سنڌيڪار: عطاءُ الرحمان ڀتو، وارهه
شاهي منارو
هڪ زماني جو بادشاهه هو، پر بيوقوف قسم جو
ماڻهو هو، هن کي هڪ ڏينهن دل ۾ اچي خيال سمايو
ته ڇو نه آءٌ هڪ وڏو منارو ٺهرائي ان تي چڙهي
چنڊ کي هٿ لائي سگهان. پنهنجي انهيءَ خيال کي
عملي جامي پهرائڻ لاءِ هڪ ڏينهن هن رازي کي
گهرايو. جڏهن رازو بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو
ته بادشاهه حڪم ڏنس ته اسان کي ٽن ڏينهن ۾ هڪ
اهڙو منارو ٺاهي ڏي جنهن تي چڙهي مان چنڊ کي
هٿ لائي سگهان. رازو هائوڪار ڪري گهر موٽي
آيو. هاڻي هن کي ڪا ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه پئي
اچي ته ڇا ڪري. نيٺ انهن خيالن ۽ پُورن پچائڻ
۾ ٻيا ٻه ڏينهن به گذري ويا پر هن کي ڪابه
اهڙي اٽڪل سمجهه ۾ ڪانه آئي، جنهن جي وسيلي هو
ايڏو وڏو منارو ٺاهي سگهي. آخرڪار ٽيون ڏينهن
به گذري ويو، پر منارو اڃا تائين ڪونه ٺهيو
هو.
بادشاهه يڪدم هن کي گهرايو ۽ چيائنس ته تو
اسان جو منارو اڃا تائين نه تيار ڪيو آهي،
ٻڌاءِ ته هاڻي توکي ڪهڙي سزا ڏيڻ گهرجي. رازي
ٻانهون ٻڌي چيو، ”سائين، جان جي امان ملي ته
هڪ عرض ڪريان!“
بادشاهه ڪاوڙ ۾ جواب ڏنس ته چئو تون ڇا ٿو چوڻ
چاهين؟ رازي چيو، سائين، باقي مون کي هڪڙي
ڏينهن جي مهلت ڏيو پوءِ به جيڪڏهن آءٌ منارو
نه ٺاهي سگهيس ته پوءِ جيڪا سزا ڏيندا سا
قبوليندس.
بادشاهه رازي کي چيو ته ٺيڪ آهي آءٌ توکي هڪڙي
ڏينهن جي مهلت ڏيان ٿو جيڪڏهن پوءِ به تو مون
کي منارو نه ٺاهي ڏنو ته توکي ڦاهيءَ چاڙهيو
ويندو. رازو جهڪي آداب بجا آڻي بادشاهه کان
موڪلائي سڌو گهر آيو ۽ سوچڻ شروع ڪيائين. گهڻي
مغذ ماريءَ کان پوءِ وڃي هن کي هڪ اٽڪل سمجهه
۾ آئي ۽ صبح ٿيو ته بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر
ٿيو ۽ چيائينس ته سائين، مناري ٺاهڻ جي مون
هڪڙي ترڪيب ڳولهي ڪڍي آهي. بادشاهه پڇيس اها
ڪهڙي ترڪيب آهي؟ رازي جواب ڏنو ته سائين توهان
پنهنجي سڄي ملڪ ۾ اهو ڍنڍورو ڏيارايو ته:
ماڻهن وٽ جيڪي به ڪاٺ جون پيتيون هجن سي وڏي
ميدان ۾ اچي ڪٺيون ڪن، پوءِ آءٌ پاڻيهي انهن
مان توهان جي لاءِ منارو تيار ڪندس. بادشاهه
انهيءَ ئي وقت پڙهو ڏيارائي ڇڏيو ته جنهن وٽ
جيڪي به پيتيون آهن سي کڻي اچي ميدان ۾ رکو.
