھن پکيءَ جي پرن جو هو. مالھيءَ جو ننڍو پُٽ ڊوڙندو آيو ۽ ڏٺائين ته هڪ سونن پرن وارو پکي آهي. پوءِ هن تير ٺاهي پکيءَ کي هنيو، ته پکي اُڏري ويو. پر سندس هڪڙو سونو پرُ بچائي نه سگھيو ۽ تير وڃي، پرَ کي لڳس ۽ هڪ پَرُ وڃي زمين تي ڪري پيو. پوءِ صبح جو اهو پرُ وڃي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو.

بادشاهه سلامت! چيو، ته ڪير اُن پکيءَ کي جھلي ڳولي، اچي مون کي آڻي ڏيندو؟ ان کي مون کان پوءِ بادشاهي ڏني ويندي.

پوءِ مالھيءَ جو وڏو پُٽ حامي ڀري سفر تي نڪتو ۽ اهو واپس نه آيو. پوءِ ٻئي پُٽ حامي ڀري ۽ سفر تي ويو اهو به واپس نه آيو. پوءِ ننڍي پُٽ حامي ڀري سفر تي ويو، اهو وڃي هڪ شھر ۾ رهڻ لڳو ۽ جيئن تيئن ڪري ان وڃي سوني پکيءَ کي جھلي ورتو. واپس پنھنجي ملڪ ڏانھن ايندي، واٽ تي پنھنجي ٻنھي ڀائرن کي هڪ جِنَ وٽ قيد ڏٺائين. پوءِ اُن جِنَ سان مقابلو ڪري، ڀائرن کي ڇڏائي، ڪشالا ڪاٽي واپس پنھنجي ملڪ اچي سھڙيا.

پيءُ پنھنجي ٽنھي پُٽن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اهو پکي کڻي اچي بادشاهه سلامت جي اڳيان پيش ڪيو. تڏهن بادشاهه سلامت پاڻ پنھنجي بادشاهي مالھيءَ جي ننڍي پٽ جي حوالي ڪئي، ۽ پاڻ وڃي خدا جي عبادت ڪرڻ لڳو. اڃان ڪلھه ڏٺاسين، ته سڀ ڏاڍا خوش لڳا پيا هئا!!

***

شعيب خان ابڙو (ڪلاس پنجون)

دي اوريئينٽل اسڪول سسٽم ميرپوربٺورو

ڪامو جي عجيب بُک

هڪ ڳوٺ ۾ ڪامو نالي هڪ غريب ڇوڪرو رهندو هو. سندس ڪپڙا پراڻا، جُتي ڦاٽل ۽ پيٽ ۾ هر وقت بُک رهندي هئس! سڀ چوندا هئس، ڪامو بُکيو آهي، کيس ڪجھه کارايو.

اصل ۾ ڪامو جي بُک ڪجھه ٻي هئي. هُو چاهيندو هو، ته سڀ ماڻھو سندس تعريف ڪن. سندس نالي جا گيت ڳائين ۽ کيس خاص ماڻھو سمجھن. مطلب ته هو تعريف جو بُکيو هو. ڳوٺ جو رئيس حاڪم خان وڏو ماڻھو هو. جيڪو پنھنجي ڳالھه مڃرائڻ لاءِ ڪنھن به حد تائين وڃي سگھندو هو. ڪامو پنھنجي سڃاڻپ ۽ مشھوري لاءِ رئيس جي پويان لڳي ويو ۽ هو ڳوٺ جي ماڻھن جون ڳالھيون وڌائي رئيس کي ٻُڌائيندو، ته جيئن رئيس خوش ٿئي. رئيس کيس ڪڏهن ڪڏهن ماني به ڏيندو هو. جنھن تي ڪامو خوش ٿيندو ۽ چوندو هو، ته، مان ته هاڻي رئيس جو خاص ماڻھو آهيان. پر ڳوٺ جا ٻار کيس ڏسڻ سان لڪي ويندا هئا. سندس پراڻا دوست به ڇڏي ويا ۽ هو چوندا هئا، ته ڪامو هاڻي رئيس جو ماڻھو آهي اسان جو ناهي رهيو.

