سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل اپريل 2024ع

باب:

صفحو:5 

Text Box: مضمون

وقاص ياسين آرائين

ڦلجي اسٽيشن/ دادو

ٿڌ ۾ ورزش ڪرڻ جو فائدو

سائنسي لحاظ سان هن ڳالهه جون شاهديون مليون آهن، ته ٿَڌِ ۾ ويھي رهڻ بجاءِ جيڪڏھن ورزش ڪئي وڃي، ته Calories سڙڻ يا ختم ٿيڻ جي رفتار وڌي وڃي ٿي. پر ضروري آهي، ته توهان گهر کان نڪري ٻاهر ورزش جي همت ڪيو. جيڪڏھن اوهان هن سال 10 پائونڊ وزن گهٽائڻ جو عهد ڪيو آهي، ته ٻاهر نڪري ٿڌِي موسم ۾ ورزش ڪيو . سائنسدان هن عمل جي شروعاتي وجهه ٻڌائن ٿا، ته اسان جي جسم ۾ موجود چرٻي دراصل ٿڌي ۽ غذائي قلت جي ڪري جمع ٿيندي آهي ۽ هن کي ختم ڪرڻ جو بھترين موقعو ٿَڌِ ۾ ئي ملندو آهي ۽ اسان هن وقت محنت ڪري تيزِي سان برائون ڀوري چرٻي Brown fat“ ختم ڪري سگهون ٿا. دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي، ته ٿَڌِ برداشت ڪرڻ وقت به Calories جا ڪجهه نه ڪجهه مقدار گهٽ ٿيندا رهندا آهن، ڇو ته هي هڪ قدرتي عمل آهي. هاورڊ ميڊيڪل اسڪول سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر سي رونلڊ جسم ۾ موجود سخت جان ڀوري سڻڀ جي تحقيق لاءِ مشھور آهي. ھن جو چوڻ آهي، ته ٿَڌِ ۾ دِل جي ڌَڙڪن سُست هوندي آهي ۽ هن ۾ ورزش جو فائدو گرمين جي ڀيٽ کان وڌيڪ هوندو آهي. ان ڪري ٿَڌِ ۾ ڊگهي ڊوڙ تيز رفتاريءَ سان گهڻي قدر آسان ٿي ويندي آهي. گرمين ۾ جسم پاڻ کي ٿَڌو رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ٿوري ڊوڙ کان پوءِ همت گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي، پر ٿَڌِ ۾ هر قسم جي ورزش ڪرڻ فائديمند هوندي آهي ۽ ٿَڌِ ۾ ورزش ڪرڻ سان انساني جسم ۾ چُرپر ۽ سخت محنت ڪرڻ جي صلاحيت موجود ھوندي آهي.

اگر اوهان ٿَڌِ ۾ برف وارين علائقن ۾ رهو ٿا، ته بيلچو کڻي ڪري برف صاف ڪيو ڇو جو هي به هڪ سُٺي ورزش آهي يا جاڪيٽ پهري جاگنگ شروع ڪيو ۽ ڪجهه دير ڊوڙڻ جي ڪوشش به ڪريو، ليڪن جسم کي ٿَڌِ کان بچائڻ جي لاءِ مناسب لباس ضرور پايو.

***


 

حسنين ڪلھوڙو

ڳوٺ صالح پور/ڪنڊيارو

ٻين ڪاڻ جيئڻ

انسان جڏھن پيدا ٿيو هو، ته اھو ڪنھن مقصد لاءِ پيدا ٿيو آھي. ڇاڪاڻ ته پيدا ڪرڻ وارو بنا مقصد جي ڪنھن کي پيدا نه ڪندو آھي، پوءِ اھو کڻي ڪھڙو به ھجي، ڇاڪاڻ ته مقصد کان بغير ماڻھو بيڪار آھي ۽ ربّ ڪريم ڪنھن بيڪار شيءِ کي پيدا نه ڪندو آھي.

ھر ڪنھن کي ڪو نه ڪو مقصد ھوندو آھي، ڪو ماڻھو پنھنجي مفاد لاءِ جيئندو آھي. ڪو وري ٻين لاءِ جيئندو آھي. پنھنجي لاءِ ته ھر ڪو جيئندو آھي، پر مزو تڏھن آھي، جڏھن ڪو ماڻھو ٻين لاءِ جيئي.

ان لاءِ مون پنھنجي زندگيءَ جو مقصد ئي ڪجهه اھڙو چونڊيو آھي، جنھن ۾ مان ٻين کي فائدو پھچائي سگھان. جيڪو منھنجو زندگيءَ جو سڀ کان وڏو خواب آھي، ته مان پاڪ فوج جو حصو بڻجان.

مون کي زندگيءَ جي خوشي تڏھن ملندي، جڏھن مان بارڊر تي بيٺو ھوندس. پوءِ ڀلي رت ڄمائيندڙ ٿَڌِ ھجي يا وري زمين تپائيندڙ سج جي تپش ۽ منھنجي ملڪ جو

عوام منھنجي آسري دشمن جي خوف کان لاپرواهه ٿي آرام جي ننڊ ستل ھوندو.

منھنجو خواب پنھنجي ملڪ جو تحفظ ۽ حفاظت ڪرڻ آھي، مان بنا ڪنھن دشمن جي گولي جي ڊڄ کان بارڊر تي بيھي پنھنجي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ ٿو چاھيان. تڏھن مان سمجھندس، ته مان زندگيءَ ۾ ڪنھن مقصد لاءِ آيو آھيان ۽ مون کي زندگي جي سڀ کان وڏي خوشي ملندي.

