ديپڪ لال جيسراڻي قمبر
چورن مٿان مور
هڪ وڏي محفل ۾ کاڌي جي ميز
تي
ٻه بلڪل هڪجهڙا ننڍڙا چمچا پر نهايت سهڻا ۽ قيمتي رکيل هئا. ٻن
مهمانن جي اچي دل ٿي ته اهي چمچا کسڪائي کڻي وڃن.
انهن مان هڪ، جو انهن جي ويجهو ويٺو هو تنهن وجهه
وٺي هڪ چمچو ريڙهي پنهنجي بوٽ ۾ وجهي ڇڏيو. ٻئي
مهمان ڏٺو پر ڪجهه نه ڪري سگهيو، ڇاڪاڻ ته پري
ويٺو هو. رواج موجب ماني کان پوءِ جڏهن ٻئي مهمان
جو، مهمان نوازي جي شڪر گذاري ڪرڻ جو وارو آيو
تڏهن اٿي چيائين ته دوستو مان اڄ اوهان کي هڪ جادو
ڪري ڏيکاريندس. هو چمچو مون کي کڻي ڏيو. اهو چمچو
مان پنهنجي کيسي ۾ وجهان ٿو. ۽ اهو ساڳيو چمچو مان
پنهنجي دوست جي بوٽ مان ڪڍي ٿو ڏيکاريانوَ. ائين
چئي هن اُهو چمچو پنهنجي اندرين کيسي ۾ وجهي پوءِ
ان دوست جي بوٽ ۾ هٿ وجهي چمچو ڪڍي سڀني کي
ڏيکاريو. جنهن ويچاري چمچو لڪايو هو اهو ڪجهه به
ڪڇي نه سگهيو ۽ شڪر گذاري وارو، چمچو کيسي ۾ وجهي
ويندو رهيو ۽ ماڻهو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ سندس عقلمنديءَ
جي ساراهه ڪرڻ لڳا.
محمد صالح مٺواڻي ڏيپلو
ڏاهي ڇوڪري
هڪ زميندار پنهنجي ڌيءُ سان گڏ ٻنيءَ ۾ رهندو هو.
زميندار جي بنگلي جي چوڪيدار جو نالو پيرل هو. هڪ
دفعي زميندار ڪنهن ڪم سان ٻاهر هليو ويو ۽ چوڪيدار
کي تاڪيد ڪري ويو ته منهنجي ڌيءُ کي ڪابه تڪليف نه
نه ڏجانءِ ۽ چڱيءَ طرح سان سنڀال ڪجانءِ. رات جو
ننڍڙي ڇوڪري ويٺي هئي ته هن ڏٺو ته هڪ چور سندس
گهر ۾ گهڙيو آهي ۽ پاسي واري ڪنڊ ۾ لڪو
بيٺوآهي(شايد انهيءَ انتظار ۾ هو ته ڇوڪريءَ کي
ننڊ اچي ته پوءِ چوري ڪريان).
ڇوڪري ويچاري گهٻرائجي وئي ۽ سوچ ۾ پئجي وئي ته جي
سمهي ٿي رهان ته چوري ٿي ٿئي ۽ جي پيرل کي ٿي
سڏيان ته چور ٿو ماري. آخر ٿوريءَ دير کان پوءِ
ڇوڪري کي هڪ ترڪيب سمجهه ۾ آئي. ڇوڪريءَ جي ڀر ۾
هڪ مورتي رکيل هئي ۽ هوءَ ان سان ڳالهائڻ لڳي ۽
چوڻ لڳي ته:
اڃا مان ننڍڙي آهيان نيٺ ضرور مان وڏي ٿينديس مائٽ
منهنجو مڱڻو ڪرائيندا. پوءِ ڇا ٿيندو....؟
ڇوڪري پنهنجو پاڻ کان پڇي ٿي. پوءِ منهنجي شادي
ٿيندي گهوٽ ايندو گهوڙي چڙهي. پوءِ ڇا ٿيندو...؟
پوءِ پنهنجو گهر ڇڏينديس وڃي نئون گهر وسائينديس.
پوءِ ڇا ٿيندو...؟ پوءِ
مون
کي پٽڙو ڄمندو نالو تنهنجو پيرل رکنديس. پوءِ ڇا
ٿيندو...؟ نيٺ پيرل وڏو ٿيندو ۽ وڃي ٻارن سان
رانديون ڪندو. پوءِ ڇا ٿيندو....؟ مان منجهند جو
ماني پچائي وڃي پيرل کي سڏينديس: پيرل....... او
پيرل..... ڊوڙي آءٌ.....
ننڍڙي ڇوڪريءَ اهي لفظ ڪجهه وڏي آواز سان چيا.
