شاهه سائين جي سڄي شاعري اسان جي لاءِ رهبري،
رهنمائي، سجاڳي ۽ جدوجهد جو پيغام ڏئي ٿي، ڇو ته
زندگيءَ جي ڪا به
منزل، محنت،
جاکوڙ، جدوجهد کانسواءِ ڪڏهن
به نٿي ملي
سگهي، نڀاڳ جون ننڊون مقصدن جي ڪاميابيءَ ۾
سدائين رنڊڪون بڻيل
هجن ٿيون.
تنهن ڪري منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙڻ،
ڪشالا ڪرڻ ۽ اذيتون ڀوڳڻيون پون ٿيون.
شاهه سائين نهايت وسيع سوچ رکندڙ عظيم شاعر آهي،
جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي مڙني تجربن،
مطالعن، مشاهدن جا اهڙا ته رنگ چِٽيا اٿس، جن کيس
امر بڻائي ڇڏيو آهي. لطيف سائين روحاني توڙي
اخلاقي ترقيءَ سان گڏوگڏ رهبري وارو گس، راهه
ڏسيندڙ آهي ۽ سندس شاعري اسان لاءِ مشعل راهه آهي.
شاهه سائين سنڌ جي لوڪ داستانن، ڪردارن کي پنهنجي
شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي، هن تهذيب، تمدن ۽
ثقافت کي خوبصورت منظرن جيان چِٽيو آهي. سنڌ جي
ريتن، رسمن، رواجن، رهڻي، ڪهڻي جي
فطرتي
سونهن اڀاري وطن جي خوبصورتيءَ جو آئينو پيش ڪيو
اٿس، هتان جي عظيم ڪردارن ۽ سندن ڪارنامن کي سهڻي
نموني پيش ڪيو آهي. لطيف سائين جي شاعري ۾ پيار،
محبت، وڻج، واپار سميت زندگيءَ جي مختلف پاسن جا
رنگ سمايل آهن. لطيف سائين سُستي، ڪاهلي ۽ نڀاڳ
واري عمل کي نندي ٿو، هو ٻُڌائي ٿو ته اگهور ننڊ
سُتل ڪڏهن به پنهنجي منزل ماڻي نه سگهندا آهن، هر
ڪا منزل محنتن قربانين، جدوجهد سان ئي حاصل ٿيندي
آهي. جيئن لطيف سائين چوي ٿو:
تَتِيءَ ٿَڌيءَ ڪاههِ، ڪانهي ويلَ ويهَڻَ جِي،
مَتان ٿِئي اُونداههِ، پيرُ نَه لَهِين پِرينءَ
جو.
هڪ ٻيو بيت آهي:
ويٺي وَر نه پُون، سُتي مِلَنِ نَه سُپِرِين،
جي مَٿي رَندَن رُوُئنِ، ساڄَنُ مِلي تَنِ کي.
شاهه سائين جي نظر ۾ منزل جي حاصلات
لاءِ ڏکيا ڪشالا ضرور ڪاٽڻا پون ٿا.
سَڀِ نَنگِيُون ٿِي نِڪَرو، لالَچ ڇَڏي لوڀَ،
سُپيريان سين سوڀَ، نِنڊَنِ ڪَندي نَه ٿِئي.
شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪردارن
کي اهڙي طرح ته پيش ڪيو آهي ڄڻ هو پاڻ انهن ڪردارن
سان گڏ رهيو آهي، سندس
شاعريءَ ۾ پيش
ڪيل ڏک، پيڙائون، ڀوڳنائون
ڄڻ هن پاڻ
ڀوڳيون آهن! انهن سڀني ڪردارن جا سُور ڄڻ
سندس پنهنجا سُور هجن. جيئن شاهه سائين چوي ٿو:
وَڃو سَڀ وَري، آئين جي وَرَنِ واريُون،
ڦوڙائِي فِراقُ جِي، سُڄي ڳالهه ڳَري،
ٻُنڀان جَن ٻُري، ڏُونگَر سي ڏورِينديُون.
لطيف سائين چوي ٿو ته منزل محنت سان ئي ملندي، ان
لاءِ جيڪي به تڪليفون ملن ته ڪڏهن به پريشان ۽
مايوس ٿيڻو ناهي، جهدوجهد نيٺ هڪ ڏينهن ضرور رنگ
لائيندي ۽ منزل تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃبو.
لطيف سائين وڌيڪ چوي ٿو:
مَحَبتَ پائي مَنَ ۾، رَنڊا روڙِيا جَنِ،
تَنِ جو صَرافُنِ، اَڻ تورِيو اَگهائِيو.
شاهه سائين سنڌ جي فطري سونهن کي ساراهيو آهي، ۽
پوري عالم سان گڏ سنڌ کي سدائين آباد ڪرڻ جي دعا
ڪئي آهي.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
شاهه سائين جي شاعري ۾ شعور سان گڏوگڏ ارتقائي
تبديلين جو پيغام پڻ ملي ٿو. پڪا ۽ پختا ارادا
وسيع پيغام پهچائيندڙ آهن ۽ هن ڀٽڪيل انسانن کي
صحيح رستو ڏيکارڻ جو پيغام ڏنو آهي. شاهه سائين
اسان کي اهو به ٻڌايو آهي، ته ننڊ نڀاڳ جي نشاني
آهي، سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملندو آهي. تنهن
ڪري سُستي، ڪاهلي ۽ ننڊ ڇڏي، جاکوڙ ۽ جدوجهد، وارو
رستو اختيار ڪيو، جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي.
شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ سان سلهاڙيل
مسئلن ۽ مونجهارن ۽ انهن مان آجپي جو گس ملي ٿو،
سندس سِٽ سِٽ ۾ اهم مقصد سمايل آهي، جنهن کي پڙهڻ
۽ پروڙڻ سان انسان صحيح دڳ اختيار ڪري سگهي ٿو ۽
پنهنجي منزل ماڻي سگهي ٿو.
غلام محمد لاکو
ڄام شورو
شهيد مخدوم بلال سمون
شهيد مخدوم بلال سنڌ جو هڪ مثالي عالم، نامور
اُستاد، بي باڪ انسان ۽ حق سچ جي خاطر، جان قربان
ڪرڻ وارو بزگ ٿي گذريو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ کيس
وڏي اهميت حاصل ٿي آهي. مخدوم بلال ذات جو سمون
هو. سندس وڏا اصل لس ٻيلي جا ويٺل هئا ۽ پوءِ سنڌ
ڏي لڏي آيا. سندس پيدائش ان وقت ٿي جڏهن هن ملڪ
(سنڌ) تي، ڄام نظام الدين جهڙي هاڪاري بادشاهه جي
حڪومت هئي. تعليم ۽ تربيت پوري ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ
جي ٽلٽي شهر (دادو) ۾ اچي وڏو مدرسو کوليائين.
زندگيءَ جو وڏو عرصو علم ۽ تعليم جي خدمت ۾
گذاريائين. ان ريت پوري ننڍي کنڊ ۾ سندس اڻ ڳڻيا
شاگرد پيدا ٿيا. بلاشڪ پاڻ هڪ مثالي عالم ۽ استاد
ثابت ٿيو. مختلف علمن تي کيس وڏي مهارت حاصل هئي.
سکر واري مير معصوم هن ڏس ۾ بلڪل سچ لکيو آهي ته:
”تقويٰ
۽ زهد ۾ ساڻس ڪو به برابر ڪونه هو. تفسير ۽ حديث
جي علم ۾ تمام گهڻو ماهر هو. جملي درجن جو مالڪ
هو. سندس سموري حالت ۽ ڪمالات جي لکڻ جي قلم کي
طاقت نه آهي. گهڻن لکندڙن کيس
”محدث“
جو لقب ڏنو آهي. يعني ته هو حديث جي علم جو وڏو
ڄاڻو هو.
مخدوم صاحب پنهنجي دور جو وڏو صوفي ۽ اولياءُ ٿي
گذريو آهي. هو صوفين جي
’سهروردي‘
طريقي جو اڳواڻ هو. سندس پيغام کي پکيڙڻ لاءِ، هن
جي خليفن سنڌ جي جدا جدا علائقن ۾ درگاهون کوليون.
سندس ڇهه خليفا وڏي اهميت رکن ٿا. سيد حيدر سنائي،
سن جي شهر جو رهاڪو هو. مخدوم مٺو، جنهن جي مزار
مڪليءَ تي آهي. مخدوم حسن، سندس مقبرو ڀاڻوٺ جي
ڀرسان پير بلاولي ۾ آهي. مخدوم هڱورو، هن جو مقبرو
موري جي ڀر ۾ گچيري ۾ آهي. مخدوم سعد عرف ساند،
جنهن جي زيارت سڪرنڊ تعلقي ۾ لاکا آباد جي ويجهو
آهي. هي سڀ خليفا مخدوم صاحب جي جيئري توڙي مُئي،
پنهنجي مرشد جي پيغام کي پکيڙيندا رهيا.
سنڌ جو هي سدا حيات عالم ڪڏهن به درٻار کي ويجهو
نه ويو. ان هوندي به پاڻ سماج جو هڪ ذميدار انسان
هو. کيس سنڌ، ۽ سنڌ کان ٻاهر ٿيندڙ تبديلين جي
پوري پوري ڄاڻ هئي. انهن تبديلين مان پيدا ٿيندڙ
امڪاني خطرن کان به پاڻ پوريءَ طرح خبردار هو. سن
1502ع
۾ هندستان مان سيد محمد جون پوري ٺٽي پهتو. هن سنڌ
۾ ارڙهن مهينا رهي، پنهنجي پيغام جو پرچار ڪيو.
ڄام نظام الدين سندس ڪم ۾ ڪوبه دخل نه ڏنو البته
مخدوم بلال هن نئين صورت حال کي ملڪ لاءِ نقصان
ڪار سمجهي، سيد محمد (جون پوري) کي سنڌ مان ڪڍڻ
لاءِ هلچل پيدا ڪئي. آخرڪار مخدوم صاحب جي خليفي
سيد حيدر، محمد جونپوريءَ کي ڳرو نقصان پهچايو. ان
بعد سيد محمد جونپوري سنڌ جا وڻ ڇڏي قنڌار هليو
ويو.