منھنجو خيال اھو ھوندو آھي، ته ماڻھو کي خوشي تڏھن ملندي، جڏھن ھو پنھنجي لاءِ نه پر ٻين لاءِ جيئندو، ڪامياب ماڻھو اھو ناھي ھوندو جنھن کي ٻيا ماڻھو چون ته ھي وڏو ڪامياب آھي. پر ڪامياب ماڻھو اھو آھي، جيڪو پاڻ سمجھي، ته مان ڪامياب آھيان ۽ ان جو ضمير به ان ڳالهه کان مطمئن ٿئي.

***


 

سنڌ جو مشھور نعتيه شاعر محمد ياسين ڪنڀر ولد شاھ محمد ڪنڀر ڳوٺ سلطانپور تعلقي پنوعاقل ضلع سکر ۾ پھرين آڪٽوبر 1979ع بمطابق 9 ذوالقعد 1499 ھجري بروز سومر تي ڄايو.  ھو ناظره قرآن شريف مولانا احمد علي ناپر وٽ پڙھيو. شروعاتي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پرائي. ميٽرڪ 1997ع  ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سلطانپور مان اي - ون گريڊ ۾ پاس ڪري  ڳوٺ ۾ رڪارڊ قائم ڪيو. انٽر سائنس 1999ع ۾  گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول پنوعاقل مان پاس ڪئي. بي اي 2002ع پنوعاقل ڊگري ڪاليج  ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 2004ع ۾ پاس ڪئي. گورنمينٽ  ايجوڪيشن ڪاليج سکر مان  2004ع  ۾ فرسٽ ڪلاس ۾  بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيو.

1999ع کان آرمي پبلڪ اسڪول پنوعاقل ڇاوڻي ۾ ٻه سال اسسٽنٽ ٽيچر رھيو. 6 نومبر 2001ع ۾ سنڌ گورنمينٽ جي تعليم کاتي ۾ پرائمري اُستاد ڀرتي ٿيو. 2014ع ۾ جي ايس ٽي استاد مقرر ٿيو. 31 مئي 2022 ع کان ھاءِ اسڪول ٽيچر (ايڇ ايس ٽي) جو پروموشن مليو ۽ گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول سلطانپور ۾ مقرري ٿي. ھن وقت گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول ھاليجي شريف ۾ سنڌي سبجيڪٽ جو اُستاد ٿي نوڪري ڪري رھيو آھي. تعليم و تربيت جي حوالي سان  ڪجهه ٽريننگ آغا خان يونيورسٽي مان 48 ورڪشاپن ۾ شرڪت  ڪري حاصل ڪئي. واءِ ٽو ڪي ڪيمبريج اسڪول سکر  مان 2000ع ۾ ٽيچنگ ٽرينگ ڪئي. يو ايس ايڊ جي طرفان منقعد ٿيندڙ ٽريننگ ورڪشاپ ۾ به شرڪت ڪئي.

سندس حمد نعت منقبت مناجات مرثيا قومي نظم اصلاحي شاعري سڄي سنڌ ۾ مشھور آھي. نعت جو پڪو پختو ۽ علم عروض تحت پابند شاعري ڪندڙ ڪھنه مشق شاعر آھي. کيس پھريون صدارتي ايوارڊ ۽ انعام  2017ع ۾ نعتيه شاعري جي ڪتابسرھاڻ تي ان وقت جي صدر پاڪستان سيد ممنون حسين ھٿان مليو. کيس جميعت علماء اسلام طرفان  بھترين ڪارڪردگي تي سند ۽ قرآن پاڪ جو تحفو مليو. تعلقي ليول تي سرڪاري اسڪولن ۽ پروگرامن ۾  نعتيه مقابلن جو بطور جج مقرر ڪيو وڃي ٿو. سنڌي ادبي سنگت شاخ سلطانپور جو چار دفعا سيڪريٽري ٿي رھيو. عزم پبليڪيشن  جو سب  ايڊيٽر  ۽ شيخ اياز پبليڪيشن سلطانپور جو سب ايڊيٽر رھيو. ھاليجي شريف جي بزرگ مولانا عبدالصمد انڍڙ ھاليجوي (وفات 2023ع)  سان دست بيعت ٿيو. سنڌ ليول تي ٿيندڙ نعتيه مشاعرن ۾ شريڪ ٿي شاعري پڙھي. سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيو. سندس شاعري ماھوار  الفاروق ڪراچي، ماھوار ھزار داستان حيدرآباد ماھوار امرتا حيدر آباد ماھوار گل ڦل سنڌي ادبي بورڊ هفتيوار سنڌو ڊائجسٽ پندره روزه عبرت ميگزين، سنڌي ادبي بورڊ جي مشھور علمي ادبي رسالي ٽماھي مھراڻ، ٽماھي سنگت مخزن حيدر آباد، ماھوار الصادق ڪراچي، اردو رسالن ۽ سنڌي اخبارن ۾ ڇپيل آھي  ۽  ڇپجندي رھي ٿي. سنڌي ۾ سنڌي ٻاونجاھ اکرن تي رديف وار نعتيه شاعري جو ديوان سيد الثقلين صلي الله عليه وسلم“  سال 2022ع ۾ ڇپيو. جنھن تي کيس 2023ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان قومي سيرت ايوارڊ شيلڊ ۽ پنجاھ ھزار نقد انعام  به مليو. محمد ياسين ڪنڀر شاعري جي شروعات  1994ع کان ڪئي. سندس پھريون شعر ئي الله پاڪ جي ساراھ ۾ (حمد) ھو، جيڪو روزانه  جاڳو  اخبار ۾ 1997ع ۾ ڇپيو. ياسين ڪنڀر جا  ٻاراڻا شعر ماھوار گل ڦل، عزم، ادڙا، نٽ کٽ ۽ ٻين سنڌي رسالن ۾ ڇپيا. مھراڻ رسالي ۾ 2013 کان مسلسل ڇپبو رھيو آھي. سنڌي اخبارن ۽ سنڌي رسالن ۾ سندس شاعري تمام گھڻي تعداد ۾ ڇپي آھي. سندس پسنديده موضوع حمد ۽ نعت آھن. کيس چار دفعا صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو آھي. نعتيه شاعري لکڻ  سندس خاص مشغلو ۽ مقصد حيات آھي. شاعري ۾ استاد سيد الشعراء سيد رفيق احمد امروٽي آھي. ڪجهه اصلاح مرحوم  سيد گل محمد شاهه بخاري به ڪئي. محمد ياسين ڪنڀر جا وڏڙا ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪندا ھئا .