اهو پڙهو ٻڌي ڪيترائي ماڻهو پنهنجون پيتيون ۽
صندوقون کڻي اچي ميدان ۾ رکڻ لڳا. نيٺ پيتين ۽
صندوقن جا ڍير لڳي ويا. رازي ڇا ڪيو جو پيتين
کي هڪٻئي مٿان رکندو ويو، جڏهن سڀ پيتيون
پوريون ٿي ويون ته بادشاهه کي عرض ڪيائين،
سائين، اڃا پيتيون کپن. بادشاهه ملڪ جي سڀني
ڊکڻن کي گهرايو ۽ انهن کي حڪم ڏنائين ته جيڪي
به منهنجي ملڪ ۾ وڻ آهن، اهي سڀ وڍي صندوقون ۽
پيتيون تيار ڪريو. سڄي ملڪ جا ڊکڻ اچي ڪٺا ٿيا
۽ پيتيون تيار ڪرڻ لڳا ۽ رازو انهن کي ويو
هڪٻئي مٿان سٿيندو ۽ جڙيندو، نيٺ ملڪ
جو
سڀ ڪاٺ به ختم ٿي ويو ۽ منارو به تيار ٿي ويو.
رازي بادشاهه کي ڄاڻ ڪيو، بادشاهه منارو ڏسي
ڏاڍ خوش ٿيو ۽ مٿي چڙهي ويو، جڏهن چوٽيءَ تي
پهتو ته هن کي ائين محسوس ٿيو ته هاڻي آءٌ
آسمان کي اچي پُڳو آهيان؛ باقي جيڪر هڪڙي وڏي
پيتي هجي ته اها رکي پوءِ مٿي چڙهي آسمان کي
هٿ لايان. هن هيٺ بيٺل ماڻهن کي حڪم ڏنو ته
جلدي ڪريو مون
کي هڪ پيتي مٿي آڻي ڏيو ته آءُ آسمان کي هٿ
لائي ڏسان. هيٺين جواب ڏنو ته سائين، ملڪ ۾
ڪاٺ ئي ڪونهي پيتي ڪٿان آڻيون؟ بادشاهه ڪجهه
دير سوچيندو رهيو پوءِ چيائين ته جلدي ڪريو،
مون کي هڪ هيٺين پيتي ڪڍي ڏيو ته مٿي رکي پوءِ
چڙهان. هيٺان بيٺل ماڻهو اچرج ۾ پئجي ويا، نيٺ
بادشاهه ڪاوڙجي چين ته رڳو منهنجو منهن پيا
ڏسو، جلدي ڪريو ۽ پيتي ڪڍي ڏيو. هيٺين تڪڙ ۾
هيٺين پيتي ڪڍي ته سڄو منارو اچي پٽ تي پيو، ۽
پوءِ ته بادشاهه جي به خبر ڪانه پئي ته زمين
ڳهي ويس يا آسمان تي وڃي پهتو.
سنڌيڪار: اسلم سنديلو
نکمڻون ڇوڪر
هڪ ڇوڪر جنهن جو نالو رنگا هو. هن جو قد ننڍو،
عمر ڇهن سالن جي هيس. هن جو پيءٌ هن کي هر روز
اسڪول موڪليندو هو.
هڪ ڏينهن صبح جو هي اسڪول وڃڻ بدران ڳوٺ کان
ٻاهر چڪر تي نڪري ويو. صبح وڻندڙ هو. سج
پنهنجن ڪرڻن سميت چمڪي رهيو هو. پکي پکڻ ٻولي
رهيا هئا. هي انهيءَ صبح جي سينهريءَ کان گهڻو
متاثر ٿيو، ۽ اسڪول نه وڃڻ جو پڪو پهه ڪيائين.
هن چاهيو پئي ته اڄ آءٌ سڄو ڏينهن راند ڪريان.
هن سان ڪوبه ڇوڪرو راند ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه
هو. ڇاڪاڻ ته صبح جو سڀئي اسڪول وڃي چڪا هئا.
هي انهيءَ سوچ جي سمنڊ ۾ گم هو ته اوچتو هن جي
نظر هڪ ڊوڙندڙ ڪتي تي پئي، ڪتو پنهنجي پوري
طاقت سان ڊوڙي رهيو هو. هن ڪتي کي چيو، هيڏي
آءُ ۽ مون سان اچي راند ڪر!
ڪتي جواب ڏنو آءٌ نکمڻون ڪونه آهيان، آءٌ مالڪ
جي گهر وڃان پيو.
مون
کي اڃان به تيز ڀڄڻ گهرجي، چور منهنجي
غيرحاضريءَ جي ڪري منهنجي مالڪ جي گهر ۾ گهڙي
سگهن ٿا.
