سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل اپريل 2024ع

باب:

صفحو:3 

Text Box: مضمون

نصيبان غلام رسول جوڻيجو

حيدرآباد

زندگيءَ جو مقصد

اسان مان هر ڪنهن جي زندگيءَ جو ڪونه ڪو مقصد هوندو آهي، انسان لکڻ پڙهڻ ۾ سخت محنت ڪندو آهي ته جيئن مستقبل ۾ پنهنجي مقصد کي حاصل ڪري سگهي. ڪو انسان ڊاڪٽر ٿيڻ چاهيندو آهي، ته ڪو وري انجنيئر ٿيڻ پسند ڪندو آهي. ڪنهن جي دماغ ۾ هوندو آهي ته پائليٽ ٿيندس ته ڪو وري فوج ۾ شامل ٿيڻ جا خواب ڏسندو آهي. هر انسان جي مقصد پٺيان وري سندس ڪانه ڪا سوچ سمايل هوندي آهي. ڊاڪٽر ٿيڻ جا خواهشمند ملڪ جي ماڻهن جو علاج ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا آهن. ڪنهن بيمار جو علاج ڪري کيس چاڪ چڱو ڀلو ڪرڻ به هڪ قسم جي خدمت آهي. اهڙيءَ طرح انجنيئر ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. انجنيئر پڪا رستا، عمارتون ۽ پُليون وغيره ٺاهيندا آهن. ڪجهه ماڻهن جو وري اهو خيال هوندو آهي ته سائنس جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪري ملڪ ۽ ماڻهن جي خدمت ڪجي. اهڙا ماڻهو سائنسدان بڻبا آهن. سائنسدان مختلف شيون ايجاد ڪندا آهن. استري، بلبُ، ڪار، جهاز ۽ ڪمپيوٽر وغيره سائنسدانن ئي ايجاد ڪيا آهن. تعليم جي روشني ڦهلائڻ پڻ عبادت آهي. ڪجهه انسان وري تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڌي اُستاد ٿيندا آهن. پڙهائڻ کي پيغمبري پيشو چئبو آهي.  اهڙي طرح سان ڪجهه انسان وري واپار ڪرڻ پسند ڪندا آهن ۽ واپار جي ميدان ۾ داخل ٿيندا آهن. وڻج واپار به هڪ سٺو پيشو آهي. ايماندار ۽ محنتي واپاري جو پڻ معاشري ۾ وڏو نالو ۽ عزت هوندي آهي.

اسان کي هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي زندگيءَ جو ڀل ڪهڙو کڻي مقصد هجي پر ڪوبه مقصد سخت محنت ڪرڻ کان سواءِ حاصل ڪري نه ٿو سگهجي. اسان کي به گهرجي ته اسين دل و جان سان تعليم پرايون ته جيئن اسان کي پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪا ڏُکيائي نه ٿئي.

***

شعبان جو مهينو وڏو بابرڪت مهينو آهي ڇو ته هيءُ رمضان المبارڪ لاءِ مقدمو آهي.

امام رباني حضرت المجدد الف ثانيرح پنهنجي مڪتوبات ۾ فرمائين ٿا، ته جيئن سج اُڀرڻ کان پهريان صبح جي سفيدي ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ اها آهستي آهستي وڌندي رهندي آهي تانجو پورو سج نڪرڻ کان ٿوري گهڙي پهريان ائين ٿي ويندي آهي ڄڻ سج نڪري آيو هجي.

بلڪل اهڙيءَ طرح رمضان المبارڪ جون برڪتون 15 شعبان رات کان شروع ٿي وينديون آهن. پوءِ انهن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهندو آهي. تانجو رمضان المبارڪ کان ٻه چار ڏينهن پهريان انوارات ائين هوندا آهن ڄڻ رمضان المبارڪ جا انوارات آهن. پوءِ جڏهن رمضان المبارڪ جي پهرين رات ايندي آهي ته انوارات جو اهو سج چمڪندي نظر ايندو آهي ۽ ايمان وارن جي دلين کي منور ڪندو آهي.