محمد ياسين ڪنڀر جا ڇپيل ڪتاب آھن.

1. منھنجو دلبر (نعتيه شاعري) 2007ع

2. منھنجو رھبر  (نعتيه شاعري) 2010ع

3. ساھ ۾ سوجھرو. (نعتيه شاعري) 2013ع

4. سرھاڻ.(نعتيه شاعري). 2015ع جنھن تي 2017 ع ۾ صدارتي ايوارڊ مليو.

5. راھن ۾ رابيل. (نعتيه شاعري) 2016ع

6. ابوصدقي امان صدقي. (اسلامي شاعري) 2017ع

7. جانانِ جان. (نعتيه شاعري). 2018ع . (ان ڪتاب تي قومي سيرت ايوارڊ 2019ع ۾ مليو)

8. درود توتي سلام توتي. اسلامي شاعري. 2019ع

9. جاني لاثاني . (نعتيه شاعري). 2019ع.

10. امڙ آمنه جو لال صه. (نعتيه شاعري 2020ع (ان ڪتاب تي 2021ع ۾ قومي سيرت ايوارڊ مليو)

11. لڙڪن ڪئي پڄاڻي اسلامي شاعري 2022ع

12. آئيندي جا معمار ٻاراڻي شاعري 2022ع

13. سيد الثقلين صه. (نعتيه ديوان) 2022ع (ان ڪتاب تي 2023ع ۾ قومي سيرت ايوارڊ مليو)

14. نگر نگر ۾ نالو جنھنجو. اسلامي شاعري . 2023ع ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.

***


 

امام راشدي

نئون ديرو/لاڙڪاڻو

همدردي

لالڻ اخبار ۾ پڙهيو هو، ته لاڙڪاڻي ۾ ڪتابن جو ميلو لڳو آهي. هن کي ڪتاب ڏسڻ ۽ وٺڻ جو شوق هوندو هو، پر غُربت جي سبب ڪتاب خريد ڪري نه سگهندو هو.

 لالڻ ستين جماعت جو شاگرد هو ۽ ٽي ڪلوميٽر پري ڳوٺ مان ايندو هو. ڪڏهن پنڌ، ته ڪڏهن سنگتين ۽ ساٿين سان  سائيڪل تي، ڪڏهن ڳوٺ مان شهر ايندڙ ٽريڪٽرن تي چڙهي ايندو هو يا وري ڪڏهن چنگچيءَ وارا رحم کائي کنيو ايندا هئس. لالڻ جو پيءُ هارپو ڪندو هو، ماڻس ويچاري رِليون سُبِي پُٽ جي پڙهائڻ تي خرچ ڪندي هئي. روز ڏهه رپيا خرچي ملندي هئس، سا به ڪڏهن کپائيندو هو ته ڪڏهن وري موٽائي ايندو هو. پاڻ ڪتابن ۽ رسالن سان چاهه رکندو هو. تنهنڪري گُل ڦُل رسالو پابنديءَ سان وٺندو هو. ڪتابن جي ميلي ۾ وڃڻ جي لاءِ دل ڏاڍو چاهيس. ٻن ٽن ڏينهن جي گڏ ڪيل خرچيءَ تي نظر وڌائين ته پنجاهه رپيا مس هئا. پوءِ به خوش ٿي ويو.

