سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 7

باب: --

صفحو :6

 

اشفاق علي جعفري

 

شهر جو ڪئو ۽ ٻهراڙيءَ جو ڪئو

 

هڪڙي ٻهراڙيءَ ۾ سادو ۽ بورڙو (ڀورو) ڪئو رهندو هو، تنهن جو هڪ دوست هو، سو هڪ شهر ۾ رهندو هو، شهري ڪئو ڏاڍو سهڻو هو، ٻهراڙيءَ جي ڪئي سان هن جي ننڍپڻ کان دوستي هئي. هڪ ڏينهن شهري ڪئو پنهنجي دوست سان ملڻ لاءِ ٻهراڙيءَ آيو. ٻهراڙيءَ جي ڪئي هن جي ڏاڍي خدمت ڪئي، جيڪي شيون گهر ۾ هيون سي حاضر ڪيائين اوسي پاسي جي پوکن مان ڪڻڪ جا سنگ ۽ جَوَن جو اٽو ۽ مانيءَ جا ڀور ۽ پوءِ هڪڙو چڱو پڪل صوف جو ٽڪر مهمان جي اڳيان رکيائين. انهيءَ طرح ڳوٺ ۾ جيڪي شيون هيون سي حاضر ڪيائين. پوءِ چيائين ته متان هن کي ٿورو ٿئي تنهن ڪري اُن مان پاڻ ڪجهه به نه کاڌائين، ۽ پاڻ ڪڻڪ جي سنگ جا ڪانا چٻارڻ لڳو مگر شهري ڪئي کي ڪابه شيءِ ڪانه وڻي. تڏهن ٻهراڙيءَ جي ڪئي کي چوڻ لڳو ته ”اي يار ههڙيءَ بڇڙيءَ جاءِ ۾ تون ڪيئن ٿو گذارين، هتي جهنگ ۽ چوڌاري گاهه ۽ وڻ آهن. ان کانسواءِ ته ٻيو ڪجهه به نظر نٿو اچي، توکي رڳو پکين جو آواز ٿو وڻي، ماڻهن جو آواز ته پکين جي آواز کان به مٺو آهي، تنهن ڪري شهر ۾ هل اتي ڏاڍو سکيو رهندين. ۽ شهر ۾ جيڪو دم گذارجي سو خوش گذارجي، اهڙيون اهڙيون مٺيون ان جون ڳالهيون ٻڌي ٻهراڙيءَ جي ڪئي جي دل مترڪي، پوءِ ٻئي اتان نڪتا ۽ رات پئجي وين، تڏهن وڃي شهر ۾ گهڙيا. اڃا اڳڀرا ويا ته هڪڙو ڏينهن گذارڻ لاءِ هڪڙي وڏي حويلي ڏٺائون جاءِ ٺاهي ورتائون. انهي حويليءَ ۾ وڃي بورچيخاني ۾ ويٺا اتي طرحين طرحين جون شيون رکيون هيون ۽ پهر ڪابه ڪانه هئي. اهو حال ڏسي ٻهراڙيءَ جو ڪئو ڏاڍو سرهو ٿيو، شهر جو ڪئو چوڻ لڳس ته: ادا اوهين هاڻي اندر اچي ويهو، آءٌ هڪڙي هڪڙي شيءِ اوهان کي آڻي ڏيندو ٿو وڃان سا کائيندا وڃو ۽ مون کي ان جو سواد ٻڌائيندا وڃجو. پوءِ اتي جيترا ڦَل مٺايون ۽ ميوا هئا، تن مان شهر جو ڪئو هڪ – هڪ شيءِ آڻي ڏيندو ويو، ۽ ٻهراڙيءَ جو ڪئو اکيون ٻوٽيو، هاءِ هاءِ ڪهڙي نه مٺي آهي چوندو کائيندو ويو. انهيءَ طرح هڪڙي گهڙيءَ تائين اهڙي خوشيءَ ۾ وقت گذاريائين جنهن جي ڳالهه ڪري نٿي سگهجي. ايتري ۾ ڪنهن مهل بورچيخاني جو دروازو کٽڪيو ته ٻئي ڪئا ٽپڪ ٽپڪ ڪري هڪڙي ڪنڊ ۾ لڪيا، بورچيخاني ۾ ٻه ٿلها متارا ٻلا آيا، تن اچي هڪڙو ڀيانڪ آواز ڪيو. ٻهراڙيءَ جي ڪئي جو هنيون اچي ڏاڍو دڪ دڪ ڪرڻ لڳو، پوءِ آهستي آهستي شهر جي ڪئي کي چوڻ لڳو ته ”ادا اهو جو تنهنجي شهر جو سک آهي سو توکي شال نيبهه هجي. اسان کي اها پنهنجي ٻهراڙي چڱي آهي، اتي پوکن جا سنگ مون لاءِ بس آهن ۽ رات ڏينهن پنهنجو ساهه هيبت ۾ وجهي اهڙا ميوا مٺايون کائڻ سي مون کي نه گهرجن!“ ۽ صبح ٿيڻ کان اڳي موٽي ٻهراڙيءَ ڏانهن هليو ويو.