انهيءَ ڪري منهنجا پيارا آقا حضرت  محمد صلي الله عليھ وسلم جن شعبان  مهيني ۾ گهڻا روزا رکندا هئا، جنهن کي فُقهاح ڪرام صوم وصال جو نالو ڏنو آهي. 15 شعبان جي رات ٻانهي جي لاءِ رزق لکڻ جي رات آهي حضرت مجدد الف ثاني رح ٻي ڳالهه هيءَ لکن ٿا، ته 15 شعبان جي رات ٻانهي لاءِ رزق لکڻ جي رات آهي. ايندڙ سال ٻانهي جي رزق جو ڇا معاملو ٿيندو. (رزق ۾ انسان جو مال، ان جو اولاد، ان جي تندرستي، ان جي زال ۽ ٻارن سميت دنيا جي هر شيءِ شامل آهي) تانجو پورو رمضان المبارڪ ۽ ليلة القدر ۾ ربّ تعالى انسانن جي ايندڙ سال جي رزق جو فيصلو فرشتن جي حوالي فرمائيندو آهي. تنهنڪري انهن ڏينهن ۾ جيڪڏهن اسان ايندڙ سال جي باري ۾ ربّ تعالى کان خوب دعائون گهرنداسين ته ربّ تعالى جي طرفان رحمتن جو فيصلو ٿيندو.

رمضان المبارڪ جي فضيلت

 رمضان المبارڪ جو مهينو الله ربّ العزت جي رحمتن جو خزينو آهي. هي اهو مهينو آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن دعائون ڪندا هئا. حضرت انسرضه کان روايت آهي ته جڏهن رجب جو مهينو ايندو هيو ته نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم هيءَ دعا گهرندا هئا. اللهم بارک لنا في رجب و شعبان و بلغنا رمضان يعني، اي الله پاڪ رجب ۽ شعبان ۾ برڪت فرماءِ ۽ اسان کي رمضان المبارڪ تائين پهچاءِ.

زوائد المسند (2346)

پيارا ٻارؤ! ڪنهن مهيني تائين پهچڻ جي تمنا تڏهن ڪئي ويندي آهي جڏهن ان ۾ ڪو وڏو انعام ملڻو هجي. ان ڪري ته ربّ پاڪ جا پيارا محبوب حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم ان مهيني جي اچڻ جون دعائون گهرندا رهندا هئا.

برڪتن وارو مهينو

رمضان المبارڪ ۾ ربّ تعالى جي طرفان بيحد برڪتون نازل ٿينديون آهن. هڪ دفعي حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو، رمضان المبارڪ جو مهينو اچي ويو آهي. جيڪو وڏي بابرڪت وارو مهينو آهي ان مهيني ۾ ڀلائي ئي  ڀلائي آهي. ان مهيني ۾ ربّ پاڪ توهان جي طرف متوجه ٿيندو آهي. هن مهيني ۾ خاص رحمت نازل فرمائيندو آهي. هن مهيني ۾ گناهه معاف فرمائيندو آهي، هن مهيني ۾ دعائون قبول ٿينديون آهن. هن مهيني ۾ تمام گهڻيون برڪتون نازل ٿينديون آهن.

امام رباني مجدد الف ثانيرح جن پنهنجي مڪتوبات ۾ فرمائين ٿا، ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ ايتري برڪت نازل ٿيندي آهي جو بقيه سال جي برڪتن کي رمضان المبارڪ جي برڪتن سان اها نسبت به ناهي جيڪا قطري کي سمنڊ سان هوندي آهي.

پيارا ٻارؤ! اسان کي به گهرجي ته ان بابرڪت مهيني ۾ نماز، تلاوت، ذڪر ۽ ٻين نيڪي جي ڪمن ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون جيئن اسان کي به اهي برڪتون نصيب ٿين ۽ ربّ تعاليٰ به راضي ٿئي.

 

***


 

اقبال هنڱورو

ڪنڊيارو

ٻارن تي حڪم نه هلايو

ٻار گهرن جي سونهن سمجهيا ويندا آهن. ٻارن سان گهر جنت مثل لڳندو آهي. اڪثر والدين پنهنجي ٻارن کي اها عزت ۽ اهميت ناهن ڏئي سگهندا. جيڪو ٻارن جو بنيادي حق هوندو آهي. ان سبب ڪري ٻار والدين کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. والدين جي هيءَ شڪايت هوندي آهي، ته اولاد سندن جي عزت ناهي ڪندو. اهو سڀ ٻارن کي نظر انداز ڪرڻ جو سبب آهي.

پنهنجن ٻارن سان دوستيءَ وارو رشتو قائم ڪريو. انهن سان گڏ ويهي هڪ دوست وانگر ڪچهريون ڪندا ڪريو. جيڪڏهن ٻار غلطي ڪري به وجهي، ته انهن کي دڙڪي دهمان سان نه بلڪ پيار سان سمجهائڻ گهرجي، ان سان مثبت نتيجا نڪري سگهن ٿا. ڏٺو وڃي ته وڏا هميشه ننڍن تي ضابطو آڻڻ چاهيندا آهن، جيڪو سراسر غلط عمل آهي. ٻار اوهان ۽ اسان جو آئيندو آهن. جيئن وڏن جي عزت لازم هوندي آهي، ائين ننڍن جي به عزت ڪرڻ گهرجي.