جڏهن اسڪول کان موٽيو ته سڌو ڪتابن جي ميلي تي آيو. ڪتابن جا مختلف اسٽال ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو هو. پهريان سنڌي ادبي بورڊ جي اسٽال تي آيو ۽ ڪتاب ڏسي دنگ رهجي ويو. ادبي بورڊ جي ڪتابن جو ذڪر رڳو گُل ڦُل ۾ پڙهندو هو، سي اڄ پنهنجي اکين آڏو ڏسي ٻهڪي پيو هو. هن هڪ هڪ ڪتاب کي کولي چڱيءَ ريت ڏسي قيمت ياد ڪندو ويو. پهريان ته هن ڪتاب ڏسي وري بڪ اسٽال واري کي ڏٺو ۽ سوچڻ لڳو، ته ڪاش هي ڪاڪو مون کي سڀ ڪتاب مفت ۾ ڏئي ته سڀ کڻي وڃان....! هن جيڪي ڪتاب چونڊي رکيا هئا، انهن جي قيمت اڍائي سؤ رپيا ٿئي پئي. هن پنهنجي کيسي مان پئسا ڪڍي ڳڻيا ته انهيءَ ڏينهن واري خرچيءَ سميت سٺ رپيا مس ٿيا هئس! هن تسليءَ خاطر ٻيهر پئسا ڳڻيا ۽ ڪتابن کي ٻيهر کولي قيمت جانچيندو رهيو... سندس انهيءَ عمل تي ڀرسان بيٺل هڪ شخص توجهه سان ڏسي رهيو هو. لالڻ هر هڪ ڪتابن کي ڏسندو رهيو ۽ سوچيائين ته ڪهڙو ڪتاب وٺان ۽ ڪهڙو نه وٺان. وڻن ته سڀئي ٿا ۽ ههڙو موقعو وري الائي ڪڏهن ملي، ٻيو ته ها. هو ڪافي دير تائين ڪتابن کي حسرت ڀريل نظرن سان ڏسندو رهيو. ڏسي ڏسي نيٺ هن فيصلو ڪيو ته هنن مان ڪوبه ڪتاب خريد نه ڪبو..... اهو سوچي هن ٿڌو ساهه ڀريو ۽ اڳتي وڌي ويو. تيسين ڀر ۾ بيٺل ان شخص اسٽال واري کان لالڻ وارا پسند ڪيل ڪتاب خريد ڪري، تڪڙو وڃي لالڻ جي ڪُلهي تي هٿ رکيو ته لالڻ ڇرڪجي ويو.!

هان پُٽَ! هي وٺ ڪتاب جيڪي تو پسند ڪيا هئا. مان توکي گفٽ ڪري ٿو ڏيان. تون هي پڙهه ۽ ڄاڻ وڌاءِ!

لالڻ هَڪو ٻَڪو ٿي ويو ۽ ڪتابن وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو، ته نه سائين، ڪتاب آءٌ پنهنجن پئسن سان وٺندس، اهو مون عهد ڪيو آهي. پر ٻچا مان ته توهان کي هي ڪتابَ تحفو ڪري ڏيان ٿو. توهان جو ڪتابن سان شوق ڏسي آءٌ وٺي آيس. مان پاڻ به اُستاد آهيان. هي ڪتاب توهان وٺو پڙهو ۽ مون کي دعا ڪجؤ.

لالڻ جي اکين ۾ لُڙڪ اچي ويا. پوءِ به هن خوددار، برابر انڪار پئي ڪيو، پر گهڻي چئه چوان کان پوءِ لالڻ ڪتاب ورتا ۽ خوشيءَ جا ڳوڙها ڳاڙيندو ٻاهر نڪري ويو ۽ خاموشيءَ سان پنهنجي ڳوٺ ڏي راهي ٿيو. سوچيندو پئي آيو ته ڀلائي ڪندڙ ۽ علم ورهائڻ وارن انسانن کان دنيا اڃان خالي ڪانه ٿي آهي.

***


 

عبدالسميع (ثمير) عباسي

ڳوٺ مڏملاح بکري/ڪنديارو

جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي

 حڪمت جي ڪتابن ۾ پڙهيو اٿم ته، وِڇون ائين نه ڄمندو آهي، جيئن ٻيا حيوان ڄمن ٿا. چون ٿا ته وڇون جڏهن ماءُ جي پيٽ ۾ وڌي وڏڙا ٿيندا آهن. تڏهن اول ماءُ جي آنڊن ۽ پيٽ کي کائي پوءِ ٻاهر نڪرندا آهن. ڪٿي ڪٿي وڇونءَ جون کَلون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. اهي ان طرح ٿينديون آهن. اها ڳالهه ڪنهن بزرگ سان ڪيم. هن چيو ته، تو بلڪل سچ چيو. جيڪو وڇون پنهنجي ماءُ کي چڱائيءَ جو بدلو ائين ٿو ڏئي سو ٻين سان ڪهڙي چڱائي ڪندو! جهڙي چال هو ننڍي هوندي ماءُ سان هليو. وڏي هوندي سڀڪو وڇونءَ سان به اهڙي ڪار ٿو ڪري. ڪنهن پيءُ پنهنجي جوان پُٽَ کي نصيحت پئي ڪئي ته، اي پُٽڙا! جيڪو پنهنجي وڏن جي عزت نٿو ڪري ته وڏي هوندي ان جي به عزت نه ٿيندي.

پيارا ٻارؤ! اسان کي گهرجي ته هر پرائي پنهنجي سان چڱائي ڪريون ۽ پنهنجن اُستادن، پيءُ ماءُ ۽ وڏڙن ننڍن جو ادب، احترام ۽ عزت ڪريون.


 

ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي

ڪراچي

ثقافت جا رنگ

 ريل گاڏي تيزيءَ سان هلي رهي هئي. جواد ۽ مديحه دريءَ جي ويجهو ويٺا ٻاهريان نظارا ڏسي خوش ٿي رهيا هئا. رستي ۾ وڏا وڏا جبل آيا، سرسبز ٻنيون ۽ ٻارا نظر آيا، وڏو درياءُ به ريل ٽُپي آئي. پُل مٿان ريل جي پٽڙي ڇا ته ڪمال ڪاريگريءَ سان ٺاهي وئي هئي. هاڻي ريل گاڏي هڪ ريگستان مان لنگهي رهي هئي.

ٻارؤ! دري بند ڪري ڇڏيو. اکين ۾ واري پئجي ويندوَ سندن ماءُ هدايت ڪئي.

