ياسر لطيف رونجهو
ڄام شورو
گوگڙُو
صوف کان بهتر آهي!
ڀاڄي واري کان ڀاڄي ورتي. ھڪ پٺاڻ گوگڙو وٺي رهيو
هو. مون ڀاڄي واري کان پڇا ڪئي ته، گوگڙو ڀلا پاڻ
وارا همراهه کائين ٿا يا نه؟ چيائين گهٽ. بزرگ
پٺاڻ ٻڌايو ته، گوگڙُو ڏهه دفعا وڌيڪ فائديمند آھي
صوف کان....! ٿورو گوگل کي ۽ ٿورو فيس بڪ تي ڳولڻ
شروع ڪيو ته ڪافي سارو مواد مليو. ڏٺو وڃي ته هي
عام ۽ سَستي ڀاڄي، ايتري
مهانگي صوف
کان ڏهه دفعا بهتر ڪيئن آھي؟
ٿوري تحقيق ڪئي ته معلوم ٿيو ته گوگڙو خاص طور تي
مسلز جي ڪمزوري، چيلهه جي سُور، ٽنگنِ جي سُور،
دِل، جِگر، اکين، هڏين، سَنڌَن جو سُور ۽ يُورڪ
ايسڊ گهٽ ڪندو آھي. ڪولسٽرول نارمل ڪندو آھي، قبض
ختم ڪندو آهي. گوگڙو
کي اُٻاري بيسڻ سان ڳوهي ماني پچائي کائڻ سان شگر
ڪنٽرول ڪرڻ ۾ فائديمند آھي. پر ڪڻڪ ڇڏڻي پوندي.
ڇاڪاڻ ته ڪڻڪ ۾
”فائبر“
وڌيڪ آھي. سلاد ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿو. کاڌو
کائڻ سبب پيٽ ڀرجي ويندو آھي. وزن گهٽ ڪرڻ وارن جو
دوست آھي. اچو ته صوف ۽ گوگڙو ۾ موجود فائديمند
شين جو
فرق سمجهون. سڀني کان اهم ڳالهه گوگڙو ۾ صوف کان
ڏهه دفعا وڌيڪ وٽامن سِي هوندي آھي.
·وٽامن
C.
صوف ۾
6
ملي گرام ۽ گوگڙو ۾
35
ملي گرام.
·وٽامن
B1
صوف ۾
7
سيڪڙو، گوگڙو ۾
29
سيڪڙو.
·وٽامن
B6
صوف ۾
14
سيڪڙو، گوگڙو ۾
58
سيڪڙو.
·سوڊيم
.صوف
۾
0
سيڪڙو، گوگڙو ۾
32
سيڪڙو.
·پوٽاشيم
.صوف
۾
107
ملي گرام گوگڙو ۾
232
ملي گرام.
·ڪيلشيم.
صوف ۾
5
سيڪڙو گوگڙو ۾
43
سيڪڙو.
·ميگنيشيم.
صوف ۾
5
ملي گرام گوگڙو ۾
17
ملي گرام.
·فاسفورس.
صوف ۾
7
سيڪڙو گوگڙو ۾
33
سيڪڙو.
·آئرن.
صوف ۾
8
سيڪڙو گوگڙو ۾
36
سيڪڙو.
·مينگنيز.
صوف ۾
6
سيڪڙو گوگڙو ۾
42
سيڪڙو.
·ڪاپر.
صوف ۾
10
سيڪڙو گوگڙو ۾
61
سيڪڙو.
·زنڪِ.
صوف ۾
2
سيڪڙو گوگڙو ۾
21سيڪڙو.
·سيلينئيم.
صوف ۾
0
سيڪڙو گوگڙو ۾
11
سيڪڙو.
·فائبر.
صوف ۾
9
سيڪڙو گوگڙو ۾
13
سيڪڙو.
·پروٽين.
صوف ۾
1
سيڪڙو گوگڙو ۾
6
سيڪڙو.