پيرل جو ٻڌو ته کيس ڇوڪري پئي سڏي سو ڊوڙي آيو ۽
اچي چيائين ته امان ڇاهي.....؟ اتي چور حيران ٿي
ويو ۽ سوچڻ لڳو ته ڇوڪريءَ جي شادي به ٿي پٽ به
ڄايس سو به ڏاڙهيءَ
سان! ڇوڪريءَ چور ڏانهن اشارو ڪيو ۽ پيرل وڃي چور
کي پڪڙيو.
گل حسن عيساڻي هالا
ڪاڻي هرڻي
هڪڙي ڪاڻي هرڻي ڏهاڙي درياءَ جي ڪناري تي چَرندي
هئي، تنهن جي دل ۾ آيو ته چرڻ مهل ڪاڻي اک درياءَ
جي پاسي ۽ سڄي اک ڌرتيءَ جي پاسي ڪريان، ته جيڪو
مارڻ اچيم، تنهنجي انهيءَ ساعت سڌ پئجي وڃيم؛ اهڙو
ٺهراءُ ڪري پاڻ کي ڄاڻندي هئي ته هاڻ مون کي ڪهڙو
ڀئو آهي. پر ان کي هڪڙو شڪاري گهڻن ڏينهن کان پيو
تڪيندو هو، جنهن جي هٿ ڪين ايندي هئي. تڏهن هو
هڪڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي هري هري پاڻيءَ واري پاسي جا
اک هيس تنهن ڏانهن ڦري آيس، ۽ چتائي چتائي ٺڪاءُ
ڪرايائينس بندوق. پوءِ ساهه ڏيڻ مهل هرڻي هيئن چوڻ
لڳي ته ”اي ڌڻي، تون ڏاڍو بي انت آهين، جنهن پاسي
کان ڳڻتي هيم، اُتان جوکو ئي ڪونه رسيم، ۽ جنهن
پاسي کان ڊپ ڪونه هوم، تنهن پاسي کان ساهه ويم.“
پرويز احمد پٺاڻ حيدرآباد.
سياڻو قاضي
هڪ سوداگر هوندو هو، جيڪو نيڪدل ۽ انصاف پسند هو.
سوداگر کي چار پٽ هئا، هڪ جو نالو رفيق ٻيو لالا
ٽيون عرفان چوٿون نثار هو. هڪ ڏينهن سوداگر بيمار
ٿي پيو ۽ سوچڻ لڳو ته جيڪڏهن مان مري وڃان ته
منهنجا پٽ دولت جي ڪري پاڻ ۾ وڙهندا رهندا. ۽ پوءِ
پنهنجي کٽ جي چئن پاون هيٺان چار ديڳون پوري
ڇڏيون. انهن ۾ مال وغيره وجهي ڇڏيائين. پوءِ
سوداگر ٻن – ٽن ڏينهن ۾ وفات ڪري ويو. مرڻ کان اڳ
پنهنجن پٽن کي وصيت ڪئي ته آءٌ مري وڃان ته هن کٽ
جي پاوَن هيٺان چار ديڳون پوريون اٿم اهي ديڳون
پاڻ ۾ ورهائي کڻجو. ٻن – ٽن ڏينهن کان پوءِ انهن
زمين کوٽي ۽ جڏهن رفيق ديڳ ڪڍي ته ان ۾ هيرا جواهر
نڪتا، جڏهن لالا کوٽيو ته ديڳ مان رڳو هيرا نڪتا،
جڏهن عرفان زمين کوٽي ۽ ديڳ ڪڍي ته ان مان هڏا
نڪتا. عرفان تمام پريشان ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته بابي
مون
سان ٺڳي ڪئي آهي، جڏهن نثار کوٽيو ۽ ديڳ ڪڍي ته ان
۾ مٽي نڪتي، تڏهن عرفان ۽ نثار وڏن ڀائرن کي چيو
ته توهان جي مال وغيره مان اڌ – اڌ اسان کي ڏيو. ۽
وڏا ڀائر ان ڳالهه تي راضي نه ٿيا ۽ چيائون ته
قاضي کان فيصلو ڪرائجي ۽ قاضي جو فيصلو هر ڪنهن کي
مڃڻو پوندو، پوءِ چار ئي ڀائر قاضي وٽ ويا، قاضي انهن جي ڳالهه ٻڌي ڳڻتي ۾ پئجي ويو ۽ ٿوري دير کان پوءِ
چوڻ لڳو جن وٽ هيرا جواهر آهن، اهي پنهنجا هيرا
جواهر کڻن، جنهن وٽ هڏا آهن اهو چوپايو مال کڻي ۽
جنهن وٽ مٽي آهي، اهو پنهنجي پيءُ جي سموري زمين
کڻي. اهڙيءَ طرح سڀني کي قاضي جو فيصلو پسند آيو ۽
هو خوشيءَ سان باقي زندگي گذارڻ لڳا.