اسان جي هڪ محترم اُستاد هڪ بهترين ڳالهه ٻُڌائي هئي، ته فرض ڪريو

ته، اوهان جي ڀرسان اوهان جو چئن يا پنجن سالن جو ٻارڙو ويٺل هجي ۽ اوچتو ڪو مهمان اچي وڃي ۽ اُتي ڪا خالي ڪُرسي موجود نه هجي، ته اوهان پنهنجي ٻارڙي کي، مستقبل جو ڊاڪٽر، انجنيئر يا ڪو آفيسر سمجهي اُٿارڻ چاهيو ته اُٿاري سگهندؤ؟ يقينن اوهان پنهنجي ٻار کي اُٿاري نه سگهندؤ. ٻارن تي حڪم هلائڻ هڪ خراب عمل آهي. جنهن سان ٻارن جي ذهنن تي منفي اثر پئجي سگهي ٿو. خدارا پنهنجن ٻارن تي رحم ڪريو، ۽ انهن جو قدر ڪريو. پنهنجن ٻارن جي تربيت اهڙيءَ ريت ڪريو جو هو خود بخود هر جاءِ تي اوهان جي عزت ڪن ۽ اوهان جو چيو مڃين.

عديل احمد ميمڻ

سيتاروڊ/دادو

سنڌي گرامر ۽ ڳالهائڻ جا لفظ!

چوندا آهن، ٻولي انساني خيالن جي ڏي وٺ ۽ اظهار جو ذريعو آهي، ٻولي ڪهڙي به هجي پر جڏهن ٻه يا ٻن کان وڌيڪ هم زبان ماڻهو ٻولي ڳالهائيندا آهن، ته اهي ماڻهو هڪ ٻئي جي ڳالهه ۽ سندن مطلب سمجهي ويندا آهن. انسان جيڪا به معنى دار ٻولي ڳالهائي ٿو، چاهي اها سنڌي، انگريزي، اردو، عربي، فارسي، ڀلي ڪهڙي به ٻولي هجي، انهيءَ ٻولي جا ڪجهه اصول، ڪجهه قاعدا قانون ضرور هوندا آهن ۽ انهن قاعدن قانون کي ئي  عربي ۾ صرف و نحو، سنڌي ۽ سنسڪرت ۾ وياڪرڻ ۽ جڏهن ته  انگريزي ۾ گرامر چئبو آهي. گرامر جا ڪيترائي پهلو، مرحلا ۽ حصا آهن، اسان هن مضمون ۾ صرف ڳالهائڻ جا لفظ يعني Parts of Speechجي باري ۾ سکنداسين. ڳالهائڻ جا اٺَ لفظ آهن، جيڪي هن ريت آهن:

1 اسم 2 ضمير 3 صفت 4 فعل  5 ظرف 6 حرف جر 7 حرف جملو 8 حرف ندا.

1 . اسم ڇا آهي؟

اسم کي سمجهڻ صفا آسان آهي، اسم جي وصف کي ياد ڪرڻ ۽ رٽو هڻڻ جي بلڪل به ضرورت نه آهي.

پيارا ٻارو، اوهان جي دنيا ۾ اهڙي ڪا به شيءِ ناهي جيڪا اسم نه هجي! خبر اٿوَ مان ائين ڇو ٿو چوان؟ ڇاڪاڻ جو هر شيءِ تي ڪو نه ڪو نالو رکيل هوندو آهي، ۽ وياڪَرَڻ (گرامر) موجب، هر نالو ڳالهائڻ جي لفظن ۾ اسم آهي.

اچو ته اسم جي وصف پڙهون: اسم عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي نالو

وصف:  ڪنهن ماڻهوءَ، شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت ۽ خاصيت جي نالي کي اسم چئبو آهي.

مثال:  اڪبر، ڪرسي، اسڪول، لکت، اميري، هوشياري وغيره

نوٽ: ضروري ناهي ته اوهان هي مثال ياد ڪيو اوهان پنهنجا مثال پاڻ ٺاهي، پنهنجا نالا به مثال ۾ ڏئي سگهو ٿا.

2. ضمير:

اسان جي ڳالهائڻ جي لفظن ۾ ٻئي نمبر تي آهي ضمير، ضمير جو مطلب هوندو آهي بدران يا پاران، ڪنهن جي پاران؟ اسم جي پاران، اسم جي جاءِ تي ايندڙ لفظ ضمير سڏرائيندو آهي.

وصف: اهڙا لفظ جيڪي اسم جي بدران ڪم اچن تن کي ضمير چئبو آهي.

مثال: مان، آءٌ، تون، توهان، اوهان، هِن، هُن وغيره.