هاڻ اوهان پاڻ ئي اندازو لڳائي سگهو ٿا، جيڪڏھن
صوف ميسر نه هجي، مهانگو هجي ته گوگڙو گهٽ قيمت ۾
با آساني ملي سگهي ٿو. جيڪڏھن موسم نه به هجي ته
قدرتي سُرڪي ۾ آچار ٺاهي، سال تائين محفوظ رکي
سگهو ٿا.روزمرهه ڪنهن نئين شڪل ۾ نئون ذائقو ٺاهي،
استعمال ڪري سگهجي ٿو. ٿورو سرچ ڪيم ته دنيا ۾ هن
مان ڇاڇا ٺاهيو وڃي ٿو، ته خبر پئي گوگڙو جو سلاد،
سُوپ، حلوه، آچار، ڪسٽرڊ، چٽِڻِي ۽ ڪباب
۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.
***
ماستر محمد دائود ميمڻ
هالا نوان
ماءُ جي عظمت
·ماءُ
جي قدمن جي هيٺان جنت آهي.
·ماءُ
جي نافرماني ڪرڻ وارو جنت ۾ داخل نه ٿيندو.
·ماءُ
جي نافرماني ڪبيره گناهه آهي.
·ماءُ
کي مُسڪرائي ڏسڻ سان مقبول حج ۽ عمري جو ثواب
ملندو آهي.
·ماءُ
جي اصل خوبصورتي ان جي محبت آهي.
·ماءُ
کان بغير گهر هڪ قبرستان مثل آهي.
·ماءُ
جي هنج ٻار جي پهرين درسگاهه آهي.
·ماءُ
جي زندگي اونداهي راهن ۾ روشنيءَ جو مينار آهي.
·ماءُ
جي دعا ڪاميابيءَ جو راز آهي.
·زندگيءَ
کي سنوارڻ لاءِ ماءُ جي دعا ضروري آهي.
***
اسان وٽ ڪاپي ڪلچر تمام وڏو زور وٺي ويو آهي! ٻار
اسڪول وڃڻ بدران گُهمڻ ڦِرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا
آهن، جي اسڪول وڃن ٿا ته اتي پڙهائيندڙ غير حاضر
آهن، جي حاضر آهن ته پنهنجي مشغلن، موبائيل فون،
ذاتي ڪچهري، سياسي ڪچهري ۾مصروف نظر ايندا. جيڪڏهن
ٻار اسڪول نه ويندا ته پڙهندا ڪٿان؟ جي پڙهڻ
چاهيندا ته پڙهائڻ وارا پنهنجين ڪمن ۾مصروف هوندا،
نه پڙهندا يا نه پڙهايو ويندو ته امتحان ڪيئن
ڏيندا، جي امتحان ڏيڻ ويندا ته پوءِ ظاهر آهي ڪاپي
نقل ڪندا! نه پڙهڻ جو ذميوار ڪنهن کي ڏجي؟ ان سوال
جي جواب ۾ڪيترائي سوال سامھون اچن ٿا، جن ۾ استاد،
والدين، سماج، حڪمران، تعليمي ادارا، آفيسر شاهي،
وڏيرا شاهي يا ڪي ٻيون قوتون آهن، جيڪي ان ڪلچر
(نقل) کي هٿي وٺرائي رهيون آهن. چوندا آهن ته علم
انسان جي ٽئين اک آهي. علم سوا انسان اڻ پورو
اڌورو آهي! تنهنڪري تعليم مرد سان گڏ عورت لاءِ
هجڻ ضروري آهي اسان ڪهڙي
تعليم جي ڳالهه ٿا ڪريون
ان تعليم جي جنهن لاءِ چيو ويندو آهي، ته علم
انسان جو اهڙو زيور آهي جنهن کي نه چور چورائي ٿو
سگهي نه ڪوئي ڦورو ڦري ٿو سگهي؟ ۽ ائين به چيو
ويندو آھي ته ابو امڙ ٻار کي عرش تان فرش تي
آڻيندا آهن ۽ استاد ان ٻار کي فرش تان کڻي عرش تي
پڄائي ٿو! جي ائين آهي ته پوءِ اهو علم ڪنهن کان
حاصل ڪري سگهجي، انهن کان، جيڪي پنهنجي مفادن خاطر
تعليم جو قتل عام سر عام پئسن لاءِ پيا ڪن؟
ڪيترائي اُستاد اڪثر شاگردن کي پرائيويٽ اسڪولن يا
سينٽرن تان تعليم حاصل ڪرڻ جي صلاح پڻ ڏيندا آهن.
