سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 7

باب: --

صفحو :4

 

اوهان جو امتحان

 

ماهه مئي جي پرچي ۾ جيڪا ٻُڙين واري تصوير ڏني ويئي هئي، اها جانور جي آهي ۽ ان جو نالو هاٿي آهي. هن ڀيري ٻارن بيحد دلچسپيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ 219 ٻارن حصو ورتو، جن مان 154 ٻارن جا جواب بلڪل صحيح نڪتا. صحيح جواب ڏيندڙ ٻارن جا نالا هن ريت آهن؛ لاڙڪاڻي کان: شيخ امداد علي ظهير، انعام جوشيلو، امداد علي عباسي، عبدالغني لوهار، راجا ارشاد علي پٺاڻ، اعجاز احمد شيخ، ذوالفقار علي راڄپر، زاهد احمد شيخ ۽ ڀيڻ عاليه جوڻيجو. روهڙي کان عبدالرزاق ميمڻ، تيرٿ مل، ذونقي مل ۽ عبدالعزيز شيخ. هالا کان سيما شاهين، انيلا نور، فوزيه قمر، اسلام سعيد ميمڻ، نثار احمد ميمڻ ۽ جاويد اسحاق ابڙو. محرابپور کان جرار حسن خاصخيلي. ڳوٺ شير خان فقير تعلقو سڪرنڊ کان امان الله جمالي. ڳوٺ کهڙا خيرپور ميرس کان الهه بخش خواجو، حافظ عصمت الله خواجو، ڀيڻ بلقيس بانو عباسي. ڳوٺ گپچاڻي نواب شاهه کان عبدالواحد بروهي. ڪنڌڪوٽ کان اندر لعل ايل پياسي، شمن لعل ڌرمپال، راجا اندر ڪنگراڻي، الهه بخش کوسو، آر آر لعل، عبدالسبحان، پرديپ ڪمار، صلاح الدين بلوچ، يوسف حيدر شيخ. ڪشور راترادي، جڳ ديش ڪمار پروانه، وجئڪمار پروانه ۽ ديوان لال تلريجا. شادي پلي کان علي اڪبر پنهور. ڳوٺ کاٿڙي خيرپور ناٿن شاهه کان الاهي بخش کوسو. گمبٽ کان عبدالغفار شيخ. ميرپور پراڻي کان عبدالغني پهنور. حيدرآباد کان ممتاز شيخ، مختار شيخ، وقار احمد شيخ، مهتاب جهان يوسف زئي، آفتاب حسين يوسف زئي. منظور احمد عقيل، نثار احمد عباسي، نظير احمد عباسي، تصدق حسين جعفري ۽ شاهد حسين ڪي. ميمڻ. هڪ ٻار نه پنهنجو نالو لکيو آهي ۽ نه ئي شهر پر خط جي پٺيان ڪتاب جي تصوير ٺاهي ان تي لکيو آهي ”گل ڦل زنده باد، اي گل ڦل توکي سلام هجي.“ ڳوٺ علي بخش جروار ٽنڊو الهيار کان مولا بخش زوار. ميرپورماٿيلو کان اوم پرڪاش، مجتبيٰ  ڪولاچي بلوچ، شهزادو جڳديش بجاج، ٺاڪر داس گلواڻي، حبيب الرحمان لغاري ۽ ڪرشن داس، پنجو ديرو لاڙڪاڻي کان مجيب الرحمان. شهدادڪوٽ کان ستيه پال سچيڏيواڻي ۽ نياز احمد مگسي، خير محمد ڪاڪو. هالا کان هارون ڪاڪو. جميس آباد کان مختار حسين قريشي. قمبر کان محمد ايوب شيخ، اندر لال جيسراڻي، عبدالحميد شيخ، عبدالخالق شيخ، برج لال جيسراڻي ۽ عزيز الله شيخ. ڳوٺ حاجي ابوبڪر بلوچ کان راجا نبي بخش بلوچ. ڪشمور کان رشيد احمد محمد شعبان سميجو. خدا آباد دادو کان شجاع الدين قريشي ۽ صلاح الدين