ارباب علي
’عادل‘
چوهاڻ
شڪارپور
ٻارڙا
راند جي وقت ڀلي راند ڪن ٻارڙا،
پر پڙهڻ وقت سارا پڙهن ٻارڙا.
علم هر ڪنهن جي لئه آهي ضروري،
بس ٿورو ڌيان ان تي ڏين ٻارڙا.
ڪوبه ٻالڪ سنڌي جاهل ڪين رهي،
سڀ دُعا اهڙي گهرن ٻارڙا.
سمجهه، ڏاهپ، عقل علم سان ٿو وڌي،
ڳالهه بهتر سڀن کي چون ٻارڙا.
علم هڪ آهه اڻکُٽَ خزانو پرين،
جهول هر هر انهيءَ مان ڀرن ٻارڙا.
واٽ مڪتب ڏي جيڪا وڃي ٿي مِٺا،
راهه ان تي سدائين هلن ٻارڙا.
سڀ کي
’عادل‘
اها ٿو نصيحت ڪري،
دل لڳائي پڙهن ۽ لکن ٻارڙا.
عبدالواسع
’عبد‘
سهندڙو
ڳوٺ عظيم سهندڙو، شڪارپور
ڀاڄين جو جهيڙو
ڀاڄيون سڀئي، پاڻ پَڏائن،
پاڻ کي خاني، خان سَڏائن.
بصر چيو مان، مَٽُ نه ڪنهنجو،
راڄ سڄي جو، مڙس چڱو جو،
اُتر ڏکڻ ۾ هاڪ وڏي آ،
اولهه اوڀر ۾ جاءِ نه ڇڏي آ،
ڪهڙي ٺهي ٿي، ڀاڄي بنان مون،
ٻار ٻُڍا هي، جلد ٻُڌا تون!
ڪاوڙ ڪندي جو، اٿيو ڪَريلو،
ويڙهه وڙهندس، مان به اڪيلو،
زور ڏيارين، وقت پَٽڻ جي،
روز رُئارين، وقت وَڍڻ جي،
ڇِلڪا ڇِلڪا، جسم جڳاڙي،
بصر نه هڻ تون وات ۽ ڄاڙي!
واڱڻ وڏيري، ڳالهه ٻُڌي جو،
ڪيڏي ڪريلا، آهِه مَڳي تو،
ڪهڙو چڱو آن، خبر اها مون،
زهر ذائقو، ڪَوڙو صفا تون،
گُهنج ۽ ليڪا، جسم تنهنجو آ،
ٻاهران سائو، اندرا ٻجيلا.
ڳالهه ٻُڌي هي، مائي ڀينڊي جو،
باهه لڳي تنهن، ساڙ سڙي جو،
مُڪر مُهانڊي، رنگ روحاني،
ويڪ ڪڍڻ آ، واڱڻ آساني،
مينهن چوي ڄڻ، هل پُڇ ڪاري،
پاڻ هجي جو، توڙي ساري!
ٽانءِ ۾ ڀرجي اُٿيو ٽماٽو،
بس ڪر ڀينڊِي، ڀڃانءِ نه ڳاٽو،
اڳ ۾ ڏس تون، قَد پنهنجي کي،
وِت ڏسي چئه، پوءِ ٻئي کي،
مردن ۾ ٿي، وات وڃائين،
باغ ڪهڙي جي، موري آهين!
ٽاڏ ڪري اُت، گوبي اُٿي جو،
ڳالهه ڳچي ۾ آهِه پئي جو،
گرميءَ جو تون، ڀاڙي آهين،
ڀوڪ نه بيهي، ڊاڙِي آهين،
ٿوري دَٻ تي، جلد ڦِسين ٿو،
پَلَ ۾ ٽماٽا، پاڻ پَلين ٿو!
ساهه سيباڻي، ڀيڻ پلي هي،
کائڻ ۾ کٽڙي، پاڻ ڀلي هي،
پاڻ تي ڇو ٿا، خلق کِلايو!
ايندي ويندي ٿا، وات وڃايو،
پاڻ ۾ آهيون، ڌاريا نه آهيون،
پوءِ ڀلا ڇو، سُونڊُ سُڄايون.