جڏهن ته سرڪاري اسڪولن جي پڙهائي به تمام سٺي آهي
پر ايتري محنت ڪير ڪري.
اسان جي
تعليم کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ جو الزام ڀلا رڳو
استادن تي ڇو آهي؟ سماج يا سماج ۾رهندڙ فرد جيڪي
تعليم دشمن آهن. سي ڀلا ڪيئن چاهيندا ته ٻار تعليم
حاصل ڪري؟ اگر ٻار تعليم حاصل ڪري ورتي ته سندن
غلامي ڪير ڪندو؟ تنهنڪري هو اهڙي راند کيڏندا آهن،
جو ٻار خود به خود تعليم کان بيزار ٿي پوئتي پيو
ٿيندو ويندو آهي. جڏھن ته ان راند ۾ڪيتريون ئي
ڌريون پڻ برابر جي ڀاڱي ڀائيوار آهن، جيڪي نه
چاهيندا آهن ته غريب جو ٻار پڙهي لکي اڳتي اچي ۽
پوءِ اسان کان پنهنجو حق گهري. ڏٺو وڃي ته انهن
سڀني سميت ڪاپي (نقل) جو ذميوار والدين پڻ آهن! جن
ڪڏهن سوچيو به ناهي ته سندن اولاد تعليم جي آڙ ۾ڇا
پيو ڪري يا ڇا نه پيو ڪري! ڪنهن سان ملي ٿو،
ڪيڏانهن وڃي ٿو، ڪڏھن غور ئي ناهي ڪيو! بس پنهنجي
وٺ وٺان ۽ ٺاھ ٺوهه ۾پورا هوندا آهن! بزنس ۽ پئسي
جي چڪر ۾ پنهنجو اولاد وساري ويهندا آهن، ته انهن
جو مستقبل ڪيئن ٿيندو! ايستائين جو انھن وٽ وقت
ناهي جو پنهنجي ئي گهر ۾اولاد کي ڪو پل کن ڏئي
سگهن ها! هڪڙي شيءِ اولاد کي ضرور ڏيندا آهن. ٽچ
موبائل فون جيڪا پاڻ به ڀرپور نموني استعمال ڪندا
آهن. اولاد کي به ان ۾مصروف ڪري ڇڏيندا آهن. ٻار
سڄو
ڏينهن فيس بوڪ، واٽس اپ جي چڪر ۾ تعليم کان پاسيرو
ٿي ويندو آهي! ڀلا ٿئي به ڇونه؟ جو انھن جي والدين
جو شفقت ڀريو هٿ انهن مٿان کڄيل هوندو آهي.
اولاد کي به اها ذميواري محسوس ڪرڻ گهرجي ته کين
والدين سوين تڪليفون درد سهي ڪري کيس تعليم حاصل
ڪرڻ لاءِ اسڪول موڪلين ٿا، ته جيئن سندن اولاد
پڙهي لکي تعليم حاصل ڪري سندن پوڙهائپ جو سهارو
بڻجي. انهن جي ڏُکن سُکن جو ساٿ ڏئي.! والدين جون
پنهنجي اولاد ۾گهڻيون اميدون هونديون آهن، مگر
اڳتي هلي اولاد سندن اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيندو
آهي! پڙهڻ کان پوءِ پاسو ڪري گهمڻ ڦِرڻ کي ترجيح
ڏيندو آهي! پوءِ جڏهن امتحان اچي مٿان بيهندا اٿن،
تڏھن کين ڪاپي نقل کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي
هوندو!