قريشي. ڳوٺ پاهڙ ڳاهو کان شير خان ڳاهو. شڪارپور کان شيخ ارشاد راهي ۽ مظهر علي جوکيو. خانپور شڪارپور کان عبدالحق دايو. ڳوٺ جهلي ڪلواري سکر کان محمد پنيل ڪلهوڙو. ڳوٺ ڀليڏنه ڪاڪو هالا کان مولا بخش ڪاڪو. خيرپور ميرس کان امان الله شر. صاحب خان جروار ٽنڊو الهيار کان عبدالله خان بلوچ. سوهو خيرپور ميرس کان سڪندر حسين مزاري بلوچ. ڳوٺ مير يار محمد خان ٽنڊو جان محمد کان غلام رسول ٽالپر، اعجاز علي ٽالپر، زاهد حسين ٽالپر، سرهاڙي کان بيتاب علي زرداري، گل حسن زرداري ۽ غلام حسين مشوري. بدين کان عبدالمجيد ميمڻ، خالد حسين زرگر، عبدالعليم زرگر ۽ ايم. رمضان ميمڻ. ڳڙهي ياسين کان ذوالفقار سنڌي. ڳوٺ ڳهڻو جروار کان معشوق علي جروار. ٺل جيڪب آباد کان احسان الله نوناري، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو کان محمود الحسن مغل. نيو سعيد آباد کان يوسف گل ۽ امتياز حسين ميمڻ. دڙو کان محمد صالح ڪڇي. گلزار علي ميمڻ، الله بخش سولنگي، ڀيڻ شبانه پروين. ڳوٺ ٻورڙي کان شاهد سلام جوڻيجو، سکر کان امتياز ڀٽي، نذير احمد شاهه، عبدالرشيد انصاري، صابر ۽ رميش ڪمار. ڳوٺ شاهه محمد شر بلوچ کان تلوڪچند، اکيون مل، عبدالواحد شر، خان محمد درس، محمد عباس راهمون، الهجڙيو شر، علي محمد شر، نجم الدين شر، وزير محمد، سخي محمد جلال الدين، گوڪل رام ۽ محڪم الدين شر. ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي ملير ڪراچي کان رسول بخش خاصخيلي. پڊعيدن کان اقبال احمد راڄپر. ٽنڊو ڄام کان غلام نبي جمالي. نواب شاهه کان سيد جمال مصطفيٰ. سڪرنڊ کان محمد ابراهيم خاصخيلي. نصرپور کان عبدالسلام دائودپوٽو. ٺٽو کان پروانو شوڪت علي کماڻ. ڳوٺ گهنور خان زرداري کان غلام حسين مشتاق. ڳوٺ ڳيريلو لاڙڪاڻو کان عبدالستار ابڙو. ڳوٺ عرس ڪالرو کان عبدالغني ڪنڀر ۽ عبدالحفيظ ڪنڀر. ماتلي کان محمد عثمان کٽي. ڏيپلو کان جلال الدين مٺواڻي، عبدالقادر ميمڻ، رياض احمد ميمڻ ۽ محمد صالح مٺواڻي. ٽنڊو باگو کان جاويد حسين بلوچ. جهڏو کان محمد عمر کوسو ۽ رياض احمد مٺواڻي. ميرپورخاص کان مير فياض احمد ۽ اصغر علي پنهور. شاهپور چاڪر کان جان محمد ڏاهري، رضا محمد سومرو، عبدالرزاق ڏاهري ۽ محمد وارث ڏاهري. رتودير کان ڀيڻ زيڊ.بي گهانگرو. لواري کان محمد يعقوب پروانو. ڳوٺ دولت لغاري کان محمد سرفراز. نواب شاهه کان الاهي بخش ڀٽي ۽ منوهر لعل. مٿئين فهرست، 10 جون 1975ع واري ٽپال کولي ڏسي ان بعد ٺاهي ويئي آهي. جن به ٻارن جا خط هن سلسلي ۾ 10 جون کان پوءِ پهتا سي داخل دفتر سمجهڻ گهرجن.