ڄام نظام الدين سمون سن
1508ع
۾ فوت ٿي ويو. سندس پٽ ڄام فيروز سنڌ جو نئون
بادشاهه بنيو. ملڪ جون حالتون تيزيءَ سان خراب
ٿينديون ويون. وفادار وزير ۽ امير بگڙيل ماحول مان
تنگ ٿي درٻار ڇڏيندا ويا. سنڌي صلاحڪارن جي جاءِ
تي، مغل مدارين کي اهميت ملڻ لڳي. بگڙيل صورتحال
جو فائدو وٺي قنڌار جو حاڪم شاهه بيگ ارغون، سنڌ
جي تخت گاهه ٺٽي تي ڪاهي آيو. ڄام فيروز ڀڄي جند
ڇڏائي. سنڌ جي سچي سپاهيءَ دولهه دريا خان، ڌارين
دشمنن جو مقابلو ڪيو. دريا خان مقابلو ڪندي نيٺ
شهيد ٿي ويو. ان کان پوءِ سنڌ تي ڌارين جو راڄ
قائم ٿي ويو. مخدوم بلال هن سياسي تبديليءَ کي
خطرناڪ سمجهي جدوجهد جو فيصلو ڪيو. شاهه بيگ ارغون
ٺٽي کان سيوهڻ پهتو ته، کيس مخدوم بلال جي باري ۾
ڄاڻ ڏني وئي. هن ٽلٽيءَ تي حملي جو حڪم ڏنو. مخدوم
صاحب جي مريدن شاهه بيگ سان زبردست جنگ ڪئي. جنگ ۾
ارغونن کي سوڀ حاصل ٿي. ان کان پوءِ شهر کي ناس
ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. ان وقت قاضي قادن حاڪمن پاران
صلح جو پيغام کڻي مخدوم صاحب سان مليو. ليڪن پاڻ
ڌارين حاڪمن سان ٺاهه کي رد ڪري ڇڏيائين. سندس
پوئلڳن ارغونن خلاف جنگ کي جاري رکيو. هن صورت حال
۾ ارغونن تنگ ٿي، هن حق سچ جي اڳواڻ کي ختم ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو. مٿس هڪ اُگرو الزام هڻي کيس قاضيءَ جي
عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. قاضيءَ جي فيصلي موجب مخدوم
بلال کي
2
رجب
930هه
برابر.
6
مئي
1524ع
تي گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪيو ويو. هن بزرگ جي مزار
دادو ضلعي جي
”باغبان“
شهر ۾ آهي. تازي دور ۾ محمد بخش پنهور نالي هڪ
معتقد، سندس مزار تي هڪ عاليشان مقبرو اڏايو آهي.
مرزا شاهه حسن ارغون وڏي لشڪر سان ملتان تي حملو
ڪيو. ملتان جي فتح وقت ارغونن اتي جي ماڻهن تي
وڏا ظلم ڪيا، مخدوم بلال کي جڏهن هي خبر پئي، تڏهن
شاهه حسن کي جابر ۽ ظالم حڪمران سڏيائين. بلاشڪ!
مخدوم بلال سنڌ جي تاريخ جو سدا حيات ڪردار آهي.
سنڌ جي غلامي ۽ بي وسيءَ تي حق جو هوڪو ڏنائين.
کيس ٺاهه جي آڇ مِلي ته اها به رد ڪري ڇڏيائين.
چاهي ها ته هي آڇ قبول ڪري سُکي زندگي گذاري ها،
پر پاڻ غلاميءَ جي حياتيءَ تي، عزت جي موت کي
ترجيح ڏنائين. خدا مٿس رحمت ڪري!
ربّ تعالى قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته،
”اي!
ايمان وارو! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن.
جهڙيءَ طرح توهان کان اڳ ماڻهن تي فرض ڪيا ويا
هئا، اُن لاءِ ته توهان متقي ۽ پرهيزگار بڻجي وڃو.“
يعني ته روزا نه صرف مسلمانن تي فرض ڪيا ويا آهن،
پر ان کان اڳين اُمتن تي به فرض هئا. روزو يعني
”صوم“
جي عبادت حضرت آدم عليھ السلام کان وٺي هر نبيءَ
جي اُمت تي فرض هئي ۽ ڪابه اُمت اهڙي نه گذري آهي.