هڪ ڏينھن ڪامو رئيس کي پنھنجي پاڙي جي نياڻي رمشا بابت ڪوڙ هڻي ٻُڌايو، ته جيئن رئيس وڌيڪ خوش ٿئي. جنھن تي رئيس کيس ڪجھه پئسا به ڏنا. پر جڏهن رمشا کي هن ڳالھه جي خبر پئي، ته هن ڪاموءَ کي سمجھايو ڪامو! ماني جي بُک ته ٺيڪ آهي. پر ڪوڙي ڳالھه ڪري پاڻ کي وڻائڻ جي بُک تون نٿو ماري سگھين! سچ ڳالھاءِ، سچ ۾ ڀلائي آهي. رمشا جي ڳالھين ڪامو کي ڏاڍو شرمندو ڪيو.

ڪجھه ڏينھن بعد جڏهن ڳوٺ وارن رئيس کي ڪامو جي چالن جي باري ۾ سمجھايو، ته رئيس پاڻ ئي ڪامو کان پري ٿي ويو. هاڻ ڪامو اڪيلو رهجي ويو هو، نه رئيس، نه دوست، نه ڪنھن جو سلام. هڪ ڏينھن ڪامو وڻ هيٺ ويھي سوچي رهيو هو، ته مون سڀ ڪجھه وڃائي ڇڏيو! صرف ان لاءِ ته ماڻھو مون کي سُڃاڻن! ۽ منھنجي وهواهه ڪن! پر هاڻي ته مان پاڻ کي به نٿو سُڃاڻان.

اهو ڏينھن هو جڏهن ڪامو پنھنجي اصل بُک کي سمجھي ورتو، ۽ هن فيصلو ڪيو، ته هاڻي هو ڪوڙ نه ڳالھائيندو. سچو رهندو ۽ ٻِيھر پنھنجي دوستن کي واپس آڻيندو.

اخلاقي سبق.

پيارا ٻارؤ! سچائي، ايمانداري ۽ دوستيءَ جي ڪابه قيمت ناهي هوندي. جيڪڏهن اسين ڪوڙ ڳالھائي واڌايون وٺڻ چاهيون، ته پوءِ اسين پنھنجو پاڻ وڃائي ويھون ٿا. خوشي سچ ۽ صفائي ۾ ئي آهي.

***

سرمد عباسي                    (قسط: يارهين)

خانواهڻ

سپِي،  سارنگ ۽ مَتارو

}ٻاراڻو ناول{

بيوقوف ماڻھو.تُون... متاري ڪجھه چوڻ گھريو پر ٻه، ٻيون گوليون لڳندي ئي ھُنَ اُڇل کاڌِي ۽ اُونڌو ٿي،جبل تان ھيٺ وڃي ڪِريو.

جلدي اچو سپي. ٻاھر نڪرو. آڪاش اُٿندي چيو. سپيءَ ۽ سارنگ به سڀ ڪجھه ڏٺو ھو، سو ھنن ٻاھر نڪرڻَ ۾ دير ئي ڪو نه ڪئي.

جلدي اڳتي وڌو. آڪاش سپيءَ جو ھٿ پڪڙيندي چيو. سارنگ به سپيءَ جي پُٺيءَ تي ھٿيڪو ٿيو ۽ ھُو تڪڙا تڪڙا سنڌو ڪالونيءَ ڏانھن وڌڻَ لڳا.

***

متارو جيئن ته ڪارٽون ھو سو مري ته ڪو نه پئي سگھيو پرَ گوليون ۽ ٻيون شيون لڳڻ جي ڪري لوڙيائين ڏاڍو پئي. ھيلَ به کيس مٿي ۾ ٽي گوليون لڳيون ھيون.گوليون لڳندي ئي ھن کي ايئن لڳو ھو، ڄڻ ته ٽي تپيلَ لوھي شِيخون ھنَ جي بُتَ ۾ لَھِي ويون ھجن. مٿان وري اونڌو ٿي ھيٺ ڪِرڻ مھلَ، ڪيترا ئي چُھنبدار پٿر ھن جي بُتَ ۾ کُپي ويا ھئا ۽ ھُو ڪجھه دير لاءِ بيھوش ٿي ويو. سچو پچو شينھن ھجي ھا، ته پڪَ سان ٻيو ساھه به نه کڻي ھا ۽ مَري وڃي ھا.