امان! دري بند ڪنداسين ته پوءِ ٻاهريان نظارا ڪيئن ڏسي سگهنداسين. جواد وڏي اعتماد سان چيو.

اڙي... واهه هو ڏسو... هڪ ماڻهو اُٺ تي چڙهي ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. مديحه وڏي جوش وچان ۽ حيران ٿيندي چيو. هن اُٺ جي تصوير ته ڪتابن ۾ ڏٺي هئي، پر اُٺ کي سندس پنهنجي ان قدرتي ماحول ۾ ڪونه ڏٺو هو. ان ماڻهوءَ کي ته ڏسو! هن رڙ ڪري ڳالهايو، ڪيڏو نه عجيب ٿو لڳي.

جواد ۽ مديحه ان اُٺ وارن کي ڏسي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳا. جواد چيو، اهو ماڻهو ائين ٿو لڳي ڄڻ اُٺ جو ئي حصو هجي.

جواد ۽ مديحه جو پيءُ جيڪو ٻنهي جون ڳالهيون ٻُڌي رهيو هو، کانئن پڇيو، ڇا اهو اُٺ ۽ ان تي سوار ماڻهو توهان کي سٺو نٿو لڳي؟ ڇا توهان کي اها خبر ناهي ته اهو ماڻهو اُن ريگستان جو ئي حصو آهي؟

جواد ۽ مديحه جي پيءُ سڄي دُنيا گهمي ڏٺي هئي. پاڻ هڪ هوائي ڪمپنيءَ ۾ پائليٽ هيو. ٻارن به پنهنجي پيءُ سان گڏجي ڪيترائي ملڪ ڏٺا هئا. سندن لاءِ ريل جو هيءُ پهريون سفر هو.

بابا! ان ۾ سٺي لڳڻ يا نه لڳڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟

پُٽ! سڀ ڪجهه سٺو لڳي سگهي ٿو، پر شرط اهو آهي جو اوهان کي ڄاڻ هجي ته اهي ريگستاني ماڻهو ڪهڙي قسم جي موسمي حالتن ۾ رهندا آهن. انهن جا ڪهڙا ڪهڙا مسئلا ۽ ڏُکيائيون آهن. اهي ڪهڙو کاڌو کائيندا آهن ۽ اهو ڪيئن پچايو ويندو آهي. اسان وانگر انهن جا به مِٽ مائيٽ ۽ خاندان ٿيندا آهن. انهن جون به خوشيون ٿينديون آهن ۽ پنهنجن خوشين ۽ ڏُکن کي ظاهر ڪرڻ جو به انهن جو پنهنجو طريقو ٿيندو آهي. سٺي لڳڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهي پنهنجي ماحول سان پنهنجو پاڻ کي ڪيئن ته سلهاڙي ٿا ڇڏين.

ان جو نالو تهذيب ئي ته آهي. سندن ماءُ ٻُڌائڻ شروع ڪيو، انسان پنهنجي ماحول سان سلهاڙجڻ ڪجهه سالن ۾ ٿورو ئي سکي سگهندو آهي. اها وڏڙن جي ڏاهپ آهي. جيڪا هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندي رهندي آهي ۽ اهو سلسلو بنا ڪنهن رُڪاوٽ جي صدين تائين هلندو رهي ٿو.

بلڪل ٺيڪ! توهان جي ماءُ صحيح چيو. سندن والد ڳالهائڻ شروع ڪيو ته، ربّ پاڪ هن دنيا کي ڏاڍو سهڻو ڪري ٺاهيو آهي ۽ هن دنيا جي سونهن مختلف ثقافتي پسمنظر رکندڙ ماڻهو آهن. اهي سڀ ماڻهو ڀلا ۽ عزت جي لائق آهن. جيڪڏهن توهان ان بهادر اُٺ ۽ ان جي سوار وانگر ريگستان ۾ رهندا هجو ها ته پوءِ توهان به ان ريگستاني ماڻهوءَ وانگر اُٿو ويهو ها. ان جهڙو لباس پايو ها ۽ ان جهڙو کاڌو به کائو ها. پوءِ جيڪڏهن ٻيا ماڻهو توهان کي ڏسي ائين ٽهڪ ڏين ها جيئن توهان ان کي ڏسي ٽهڪ ڏئي رهيا هئا، ته پوءِ توهان کي ڪيئن لڳي ها. جواد ۽ مديحه شرمندا ٿي ويا!

سندن والد وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت واري ڳالهه اها آهي ته اوهان سڀ کان پهرين پنهنجي پاڻ کي سمجهو. توهان جيئن رهو ٿا ته ائين ڇو ٿا رهو؟ ٻين وانگر ڇو نٿا رهو؟ جڏهن توهان اهو سمجهي وٺندا ته پوءِ توهان کي اهو احساس ٿيندو ته ٻيا ماڻهو پنهنجي مخصوص طريقي سان ڇو ٿا رهن.

ماءُ چيو ته، جڏهن اسان گهر واپس پهچون ته پوءِ اوهان ٻين ماڻهن جي باري ۾ لکيل ڪتاب لائبريريءَ مان وٺي پڙهجؤ. هڪ مکيه ڳالهه پنهنجي ذهن ۾ ياد رکجو ته سڀ انسان برابر آهن اهي سڀ اسان وانگر ئي آهن رنگ ۽ نسل جي ڪابه اهميت ناهي. بس فرق رڳو اهو آهي ته اهي مختلف جاگرافيائي حالتن ۽ ثقافتي پسمنظرن ۾ رهن ٿا.  تنهنڪري اسان کي انهن جي باري ۾ ڄاڻڻ گهرجي.

