اسدالله ٿهيم
جيڪب آباد
اُستاد
جو رهي اُستاد ٿي سو آ مٿي،
ڪونه پيشو اهڙو ٻيو ملندو ڪٿي.
ڪر ادب پيارا ٻچا اُستاد جو،
فيض ماڻيندين سدا اُستاد جو،
با ادب ٿي جو رهي اهڙو هجي.
جو اچي اسڪول ۾ هر روز ٿو،
۽ ڪري ٻارن سان محنت جو پيو،
رزق اهڙي جي ۾ ٿي برڪت پوي.
جي پرائن علم ٿا ننڍڙا وڏا،
سڀ ٻچا روحاني ٿيا اُستاد جا،
سهڻو گهرجي ٿو هلڻ اُستاد کي.
جو ڪندو ربّ کان ڊڄي ڊيوٽي ادا،
فرد اهڙو شاد رهندو پو سدا،
آ عبادت راهه جو اهڙي وٺي.
شان آ اُستاد جو ڪيڏو وڏو،
پيءُ جيجل ماءُ جي مٽ جيترو،
مرتبو استاد شل قائم رکي.
هر مهيني جنهن جي ملندي ٿي پگهار،
حق ادا اُجوري جو ڪر باشعار،
ڦل سٺو ان جو ادا ملندئي اُتي.
مون نصيحت شعر ۾ ان کي ڪئي،
سچ
”ٿهيم“
آ ڳالهه هي کولي چئي،
سمجهه وارو ويو
”اسد“
بازي کٽي.
***
عزيز احمد علوي
شڪارپور
پيارا ٻارو
پاڪ وطن جا پيارا ٻارو،
قوم سنڌيءَ جا پيارا ٻارو.
علم پڙهڻ اسڪول وڃو سڀ،
ڪين رُلو سهڻا ٻارو.
دنيا ۾ ننڍڙن جا ٿيو ڀل،
پاڻ ئي پاڻ سهارا ٻارو.
حال بڻايو ماضيءَ وانگر،
مستقبل جا موچارا ٻارو.
نيڪيءَ جا ڪم هر وقت ڪجو،
جڳ ۾ سوچ سگهارا ٻارو.
دين سچي سان اُلفت رکجو،
جيون ڀر دلدارا ٻارو.
ربّ کان نت گهرجي رحمّت،
برڪت پڻ سچ سارا ٻارو.
خوب ثواب
”عزيز“
ڪمايو،
سنڌ جا ڀاڳن وارا ٻارو.
عبدالجبار عاجز منگي
شڪارپور
وائي
ٻارن جي خوشحالي لاءِ،
سَڀ سوچِيون ۽ لوچِيُون.
بُک تي جيڪي تڙپن ٻار،
تن جي پيٽ ته خالي لاءِ،
سَڀ سوچِيون ۽ لوچِيُون.
ممتا جي جيئن، گود نه اُجڙي،
ٻارن جي رکواليءَ لاءِ،
سَڀ سوچِيون ۽ لوچِيُون.
هردم ٻارن جي مُنهن تي،
خوشحاليءَ جي لالِيءَ لاءِ،
سَڀ سوچِيون ۽ لوچِيُون.
ڏاڍُ جي ٻارن سان ڪن ٿا،
تن جي ڏيهه نيڪاليءَ لاءِ،
سَڀ سوچِيون ۽ لوچِيُون.
اچو ته گڏجي ٻارن جِي،
بهتر حالت مالِيءَ لاءِ،
سَڀ سوچِيون ۽ لوچِيُون.
رنگن ڀريون نِتِ خوشين جا،
جِيون جي چٽساليءَ لاءِ،
سَڀ سوچِيون ۽ لوچِيُون.
ٻارن جي حقن لاءِ پتوڙي،
”عاجز“
سنڌ جي واليءَ لاءِ.
سَڀ سوچِيون ۽ لوچِيُون.
***
شفيق عاصم منگي
شڪارپور
وطن سان نينهُن
وطنَ سان نِينھُن نِڀائيندا هلو،
ويرانن ۾ گُل ڦُل ٽِڙائيندا هلو.