ھوريان ھوريان متاري جي پِيڙا ختم ٿيڻ لڳي ۽ کيس ھوش اچڻَ لڳو. ھوشَ ۾ اچڻَ کان پوءِ به متارو، چڱي دير تائين اتي ئي ڪا چرپر ڪرڻَ کان سِواءِ پيو رھيو.ھتان کان چڱو ته ٽي ويءَ ۾ ھوندو آھيان. جُٺِ اُتي به ٺاھوڪي ٿيندي آھي، پر ھتي ته اھڙي حالت ڪئي اٿن ڄڻُ شينھن نه پرَ ڪو رولُو ڪتو ھجان. متاري اُٿندي، پنھنجو پاڻَ سان ڳالهايو. اُٿي بيھي ھنَ پنھنجو پاڻَ کي ڪنھن ڍورَ جيان لوڏا ڏنا، ته سندس بُتَ ۾ ٽُنبيل پٿر ھيٺ اچي ڪِريا. پاڻَ کي نؤبَنو (تندرست)  محسوس ڪري متارو سرھو ٿي ويو. ھنَ پوئتي ٿي مٿي نھاريو. ھُو چڱي مٿانھينءَ تان ڪِريو ھو. ڪارٽون ھو، تنھنڪري ئي حياتي بچي وئي ھئس. ھُنَ چؤڦير نھاريو.ھُو بازار جي پھرين دڪان جي پُٺيان، دڪان ۽ جبلَ جي وچ ۾ اچي ڪِريو ھو. اوڀر پاسي ئي جبلَ جي ڀِتِ واري ڀاڱي کان پوءِ سنڌو ڪالونيءَ جا گھرَ ھئا.متاري کي به اوڏانھن ئي وڃڻو ھو. دڪان جي ڇتِ وٽان جبل ۽ ڇت ۾ سٺي وِٿي ھئي. ھُو اُتان ٽَپي سولائيءَ سان روڊَ تي پھچي پئي سگھيو. مون کي روڊَ واري پاسي کان سنڌو ڪالونيءَ ڏانھن وڃڻ کپي. ايئن مان سپيءَ ۽ سارنگ کان اڳ سنڌو ڪالوني پھچي ويندس. متاري پاڻَ سان ڳالھايو. ھُو دڪان جي ٽِڪنڊي ڇت ڏانھن نھارڻَ لڳو ۽ پوءِ ھڪ وڏو ٽپُ ڏئي ڇت تي پھچي ويو.

مينھن ھاڻي وسڪاري جيان وسي رھيو ھو، پرَ متاري کي ڪا به ڳڻتي نه ھئي. ھُو پراڻي زماني جو ڊرائنگ شِيٽ تي ٺھيل شِينھن ڪو نه ھو. ھُو ته نئين دور جو ڪمپيوٽر سافٽ ويئر تي ڊِزائين ڪيل ڊجيٽل شينھن ھو. سو کيس مينھن ۾ پُسڻَ توڙي سيءَ ۾ ڏڪڻَ جي ڪا به پرواھه ڪونه ھئي. ڇت تي پھچي ھن ڪنڌَ کي ڌُونڌاڙي، پنھنجي گھاٽن وارن کي ڇَنڊڪو ڏنو ۽ ڇتِ تان لھڻَ جو سوچيائين پئي، جو ھڪ آواز ھن جي ڪنن ۾ پيو.