جنهن تي
”روزا“
فرض نه ڪيا ويا هجن. هاڻي اسان کي ڏسڻو هيءُ آهي
ته آخر روزي جي فلسفو آهي ڇا؟ بظاهر جيڪڏهن ڏسجي
ته روزي رکڻ سان ڀلا ربّ تعالى جو ڪهڙو مقصد ٿي
سگهي ٿو. نعوذ بالله ربّ تعالى کي ڪهڙو فائدو آهي؟
پر ان جو جواب خود ربّ تعالى قرآن مجيد۾ هن طرح
ڏنو آهي ته،
ترجمو: (يعني، توهان تي جيڪي روزا فرض ڪيا ويا
آهن، تن جي غرض ۽ اهميت هيءَ آهي ته توهان متقي
بڻجي وڃو) بلڪل واضح طور اهو فرمايو ويو آهي ته،
اهي روزا صرف توهان جي نيڪ، پرهيزگار ۽ متقي بڻجڻ
جي لاءِ فرض ڪيا ويا آهن، جيئن توهان نفس تي
ڪنٽرول ڪرڻ سکو ۽ ان جي معرفت متقي ۽ پرهيزگار
بڻجي وڃو، ربّ تعالى جا شڪر گذار ۽ نيڪ ٻانها
بڻجي. ربّ کان نيڪيون طلب ڪري سگهو ۽ انعام ۾
بيشمار ثواب حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ جنت جا حقدار بڻجي
وڃو. روزي رکڻ سان نفس اماره جي قوت گهٽجي وڃي ٿي
۽ سڀ عضوا سُست ٿي وڃن ٿا. گناهه جي خواهش گهٽجي
وڃي ٿي. ان سلسلي ۾ بعض بزرگن فرمايو آهي ته جڏهن
نفس کي بکيو رکجي ٿو ته سمورا عضوا به بکيا ٿي
ويندا آهن، پوءِ نه اک ڪنهن خوبصورت منظر جي
متلاشي رهندي آهي. نه وري ڪَنَ ڪجهه ٻڌڻ جو
سوچيندا آهن، نه زبان کي ڪلام سان رغبت ٿيندي آهي.
ها البته روحانيت ترقي ڪندي آهي، ان جي برعڪس جڏهن
پيٽ ڀريل هجي ٿو، ته سڀ خواهشون به جاڳي پون ٿيون.
روزي رکڻ ڪري فضول ڳالهائڻ، فضول ڏسڻ، فضول ٻُڌڻ،
فضول عمل ڪرڻ جهڙين ڳالهين کان روزيدار
”امن“
۾ رهي ٿو. ان طرح دل به پاڪ و صاف رهي ٿي ۽ عبادت
الاهيءَ ۾ لطف ۽ مزو به ملي ٿو. نيڪ ڪمن ڏانهن
رغبت وڌي ٿي ۽ گناهن کان نفرت محسوس ٿئي ٿي ان کي
ئي دراصل تقوى پرهيزگاري سڏجي ٿو ۽ روزي جي فرضيت
۽ اصلي غَرض ۽ اهميت به اها ئي آهي، ان کان علاوه
حڪم خدا جي تعميل به ٿئي ٿي ۽ حضرت محمد صلي الله
عليھ وسلم جن جي اُسوه حُسنه تي عمل پيرا به ٿجي
ٿو. سڄي سال ۾ ان ئي بابرڪت هڪ مهيني اندر روحاني
۽ جسماني زڪوات ادا ٿي وڃي ٿي. اهو ئي روزي جو
فلسفو آهي ۽ اها ئي اهميت آهي ته هڪ طرف ربّ تعالى
جل شانھ پنهنجن بندن تي روزي جي صورت ۾ سخت ۽ مشڪل
فرض عائد ڪيو آهي ته ٻئي طرف پنهنجي رحمتن جا
دروازا کولي ڇڏيا آهن.
حضرت عباده رضي الله تعالى عنھ جن کان روايت آهي
ته هڪ دفعو حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن رمضان
المبارڪ جي مهيني اچڻ کان اڳ فرمايو،
”رمضان
شريف جو مهينو اچي ويو آهي. جيڪو تمام گهڻو برڪتن
وارو مهينو آهي. ربّ تعالى هن مهيني ۾ انسانن
ڏانهن متوجه ٿئي ٿو ۽ پنهنجي رحمت خاص نازل فرمائي
ٿو. خطائون معاف ڪري ٿو ۽ دُعائن کي قبول ڪري ٿو.“
بدنصيب آهي اهو شخص جيڪو هن مهيني ۾ ربّ جي رحمتن
کان محروم رهجي وڃي، ٻي جڳهه تي نبي ڪريم صلي الله
عليھ وسلم جن فرمايو آهي ته،
”رمضان
المبارڪ جي هر رات ۽ هر ڏينهن جهنم جا قيدي ڇڏيا
وڃن ٿا ۽ هر مسلمان لاءِ هر رات ۽ هر ڏينهن هڪ
’دعا‘
ضرور قبول ٿئي ٿي.“
ارشاد نبوي ۾ آهي ته،
”ٽن
ماڻهن جي دعا رد نه ٿيندي آهي هڪ
’روزيدار‘
جي افطار جي وقت، ٻيو
’عادل
بادشاهه‘
جي، ۽ ٽيون
’مظلوم‘
جي دُعا.“
حضرت عائشھ رضي الله تعالى عنه جن کان روايت آهي
ته، جڏهن رمضان شريف جو مهينو ايندو هو ته، پاڻ
سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جو رنگ بدلجي ويندو
هو . نماز جي قيام ۾ اضافو ٿي ويندو هو، ۽ دعا ۾
تمام گهڻي عاجزي فرمائيندا هئا ۽ خوفِ خدا غالب ٿي
ويندو هُين. اهڙين
ٻين ڪيترين ئي روايتن منجهان رمضان مهيني جي
”دعا“
جي خصوصيت سان قبول پوڻ جو پتو ملندو رهيو آهي.