رانا محمد انور سومرو
اتحاد جي برڪت
ڪنهن ملڪ جي بادشاهي محلات جي هڪ ۾ ٻه وڏا وڻ هئا.
انهن مان هڪ وڻ هر سال چڱو ڦل جهليندو هو. هن ڦل
واري وڻ تي انيڪ طوطا رهندا هئا ۽ ٻي وڻ تي وري
ڪانءَ. ڪانون دل ۾ خيال ڪيو ته ڇو نه اسين طوطن
کان اهو ڊگهو ڦل وارو وڻ ڦري ڏاڍا مزا ماڻيون.
انهيءَ ڳالهه تي سڀني ها ۾ ها ملائي. هوڏانهن طوطن
۾ وري ٻڌي ڪانه هئي هو هميشھ ٿوري گهڻي ڳالهه تي ۾
پاڻ ۾ ٺهندا ئي ڪونه هئا. آخر هڪڙي ڏينهن ڪانون
طوطن جي ناانصافي جو فائدو وٺي اوچتو مٿن حملو ڪيو
نتيجو اهو نڪتو جو طوطا پنهنجا گهر ڇڏي ڀڄي ويا ۽
ڪيترا طوطا مارجي ويا. هوڏانهن ڪانوَ نئين وڻ تي
مزا ماڻڻ لڳا. هڪڙي ڏينهن طوطن جي سردار مڙني طوطن
کي گهرائي چيو ته اوهان ۾ اتحاد ڪونه هو. جنهنڪري
دشمن اوهان تي حاوي ٿي ويو؛ اڄ به اوهين پنهنجي
اجهي بنا ڪيڏا نه سورن ۾ آهيو؛ اوهين هڪ ڪاٺي کڻي
ڀڃي ڏسو ته ڀڃي
پوندي مگر گهڻيون ڪاٺيون گڏ ڀڃندا ته هرگز نه
ڀڄنديون. انهيءَ مان ثابت آهي ته اتحاد ۾ وڏي برڪت
آهي. هاڻي منهنجي صلاح وٺو ته اوهين به پاڻ ۾
اتحاد پيدا ڪريو ۽ اُن اتحاد جي برڪت سان پنهنجا
اباڻا گهر حاصل ڪريو. سڀني طوطن سردار جو چوڻ مڃي
اتحاد جو حلف کنيو ۽ هڪڙي ڏينهن موقعو وٺي هنن
اوچتو ڪانوَن تي حملو ڪيو، نتيجي ۾ ڪانوَ مارجي
ويا، باقي جيڪي به بچيا سي به جان بچائي ڀڄي ويا.
پيارا ٻارو، اتحاد ۾ وڏي برڪت آهي.
اعجاز ٽالپر
عقلمند گدڙ
هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪ هاريءَ جي ٻني هئي، ان ٻنيءَ ۾ گدرن
جي هڪ واڙي هئي. انهيءَ واڙي ۾ شينهن رهندو هو.
هاريءَ چيو ته هاڻي ڪهڙي طريقي سان شينهن کي
انهيءَ واڙي مان ٻاهر ڪڍجي. هڪ ڏينهن هڪ گدڙ
هاريءَ کي چيو ته آءُ ڪهڙي به طريقي سان ان کي
ٻاهر ڪڍندس، پر هڪڙي شرط سان، جو تون مون کي گدرن
جي واڙي مان گدرا ڍئو
سان کارائج. اهو شرط هاريءَ قبول ڪيو. گدڙ وڃي
گداڙي کي چيو ڪهڙي طريقي سان شينهن کي انهيءَ واڙي
مان ٻاهر ڪڍجي، تنهن تي انهن گدڙن جا ٻچا روئڻ
لڳا، تنهن تي گدڙ چيو ته روئو نه هن واڙي ۾ هڪ
شينهن رهي ٿو، ان کي ماري
ان
جو گوشت کائينداسين. شينهن جيڪو ان واڙيءَ ۾ ويٺو
هو ته ان اهي لفظ ٻڌا، سو وٺي ڀڳو، گدڙ ڏاڍو خوش
ٿيو، جڏهن لومڙ شينهن
کي
ڏٺو سو حيران ٿي ويو ۽ ان جو سبب پڇيائين، ان چيو ته پٺيان ڪا
وڏي آفت اچي پئي، لومڙ شينهن کي چيو ته
هل ته مونکي ڏيکار سو شينهن ۽ لومڙ هليا،
جڏهن گدڙ ڏٺو ته هاڻ ڪا اٽڪل سوچجي جو شينهن کان
بچجي. جڏهن شينهن ۽ لومڙ ويجها آيا
ته
گدڙ لومڙ کي چيو ته يار مون ته توکي ٻن شينهن جي
کُري ڏني هئي، تون ته هڪ شينهن وٺيو پيو اچين؟
شينهن سمجهيو ته لومڙ به گدڙ جي پاسي آهي، سو لومڙ
کي چنبو هڻي ماري ڇڏيو، ۽ پاڻ ڀڄي ويو. ۽ گدڙ ڍئو
سان گدرا کائڻ لڳو، ۽ سڄي عمر خوشيءَ سان گذارڻ
لڳو.