 عبدالعزيز پلي، ڳوٺ حاجي منعم پلي

 

گڏهه ۽ شينهن

 

 هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته، هڪ گڏهه ۽ هڪ شينهن جي دوستي هئي. ڪافي عرصي گذرڻ بعد جڏهن وسڪاري جي موسم آئي، تڏهن گڏهه شينهن کي چيو ته، ”چاچا منهنجي شادي ڪراءِ.“ تڏهن شينهن چيو ته، ”آءٌ وڃي ٿو پنهنجي پر ۾ پڇا ڪريان.“ آخر ٽن ڏينهن گذرڻ بعد شينهن واپس موٽي آيو. ۽ گڏهه کي اچي چيائين ته ”آءٌ تنهنجو سڱ ڪري آيو آهيان.“ ۽ هوڏانهن ڀرواري جهنگل ۾ رهندڙ شينهڻ کي چئي آيو ته، ”سڀاڻي آءٌ تنهنجي لاءِ شڪار موڪليندس، ۽ تون انهيءَ کي ختم ڪري ڇڏجان ته جيئن گڏجي کائون.“

آخرڪار ٻئي ڏينهن گڏهه خوشيءَ ۾ نچندو ٽپندو ڀرواري جهنگل مان اچي مٽيو، ته شينهڻ اڳي ئي تيار بيٺي هئي، سو نڪا ڪيائين هم ۽ نڪا ڪيائين تم، ٺڪا ڪرايائينس چنبو ته گڏهه ڪِري پيو، پر ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. موٽي شينهن کي اچي چيائين ته ”تو منهنجي شادي واهه جي ڪرائي، ماڳهين مارايو هوئي.“ تنهن تي شينهن چيس ته ”واهه ڙي يار واهه، اهو ته تنهنجي ننڍي ساليءَ توسان سَوَڻ ڪيو، اهو به توکان سَٺو نه ٿيو. تو ته منهنجي پَت وڃائي ڇڏي، هاڻي آءٌ ڪهڙو نڪ کڻي وري تنهنجي لاءِ هنن کي منٿ ڪندس.“ وري ٻئي ڏينهن شينهن شينهڻ وٽ ويو، ۽ وڃي چيائين ته شاباس هجئي جو تو هن کي جيئرو ڇڏي ڏنو. تنهن تي شينهڻ چيس ته، ”منهنجو پورو ڌڪ هن کي نه لڳو انهيءَ ڪري هي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ۽ باقي سڀاڻي وري موڪلجانس ته آءٌ ختم ڪري ڇڏيانس.“ تڏهن شينهن واپس گڏهه وٽ موٽي آيو، ۽ گڏهه کي اچي چيائين ته، تنهنجي سس چيو آهي ته آءٌ پنهنجي ناٺيءَ کي ڏسڻ لاءِ حيران آهيان، سو تون مهرباني ڪري سڀاڻي شام جو وڃي پنهنجي ساهرن کي منهن ڏيکاري اچ. ٻئي ڏينهن شام جو گڏهه سهي سنبري ساڳئي جهنگل ڏانهن روانو ٿيو.

گڏهه جهنگل مان لنگهي رهيو هو ته اوچتو شينهڻ ڪاوڙ مان گجگوڙ ڪري اهڙو ته ڌڪ هنيو جو گڏهه جون هڏيون به مُڃ ٿي ويون. هوڏانهن شينهن کي پڪ ٿي ته هاڻي شينهڻ گڏهه کي پڪ سان ماري ڇڏيو هوندو، سو شينهن هلي آيو، ۽ ڏسي ته واقعي گڏهه مئو پيو آهي. انهيءَ تي شينهن شينهڻ کي شاباس ڏني ۽ چيائين ته تو مس منهنجي هن مان جند ڇڏائي آهي. پوءِ شينهن ڀر ۾ رهندڙ گدڙ کي سڏي چيو ته، آءٌ ۽ شينهڻ ٻئي اڳيان شڪار تي وڃون ٿا، تون هن مئل گڏهه تي ايستائين پهرو ڏيندو رهه، جيستائين اسين واپس موٽي اچون. هڪ ڏينهن کان پوءِ گدڙ بک ۾ گڏهه جو نڪ چپ وڍي کاڌا، جڏهن شينهن ۽ شينهڻ به شڪار تان واپس آيا، ۽ کانئس پڇيائون ته هن جا نڪ ۽ چپ ڪيڏانهن ويا؟ انهيءَ تي گدڙ چيو ته هن جا نڪ ۽ چپ اڳي ئي ڪونه هئا. انهيءَ تي شينهن ڪاوڙ مان چيو ته ٻين کي نڪ چپ آهن ۽ هن جو ڇو ڪونهي. گدڙ چيو ته جيڪڏهن هن جو نڪ ۽ چپ هجي ها ته هڪ ڏينهن موچڙا کائڻ بعد ٻئي ڏينهن واپس موٽي ڪونه اچي ها، نڪي جان وڃائي ها.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com