***
ليکڪ:
عبدالواسع
“عبد”
سهندڙو
ڳوٺ عظيم سهندڙو، شڪارپور
گوهر سنڌي
}ٻالڪ ادب جو هڪ گوهر{
گوهر سنڌيءَ جو ڇٺيءَ جو نالو علي گوهر آهي. پهرين
فيبروري
1961ع
۾ صوفي غلام محمد
”پياسي“
سومرو (شاعر) جي غريب خاني رستم ـــ ضلعي شڪارپور
۾ اک کولي. پرائمري
تعليم کان مڊل تائين پنهنجي اباڻي شهر رستم ۾
پڙهيو. ڏهون درجو سال
1978
ع ۾ ڪنڌڪوٽ ۾ پڙهي پورو ڪيائين. سال
1980ع
۾ پيغمبري پيشي اُستادي سان لاڳاپجي ويو. سال
1982ع
انٽر، سال
1983ع
۾ پي ٽي سي سال
1988ع
۾ بي اي سال
1995ع
۾ ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين. اهڙي طرح بي ايڊ سال
1994ع
۾ ۽ ايم ايڊ سال
2011ع
۾ پاس ڪيائين سال
2008ع
۾ پرائمري کان ايڇ ايس ٽي طور پروموشن ٿيو. اهڙيءَ
طرح
31
جنوري سال
2021ع
۾ زندگيءَ جون سٺ بهارون پوريون ڪري ريٽائرڊ ٿيو.
گوهر سنڌي کي وڌيڪ تعليم جو شوق هو، جنهن ڪري سال
2008-2007
۾ ايم فل لاءِ داخلا ورتائين، پر مالي حالتن ۽
مجبورين جي ڪري اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. گوهر سنڌيءَ جو
والد پڻ ڏات ڌڻي هو، ان ڪري ادبي ڏات پيءُ کان
پُٽ ڏانهن منتقل ٿي جو، گوهر سنڌي به پنهنجي پيءُ
واري پرک ظاهر ڪندي ادبي کيتر ۾ لڳي ويو ۽ اهو
سلسلو اڄ ڏينهن تائين وڏي زور شور سان جاري آهي.
هنن سٽن لکڻ تائين گوهر جي قلم جي نوڪ مان تيرهن
کن ڪتاب مختلف موضوعن تي لکجي چڪا آهن. جن مان
نَوَ ڇپجي منظرعام تي اچي چڪا آهن. ڪجهه وري ڇپائي
جي مرحلي ۾ آهن. گوهر پنهنجي گوهرِ نايابن کي نثر
۽ نظم جي ويس ۾ پيش ڪيا آهن. وڏن جي ادب ۾ ته گوهر
پنهنجو نالو ڪمايو آهي، پر ان سان گڏ ٻارڙن جي
ادبي کيتر ۾ پنهنجو پاڻ موکيو آهي. مان جڏهن
پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا سنڌي
پاس ڪري هاءِ اسڪول رستم ۾ داخلا ورتي ته، ان دور
۾ اسڪول جي ڪمرن، ورانڊن ۾ شاهه لطيف، شيخ اياز،
جي شعرن جي ڪئليگرافي ڏٺم. انهن جي هر هڪ ڪُنڊ ۽
پاسي ۾ گوهر سنڌي جو نالو لکيل هيو، پوءِ پڇا ڪرڻ
تي معلوم ٿيو ته اهو رستم جي مشهور شخصيت آرٽسٽ
آهي، جنهن جو رستم ۾ آرٽ سينٽر آهي ڪجهه وقت
کانپوءِ ان جو درشن ڪندو هوس، جتي هو پنهنجي
چترڪاري جا چٽ چٽيندو هيو. ڪڏهن به هٿ ملائڻ يا
سلام ڪرڻ جي همت نه ٿي، توڙي جو ان کانپوءِ منهنجو
هم ڪلاسي ۽ هڪ ئي بينچ تي ويهندڙ قربان علي سومرو