ڪجهه جهٽ گذرڻ کان پوءِ رنگا هڪ ڪانءُ
ڏٺو، جنهن جي وات ۾ هڪ ڪاٺي هئي. هن ڪانءُ
کي مخاطب ٿيندي چيو، اي ڪانءُ اچ ۽ مون سان اچي کيڏ، ڪانءُ
چيو، آءٌ نکمڻون ڪونه آهيان، مون کي پنهنجو
آکيرو ٺاهڻو آهي، ۽ اڄ ئي پورو ڪرڻو آهي.
ڇاڪاڻ ته مينهن وسڻ جو انديشو آهي، آءٌ ڪنهن
سان به کيڏي نٿو سگهان. ڪانءُ
ٺهه پهه جواب ڏنو. تنهن کان پوءِ اُڏري هليو
ويو. رنگا جي نظر ماکيءَ جي مکين تي پيئي،
جيڪي هڪ گل کان ٻئي گل تائين اُڏري رهيون
هيون. هن چيو سهڻيون مکيون، اچو ۽ مون سان
راند ڪريو. پر مکين جواب ڏنو، اسين ماکي گڏ
ڪري رهيون آهيون. گلن جي مند ختم ٿيڻ واري
آهي، پوءِ اسين ڪڏهن به ماکي گڏ ڪري نه
سگهنديونسين. اسان کي هينئر ماکي گڏ ڪرڻ کپي.
اسان سان نه ڳالهاءِ، اسين پڻ مصروف آهيون.
تنهن کان پوءِ رنگا ڪجهه ماڪوڙيون ڏٺيون، هر
هڪ ماڪوڙيءَ کي چانورن جو داڻو هو. هن چيو
ماڪوڙيون هڪ منٽ لاءِ بيهو ۽ مون سان کيڏو
پوءِ اوهين پنهنجو ڪم ڪري سگهو ٿيون.
ماڪوڙين جواب ڏنو، هي اسان لاءِ خاص کاڌي ميڙڻ
جو ٽائيم آهي. اسان کي هينئر کاڌو گڏ ڪرڻو
آهي. هڪ منٽ به توسان ترسڻ لاءِ تيار نه
آهيون. تو سان ڳالهائڻ ۾ به اسان جو کوڙ ٽائيم
ضايع ٿيو آهي. ائين چئي ماڪوڙيون تڪڙيون
تڪڙيون هليون ويون. رنگا هر هڪ جو جواب ٻڌي
خاموش ٿي ويو، ۽ ڪجهه سوچي چوڻ لڳو، مون کان
سواءِ سڄي ڳوٺ ۾ ڪوبه نکمڻون ڪونه آهي. مون کي
ڪونه ڪو ڪم ڪرڻ گهرجي، ائين سوچي هو اسڪول
ڏانهن ڀڳو.
گل ڦل لاءِ ايجنٽ گهرجن
سنڌ جي هيٺين شهرن لاءِ ايماندار ايجنٽ گهرجن: ڪشمور، ڳڙهي
ياسين، گهوٽڪي، اوٻاوڙو، کپرو،
پير جو ڳوٺ، راڻيپور، ڪنڊيارو،
ڀريا، مٺياڻي، محرابپور، پڊعيدن،
ٺارو شاهه، نوشهروفيروز، مورو،
دولتپور، قاضي احمد، سانگهڙ، ٽنڊو
آدم، سنجهورو، مٽياري، ماتلي،
بدين، ميرپورساڪرو، ڪوٽڙي، سيوهڻ،
ميهڙ، جوهي، وارهه، باڊهه، راڌڻ،
رتوديرو، قمبر.
