[7]
سيوا ڪَرِ سُبحانَ جِي، جِتِ جَرُ وَهي ٿو جَال
سَوين وَهَنِ سَمُونڊرَ ۾، مَاڻِڪَ موتي لالَ
جي ماسو مِليئِي مالُ، ته پُونجِيارا پُرُ ٿِئين.
سمجهاڻي:
(تون صرف) الله سبحانھ تعالى جي بندگي ۽ ٻانهپ ڪر
(توکي خبر آهي صرف) سمنڊ جي اندر ڪيترن ئي قسمن جا
ماڻڪ موتي پيا آهن، جيڪڏهن انهيءَ مال مان توکي
ٿورڙو حصو به ملي وڃي ته اي ٿورڙي موڙيءَ وارا
(سيٺ) تون پڻ مالا مال ٿي ويندين.
[8]
سيوا ڪَرِ سَمُونڊَر جِي، جِتِ اَگُوچَرُ آهي
لَکين واڻَ لَطِيفُ چَئي ٿو نِيڍُو نَمائي
ٻَڌِي اولِي عاجَ جِي، وَڃُ چِٺِي چَلائي
نَظَرَ هيٺ نَبِيءَ جِي هيجان هَلائي
ته مُهرِي مَٿائي، تو سَڄيائِي مَعافُ ٿِئي.
سمجهاڻي:
تون سمنڊ جو سفر ۽ وڻج واپار ڪر، توڻي جو اُتي وڏو
گهڻو اونهو پاڻي آهي (جنهن جو انت ناهي).
عبداللطيف چوي ٿو ننڍوءَ جي نار ۾ وڏا وڏا ٻيڙا
اڳتي هلڻ کان عاجز ٿي پون ٿا، پر تون عاج سان
جُڙيل ڳن مٿان (خاص دعا وارو) ورق (تعويذ) ٻڌي
ڇڏجانءِ ۽ دل ۾ نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جي
سچي محبت رکي ٻيڙيءَ کي اڳتي هلائيندو هلجانءِ
(اُميد آهي ته) تو مٿان سڀ (ڳرا توڻي هلڪا) محصول
معاف ٿي ويندا.
[9]
سيوا ڪَر سَمُونڊَر جِي جِتي لَهرِ ڌَڪاءِ
”اِنّمَا
يُوَفِي الصّابِرُونِ“
اِيءُ ٻيڙِيءَ ٻَنڌَڻُ پاءِ
ته سامُونڊرِي سَندياءِ، ڪَنين مَندِي نه سُڻيان.
سمجهاڻي:
تون سمنڊ جو سفر اختيار ڪر، توڻي جو (سمنڊ جي) هر
ڇولي ٻيڙن کي ڌڪن مٿان ڌڪ پئي هڻي (ٻيڙا هر وقت
خطري ۾ آهن). قرآن جي آيت
’الله
صبر وارن جو واهر ٿو ڪري‘،
مطابق پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ اهو (پڙهيل) ڌاڳو (تعويذ)
ٻڌ. اي سمنڊ جا مسافر (ڪڏهن تون ائين ڪندين) تڏهن
ڪنهن جي ڪنن تائين تنهنجي لاءِ ڪا خراب خبر نه
ايندي! (تون هر مصيبت کان محفوظ رهندين.)
شاهه جو رسالو
]سُر سري راڳ- داستان پهريون. محقق: ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[
غلام محمد غازي
شڪارپور
حمّد
تنهنجا رنگ نيارا،
خالق تنهنجا رنگ نيارا.
برَ ٿَر ۾ ٿو مِينهن وسائين،
پاڻيءَ سان ٿو پوک پچائين،
تنهنجي آ سنڌو ڌارا،
تنهنجا رنگ نيارا.
ڪن کي تخت ۽ تاج ڏئين ٿو،
ساڻي سڀ ڪنهن ساڻ ٿئين ٿو.
پرور منهنجا پيارا
تنهنجا رنگ نيارا.
ڌرتي گُل ڦُل کلائين،
دريائن مان واهه وهائين،
عرش منجهان وسڪارا،
تنهنجا رنگ نيارا.
ڪنهن هنڌ پَوَن پيا لابارا،
ڪنهن هنڌ پوکن پيا ٻيجارا،
اَنتَ سندا انبارا،
تنهنجا رنگ نيارا.
راتيان تارا چنڊ چمڪائين،
ڏينهان روشن سج ڏيکارين،
تنهنجا ڪرم قرارا،
تنهنجا رنگ نيارا.
بُکيو ڪنهن کي ڪِين رهائين،
سڀ کي رازق رزق رسائين،
تنهنجا عجب اشارا،
تنهنجا رنگ نيارا.
محمد ياسين ڪنڀر
سلطانپور/پنو عاقل
نعت
محمّد جي صدقي ھوائون گُھلن ٿيون،
خدا جون اسان تي عطائون ٿين ٿيون.
نه ليکا ڪري ٿو، خُدا ڏي ٿو اڻ کُٽَ،
وري معاف ڪن جون سزائون ٿين ٿيون.
ڀلائي ڪئي مصطفى اُمتين سان،
محمّد جون اعلى وفائون ھجن ٿيون.
نبيءَ جي مُقدس محبت ۾ ڪيئي،
ختم ڏُک ٿين ٿا بلائون ٽَرَن ٿيون.
ٿيا سِج چنڊُ روشن ستارا ٿا ٽِمڪن،
مشالا ٻَرَن ڪھڪشائون ٻَرَن ٿيون.
ھي صبرُ وَ تحمل مليو ان جي صدقي،
ختم ٿي دنيا مان اَنائُون وڃن ٿيون.
محمّد جو
”ياسين“
دربان ٿيان مان،
ڌڻيءَ در اھي ئي صدائون ھجن ٿيون.