جواد ۽ مديحه پنهنجي پيءُ ماءُ جون لاڀائتيون ڳالهيون ٻُڌيون ۽ دل ئي دل ۾ اهو واعدو ڪيو ته اهي مختلف ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي باري ۾ گهڻي کان گهڻا رسالا ۽ ڪتاب پڙهندا ۽ علم سان گڏ ثقافت جي ڄاڻ به حاصل ڪندا.

***

 

سنڌيڪارا: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

حيدرآباد

محبت جي ڪاميابي

هڪ هاري پنهنجي ٻنيءَ تي ڍڳا ڪاهي هر هلائڻ لاءِ صبح جو جيئن ئي گهر کان نڪتو ته پويان سندس گهر واري ڪريمان ٻاهر ڪجهه پئسا کڻي در تي آئي ته جيئن ڪا ڀاڄي ڀُتي وٺي اچي ماني ٺاهي. ڏُڌ هن ولوڙي ڇڏيو هو باقي ڀاڄي ٺاهي ماني کڻي کيس ٻارهين وڳي گهرجي ويجهو ٻنيءَ تي مڙس کي ماني ڏيڻ لاءِ وڃڻو هو. ٻيهر جو دروازي وٽ پهتي ته ڏٺائين ٽي پرديسي سندس گهر جي چانئٺ جي ويجهو دِڪيءَ تي ويٺا آهن. کانئن خير عافيت پڇي ماني ٽڪيءَ جي صلاح ڪيائين هنن هائوڪار ڪئي.

 هوءَ ٿوريءَ دير کان پوءِ سودو وٺي اچي ماني ٺاهڻ لڳي جڏهن کاڌو پچي راس ٿي ويو تڏهن دروازي تي وڃي انهن کي کائڻ جي آڇ ڪيائين ۽ گهر اندر اچڻ جي صلاح ڪرڻ لڳي، انهن ۾ جيڪو پوڙهو شخص هو، ان کيس چيو ته امان اسين ڪنهن به انهيءَ گهر ۾ اندر ماني کائڻ تيستائين ڪونه ويندا آهيون، جيستائين انهيءَ گهر جا مرد موجود نه هجن، تنهنجو گهر وارو ٻاهر نڪري ويو آهي، اهو جڏهن ايندو اسين تڏهن اينداسين.

ڪريمان ماٺ ڪري پنهنجي مڙس جي لاءِ ٺاهيل  ماني پاڙي جي ڇوڪري کي ڏني، هو اها کڻي ٻنيءَ تي ڏيڻ ويو.

شام ٿي ڪريمان جو مڙس گهر آيو. هن جو دروازي وٽ ٽي اوپرا ماڻهو ڏٺا، حيران ٿيو ۽ کين پرديسي سمجهي مانيءَ جي صلاح ڪرڻ جو سوچيائين. پر وري خيال آيس، ته خبر ناهي گهر ۾ سامان سيڌو آهي يا نه؟ پهرين گهر واريءَ کان پڇان پوءِ انهن کي گهرايان. اندر اچي زال سان ڳالهه پڻ ڪيائين ۽ کيس چيائين، ته انهن پرديسين کي ماني ڇو ڪونه کارايئي؟ جوڻس جواب ڏنو مون گهڻو ئي چيو ۽ انهن لاءِ پچائي به رکي آهي، پر جيڪو پوڙهو ماڻهو آهي ان چيو، ته جيستائين تنهنجو مرد گهر ۾ نه هوندو، اسين اندر ڪونه اينداسين هاري انهن جي اخلاق کان متاثر ٿيو ۽ ڪريمان کي چوڻ لڳو،ٺيڪ آهي وڃي کين چئو، ته منهنجو مڙس اچي ويو آهي، توهين هاڻي اندر اچي ماني کائو. مائي دروازي تي وئي، تڏهن پوڙهي هڪ ٻي ڳالهه ڪئي هن چيو، اسان جو پاڻ ۾ عهد آهي ته ڪو به هڪ ڄڻو ويندو ۽ باقي ٻيا ٻه ٻاهر هوندا ۽ جنهن جو جهڙو نالو آهي، ان ۾ اها ئي خاصيت آهيجيئن مثال طور منهنجو نالو دولت آهي ته آئون جي ڪڏهن توهان جي گهر اندر داخل ٿيندس ۽ مهمان ٿيندس، ته پوءِ توهان جي گهر ۾ ايتري دولت ايندي جا توهين سنڀالي به ڪونه سگهندا، ڳڻڻ کان مٿي هوندي. ٻيا ٻه دوستفتح ۽ محبت آهن، هاڻي تون ٻڌاءِ ته ڪنهن کي ٿي مهمان ڪرين؟

هيءَ عجيب روئداد ٻُڌي مائي ته صفا حيران ۽ پريشان ٿي وئي. ورنديءَ ڏنائينٺيڪ آهي آئون گهر ۾ مشورو ڪري اچي ٻڌايان ٿي. ڪمري ۾ اچي هاريءَ کي سڄي ڪٿا ٻڌايائين هن کي چوڻ لڳي ته، پاڻدولت کي مهمان ٿا ڪريون، گهر ۾ جام پسئو اچي ويندو ۽ ان جي پاڻ کي سخت ضرورت پڻ آهي. هاريءَ چيس،نه تون فتح جي مهماني ڪر. پوءِ جيڏانهن پاڻ جو پير ويندو، اوڏانهن خير ٿيندو. پاڻ برڪت وارا ٿي وينداسين. هر پاسي فتح ۽ ڪاميابي حاصل ٿيندي، سُکن جو سج اُڀرندو.