 

امتحان نمبر – 4

ٻن وڻن تي ڪي پکي ويٺا آهن. پهرئين وڻ وارن پکين، ٻي وڻ وارن پکين کي چيو ته جيڪڏهن اوهان مان ٻه اسان وٽ اچن ته ٻنهي وڻن تي هڪجيترا ٿي پئون. ٻئي وڻ وارن پکين پهرئين وڻ وارن پکين کي چيو ته جيڪڏهن اوهان مان هڪ اسان وٽ اچي ته اسين اوهان کان چئوڻا ٿي پئون. پيارا ٻارو؛ ٻڌايو ته پهرئين وڻ تي گهڻا پکي هئا ۽ ٻئي وڻ تي گهڻا پکي هئا. جواب موڪلڻ جي آخري تاريخ ڏهين آگسٽ آهي. صحيح جواب ڏيندڙ ٻارن جا نالا سپٽمبر جي پرچي ۾ شايع ڪيا ويندا.

 

زرين فرحت اعوان

 

جيجل

 

توسان آهه منهنجو چاهه، جندڙي پنهنجي گهوريندس،

او جيجل توتان گهور وڃان.

ديوي بنائي من مندر ۾، توکي هردم پوڄيندس،

او جيجل توتان گهور وڃان.

خاڪ تنهنجي بڻائي سرمو، اکين ۾ پائيندس،

او جيجل توتان گهور وڃان.

نينهن امڙ سان مون لاتو آ، نينهن پنهنجو نڀائيندس،

او جيجل توتان گهور وڃان.

امڙ لاءِ سر ڏيو، چارڻ بڻجي چنگ اهو چوريندس،

او جيجل توتان گهور وڃان.

 

 

رام ڪمار ”اترادي“ ڪنڌڪوٽ

 

چغلخوري جو انجام

 

ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ دفعي ڪنهن جهنگ جو بادشاهه شينهن بيمار ٿي پيو. جهنگ جا سڀ جانور پڇڻ ويا، پر گدڙ کي دير ٿي ويئي، تنهن تي بگهڙ شينهن کي چغلي هڻي چيو ته فلاڻو گدڙ ڪيڏو نه مغرور آهي! توهان کي سڀ پڇڻ آيا آهن، پر گدڙ ڪونه آيو. شينهن ڪاوڙجي پيو ۽ چيائين ته ”جي آيو ته شڪار ڪندوسانس.“ گدڙ کي وڃي ڪن سنگتين اها ڳالهه ٻڌائي. گدڙ هڪ اٽڪل سوچي شينهن وٽ ويو ۽ وڃڻ سان وڃي شينهن جي پيرن تي  ڪِري  پيو.  شينهن  کان  کِل نڪري ويئي ۽ چيائينس ته ”اڙي ايڏي دير ڇو ڪئي اٿئي؟“ گدڙ شينهن کي جواب ڏنو ته ”سائين، گستاخي، معاف الله اوهان کي صحت بخشي! مون سوچيو ته سائين جن ڏي وڃان ٿو ته ڇو نه اوهان لاءِ دوا پڇيو وڃان. دوا جو ڏس مليو آهي ته بگهڙ جي ڄنگهه جي گوڏي واري هڏي ۾ جيڪا مِکه آهي، اها کائيندو ته چاڪ ٿي ويندو. شينهن کي بيماريءَ گهڻو تنگ ڪيو هو، تنهن نڪا ڪئي هم نڪا تم، بگهڙ کي چنبو هڻي ماري کائي ڇڏيائين. گدڙ ٽپ ڏيئي وٺي ڀڳو ۽ جهنگل ئي ڇڏي ويو.

پيارا ٻارو، توهان به ڪنهن تي چغلي نه هڻندا ڪريو. چغلخور جو انجام به اهڙو ئي برو ٿيندو، جهڙو بگهڙ جو ٿيو.

 

اشفاق ميمڻ لاکائي

 

جادوءَ جي راڻي

 