ڀاڄين سڀني، ڳالهه ٻڌي جو،
هيءَ نصيحت دل سان لڳي جو،
سڀني پلي سان، وچن ڪيو اڄ،
هٿ ۾ ملائي هٿ چيو اڄ،
ڌار نه هرگز، پاڻ ٿينداسون،
هاڻ هڪٻئي تي، ساهه ڏينداسون.
ساقي ابڙو
سِنڌِي ٻولِي پِيارِي ٻولِي
ٻَههَ ڳڻِي ٻاجهارِي ٻولِي،
سِنڌِي ٻولِي پِيارِي ٻولِي!
اَلفَ کان وِٺِي
”ي“
يَڪي تائِين،
سُھڻَن اَکرَن وارِي ٻولِي!
سُندَر جَنھِنجِي صُورَتَ خَطِي،
سُھڻِي آهي سارِي ٻولِي!
جَھڙِي سِنڌُڙِي سُھڻِي آهي،
اَهڙِي آ سُونھارِي ٻولِي!
جِيئَن آ سِنڌِي قَومَ سَٻاجِهي،
تِيئَن ئِي هِي ٻاجهارِي ٻولِي!
جَنھِن ۾ شاھَ لطِيفَ جُون وايُون،
مِٺڙي سا موچارِي ٻولِي!
جَنھِن ٻولِيءَ ۾ لولِي مِلِي تَنھِن،
اَمَڙِ جِيجَل وارِي ٻولِي!
ڏُکُ اِهو آ پَنھِنجا ڀِي اَڄُ،
ڳالهائِن ٿا ڌارِي ٻولِي!
قَومِي ٻولِيءَ جو دَرجو ڏَئِي،
ڪَرِيو هِيءَ سَرڪارِي ٻولِي!
ٻولِيُون سَڀَئِي پِيارِيُون
”ساقِي“،
پَرَ هِي سَڀِن ۾ نِياريِ ٻولي!
***
حاجي محمود چانگ/هالا نوان
گيت
طالب المولى جو قومي ادارو،
چؤڌاري گُهمي ڏسو سهڻو نظارو.
سنــڌ يونيورســـٽي بــه هــن سان آهي گهر ۾،
مهـــــراڻ يونيورســــٽي بـــــه هن جي تَرَ ۾،
ڄام شورو ڦاٽڪ ۽ لُمس اسپتال به ڀَرِ ۾،
بجــــلي ٺاهينــــدڙ پاور هائـــوس به اُتر ۾،
سنــــڌو ڪِناري سان لڳ شهر اٿوَ ڄام شورو.
طالب الموليٰ جو قومي ادارو،
چؤڌاري گُهمي ڏسو سهڻو نظارو.
ٽوپـــــي اجــــــرڪ جــــــي ڏهــــــاڙي
يــــــار،
گُهــــــمڻ آيــــــا ننــــــڍڙا سُهــــــڻا
ٻــــــار،
تن سڀني هڪ ٻئي سان کِلي ڪئي کِيڪار،
واهه واهه پيا ڪن ڏسي پارڪن جي سينگار،
طالب الموليٰ جو قومي ادارو،
چؤڌاري گُهمي ڏسو سهڻو نظارو.
هــــــتي سنــــــڌ جـــا ماڻهو گُهــــــمڻ اچن
ٿا،
پڙهـــــي نــــالا بيــــت ســــاراهه ڪــــن ٿا،
’مخدوم
امين فهيم‘
۽
’مائي
ڀاڳي‘
پارڪ ڏسن ٿا،
جيجي زرينه بلوچ پارڪ ۾ به گڏجن ٿا،
پوءِ چوَن واقعي
’سعيــــد
الزمــــــــان‘
آهي نالو ناميارو،
طالب الموليٰ جو قومي ادارو،
چؤڌاري گُهمي ڏسو سهڻو نظارو.
مُــــک گــــيٽ بــــه ڏٺــــم اکــــين ســــان،
بــــاءِ پــــاس گــــيٽ بــــه ڏســــڻ ٿـــو
چاهيان،
پوءِ ڀلـــــي
’محمود
چانگ‘
کــــي مــــوت ماري،
پـــــوءِ نـــــه ٿينــــــدو ڪــــو افــــسوس
يارو،
طالب الموليٰ جو قومي ادارو،
چؤڌاري گُهمي ڏسو سهڻو نظارو. |