 ھتان مٿي چڙھڻَ لاءِ دڳُ آھي.ھل ته ھلون. متارو ڏاڍي ڌيانَ سان اڳتي وڌيو ۽ پاڻَ کي لڪائيندي ھيٺ،آواز واري پاسي نھاريو. کيس، روڊَ تي ھڪ موٽرسائيڪل ۽ ٻه ماڻھو ڏسڻَ ۾ آيا. ماڻھن کي ڪُلھن تي بندوقون ڏسي، متارو تڪڙ ۾ پوئتي ٿي ويو. لڳي ٿو، ته ھتي بندوقون مفت ۾ ملن ٿيون! ھر ماڻھوءَ وٽ بندوق آھي. متاري وات چِٻو ڪري، پاڻَ سان ڳالهايو. ھُو اُتي ئي بيھي رھيو ۽ ماڻھن جي وڃڻَ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو.

***

آڪاش، سپي ۽ سارنگ سنڌو ڪالونيءَ ڏانھن وڌي رھيا ھئا. توڙي جو جبلَ جي پٿرن واري دڳ تي ھلڻ ڪو سولو ڪم نه ھو. مٿان وري مينھن به تکو ٿي ويو ھو. جيڪٽن ۽ گرم ٽوپين جي ڪري گھڻو بچاءُ ھُين. جڏھن ته سارنگ کي سيءَ ۽ مينھن جي ڳڻتي ڪو نه ھئي، جو ھو ته ڪارٽون ھو. پوءِ به سپيءَ پنھنجي گرم شالَ سارنگ جي مٿان وجھي کيس ڍَڪي ڇڏيو ھو.

متارو ڪو نه موٽيو ادا. ڪٿي، سچَ ۾ مري ته ڪونه ويو؟ سپيءَ ھلندي ھلندي پڇيو.

ھڪ ڪارٽون، مرندو وري ڪيئن سپي؟ ڪٿي لڪي اسان کي مارڻ جي سِٽَ سِٽيندو (منصوبو ٺاھيندو) ھوندو. آڪاش بدران سارنگ وراڻيو. اھو ٻُڌي آڪاش، ھلڪو ٽھڪ ڏنو. مٿي ڪير آ؟ جلدي وراڻي ڏيو. پوليس. ساڄي پاسي کان ھڪ آواز ٻڌي، ھُو بيھي رھيا. آڪاش آواز سڃاڻي ورتو. اھي پوليس وارا ھئا. ديدار مان آھيان.آڪاش. آڪاش وراڻيو.

ڪجھه گھڙين کان پوءِ ٻه ڄڻا ھنن وٽ پُڄي ويا. آڪاش ٻنھي کي سڃاڻيندو ھو. اھي ٻئي سندس ٿاڻي جا سپاھي ھئا. ٻِئي سپاھيءَ جو نالو منير ھو. سائين اوهان ھتي! خير ته آھي؟ ٻنھي آڪاش کي سلام ڪري، پڇيو. پھريان اوھان ٻڌايو ته اوھان ٻئي ھتي ڪيئن پيا ڦِرو؟ آڪاش پڇيو. سائين اسان ٻئي موٽرسائيڪل تي چوڪسيءَ لاءِ نڪتا ھئاسين، جو گوليون ھلڻَ جا آواز ڪنن ۾ پيا ھئا. تازا آواز ڪجھه دير پھريان، ھن پاسي کان آيا ھئا. سو جانچ لاءِ مٿي چڙھيا آھيون. اسان ته شينھن جو به آواز ٻُڌو ھو. منير ادب وچان وراڻيو. اوھان جي موٽر سائيڪل ڪٿي آھي؟ آڪاش ڪجھه سوچيندي پڇيو. سائين موٽرسائيڪل ته ھيٺ روڊ وٽ بيٺل آھي. ڇا ٿيو آھي سائين. گوليون ڪنھن ھلايون آھن؟ ديدار، اچرج وچان پڇيو.

پوءِ ٻڌايان ٿو. ھنَ مھلَ ته ھيٺ ھلو. آڪاش وراڻيو ۽ سپيءَ جو ھٿ پڪڙي ھيٺ لھڻ لڳو.

 (هلندڙ.......)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org