3. صفت:

اسم ۽ ضمير سمجهڻ کان پوءِ صفت سمجهڻ به تمام آسان آهي، صفت اسان کي اسم يا ضمير جي  خاصيت، خامي، عدد يا وري مقدار ڏيکاريندي آهي.  يا ٻين لفظن ۾ اسان ائين به چئي ٿا سگهو، جيڪو لفظ اسم يا ضمير جي وضاحت ڪري معنى ۾ اضافو ڪري، انهيءَ کي صفت سڏينداسين.  صفت معنى ساراهه.

 وصف: اهڙا لفظ جيڪي اسم جو گُڻ، اوگُڻ، انداز، مقدار يا رنگ ٻڌائن تن کي صفت چئبو آهي.

مثال: سٺو، هوشيار، جڏو، چالاڪ، ننڍو، وڏو، اٺَ، نُوُ، ڪجهه، گھٽ، وڌ، ٿورو، گھڻو وغيره.

4. فعل:

فعل معنى ڪم پر ڪم سان گڏ فعل اسان کي،  ٿيڻ ۽  هئڻ جي به معنى ڏيندو آهي.

 وصف: اهڙا لفظ جن مان هئڻ، ٿيڻ، سهڻ ۽ ڪرڻ جي معنى نڪري  تن  کي فعل چئبو آهي.

مثال: آيو، ويو، لکيو، پڙهيو، هو، آهي، هئا، ٿيندا، ٿيو.  وغيره.

5. ظرف:

جيئن ٿانوَن ۾ کائڻ ۽ پيڻ جو ڪم ٿئي ٿو۔ تيئن جملن ۾ آيل ڄڻ ڪي برتن آهن، جن ۾ فعل وارا ڪم ٿين ٿا. ظرف، صفت، فعل ۽ ٻئي ڪنهن ظرف جو ظرف سان لاڳاپو ڏيکاريندو آهي.

وصف: اهڙا لفظ جيڪي  صفت، فعل يا ٻئي ظرف سان لاڳاپو ڏيکارين مجهائن، وقت جاءِ، ريت قدر، انداز، هاڪار ۽ ناڪار  جي معنى نڪري، تن کي ظرف چئبو آهي.

مثال: آهستي، ڪالهه، جيڏانهن، تيڏانهن، اڄ، سڀاڻي، تيز، هائو، نه هيٺ، مٿي وغيره.

6. حرف جر:

جر معنى ڪشش يا ڇڪ

وصف: اهڙا لفظ جيڪي جملي ۾ اسم يا ضمير جي پٺيان اچن ۽ انهن جو لاڳاپو جملي جي ٻئي ڪنهن لفظ سان ڏيکارين اهڙن لفظن کي حرف جر چئبو آهي.

جيئن، ڪتاب ميز تي آهي. ان جملي ۾ ميز ۽ ڪتاب جو لاڳاپو لفظ تي ظاهري ڪري ٿو،تي حرف جر آهي.

مثال: جو، جا، جون، سان، جي، کي، ۾ وغيره.

7. حرف جملو:

وصف: اهڙا لفظ جيڪي ٻن لفظن، ٻن جملن يا جملي جي ٻن حصن کي پاڻ ۾ ملائن ته انهن کي حرف جملو چئبو آهي.

جيئن، مان ۽ منهنجو ڀاءُ ڪلاس ۾ آهيون۔ ۽ لفظ ٻن لفظن کي گڏ ڪري معنى وارو بڻائي ٿو،۽ حرف جملو آهي.

مثال: جيڪڏهن، پر، ، ته، ۽، ڇاڪاڻ، به، پڻ، يا، اگرچه وغيره.

8. حرف ندا:

انسان مختلف وقت تي مختلف انداز ۽ لفظن سان پنهنجي اندر جي حالت جو اظهار ڪندو آهي، سندس خوشي، ڏک ۽ ارمان جو اندازو سندس ادا ٿيندڙ لفظن مان ظاهر ٿيندو آهي. اندر جي ڪيفيت کي ظاهر ڪندڙ لفظن کي حرف ندا سڏيندا آهيون.

ندا جي معنى سڏ يا دانهن.

وصف: اهڙا لفظ جن مان ڏک، خوشي، دل جا اُڌما، حيرت، عجب، ڌڪاءُ، احساسات ۽ جذبات جو اظهار ڪري سگھجي ته ان کي حرف ندا چئبو آهي.

مثال: او، اڙي، افسوس، واهه واهه، گھوڙا ڙي، مار! الا. وغيره.

]حوالو: نور سنڌي گرامر سميت ڪجهه ٻين ڪتابن جي مدد سان[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org