هڪڙي دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙا پنج – ڇهه ماڻهو رهندا هئا جن ۾ هڪ ننڍو ڇوڪر پڻ شامل هو. اهي هر روز مڇي مارڻ ويندا هئا. جڏهن مڇي ماري واپس ايندا هئا تڏهن جيڪي وڏا هوندا هئا اهي ڇوڪر کي ماري مڇي ڦُري وٺندا هئا. اهڙيءَ طرح روزانو هن کان مڇي ڦري ويندا هئا. آخرڪار ڇوڪري تنگ ٿي وڃي جدا مڇي ماري. هڪ ڏينهن هو مڇي ماري ر هيو هو ته هن اوچتو هڪ پيتي پاڻيءَ ۾ لڙهندي ڏٺي ۽ هن لڪي وڃي ڪڍي ۽ اها گهر کڻي آيو. جڏهن اها کولي ته ڇا ڏسي ته ان ۾ سدا ملوڪ ڇوڪري ويٺي آهي، جنهن چيس ته آءٌ تنهنجي مدد ڪرڻ آئي آهيان، جيئن چوان تيئن ڪج. ڇوڪري اها ڳالهه قبول ڪئي. ڇوڪريءَ چيس ته مڇي مارڻ جو ڪم ڇڏي ڏي ۽ تون ٻيو جيڪو به ڪم ڪندين ان جو سامان آءٌ توکي موجود ڪري ٿي ڏيان. تنهن تي ڇوڪري جواب ڏنو ته اي راڻي، تون مون کي جيئن چوندينءَ تيئن ڪندس. آءٌ ڀانيان ته ٻنيءَ جو ڪم ڪريان. اهو جواب ملڻ تي ڇوڪريءَ جلدي جادو هڻي زمين جو سڀ سامان ڍڳن سميت موجود ڪري ڏنس. ان کان پوءِ ڇوڪرو وڃي هڪڙي بادشاهه کان زمين جو ٽڪر آباد ڪرڻ لاءِ وٺي آيو ۽ ان ڏينهن کان وٺي هُن زمين ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جيئن ته ان بادشاهه جي ٻي به ڪيتري زمين هوندي هئي، جنهن تي به ڪيترائي هاري هوندا هئا. هڪ ڏينهن بادشاهه خيال ڪيو ته ڏسان ته هنن سڀني هارين مان وڌيڪ محنت ڪير ڪري ٿو، سو اهو خيال ڪري هن سڀني هارين کي چيو ته هاڻي جيڪو به ٻن ڏينهن ۽ ٻن راتين ۾ هڪ سهڻو باغ تيار ڪندو، ان کي پنج هزار درهم انعام ڏيندس. جنهن تي سڀني کي اچي ڳڻتي ٿي ته ٻن ڏينهن ۽ ٻن راتين ۾ باغ ڪيئن تيار ٿيندو؟ سڀ هاري ڳڻتيون کائيندا گهرن ڏانهن موٽيا. جڏهن هي ڇوڪرو گهر پهتو ته اچڻ سان اونڌو منجو ڪري اچي ڪِري پيو، جنهن تي راڻيءَ چيس ته ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن تي ڇوڪري ڳالهه ڪري ٻڌايس. تنهن تي راڻيءَ جواب ڏنس ته تون ڪوبه خيال نه ڪر، تون رڳو سڀاڻي زمين کي هر ڏيئي اچج ۽ باغ آءٌ پاڻهي تيار ڪنديس. ٻئي ڏينهن ڇوڪرو وڃي زمين کي هر ڏيئي کيڙي آيو ۽ اچي راڻيءَ کي ٻڌايائين. پوءِ راڻي رات وچ ۾ جادو هڻي باغ اهڙو ته تيار ڪري ڇڏيو جنهن جي خوشبوءِ ميلن ۾ پکڙجي ويئي. اهڙي طرح ٻين هارين به باغ لڳايو، پر ڪن جا وڻ سُڪي ويا هئا ۽ ڪن اڃا پوکيائي ڪونه هئا، ٽئي ڏينهن جڏهن بادشاهه سڀني هارين جا باغ گهمڻ لاءِ آيو ته ڏسي ته سڀني جا باغ سُڪا پيا آهن. آخر جڏهن هِن ڇوڪري جي باغ جي ويجهو آيو ته حيران ٿي ويو ۽ اهڙيءَ طرح راڻيءَ جي مدد سان هن انعام حاصل ڪيو. وري ٻئي دفعي بادشاهه خيال ڪيو، هاڻي ڏسان ته سڀني هارين ۾ زور وارو ڪير آهي. هن سڀني کي حڪم ڏنو ته ٻن ڏينهن جي اندر جيڪو به شينهن جهلي ايندو تنهن کي پنهنجي ڌيءَ سان شادي ڪرائيندس. هي ٻڌي سڀئي عجب ۾ پئجي ويا. ڇوڪر وري به پنهنجي گهر ۾ اچي اونڌو منجو ڪري ڪِري پيو، تڏهن ڇوڪري کان راڻيءَ ان جو سبب پڇيو، جنهن تي ڇوڪري سڄي ڳالهه ڪري راڻيءَ کي ٻڌائي ۽ راڻيءَ چيو ته تون ڪوبه فڪر نه ڪر، آءٌ توکي شينهن جهلڻ جي اٽڪل ٻڌايان ٿي. ۽ راڻيءَ هن کي چيو ته هاڻي تون هيءَ دُڪي وٺ ۽ هن ڀرواري ٻيلي ۾ شينهن رهن ٿا تون وڃ ۽ انهن مان هڪڙي شينهن کي وڃي لڪي لڪي ڪنن کان جهلي چڙهي ويهي رهج ۽ دُڪيون ڪنڌ ۾ هڻجانس ۽ شهر ڏانهن منهن ڪجائينس، پاڻهي توکي اچي شهر ۾ ڇڏيندو. هن کي اهو ٻڌائي راڻي جادو لڳائي ڇڏيو. ڇوڪر تڪڙو تڪڙو جهنگ ۾ ويو ۽ لڪي وڃي هڪڙي شينهن کي ڪنن ۾ هٿ وڌائين ۽ چڙهي اچي دُڪين جو وارو ڪيائينس. شينهن ڀڄندو ڀڄندو اچي شهر ۾ پهتو – جڏهن شهر ۾ پهتو ته شينهن ٿڪجي پيو هو، ڇوڪر هن تان لهي پيو ۽ هن کي سڌو گهر ڏانهن وٺي ويو. وڃي راڻيءَ کي ڏيکاريائين. راڻيءَ هن کي چيو ته هاڻي تون شينهن کي وٺي بادشاهه ڏانهن وڃ. جڏهن هي بادشاهه وٽ پهتو ته بادشاهه تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ هن کي چيائين هاڻي توکي پنهنجي شهزاديءَ سان شادي به ڪرائيندس.