حضرت عباده رضي الله تعالى عنھ جن کان روايت آهي
ته، حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو،
مسلمانو! رمضان جو مهينو توهان وٽ اچي ويو، جيڪو
بابرڪت آهي هن ۾ ربّ تعالي جي رحمت توهان ڏانهن
متوجه ٿئي ٿو ۽ مهربانيون ڪري ٿو. گناهه بخشي ٿو ۽
دعائون قبول فرمائي ٿو ۽ فرشتن سان تعريف ڪري ٿو
ته ڏسو منهنجا ٻانها بُک ۽ اُڃ جي تڪليف سهي ۽
پنهنجيون ٻيون ضرورتون ڇڏي منهنجي عبادت ۾ مصروف
آهن، نيڪي ۽ ڀلائي جي تمنا ڪري رهيا آهن. آخر ۾
دُعا آهي ته ربّ العالمين اسان سڀني کي رمضان
مهيني جي برڪتن جي صدقي نيڪ هدايت نصيب ڪري ۽ صراط
المستقيم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
***
مڇر، ايتريون ته ڀيانڪ بيماريون ڦهلائين ۽
ايترا ته خطرناڪ ٿين ٿا جو اسان انهن کي ڏسڻ به
پسند نه ڪندا آهيون. مڇرن جون هلڪيون سلڪيون
بيماريون به انتهائي موتمار ٿي سگهن ٿيون. آمريڪا
جي سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول (CDC)
مطابق دنيا ۾ هر سال
5.
1
انسان مڇرن جي بيمارين سبب موت جو بک ٿي وڃن ٿا.
مڇرن جي چڪ پائڻ سان نه رڳو چمڙيءَ جي خارش ته
ڊِٻِڙَ به ٿي پون ٿا، جنهن سبب بي
آرامي محسوس ڪجي ٿي، ٻارڙا ۽ پيرسن وڏيءَ تڪليف ۾
اچي وڃن ٿا. دنيا ۾ مڇرن رستي هونئن ته ڪيترن قسمن
جون بيماريون پکڙجن ٿيون جڏهن ته هتي ڪن عام قسمن
جو ذڪر ڪجي ٿو:
1.
زِڪا (Zika):
ڪيترن فردن ۾ زڪا بيماريءَ جون هلڪيون نشانيون
پيدا ٿين ٿيون جهڙوڪ: بخار، ڳاڙها نشان، سَنڌَن جو
سُور، ڳاڙهيون اکيون وغيره. جڏهن ته ڳنڀير مسئلو
ڳورهارين ۽ سندن ابهمن کي ٿئي ٿو. زڪا، دماغي روڳ
پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ ٿئي ٿو جنهن سبب چوها ٻار ڄمن
ٿا. دنيا جي ڪيترن ملڪن جهڙوڪ برازيل، ڏکڻ ۽ وسطى
به آمريڪا، ڪيريبين ۽ ڏکڻ، اوڀر
ايشيا
۾ هيءَ بيماري ٿئي ٿي. هن وائرسي بيماريءَ جو
پکيڙيندڙ مڇر ايڊيز (Aedes)
آهي.
2.
ڊينگي (Dengue):
ڊينگي، هڪ انتهائي خطرناڪ ۽ موتمار وائرسي بيماري
آهي. آمريڪا ۾ ورلي ته دنيا جي ڪيترن گرم ۽ نيم
گرم ملڪن ۾ عام ٿئي ٿي. ڊينگيءَ ۾ متاثر ٿيڻ سبب
ڳاڙها داغ، بخار، مٿي جو سور، سولائي سان رڻجي پوڻ
(bruising)
۽ مهارن مان رت وهڻ لڳي ٿو. ان سبب ورلي خوني بخار
(hemorrhagic
fever)
به ٿي پوي ٿو جيڪو موتمار ٿي سگهي ٿو. اڃان تائين
هن بيماريءَ جي وئڪسين موجود ڪونهي! ڊينگي، ايڊِيز
(Aedes)
مڇر پکيڙي ٿو.
3.
ويسٽ نيل (West
Nile)
ويسٽ نيل جي وائرسي بيماري، جانورن ۽ پکين سميت
انسانن کي به ٿئي ٿي. ممڪن ٿئي ٿو ته هڪ اهڙو مڇر
جنهن جي جسم ۾
’ويسٽ
نيل‘
بيماري جو وائرس موجود هجي، توهان کي چڪ پائڻ
کانپوءِ ان جون ڪي به نشانيون ظاهر ٿي نه سگهن.