ڪِينُو ڪُلفت ڪُوڙ ڪَدورت،
سِرُ سڀني جو نِوائيندا هلو.
اُوچِ ۽ نِيچَ جو فَرقُ مِٽائي،
نفرت جا ڪَڪَر هَٽائيندا هلو.
چاهُه عِلم سان رکي پنهنجو،
اَوجُ عُروجُ پِرائيندا هلو.
سَهي سختيون سِرُ تي ساريُون،
هَر راههَ تي مُسڪرائيندا هلو.
نه رهندا
”عاصم“
ڏاڍَ ۽ ڏَهڪاءُ،
ظلم جي هَر ديوار ڊاهيندا هلو.
اظهر آزاد مغل
شڪارپور
وائِي
لکي پڙهي محنت ڪري،
جڳ ۾ ڪو نالو ڪمايون،
محنت سان ڪا منزل ماڻيون.
وطن جي وارثي ڪري،
مِٽيءَ جي ٿڃ ملهايون،
محنت سان ڪا منزل ماڻيون.
ڪوڙ سان اُلجهي ڪري،
سچ سان ساٿ نڀايون،
محنت سان ڪا منزل ماڻيون.
وقت تي اسڪول وڃي ڪري،
ڪو پيرڊ ڪونه گُسايون،
محنت سان ڪا منزل ماڻيون.
پڙهائي تي خوب ڌيان ڌري،
مقابلن ۾ پاڻ مڃرايون،
محنت سان ڪا منزل ماڻيون.
جڳ ۾ جهد ۽ جاکوڙ ڪري،
سنڌ جي سڳنڌ وڌايون،
محنت سان ڪا منزل ماڻيون.
جت ڪٿ علم کي عام ڪري،
قوم سڀئي ته جاڳايون،
محنت سان ڪا منزل ماڻيون.
وقت جو سدا قدر ڪري،
قوم جي جذبن کي جاڳايون،
محنت سان ڪا منزل ماڻيون.
سپنن جي ساڀيان ڪري،
ديس جي سونهن وڌايون،
محنت سان ڪا منزل ماڻيون.
مهر فقير
ڪراچي
غزل
مون کي اسڪول ۾ پڙهاءِ ابا،
جواهرن سان ائين جُڙاءِ ابا.
ڪوڏر ڪهاڙي زراعت ضروري،
علم ريءَ نه صِليب ٽَنگاءِ ابا.
علم انسان جي ٽين اک آهي،
سوچ خود کي سمجهاءِ ابا.
نوڪري نه پر ڄاڻ گهرجي،
ائين چڱي ناهي اونداهه ابا.
آهي علم ڪندو عالم اڪابر،
جهالت منجهه نه ڪڙهاءِ ابا.
چوي ٿو
”مهر
فقير“
علم پرايو،
ها هل تون ڀي علم پراءِ ابا.
***
قاصر اياز ميمڻ
ڪنري/عمرڪوٽ
غزل
اچو ٻارو مِڙو ڪريون ڪي ويچار،
لکڻ پڙهڻ جي عام ڪريون پرچار.
علم پرائي پنهنجي سمجهه وڌايون،
ديس جي سوڀيا جي ڪيون سنڀار.
وڏڙن جي پراڻي پريت جياريون،
ڪريون ٻڌي امن جو پيغام نروار.
علم عقل فهم سان حاصل سڀئي،
محنت ڪري اڳتي وڌون گڏجي يار.
سُستي مان ڪا سَرسِي ناهي ملڻي،
محنت سان آهي ٿيندي راھ گلزار.
روشن مستقبل بڻايون پنهنجو ٻارو،
لکي پڙهي سڀ بڻجي وڃون هوشيار.
بُلندي تي پهچڻ جو رکي رڌم جاري،
منزل جا متلاشي ٿيون سڀئي ٻار.
جهالت جي راڄ ۾ علم جا ڏيئا ٻاري،
ڪريون روشن تنهن کي هڪ وار.
زماني جون رڪاوٽون ڀڃي
”قاصر“
سڀ ڌڪي ڪريون پڙهڻ جي پچار. |