ٻئي ڏينهن بادشاهه ڇوڪر ۽ شهزاديءَ جي شادي وڏي ڌام ڌوم سان ڪرائي. ۽ هو تمام خوش گذارڻ لڳا. هڪڙي ڏينهن هن کي دل ۾ خيال آيو ته هاڻي مون بادشاهه جي شهزاديءَ سان شادي ڪئي آهي ۽ آئون هڪ محلات ۾ به پيو رهان تنهن ڪري هاڻي راڻيءَ جي مون کي ڪهڙي ضرورت آهي. اهو خيال ڪري هن راڻيءَ کي چيو ته هاڻي تون ڀلي وڃ مون کي تنهنجي ضرورت نه آهي. تنهن تي راڻيءَ چيس ته آءٌ وينديس ته پوءِ تون پڇتائيندين. تنهن تي ڇوڪري چيس ته آئون توکي چوان پيو ته تون وڃ هلي ته وري تون بيٺين آهين. تنهن تي راڻيءَ چيس ته هاڻي تون هل ۽ مون کي جتان کڻي آيو آهين اتي مون کي ڇڏي اچ. تنهن تي ڇوڪرو هن کي وٺي تلاءَ تي آيو ۽ هن کي ڇڏي چيائين ته هاڻي وڃ. تنهن تي راڻي پير جيڏي پاڻيءَ ۾ وڃي چيس ته تون اڃا به چوين ته آءٌ موٽي اچان. ته ڇوڪري چيس ته آءٌ توکي چوان پيو ته وڃ. ته وري مون کان پڇين پئي. تنهن تي راڻيءَ چيس ته هاڻي آئون وڃان ٿي، ۽ پوءِ تون وري به ساڳيو پڇتائيندين ۽ ائين چئي پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي هلي ويئي. راڻيءَ جي وڃڻ سان ان جو جادو ٽُٽي پيو ۽ اهو ڇوڪرو وري ساڳي حالت ۾ اچي ويو. ۽ جڏهن شهزاديءَ جي محلات ۾ ويو شهزاديءَ ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيس. اهڙيءَ طرح هڪ محسن کان منهن موڙڻ جو نتيجو عمر ڀر ڀوڳيائين.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com