جڏهن ته ڪن فردن کي بخار، سنڌن جو سور، دست، اُلٽي
۽ ڳاڙها داغ ٿي پون ٿا. ان کانسواءِ هن وائرس سبب
ورلي ٿيندڙ ڪن پيچيدگين جهڙوڪ: دماغي روڳ جنهن کي
انسيفيلائيٽس (encephalitis)
يا ميننجائيٽس
(meningitis)
سڏجي ٿو، ان کان به هوشيار رهڻو پوي ٿو، ورلي
گنڀير حالتن ۾ هن وائرس سبب ڳڍڙيون پون ٿيون، مريض
سڪتي ۾ وڃي ته موت جو شڪار به ٿي سگهي ٿو. هن
بيماريءَ جي اڃان تائين ڪا وئڪسين موجود ناهي!
هيءَ بيماري ڪيوليس (Culex)
مڇر پکيڙي ٿو.
4.
مليريا (Malaria):
جيتوڻيڪ مليريا آمريڪا ۾ ورلي ڪا ٿئي ٿي، پر تنهن
هوندي به باقي دنيا جي اڌ کان وڌيڪ آبادي ته
آفريڪا مليريا جي وڏي خطري ۾ رهي ٿو. مليريا جون
نشانيون بخار، مٿي جو سور، ڏڪڻي ۽ اُلٽي ٿئي ٿي.
دنيا جي اهڙن ملڪن ۾ وڃڻ کان اڳ جتي مليريا عام
ٿئي ٿي اتي مهارن ۾ سُمهڻ ۽ مليريا جي بچاءَ جون
گوريون استعمال ڪجن. مليريا هڪ پئراسائٽي بيماري ۽
ان جو پکيڙيندڙ ائنافليز (Anopheles)مڇر
آهي.
5.
ييلو فيور (Yellow
Fever):
هن بيماريءَ تي ييلوفيور يا پيلي بخار جو نالو ان
جي پيدا ٿيندڙ نشانيءَ سبب پيو آهي جيڪا آهي
”پيلاڻ“
جنهن سبب چمڙي ۽ اکيون پيليون ٿي وڃن ٿيون. هلڪي
روڳ جي حالت ۾ مٿي جو سور، پُٺيءَ جو سور، ڏڪڻي ۽
اُلٽي ٿي سگهي ٿي. جيئن ته پيلي بخار جي بچاءَ جي
وئڪسين به موجود آهي، تنهنڪري دنيا جي اهڙن هنڌن
تي وڃڻ کان اڳ ۾ جتي مڇرن رستي ييلو فيور پکڙجندو
هجي ان جي بچاءَ جي وئڪسين ڪرائي سگهجي ٿي. ييلو
فيور جي وائرس جو پکيڙيندڙ ايڊيز (Aedes)
مڇر ٿئي ٿو.
6.
چڪنگنيا (Chikunguna):
چڪنگنيا اصل ۾ آفريڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، ان جو
مطلب
”ڪُٻ“
آهي. جنهن جو مطلب ٿيو ته هن بيماريءَ سبب اهڙو
فرد سنڌن جي سخت سُور سبب ڪُٻو ٿي وڃي ٿو! اهو به
ممڪن ٿي سگهي ٿو ته هن بيماريءَ ڪري چمڙيءَ تي
ڳاڙها نشان، مٿي جو سُور، اوڪارا ۽ ساڻائي ٿي پوي.
چڪنگنيا بيماري انڊيا سميت ايشيا جي ڪيترن ملڪن ۾
ٿئي ٿي. جيڪا هاڻ، يورپ سميت آمريڪا جي ڪيترن ملڪن
۾ پکڙجڻ شروع ٿي آهي. جيتوڻيڪ هن بيماريءَ جو ڪو
به علاج موجود ڪونهي پر تنهن هوندي به ڪيترا متاثر
فرد پنهنجو پاڻ ٺيڪ ٿي وڃن ٿا. چڪنگونيا جون
نشانيون ڪيترن مهينن تائين هلي سگهن ٿيون. هيءَ به
هڪ موتمار قسم جي وائرسي بيماري آهي جيڪا ايڊيز (Aedes)
مڇر سبب پکڙجي ٿي.
7.
لا ڪراس اينسيفيلائيٽس
(La
Cross Encephalitis)
آمريڪا ۾ هر سال هن بيماريءَ ۾ اٽڪل
100
فرد مبتلا ٿين ٿا. هيءَ وائرسي بيماري ڦهلائيندڙ
مڇر ڏينهن جو خاص طور تي بهار کان سرءَ جي آخر
تائين چڪ پائي ٿو، مڇر جي چڪ پائڻ سبب بيمار
ٿيڻ کانپوءِ بخار، اوڪارا، مٿي جو سور ٿي پوي ٿو.
جڏهن ته ڪيترا فرد اهي نشانيون به محسوس نٿا ڪن.
هن بيماريءَ جو ڦهلايندڙ ايڊيز (Aedes)
مڇر آهي.
8.