خط و ڪتابت ڪريو:
محمد امين بلوچ،
مئنيجر ماهوار ”گل ڦل“
سنڌي ادبي بورڊ، پوسٽ باڪس 12، حيدرآباد. |
سنڌيڪار: عبدالغفور ٽالپر
ٽنڊو محمد خان
(انگريزي لوڪ ڪهاڻي)
ڊئموڪلس ۽ تلوار
گهڻو اڳي سَسَليءَ جي شهر ۾ هڪ ڊئنوسيس نالي
بادشاهه راڄ ڪندو هو. هو اهڙو ته سخت بادشاهه
هو جو سندس رعيت جا ڪيترا ماڻهو سندس برخلاف
هوندا هئا، ان ڪري هو پنهنجي حياتي هميشھ خطري
۾ سمجهندو هو. تنهن هوندي به هن جي درٻار ۾
ڪيترائي چاپلوس هئا، جي پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ
هن جي ڏاڍي خوشامند ڪندا هئا. انهن خوشامندڙين
مان هڪ ڊئموڪلس نالي امير هوندو هو. هو هميشھ
بادشاهه کي ٻڌائيندو هو ۽ چوندو هوس ته
”جيئندا قبلا! بادشاهه ٿيڻ هڪ ڏاڍي سٺي ڳالهه
آهي، پر توهان جهڙو عادل، سياڻو ۽ نيڪ بادشاهه
ٿيڻ تي هڪ وڏي فخر جي ڳالهه آهي.“ بادشاهه
ڊئنوسيس هن جي چاپلوسي ٻڌي ٻڌي ٿڪجي پيو. نيٺ
هن کي سبق سيکارڻ لاءِ هن هڪ تجويز ڳولي ڪڍي.
هڪ ڏينهن هن امير ڊئموڪلس کي گهرائي چيو ته:
”ڊئموڪلس، سڀاڻي لاءِ مون اميرن امرائن کي هڪ
خوشي جي دعوت ڏني آهي. منهنجي مرضي آهي ته تون
اتي منهنجي جڳهه وٺي بادشاهي
ڇٽ ۽ پوشاڪ وغيره
پائي ڪي ڪلاڪ بادشاهه ٿي ڏس.“ ڊئموڪلس کي ته
اها ڳالهه کپندي هئي سو اندر ئي اندر ۾
بادشاهه کي ساراهڻ لڳو.
ٻئي ڏينهن بيوقوف ڊيموڪلس شاهاڻا ڪپڙا پائي
اچي بادشاهي تخت تي ويٺو. هرڪو امير اچڻ سان
هن جي تعظيم ڪري ويهڻ لڳو. مجلس شروع ٿيڻ کان
پوءِ اوچتو ڊئموڪلس جي نظر مٿي پئي. ڇا ڏسي ته
هڪ تکي تلوار فقط هڪ سنهي وار ۾ ٽنگيل سندس
مٿي جي مٿان پيئي لڙڪي ۽ جا ڪنهن به وقت ڪِري
سگهي ٿي. هن خوفناڪ نظاري هن امير، جو بادشاهه
بنجي ويٺو هو، تنهن جو رت خشڪ ڪري ڇڏيو. سندس
سموري خوشي ختم ٿي ويئي، ۽ ڀڄڻ جا سعيا ڪرڻ
لڳو. ان تي بادشاهه پڇيس ته ”ڪيئن، بادشاهي
سٺي آهي
نه.“؟
امير وراڻي ڏني ته ”اصل نه.“ تنهن تي بادشاهه
کيس سمجهايو ته بادشاهي ڪا گلن جي سيج نه آهي.
مگر ڪنڊن جو بسترو آهي. جنهن تي چڙهڻ سان اهي
ڪنڊا لڳن ٿا. يعني بادشاهه جي زندگي خوف آميز
حالتن سان ڀرپور آهي.
ان کان پوءِ ڊئموڪلس بادشاهه جي چاپلوسي ڪرڻ ۽
بادشاهه ٿيڻ جي سڌ ڪرڻ ڇڏي ڏني.
اوهان جي نيڪي
اوهان کي ڪم ايندي، هينئر اوهان کي موڪلون آهن. انهن ۾ اوهين اهڙو ڪو نيڪ
ڪم ڪريو جيڪو هتي ۽ هُن دنيا ۾
اوهان کي مانائتو ڪري. اهو نيڪيءَ
جو ڪم اسان ڏانهن لکي موڪليو. اهو
گل ڦل ۾ شايع ڪيو ويندو ۽ وري
ٻارن کان راءِ وٺي، ٽن چونڊ نيڪي
ڪندڙن ٻارن کي پنجن پنجن رپين جا
ڪتاب انعام طور ڏنا
ويندا. - ايڊيٽر |