[10]
سي پُونجِيارا پُرِ ٿِئا، سَمُونڊُر سيوِئو جَنِ
آندائُون عَمِيقَ مان، جهوتي جَواهِرَنِ
لَڌائُون لَطِيفُ چئي، لَعلُون مان لَهرِنِ
ڪانهي قِيمَتَ تَنِ، مُلُ مَهانگو اُنِ جو.
سمجهاڻي:
اهي (ٿوري) پئسي وارا (سوداگر) وڏا شاهوڪار ٿي ويا
جن سمنڊ جو سفر (واپار خاطر) ڪيو. انهن کي وڏي
اونهي پاڻيءَ مان جواهرن جي ملهه جهڙا ڪيترا قيمتي
موتي ملي ويا. عبداللطيف چوي ٿو ته اهڙن (سچن
طالبن) کي ئي لهرن مان لعل لڀن ٿا، اهڙين موتين جي
ڪا قيمت ڪٿي ئي نٿي سگهجي، انهن جي تمام وڏي قيمت
آهي.
[11]
سَمُنڊُر جي سيوِينِ، ماڻِڪَ تَنِي ميڙِئا
چِلُڙَ جي چوئِينِ، تَنِ سانگوٽا سُتِيُون.
سمجهاڻي:
جيڪي (اونهي وڏي) سمنڊ ۾ وڃن ٿا، اهي ئي ماڻڪ موتي
هٿ ڪن ٿا. پر جيڪي ننڍي گپَ واري چڪ واري پاڻيءَ ۾
هٿ ٿا هڻن ۽ اُتي ڳولها ڦولها ٿا ڪن، تن کي ورن
وڪڙن وارا (ڏنگا ڦِڏا) ڪوڏ ۽ (خالي) سپون ئي ملن
ٿيون.
[12]
سيوِئو جَنِ سُبحَانُ، وِير نه وڙهِي تَنِ سِين
ٻَڌِي تَوَڪَلَ تُرَهو، آرُ لَنگِهئا آسَانُ
توبَھَ جي تَسبِيحَ سِين تَرِي وِئا طُوفَانُ
ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ، وِچَ ۾ گُڏِيُنِ واهَرُو.
سمجهاڻي:
جيڪي ڌڻي تعالى جي بندگي ۽ ٻانهپ ڪن ٿا، تن کي
(وڏي) سمنڊ جي وير به نقصان نٿي پهچائي، اهي
(دراصل) توڪل جي آڌار تي وڏي ۽ اونهي پاڻيءَ مان
به سولائيءَ سان گذري وڃن ٿا. هو طوفان ۾ ڦاسڻ وقت
توبهه جو ورد ڪري ان مان صحيح سلامت نڪري وڃن ٿا.
(انهن جو راز اهو آهي ته) انهن کي وچ (سمنڊ) ۾
ٻيڙين کي ڪاميابيءَ سان هلائيندڙ ملاح (رهبر ۽
رهنما) ملي ويو آهي.
شاهه جو رسالو
]سُر سري راڳ- داستان پهريون. محقق: ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[
ملهار سنڌي
حمّد
تون ئي مالڪ تون ئي داتا،
آهيون رحم ڪرم لئه آتا.
تون ئي آن سنسار جو خالق،
گُل ڦُل ۽ گلزار جو خالق.
تو ئي چنڊ ستارا جوڙيا،
سهڻا خوب نظارا جوڙيا.
هر شيءِ ۾ موجود تون آهين،
سڀني جو معبود تون آهين.
تنهنجي ئي در ٻاڏائيون ٿا،
ٻانهون هردم ڦهلايون ٿا.
دنيا ۾ پيدا ڪر اُلفت،
جڳ سمورو بڻجي جنت.
سائي ٿي پئي سنڌ سموري،
آس ڪجان
’ملهار‘
جي پوري.
نعمت الله عباسي
ڪنڊيارو
نعت
تاج ختم نبوت جو جنهن تي رکيل،
سو محمدُﷺ مديني ۾ آهي سُتل،
جنهن کي مالڪ گهرايو هو عرشن مٿي،
ان جي عظمت کي پُڄندو بشر ٻيو ڪٿي،
جنهن جي پٺيان سمورا نبي هئا بيٺل.