سندن ڌيءَ جا پريان پينگهي ۾ ويٺل هئي. چوڻ لڳي،نه بابا توهين منهنجي خيال کان محبت کي گهر ۾ آڻيو، محبت ۾ وڏي طاقت آهي. اها نفاق کي ختم ڪري ٿي، ته محبت دليون فتح ڪندڙ آهي ۽ محبت سان ڪيل محنت جي ڪري دولت پاڻهي ئي اچي ويندي. محبت جو مانُ سڀني کان مٿي آهي  پڻس ڌيان سان ٻُڌي ڪريمان کي چيو ته پنهنجي ڌيءَ وڌيڪ سٺي ڳالهه ڪري رهي آهي.

ڪريمان پوءِ محبت کي سڏڻ لاءِ ٻاهر وئي. جڏهن محبت وارو بزرگ ساڻس گڏ اندر پئي آيو، تڏهن ٻيا ٻئي به اچڻ لڳا، ڪريمان وڏي پوڙهي کي چيو، توهان ته چيو هو اسان مان ڪنهن به هڪ کي اندر اچڻو آهي. هاڻي ته توهين ٽيئي پيا هلو. پوءِ اها رڪاوٽ پهرين توهان ڇو وڌي؟. پوڙهو مُشڪڻ لڳو، چيائين،اسان وٽ محبت سڀني ۾ خاص آهي. انهيءَ سان اهو هڪ وارو شرط لاڳو ڪونه ٿو ٿئي، اهو جتي ويندو اُتي اسان ٻئي به ساڻس گڏ هونداسين. ڪريمان جو مڙس به دَرَ تي انهن جي آجيان ڪرڻ آيو، ۽ کين وٺي اچي عزت سان ويهاريائين. انهيءَ ڏينهن کانپوءِ سندن چڱا ڏينهن شروع ٿي ويا.

پيارا ٻارو! هن اشارتي ڪهاڻيءَ مان سبق اهو ٿو ملي، ته هن ڪائنات جو وڏي ۾ وڏو سُک محبت جي حاصلات آهي، محبت والدين سان، اولاد سان، علم سان، دين سان، اُستادن سان، شاگردن سان، پوريءَ دنيا جي مخلوق سان ربّ پاڪ جي محبت جو مظهر آهي، محبت ئي آهي جا جيئڻ جو حوصلو عطا ڪندڙ ۽ ڪم جي توفيق پيدا ڪندڙ ۽  انساني حياتيءَ ۾ اُتساهه جو ڪارڻ آهي، پنهنجي زندگيءَ ۾ هن جذبي جي سچائيءَ ۽ مضبوطيءَ کي ضرور سمجهو.

ڪرشن چندر                           (قسط: اٺين)

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

اُبتو وڻ (ٻاراڻو ناول)