ان جو شاگرد ٿيو هو. ان پڻ اتي چٽ چٽڻ جا رنگ ۽
ڍنگ گوهر کان سکيا هئا. جڏهن گهڻي وقت کانپوءِ
ادبي لڏي جي سٿ ۾ شامل ٿيس ته گوهر سنڌي سان دُعا
سلام ۽ ڏيٺ ويٺ ٿي. گوهر سنڌي سال
1983ع
کان ادبي دنيا ۾ پير پاتو. اهڙي طرح اڄ پاڻ کي
ادبي حلقن ۾ پاڻ مڃائي چڪو آهي، جنهن ڪري علي گوهر
کان وڌيڪ گوهرسنڌي جي نالي سان مشهور آهي. گوهر
سنڌي جي لکڻين ۾ سنڌ،سنڌي ٻولي جو ذڪر ملي ٿو، وري
جڏهن ملبو ته گوهر سنڌي جي گفتار جو محور ۽ مرڪز
سنڌيت ئي هوندو آهي. بهر حال گوهر پنهنجي لکڻين ۾
عام ادب ۾ چڱو نالو ڪمايو آهي، پر ٻالڪ ادب جي
کيتر ۾ چڱي خاصي آبياري ڪئي آهي. خاص طور تي ٻالڪ
ادب جي شاعري ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريا آهن ۽ مختلف
ٻاراڻن رسالن ۾ هن جي شاعري وقت سر شايع ٿيندي رهي
ٿي. خاص طور تي
”گل
ڦل“
سان ته ٻاراڻي شاعري جي حوالي سان نيهن جو ناتو
نڀائيندو اچي ٿو. گوهر سنڌي ٻارڙن جي لاءِ شاعري
جي حوالي سان
”جاڳ
او ٻالڪ جاڳ“
ٻيو ڇاپو وڌايل ۽ سڌاريل سال2017ع
۾ پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ ٻاراڻي شاعريءَ جا
انڊلٺي رنگ چٽيل آهن. هن ڪتاب ۾ گوهر سنڌي بابت
”ادل
سومرو“
بيڪ ٽائيٽل تي لکيو آهي ته:
”گوهرسنڌي
پاڻ استاد آهي ته وطن دوست شاعر به آهي، ان جي
حوالي سان مٿس وڌيڪ ذميواري ٿئي ٿي. ته هو پنهنجو
قومي ڪردار ادا ڪري. هن ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ
وندرائيندڙ نظم ۽ گيت به آهن ته، ان سان گڏ سندن
ذهني تربيت وارا نظم به آهن جن ۾ گوهر سنڌي عام
فهم ٻولي استعمال ڪئي آهي، جنهن کي ٻار آساني سان
سمجهي ۽ ياد ڪري سگهندا“.
هن ڪتاب ۾ ٻارڙن جي لاءِ
55
عنوان شاعري جي روپ ۾ رچيل آهن، جيڪي پنهنجي
حوالي سان نرالا آهن، جنهن ۾ پهريون عنوان
”التجا“
۽ آخري عنوان سنڌي الف ب جي ٽيڙو پٽي آهي. هيءَ
خوبصورت ڪتاب
112
صفحن تي مشتمل آهي اچو ته هن ڪتاب ۾ جهاتي پائي
ڪجهه حظ حاصل ڪريون. ڪتاب ۾ سنڌي ٻولي وارن شاعرن
کي به ڀيٽا پيش ڪئي آهي. جن ۾ شاهه، سچل، سامي،
ڀڳت ڪنور رام کي لفظن جي مالها ۾ پوئي عقيدت جو
اظهار ڪيو آهي. ان کان علاوه الف ب جا ٻاراڻا ٻول
سنڌي چئن سِٽِن ۾ لکي خوبصورت ڀيٽا ڏني آهي جيئن
”شاهه
ڀٽائيءَ جو شان“
عنوان تحت چوي ٿو ته:
واهه ڀٽائي تنهنجو شان،
آهي مٿانهون تنهنجو مان.