رفٽ وئلي فيور (Rift
Valley fever):
هن قسم جي وائرسي بيماري مڇرن رستي انسانن ۽
جانورن ۾ پکڙجي سگهي ٿي. هن بيماري تي
”رفٽ
وئلي“
نالو ڪينيا جي ان علائقي تان پيو آهي جتان هيءَ
بيماري لڌي ويئي هئي ۽ اها ڪينيا جي ڪيترن حصن ۾
انهن فردن ۾ عام ٿئي ٿي، جيڪي گهريلو جانورن؛
ڍڳين، مينهن، رڍن ۽ ٻڪرين سان گڏ رهن ٿا. ايشيا جي
ڪن حصن سميت ويسٽ آفريڪا، سعودي عرب ۽ يمن ملڪ جا
ماڻهو به هن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿين ٿا. رفٽ وئلي
فيور جون نشانيون ڦيري ۽ ڪمزوري ٿين ٿيون، ته هيءَ
وائرسي بيماري اکين کي به متاثر ڪري سگهي ٿي. هن
بيماريءَ جو پکيڙيندڙ ايڊيز (Aedes)
سميت ٻيا به ڪي مڇر، جيت ۽ ڪُت آهن ته متاثر ڍور
جي رت، جسماني پاڻيٺ، غلاظت رستي به پکڙجي سگهي
ٿي.
9.
جيمسٽائون ڪينين وائرس (Jamestown
Canyon Virus):
ڊاڪٽرن کي پهريون دفعو هن وائرس جي موجودگيءَ جو
پتو
1980ع
جي ڏهاڪي ۾ پيو. جنهن تي ان علائقي جو نالو رکيو
ويو. هن وائرس جون فلوءَ جهڙيون نشانيون پيدا ٿين
ٿيون جهڙوڪ: بخار ۽ مٿي جو سُور. جڏهن ته سنگين
مسئلو دماغ ۽ مغزي ڏوريءَ جي سوزش به پيدا ڪري
سگهي ٿو. هيءَ بيماري پيدا ڪندڙ ايڊيز مڇر سڄي
اُتر آمريڪا ۾ ٿئي ٿو پر اتي هر سال ڪي چند ماڻهو
هن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿين ٿا.
10.
سنوشُو هيئر وائرس (Snowshoe
Hare Virus):
تي اهو نالو هڪ قسم جي سهي تان پيو آهي، جنهن جي
رت مان پهريون ڀيرو اهو وائرس لڌو ويو هو. جنهن
پهرين ماڻهوءَ ۾ اهو وائرس لڌو ويو هو اهو
1970ع
جي ڏهاڪي ۾ ڪئناڊا ۾ رهندو هو. هاڻ، اهو وائرس
آمريڪا ۾ به ٿئي ٿو! هن وائرس سبب مٿي جو سُور،
ڦيرِي، اُلٽي ۽ چمڙيءَ تي ڊِٻِڙَ ٿي پون ٿا. ورلي،
دماغ جي سوزش به پيدا ڪري ٿو. هن بيماريءَ جو
پکيڙيندڙ ايڊيز (Aedes)
مڇر سميت چچڙ به آهي.
***
نيوٽران اسٽار تڏهن ٺهندو آهي، جڏهن سج کان
ڪيترائي دفعا وڏو ستارو عمر جي
آخري حصي ۾ هڪ
ڌماڪي (سپرنووا
supernova)
۾ ڦاٽندو آهي ۽ سموري ستاري جو وزن ان جي
core
ڪور جي مٿان
collapse
ٿي ويندو آهي. (پوري ستاري جو وزن پنهنجي پاڻ تي
ئي ڪري پوڻ) ۽ لکين ڪلوميٽر ستارو صرف ڏهه ڪلوميٽر
وڃي بچندو آهي!
نيوٽران اسٽار تمام گهٽ هوندا آهن ۽ ڪنهن به
گيليڪسي ۾ ڪنهن به ستاري جي ايڊريس طور سڃاتا
ويندا آهن، مثال طور جڏهن وائيجر
1
۽
2
خلائي پروبس سولر سسٽم کان ٻاهر موڪليا ويا هيا ته
انهن تي سون جي پليٽ تي نه رڳو انساني شڪليون،
سندن
”ڊي.اين.اي“
جي جوڙ جڪ پر سج جي اسان جي ويجهي نيوٽران اسٽار
جي حساب سان ايڊريس پڻ ڏنل هئي، جيئن ڪي
”ايلِيَنس
ان اسپيس پِروبِ“
کي ڏسن ته انسانن جو ڏس پتو کين ملي وڃي!
نيوٽران اسٽار تي اهو نالو ان ڪري پيو جو اهو مڪمل
طور تي نيوٽرانس جو ئي ٺهيل هوندو آهي، جڏهن ته
زمين تي موجود هر شيءِ بنيادي طور تي ائٽمن جي
ٺهيل هوندي آهي ۽ ائٽم ٽن بنيادي ذرن تي مشتمل
آهي. يعني اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران.
نيوٽران اسٽار جي گهاٽائي
density
ڪائنات جي ڪنهن به شيءِ جي مقابلي ۾ اربين دفعا
وڌيڪ هوندي آهي.
جڏهن لکين ڪلوميٽر
”ڊايا
ميٽر“
وارو ستارو سمٽجي ڏهه ڪلوميٽر وڃي بيهندو آهي، ته
نيوٽران اسٽار کي اها
density
وڃي ملندي آهي!