ماڻھو زور سان دانهون ڪرڻ لڳا، عورتون وار کولي ماتم ڪرڻ لڳيون. يوسف، موھن ۽ شھزادي ڊوڙندي ان ماڻھوءَ وٽ پھتا پر ھو دارالفنا وڃي چڪو ھو، سندس نرڙ تي نانگ جي ڏنگ جو نيرو نشان ھو. پر نانگ جي ڪنھن کي به خبر ڪانه پئي، ڪٿان آيو، ڪٿان ويو. يڪدم ھڪ ڪاري صندوق آندي وئي، لاش کي بند ڪيو ويو. ھڪ وڏو آواز آيو، ڊڄو، شھر جا رھواسيو، شري مھاراج نانگ جي قھر کان ڊڄو، جيڪو به ان جي مخالفت ڪندو، کيس موت ڏنو ويندو. نه نه اسان تنھنجا غلام ۽ تعبيدار آھيون، مرد، عورتون ۽ ٻار زمين تي جھڪي ٻاڏائڻ لڳا. صرف يوسف، شھزادي ۽ موھن بيٺل رھيا. ھڪ ماڻھو چيو، جھڪو، جھڪو، توھان به جھڪو. اسان ڇو جھڪون، يوسف چيو، اسان ڪنھن نانگ جي اڳيان نه جھڪنداسين. ڊڄو، ڊڄو، غيبي آواز وري اچڻ لڳو، شري مھاراج نانگ جي قھر کان ڊڄو. ماڻھو زارو قطار روئڻ لڳا، جڏھن ھو مينار جي ويجھو پھتا، ته ھڪ لوھي جھنگلي جي پاسي ۾ بيھي رھيا ھتي لکيل ھو، اڳيان وڃڻ منع آهي. ماڻھن ڪاري صندوق کي اتي ئي رکيو ۽ باادب مينار ڏي ڏسڻ لڳا، وڏي مينار جا ڦاٽڪ بند ھيا، مينار جي مٿان آواز آيو، پنھنجي پنھنجي گھر موٽي وڃو.اسان انھن لاشن کي بجلي سان ساڙينداسين، ۽ دولت کي توھان جي فائدي ۽ آرام لاءِ خرچ ڪنداسين، فڪرمند نه ٿيو، ھڪ نه ھڪ ڏينھن ھن شھر کي زھر کان پاڪ ڪنداسين. اسان وڏي ڪوشش ڪندا آھيون ته توھان کي شري مھاراج نانگ جي زھر کان بچايون، ان لاءِ ھر احتياط ڪيو ويندو آهي پر افسوس اڃا تائين اسان کي ڪاميابي نه ملي آھي، شايد خدا کي ئي اھو منظور آھي، وڃو منھنجا پٽ، واپس گھرن ڏي وڃو. موھن پڇيو، ھي ڪنھن جو آواز آھي، اھو اسان جي سرڪار جو آواز آھي، سرڪار مينار کان ٻاھر نڪري ڇو نٿي ڳالھائي، شري مھاراج نانگ جي ڊپ کان،  سرڪار ڪھڙي شڪل جي آھي؟ سرڪار کي ڪنھن نه ڏٺو آھي، نه انھن جي ماڻھن کي، ھو سڀ مينار جي اندر رھندا آھن، ٻاھر نه ايندا آهن، سندس ضرورت جون شيون انھن کي مينار ۾ ئي پھچايون وينديون آهن. وڃو وڃو واپس وڃو. سڀ ماڻھو واپس ھليا ويا. موھن، يوسف ۽ شھزادي اتي ئي بيٺا رھيا. موھن يوسف کي چيو ھلو ته واپس ڪوٺي ڏي ھلون، يوسف چيو، نه آئون سرڪار جي شڪل ڏسي پوءِ ھلندس. سرڪار جي شڪل اڄ ڏينھن تائين ڪنھن نه ڏٺي آهي، تون ڪيئن ڏسندين. آئون ڏسڻ چاھيان ٿو ته ھي صندوق اندر ڪيئن ٿي وڃي. يوسف ھڪ صندوق کولي ڏسڻ چاھي ته ھڪ گجگوڙ وارو آواز آيو، خبردار متان ھنن صندوقن کي ھٿ لڳايو اٿئي، واپس وڃو واپس وڃو. شھزاديءَ چيو ھلو يوسف ھتان ھلون، مونکي ڊپ ٿو ٿئي. يوسف چيو مونکي به.يوسف، موھن ۽ شھزادي واپس ورڻ لڳا پر يوسف وري موٽي آيو ۽ چوڻ لڳو آئون اھو تماشو ضرور ڏسندس. يوسف کي موھن ۽ شھزاديءَ گھڻو ئي سمجھايو پر هن ھڪ نه مڃي. ھڪ ڪلاڪ تائين ھو ھڪ گھر جي اوٽ ۾ بيٺا مينار ڏي ڏسندا رھيا، پر ڪجهه نه ٿيو، مينار جا ڦاٽڪ نه کليا، لاش جھنگلي وٽ پيل رھيا. ڏيڊ ڪلاڪ کانپوءِ بجلي جو گولو بند ٿي ويو، سڄو شھر اونداھي ۾ ٻڏي ويو ۽ ھر پاسي کان ماڻھن جون رڙيون اچڻ لڳيون. يوسف شھزاديءَ جو ھٿ موھن جي ھٿ ۾ ڏيندي چيو، توھان ھتي بيھو، آئون مينار ڏي وڃان ٿو. شھزاديءَ چيو، يوسف نه وڃ. يوسف چيو، وڃڻ ضروري آهي، منھنجو خيال آھي ته ھن وقت اونداھي آھي، ضرور ڪو صندوقون کڻڻ ايندو. موھن پڇيو، ھن شھر جي سرڪار اونداھي ۾ ڪم ڇو ڪندي آهي. نه رڳو ھن شھر جي سرڪار پر ھر سرڪار اونداھي ۾ ڪم ڪندي آھي، شھرين کان لڪي پنھنجا معاملات طئي ڪندي آهي. يوسف چيو پري ٿيو، مونکي وڃڻ ڏيو. چئني طرفن کان گُگهه اونداھي ھئي، شھرين جون رڙيون بند ٿي ويون ھيون، صرف يوسف جي ڊوڙڻ جو آواز ھو. جيڪو ٿوري دير کانپوءِ بند ٿي ويو، ڪجهه ئي لمحن کانپوءِ ھڪ دانھن ٻڌي وئي، شھزادي موھن سان چنبڙي پئي، ھر طرف روشني ٿي وئي. ڪجهه لمحن کانپوءِ ھو ٻئي گھر جي اوٽ مان ٻاھر نڪتا، انھن جي حيرتَ جي حد نه رھي، صندوقون غائب ھيون ۽ لوھ جي جھنگلي جي پاسي ۾ يوسف جو لاش پيو ھو. شھزادي ۽ موھن روئڻ لڳا. شھزاديءَ يوسف کي  پنھنجي جھوليءَ ۾ سمھاريو، يوسف جي مٿي تي نانگ جي ڏنگ جو نيرو نشان موجود ھو. شھزادي زارو قطار روئڻ لڳي، موھن به دانھون ڪرڻ لڳو، انھن ٻنھي ٻارن کي روئيندي ڏسي ھڪ پوڙھو ھنن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو، پٽ ڇو ٿا روئو، ڇا مسئلو آهي؟ اسان جو ساٿي مري ويو آهي، ھن کي نانگ ڏنگ ھنيو آھي. نانگ ڏنگ ھنيو آھي؟ پوڙھو کلڻ لڳو، کيس سائي رنگ جو جبو پاتل ھئس، ھٿ ۾ ھڪ لٺ ھئس، جنھن تي چاندي جا ٻه پر لڳل ھئا،                   (هلندڙ.....)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org