وايون بيت نيارا سائين،
ڳايون ويٺا سارا سائين.
جُڳ جُڳ جيءَ جيارا سائين،
آهين تون اعليٰ انسان.
واهه ڀٽائي تنهنجو شان.
ٻار هر قوم جو قيمتي سرمايو آهن ان لاءِ هر قوم
جا باشعور انسان چاهيندا آهن ته انهن جو ايندڙ نسل
وڏڙن جي خوابن جي ساڀيان ڪري، تنهنڪري ٻارڙن چنڊ
تارڙن لاءِ انهن جي تعليم تربيت لاءِ وسان نه
گهٽائيندا آهن.
تعليم ٻارن جو بنيادي حق آهي تعليم حاصل ڪرڻ سان
اسان جو ٻار هڪ ڪامياب انسان بڻجي سگهي ٿو. ان
لاءِ تعليم ۽ ان جي لاڳاپيل عنوانن کي به خيالي
شعور ۾ اوتيو آهي، جنهن مان ڪجهه عنوان ڏجن ٿا
ڏُون جو کوڙو، استاد، اسڪول ڏانهن وڃو، ڪتاب،اسڪول
وڃن ٿا،”سنڌي
الف ب پٽي جا ٻه سٽا“،
۽
”سنڌي
الف ب جي ٽيڙو پٽي“
اهم آهن. گوهر ٻارڙن کي اخلاقي قدر سيکارڻ لاءِ
پاڻ پتوڙي ٿو ۽ اخلاقي طرح ٻارڙن کي اهي قدر
اپنائڻ لاءِ سهڻيون صلاحون ڏئي ٿو.
شڪارپور ضلعي جي ٽن شاعرن، اديبن غلام محمد غازي،
آزاد بخاري، ۽ گوهر سنڌي جي سنگت ۽ ياري ڏاڍي
مشهور آهي، جو ڪنهن دوست انهن کي شڪارپور جي
”ٽه
مورتي“
جو لقب ڏنو آهي. گوهر سنڌي ڏاڍو متحرڪ شخصيت جو
مالڪ آهي. ڪيترن ئي ادبي سماجي تنظيمن سان وابستگي
رهي آهي، انهن تنظيمن ۾ رهي ڪري پاڻ ملهائڻ جهڙو
ڪم ڪيو آهي. جيئن سنڌي ادبي سنگت رستم جو بنيادي
ميمبر، سال
1983ع
کان ڪيترائي ڀيرا شاخ جو سيڪريٽري ۽ ٻين عهدن تي
پڻ رهي ڪري ڪم ڪيو آهي. شاهه عبداللطيف لائبريري
جو فائونڊر ميمبر ۽ انچارج، سال
1983ع
کان سال
1986ع
تائين ميمبر رهيو ۽ شاهه، سچل، سامي پبلڪ لائبريري
رستم جو سال
2005ع
کان باني ۽ انچارج رهيو. ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جو
جوائنٽ سيڪريٽري ۽ سال
2010ع
کان سال
2012ع
تائين بحيثيت صدر جي سال
2016ع
کان آهي. ان کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ضلعي
شڪارپور جو رابطا سيڪريٽري سال
2008ع
کان سال
2010ع
تائين قلمدان سنڀاليو. باقي سماجي ۽ قوم پرست
تنظيمن سان الڳ لاڳاپي جي هڪ ڊگهي فهرست آهي. گوهر
سنڌي گهڻي ڪم جي عيوض ڪيترا ئي علمي، ادبي، سماجي،
سياسي ايوارڊ، سَنَدون، شيلڊون حاصل ڪيون آهن. جن
مان ڪجهه هي آهن: ادبي سنگت مرڪز طرفان شاخ ۾