ساري سنسار لاءِ آ آخر نبي،
ٿيندي دنيا فنا ٻيو نه ٿيندو نبي،
جنهن تي قرآن آهي هيءُ نازل ٿيل.
چنڊ ٽُڪرا ٿي پوي جي اشارو ڪري،
جنهن سڄڻ سان پئي ڳوهه ڳالهيون ڪري،
ٿُڙُ کجِيءَ جو جُدائيءَ ۾ جنهن جي رُنلُ.
جامِ ڪوثر جا جيڪو پياري ڀري،
انجي دامن ڇڏي پوءِ نه وڃجي پري،
حوضِ ڪوثر آ، هيءُ جنهن جي نالي ٿيل.
’نعيم‘
ختم نبوت تي ايمان آ،
هن عقيدي تي سِرُ منهنجو قربان آ،
جانِ منهنجي آهي جنهن جي نالي ٿيل،
سو محمدُﷺ مديني ۾ آهي سُتلُ،
تاج ختم نبوت جو جنهن تي رکيلُ.
***
امداد سروري
آراضي/سيوهڻ
رمضان شريف
برڪتون حاصل ٿيون رمضان ۾،
نعمتون حاصل ٿيون رمضان ۾.
ڇا مليو انعام آ انسان کي،
راحتون حاصل ٿيون رمضان ۾.
فرض جو ثواب آهي بي حساب،
دولتون حاصل ٿيون رمضان ۾.
مسجدن ۾ رونقون ئي رونقون،
چاهتون حاصل ٿيون رمضان ۾.
روزيدارن کي ته روزن کان سواءِ،
عبادتون حاصل ٿيون رمضان ۾.
اُمتي پيارو گهڻو محبوبﷺکي،
محبتون حاصل ٿيون رمضان ۾.
سچ آهي
’امداد‘
سارو سروري،
آيتون نازل ٿيون رمضان ۾.
***
امداد حسيني
غزل
سانجهي سهڙي ڇوڙي وارَ،
راند ڦِٽائي گهر ويا ٻارَ.
پيارَ اِهو سيکاريو يارَ،
هارَ به جيت ۽ جيت به هارَ.
ميت نه ڪوئي، پيت نه ڪاءِ،
ڪهڙي ڪنهن جي سارَ وِسارَ!
ڪن ۾ ڪهڙي ڳالهه ڪِياءِ،
اهڙي جهڙي ماکيءَ لارَ.
اکڙين کان جو آهي ڏُورُ،
دل کان مُور نه آهي ڌارَ.
جُنب هڻڻ تي هِرکائين،
ٻيرن سان هِي ٽِنڊريل ٽارَ.
ڏانءُ ته منهنجو پنهنجو آهه،
ڏات ڏني آهي ڏاتارَ.
ساري جَڳ جي سارَ سنڀارَ،
پنهنجي ليڪن خبر نه چارَ.
***
غلام محمد غازي/ شڪارپور
ديس مهان
ديس جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان مان،
منـــهنـــجو آهــــي ديـــــس مهــان.
منهنجي وطن جي ڌرتي پياري،
سُندر سهڻي آهي ساري،
سون برابر سنڌ جي واري،
هن تان آهي سرُ قربان،
ديس جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان مان،
منــــهنجـــو آهـــي ديــــس مهـــان.
سنڌ جا ماڻهو موتيءَ داڻا،
ڪونڌر آهن هي سڀ راڻا،
من موهن ٿا تن جا ماڻا،
سورهيه سچو هر انسان،
ديس جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان مان،
منــــهنجـــو آهـــي ديــــس مهـــان.
ڪينجهر منڇر سنڌو سارو،
نديون نالا ۽ هي نارو،
وهندو آهي سرءُ سيارو،
وڻندو آهي هر ميدان،
ديس جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان مان،
منــــهنجـــو آهـــي ديــــس مهـــان.
ڳوٺ، گهٽيون هي شهر ۽ واهڻ،
شال وسن ٿر، برَ ۽ پاهڻ،
گل ڦل ٻوٽا وليون ۽ وڻ،
ديس جو آهي اعلى شان.