زاهده پروين سنديلو لاڙڪاڻو
بدبخت پخالي
گهڻي وقت جي ڳالهه آهي ته اسپين جي غرناطه شهر ۾
هڪڙو غريب پخالي رهندو هو، جيڪو غرناطه کان گهڻو
پري سڄي غرناطه شهر ۾
پاڻي
ڏيندو هو. اهڙي نموني کيس اتان جو عوام کيس ڪجهه
نه ڪجهه ڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته غرناطه جو سڄو شهر
جابلو علائقو آهي – پاڻي مشڪل سان ملي سگهيو ٿي.
هڪ ڏينهن حسين منظر اهيو هيو ته ٿڌڙي هوا لڳي رهي
هئي سائي ۽ سبز واديءَ ۾ ڄڻ پاڻ کي
پخاليءَ
خوش محسوس ڪيو – هي ان وقت گيت ڳائيندو گاڏو
ڊوڙائيندو کوهه
ڏانهن ٿي ويو. جڏهن کوهه
تي پهتو ڇا ڏسي هڪ پير مرد وڻ کي ٽيڪ ڏيو ويٺو
هيو، پخاليءَ کي ڏسندي ئي پير مرد رڙ ڪري چيو ته
”اول هيڏانهن اچ“ پخالي وٽس ويو، پير مرد کيس
هدايت ڪئي ته ”مان توکي هڪ امانت ٿو ڏيان ان کي
ٽن ڏينهن اندر خيرات ڪج“ پخالي عجب ۾ پئجي ويو ۽
چيائينس ته ”بزرگ ڀلي ڏيو.“ تنهن تي ان بزرگ کيس
هڪ ننڍڙي پيتي ڏني ۽ چيائين ته ”هيءَ امانت اٿئي“
ائين چئي مري ويو – پخالي پيتي کولي ڏٺي ته ان ۾
اندر هڪ ڪاري ڪپڙي جي پٽي هئي جنهن تي سونهري اکرن
۾ لکيل هيو ته هن شهر کان چار فرلانگ
ٻري هڪ جبل آهي اتي هڪ جهوپڙي ٺهيل آهي آڏو در کي وڏو پٿر
ڏنل
آهي اتي وڃي چئو ”کل در امانت کڻان“ اندر امانت
پئي آهي سان کڻي ورهائي ڇڏ.
پخالي هي ڳالهه ٻڌي گهر ڀڳو. اتان ان جبل ڏانهن
ويو اتي اهي اکر چيائين در کليو،
اندر ويو ڇا ڏسي، هيرا جواهر، سون وغيره پيا آهن.
کيسا ته ڀريائين پر لالچ ۾ ڀرجي ويو،
سو گهر اچي زال کي قصو ٻڌايائين. هن جي زال هيڏي
دولت ڏسي خوش ٿي، ڌاڳي ۾ سون جا ٽڪر ٻڌي ڪي ڳچيءَ
۾ پاتا ڪي چيلهه ۾ ۽ مٿي سان ٻڌي پاڙو گهمڻ وئي
اتي هڪ ٻن زالن سان پنهنجي مڙس سان ٿيل حقيقت به
اوري.
ٻئي ڏينهن تي ڀاڙي تي گڏهه وٺي ان جبل ڏانهن ويا. هنن اهو دروازو کولي اندر وڃي گڏهه
ڀرڻ شروع ڪيو جڏهن گهڻي دولت کنيائون پر هيڏي دولت
کڻڻ جي باوجود ائين پي محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن درياءَ ۾
ننڍڙي مڇي هئي.
جڏهن ٻاهر ٿي نڪتا ته هنن کان در کولڻ جي لاءِ جو
ڪجهه لکيل هو
اهي لفظ وسري ويا اتي جلدي پير مرد جو چوڻ ياد آين
۽ پڇتائڻ لڳا ته اتي ٻئي ٻوساٽجي مري ويا.
|