ڪارڪردگي جي بنياد تي
”رشيد
ڀٽي“
ايوارڊ
1994ع،
عباسي ڪلهوڙا تنظيم لاڙڪاڻو سنڌ طرفان ڊاڪٽر تنوير
عباسي ادبي ايوارڊ مسلسل
7
ڀيرا مختلف موضوعن تي مليل. سنڌي ادبي سنگت سنڌ
مرڪز طرفان رابطا سيڪريٽري جي ڪارڪردگي جي مڃتا
طور
”انور
پيرزادو“
شيلڊ ايوارڊ
2008ع
۾ مليو. تعليمي آگاهي ادارو انٽرا سيڪنڊري اسڪول
چڪ فيسٽيول ضلعو شڪارپور طرفان ٻاراڻي شاعري، ادب
جي بهترين خدمت تي ميڊل
2016ع
۾ مليو، سنڌي ادبي سنگت شاخ رستم جي چاليهه ساله
ڪارڪردگي شيلڊ
2023ع
۾ سنڌي ادبي سنگت جي
40
ساله ڪارڪردگي جي بنياد تي مرڪز طرفان ضلعي جي
بهترين شاخ قرار ڏيندي ايوارڊ ۽ شيلڊ سان نوازيو
ويو. ٻيا ايوارڊ ۽ انعام الڳ سان آهن. ڌڻيءَ در
دعا آهي شال ربّ تعاليٰ گوهر سنڌي کي وڏي ڄمار عطا
فرمائي. ته جيئن هو ٻالڪ ادب لاءِ نوان نوان گوهر
ظاهر ڪندو رهي.
***
امداد سروري
آراضي / سيوهڻ
غريب جي ٻارن جي عيد
چيم: عيد اچڻ واري آهي، چيائين: عيد ڪجهه ڇاهي؟
چيم: عيد خوشيءَ جو نالو آهي.
چيائين: خوشي ڇاهي گهڻي ملندي؟
چيم: اها توکي اميرن جي اوطاقن، بنگلن ۽ گهرن ۾
ملندي.
چيائين: ڇا امير ماڻهو مون کي پنهنجي اوطاقن ۾ پاڻ
وٽ اچڻ ڏيندا! خوشي ۽ عيد کي ڏسڻ ڏيندا يا انهن
سان ملڻ ڏيندا؟
چيم: نه! چيائين: ڇو؟ چيم: تون غريب آهين!
چيائين: ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه! عيد کي ته سڀني وٽ
اچڻ گهرجي، صرف اميرن وٽ ڇو؟ چيم: عيد آهي ئي
اميرن جي!
چيائين: ان کي مون غريب سان ڪڏهن ملائيندؤ؟ چيم:
سڀاڻي عيد کي توسان عيدگاهه ۽ پنهنجي شهر جي بازار
۾ ملائيندس. ٻئي ڏينهن عيدگاهه تي کيس چيم عيد جو
رنگ ڏس. چيائين: هتي ته رڳو ماڻهو ئي ماڻهو
آهن. عيد جو ڪهڙو رنگ ڏسان؟
چيم: امير ماڻهن جي رنگ برنگي ڪاٽن وارن ڪپڙن ۾
عيد کي ڳول.
چيائين: مون کي ته ميرا ۽ ڦاٽل ڪپڙا
پاتل آهن ته پوءِ عيد مون سان گڏ ڪيئن هلندي؟
چيم: تون پاڻ کي ڇڏ ٻين ڏي ڏس.
چيائين: مون ڏي ته ڪو ڏسي ئي نٿو مان ڪنهن ڏي
ڏسان؟ چيم: تون غريب آهين! چيائين: ته پوءِ تون
صاف ڇو ڪونه ٿو چوين ته عيد فقط اميرن جي آ، غريبن
جي نه! چيم: هل توکي بازار گهمايان.