گوهر سنڌي
شڪارپور
موهين دڙي جي ٻُڌو ڪهاڻي!
موهين دڙو اهڃاڻ سنڌ جو،
اجرڪ، پٽڪو پهراڻ سنڌ جو،
موجن ۾ رهي مهراڻ سنڌ جو،
هرهڪ سنڌي سڄاڻ سنڌ جو،
موهين دڙي جي ٻڌو ڪهاڻي،
اِها آ، ٻارو ڌرتي اباڻي.
صدين جي آ تهذيب پراڻي،
ست هزارن کان آهي شهاڻي،
قوم جنهن جي ڏاڍي سياڻي،
دنيا ۾ جنهن آ مشهوري ماڻي،
موهين دڙي جي ٻڌو ڪهاڻي،
اِها آ، ٻارو ڌرتي اباڻي.
انگريزن جڏهن کوٽائي ڪئي،
تاريخ صدين جي ظاهر آ ٿي،
نڪتا هار ۽ مورتيون، مجسما،
مُهرون، زيور، ٿانوَ ٺڪر جا،
موهين دڙي جي ٻڌو ڪهاڻي،
اِها آ، ٻارو ڌرتي اباڻي.
پڪن سِرن جون جايون جُڙيل،
سڌريل ملڪن جيان اڏيل،
”ناچڻي“
جو هڪڙو محل به هو،
”ڪنگ
پرئيسٽ“
بادشاهه هن جو،
موهين دڙي جي ٻڌو ڪهاڻي،
اِها آ، ٻارو ڌرتي اباڻي.
کوهه، ناليون ۽ حوض ٺهيل ها،
غسل خانه ۽ بورچي خانه هئا،
سُڌريل هئا هي ڏاڍا سياڻا،
موهين دڙي جي ٻُڌو ڪهاڻي،
اِها آ، ٻارو ڌرتي اباڻي.
ڊگهيون ڳليون هن ڏسڻ جهڙيون،
اڄ به آهن گهمڻ جهڙيون،
هٿيارن سوا اناج مليا،
سون ۽ سِڪن جا تاج مليا،
موهين دڙي جي ٻُڌو ڪهاڻي،
اِها آ، ٻارو ڌرتي اباڻي.
ڦيٿو هنن ئي ايجاد ڪيو،
شاندار تهذيب کي آباد ڪيو،
سڀ عورتون مرد مٿير هئا،
داناءُ دلبر هي دلير هئا،
موهين دڙي جي ٻُڌو ڪهاڻي،
اِها آ، ٻارو ڌرتي اباڻي.
موهين دڙي ۾ ميوزم ٺهيل،
تاريخي شيون تنهن ۾ رکيل،
”گوهر“
ٿو سنڌ جي تاريخ ٻُڌائي،
ٻارن کي ٿو اهو سچ سُڻائي،
موهين دڙي جي ٻُڌو ڪهاڻي،
اِها آ، ٻارو ڌرتي اباڻي.
***
ارباب علي
”عادل“
چوهاڻ
شڪارپور
علم
علم هڪ سوجهرو سگهارو آ،
نور نرمل سندو نظارو آ.
جو پڙهيو سو سڏيو ويو عالم،
علم وارو ئي شانُ وارو آ.
مانُ محفل ۾ کيس ملندو آ،
هڪ پڙهيل سڀ لئه جيءُ جيارو آ.
اڻ پڙهه جو مثال انڌن جهڙو،
پر پڙهيل تن ۾ ناميارو آ.
اُٺ ڪتابن جا پڻ پڙهي وٺندو،
پوءِ به لڳندو اڃا اُڃارو آ.
علم جي سچ وڏي فضيلت آ،
هن کي حاصل ڪندڙ ڀلارو آ.
راهه تن کي سنئين سِڌي مِلندي،
علم جو ورتو جن به چارو آ.
هر جڳهه روشني نرالي ٿي،
علم آندو سدا سڌارو آ.
داد
”عادل“
کي ڀل ڏيو سارا،
جنهن لکيو هي نظم نيارو آ.
ناشاد شوڪت شنباڻي
ڪوٽڏجي
پوپٽ
پوپٽ گُل کي ڏسندو آهي،
هر هر تنهن تي ڦِرندو آهي.
باغيچي ۾ پوپٽَ آهن،
ڪيڏا هو ٿا گُل کي چاهِن.
ٻار ڏسي ٿو هڪڙو پوپٽ،
اُڏري ٿو ڏس تڪڙو پوپٽ.
پوپٽ پويان ٻار ڊُڪي ٿو،
پوپٽ ڪيڏو تيز لِڪي ٿو.
پوپٽ هردم گُل کي چاهي،
پوپٽ ڪيڏو پيارو آهي.
پوپٽ جڳ ۾ جَرڪي ٿو پيو،
ٻار ڏسي ڄڻ مُرڪي ٿو پيو!
***
ياسين آرائين
ڦلجي اسٽيشن/دادو
چوسٽا
پنهنجن ٻارڙن کي پڙهايو،
پڙهائي لِکائي وڏو بڻايو،
علم ته آهي اهڙي دولت،
جنهن کي نه آ، چور چورايو.
اچو ته ننڍڙا لغڙ اُڏايون،
گيت خوشي جا گڏجي ڳايون،
راند ڪرڻ ۾ آهي ورزش،
پيار جو ناتو، توڙ نڀايون.
ٽيڙُو
کـــــــڻ ڪـــــــتـــــــاب،
ديــــــــر نـــــــه ڪـــــــر،
ويهي ڪـــــــر حساب.
امـــــــڙ ڏِنـــــــي لولـــــــي،
جنهن جي ڪري مان،
ٻوليان ويٺو ٻولي سولي. |