گھاٽائي يا
density
ڇا آهي؟
اهو سمجهڻ لاءِ اوهان مختلف بالٽين ۾ پاڻي، ماکي،
لوهه، مٽي، واري، ڪاٺ، شيهو يا سيهو، هوا، سون ۽
پارو وجهو، پوءِ هر بالٽي جو الڳ الڳ وزن ڪيو.
ظاهر آهي ته هر بالٽيءَ جو الڳ وزن بيهندو، ان
باوجود ته مختلف بالٽين ۾ شين جو مقدار ساڳو آهي،
شيھي واري بالٽي سڀ کان ڳري هوندي پوءِ لوهه واري
۽ سڀ کان هلڪي بالٽي جنهن ۾ پاڻي هوندو ۽ ان کان
به هلڪي جنهن ۾ هوا کنيل آهي يا جيڪا خالي آهي، هن
ڊيگهه جو مطلب ته جنهن به مادي يا مٽيريل جا ائٽم
ڳتيل هوندا آهن، ان جي گهاٽائي وڌيڪ هوندي آهي.
هاڻي اچون ٿا دلچسپ، حيرت انگيز ڳالھه تي! ڇا
اوهان کي خبر آهي ته ائٽم نوانوي سيڪڙو خالي هوندو
آهي؟ يعني ائٽم ۾ موجود نيوڪليئس جي ٻاهران گردش
ڪندڙ اليڪٽران تمام گهڻي مفاصلي تي هوندو آهي،
هاڻي ائٽم ڪيترو ننڍو هوندو آهي اها ته اوهان کي
خبر هوندي، پر جيڪڏهن ائٽم فرض ڪريو ته ڏهه
ڪلوميٽر ويڪرو آهي، ته ان جو نيوڪليئس ڪرڪيٽ بال
جيترو هوندو ۽ جيڪڏهن اهو
”نيوڪليئس“
حيدرآباد ريلوي اسٽيشن وٽ رکيل آهي ته ان جا
اليڪٽران ڄام شوري جيتري پنڌ تي ان نيوڪليئس جي
چوڌاري گردش ڪندا، چوڻ جو مطلب ته هر ائٽم نوانوي
سيڪڙو خالي هوندو آهي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته
اسان ائٽم جا نه آهيون ٺهيل پر خالي اسپيس جا ٺهيل
آهيون!
نيوٽران اسٽار جي گهاٽائي ان ڪري ئي عام مٽيريل
کان اربين دفعا وڌيڪ هوندي آهي جو نيوٽران اسٽار
ائٽمن جو نه آهي ٺهيل هوندو پر
”نيوٽرانن“
جو ٺهيل هوندو آهي ۽ ان ۾ خالي اسپيس نه آهي هوندي
۽ نيوٽران جي مٿان نيوٽران پيل هوندو آهي.
سائنسدانن مطابق نيوٽران اسٽار جي مادي جو هڪ چمچي
جو وزن
9
ارب ڪلوگرام هوندو آهي.
***
زاهده
ڏاهري
شهدادپور
مِٽيءَ جا رانديڪا
اسان پنهنجي ننڍپڻ ۾ دڪانن تان رانديڪا خريد ڪري
نه سگهندا هئاسين. ان ڪري اسڪول مان واپس اچڻ کان
پوءِ پنهنجين سرتين سان گڏ ٻني مان يا ڳوٺ جي کڏ
مان مِٽي کڻي ان کي ڳوهي ان مان پنهنجي پسند جا
رانديڪا ٺاهيندا هئاسين. ان ۾ خاص طور تي کاڌي رڌڻ
جون شيون، ديڳڙيون، گلاس، پليٽ، وٽيون، چمچا، چلهه
۽ انهن ٿانون کي رکڻ لاءِ هڪ ڇٻي به ٺاهيندا
هئاسين ۽ انتظار ڪندا هئاسين ته ڪيڏي مهل رانديڪا
سُڪندا ته انهن سان کيڏنداسين. پوءِ ٻئي ڏينهن
جڏهن رانديڪا سڪي ويندا هئا ته اچي کڻندا هئاسين.
اتفاق سان ڪو رانديڪو ٽُٽي پوندو هو ته ڏاڍو ڏُک
ٿيندو هو ته ڪيڏي محنت ڪئيسين، پر اسان جو رانديڪو
ٽُٽي ويو اها خبر نه هئي ته مٽي جا ٺاهيل رانديڪا
ته جلدي ٽٽندا آهن. بس ٻاراڻي سوچ جو هوندي هئي.
ڇا ته ننڍپڻ هو! ڇا ته ڏينهڙا هئا. نه ڏُکن جي خبر
نه دردن جي خبر نه ڪا پريشاني هوندي هئي.
ڪاش موٽي اچي ننڍپڻ منهنجو
اها خوشي ۽ مُرڪڻ منهنجو
اهي خوبصورت مِٽيءَ جا رانديڪا
انهن رانديڪن سان کيڏڻ منهنجو
ڪاش موٽي اچي ننڍپڻ منهنجو.
|