چيائين: بازار ۾ ڇا آهي؟ چيم: عيد، عيدگاهه تان
ٿيندي سڌو بازار ويندي آهي، اتي کائي پِي پوءِ سڌو
ماڻهن جي گهرن ۾ ويندي آهي، چيائين: ڇا عيد منهنجي
جهوپڙيءَ ۾ به ايندي؟ چيم: ها ضرور ايندي!
چيائين: ڇا عيد منهنجي معصوم روئندڙ ٻارن سان
ملندي؟ چيم: ها انهن کي خوش ڪندي! چيائين: ته پوءِ
وڃي پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ ٻارن کي ٻُڌائي عيد جي اچڻ
جو انتظار ٿو ڪيان.
ائين چئي غريب ويچارو عيد کي ڳوليندو، اکين مان
لُڙڪ هاريندو، پنهنجي جهوپڙيءَ طرف روانو ٿيو، جتي
ٻار سندس انتظار ۾ بيٺا هئا، ته بابا اجهو ٿو عيد
کي گهر وٺي اچي! ٻار پنهنجي پيءُ جي روئندڙ اکين
کي ڏسي عيد جي اچڻ جو پڇڻ لڳا ته عيد ڪيڏانهن وئي!
ٻار چوڻ لڳا. بابا اوهان ته عيد کي وٺڻ ويا هئا،
سا ڪيڏانهن وئي ڇا اها اسان وٽ ڪانه ايندي؟
چيائين: بابا عيد، عيدگاهه کان ٿيندي اميرن جي
گهرن ڏي رواني ٿي وئي، جتي امير ماڻهو ٻَڪر ڪُهي
ان جو استقبال ڪندا، جي انهن ڇڏيس ته اسان غريبن
وٽ به ضرور ايندي، شايد هوءَ اسان غريبن جي
جهوپڙيءَ ۾ اچڻ لاءِ تيار ڪانهي ڪا. ڇو ته اسان وٽ
ٻڪر ته ڇا پر کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي ڪو! ٻار
چوڻ لڳا ڪهڙي عيد ڪنهن جي عيد اسان ته فقط عيد جو
نالو ٻڌو آهي! ان کي ڪڏهن به ڪونه ڏٺو آهي ته عيد
ڪهڙي ٿيندي آهي.! بابا اڄ اسان کي عيد ضرور
ڏيکارجانءِ. ٻار ائين چئي زارو قطار روئڻ لڳا ۽
پيءُ انهن کي پرچائڻ لڳو. ائين سڄو ڏينهن غريبن جو
عيد جي انتظار ۾ گذري ويو، نه انهن کي ڪٿان گوشت
مليو ۽ نه انهن وٽ ڪا عيد جي خوشي آئي، آخر ڇو؟!
ذرا سوچيو!
عبدالرشيد ميمڻ
اسان جي پياري سنڌڙي
·سنڌ
شاهه، سچل، سامي، بيدل، حمل فقير ۽
سانگيءَ جهڙا هردلعزيز انسان ۽ بيمثال شاعر پيدا
ڪيا.
·سنڌ
اڪبراعظم جي ڄمڻ جي جاءِ آهي.
·مارئيءَ
۽ سسئيءَ جهڙيون وفادار زالون سنڌ ۾ ئي پيدا ٿيون.
·سنڌ
ڪنهن وقت تي اهڙي شاهوڪار ۽
ڀاڳ ڀري هئي،
جو ايران جي شاهه کي هڪ
ڪروڙ پنجانوي
لک رپيا ڍل ڏيندي هئي.
·سنڌ
امن جي ڌرتي ۽ مهمان نواز آهي.
·سنڌ
۾ عام ماڻهو عوام، ڏاڍا غريب آهن، اها ارمان جي
ڳالهه آهي.
سنڌ هر حال ۾ اسان کي پياري آهي ڇو ته سنڌ اسان جو
وطن آهي. |