ديس جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان مان،
منــــهنجـــو آهـــي ديــــس مهـــان.
***
گوهر سنڌي/شڪارپور
گهر جا سينگار-ٻار گلن جا هار
گهر جـــــــــا سينگار،
خوشيءَ مان نچن ڪُڏن،
ٻار گلن جـــــــــا هـــــــــار.
گهر جـــــــــا سينگار،
ٻارڙن جـــــــــي آ ٻاري،
گـــــــــڏ کيڏن چوڌار.
گهر جـــــــــا سينگار،
ابي امڙ لئه آهن،
دلين جـــــــــا ٺـــــــــار.
گهر جـــــــــا سينگار،
اسڪول وڃن سڀئي،
کِلندي ڪُڏندي ٻار.
گهر جـــــــــا سينگار،
مـــــــــاءُ پـــــــــيءُ استاد جو،
ادب ڪـــــــــن هر بار.
گهر جـــــــــا سينگار،
گُلن جيان ٽِڙي پون،
خوشيـــــــــن ۾ ٽمٽـــــــــار،
گهر جـــــــــا سينگار،
ٻول جن جا ٻاتـــــــــا ٻاتـــــــــا،
آهن اکين جا ٺـــــــــار.
گهر جـــــــــا سينگار،
گهمن، ڦرن گهٽيءَ ۾،
هوشـــــــــو ۽ سنگهـــــــــار.
گهر جـــــــــا سينگار،
”گوهر“
کي ڏاڍا پيارا،
ننڍڙا ننـــــــــڍڙا ٻـــــــــار.
***
اظھر
’آزاد‘
مغل
شڪارپور
وائي
لکي پڙهي محنت ڪري،
جڳ ۾ ڪو نالو ڪمايون،
محنت سان ڪا منزل ماڻيون.
وطن جي وارثي ڪري،
مِٽي جي ٿڃ ملھايون،
محنت سان ڪا
منزل ماڻيون.
ڪوڙ سان اُلجهي ڪري،
سچ سان ساٿ نڀايون،
محنت سان ڪا
منزل ماڻيون.
وقت تي اسڪول وڃي ڪري،
ڪو پيرڊ ڪو نه گُسايون،
محنت سان ڪا منزل ماڻيون.
پڙھائي تي خوب ڌيان ڌري،
مقابلن ۾ پاڻ مڃرايون،
محنت سان ڪا منزل ماڻيون.
جڳ ۾ جھد ۽ جاکوڙ ڪري،
سنڌ جي سڳنڌ وڌايون،
محنت سان ڪا منزل ماڻيون.
جت ڪٿ علم کي عام ڪري،
قوم سڀئي ته جاڳايون،
محنت سان ڪا
منزل ماڻيون.
وقت جو سدا قدر ڪري،
قوم جي جذبن کي جاڳايون،
محنت سان ڪا منزل ماڻيون.
سپنن جي ساڀيان ڪري،
ديس جي سُونهن واڌايون،
محنت سان ڪا منزل ماڻيون.
***
عبدالجبار
’عاجز‘
منگي
شڪارپور
سُندر خواب
ننڍڙا ننڍڙا پِتڪِڙا ٻالڪ،
لِکڻ پڙهڻ سان ٿِين ٿا سالڪ.
ڪُوڙ ڪپت مَنَ ۾ ڪِين رکن،
حق سچ جا آهن هي مالڪ.
پوپٽ کان وڌ هي نازڪ ۽ حسِين،
ڪيڏا سُهڻا خلقيا هن خالق.
گُلشن مهڪي پون ٿا مُرڪڻ سان،
’عاجز‘
جا سُندر خواب هن ٻالڪ.
***
مُرڪون ٻارڙن جون
سونهن ۾ جيڏا حسين آهن،
دل لئه تيڏا دلنشين آهن.
علم پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾،
ٻالڪ ديس جا ذهين آهن.
مُرڪون هميشه تن جي چپن تي،
پيار پريت جا امين آهن.
ڳالهيون ٻوليون سچيون سدائين،
هر هڪ لئه هي يقين آهن.
مُرڪون مهراڻ جون اي
’عاجز‘
انڊلٺ کان وڌ رنگين آهن. |