چونڊ: فدا حسين کوسو
ڄام شورو
قرآن پاڪ جي دلچسپ معلومات
سيپارا30
سجدا
14
منزل
7
سورتون
114
مڪي سورتون
86
مدني سورتون
28
رڪوع
540
آيتون
6666
حرف
323760
زبر
53243
زير
53343
پيش
8804
مد1771
شد
1243
نقطه
105681
الف
48872
ب
11228
ت
1199
ث
1276
ج
3273
ز
1590
س
5891
ش
2253
ص
2013
ض1607
ط
1274
ظ
842
ع
92200
غ
2208
ف
8499
ق
6813
ک
9522
ل
3432
م
26535
ن
26560
و
2556
هه
1907
لا
3720
ء
4115
ي
25919.
***
سرمد عباسي
(قسط: چوٿين)
خانواهڻ
چاڪليٽ
ڪجهه دير کان پوءِ رسيس جو وقت به ختم ٿي ويو.
انَ وچَ ۾ ڪنھن به اھو نه ڏٺو ته
چاڪليٽ بدليءَ
وارو ڪاغذ پنھنجي ٿيلهي ۾ کڻي اسڪول مان
نڪري ويو ھو.
چاڪليٽ، عام ڇيلن کان ڪجهه جدا ھو. مالڪ سائينءَ
ھنَ کي اھڙو ٺاھيو ھو، جو ايئن لڳندو ھو، ڄڻ ھُو
جيڪو ڪجهه به ڏسي ٿو سو سمجهي به ٿو. ھنَ جون
حرڪتون ڏسڻَ وارن کي حيران ڪري ڇڏينديون ھيون.
ھُو استاد محمد عامر جي ڪلاس ۾
ويھندو ھو ۽ استاد سان ڏاڍو ھِريل به ھو. جيئن
ٻارَ استاد کي ڀائيندا ھئا، تيئن چاڪليٽ به استاد
محمد عامر کي ڏاڍو ڀائيندو ھو. تڏھن ئي ته اڄ
ھيڊماستر ۽ ٻين استادن جي مُنھن ۽ ڳالهائڻ مان ھو
سمجهي ويو ھو، ته ان ڪاغذ جي ڪري سندس استاد ھن
اسڪول مان ھليو ويندو ۽ رڳو شڪيل صاحب ئي ان ڳالهه
کي روڪي سگهي ٿو. شايد انَ ڪري ئي چاڪليٽ بدليءَ
وارو حڪم نامو کڻي نڪري پيو ھو.
اسڪول مان نڪرندي ئي چاڪليٽ
تڪڙو
تڪڙو روڊ ڏانھن ھلڻ لڳو. اھو روڊ اتر پاسي موريءَ
وٽ ان وڏي روڊَ سان وڃي ملندو ھو، جيڪو سِڌو تعلقي
واري شھر ويندو ھو.
”اڙي
ڪيڏانھن ٿو ڀَڄين چاڪليٽ.
ھل اسڪول.“
اسڪول ۾ پنجون درجو
پڙھندڙ مسرور ھن کي ڪنڌ کان جهليندي چيو. مسرور ھڪ حرڪتي ۽ ڏنگو ٻار ھو ۽ چاڪليٽ کي
ھر وقت تپائيندو رھندو ھو. چاڪليٽ مسرور ۽ سندس
دوستن فراز ۽ اسرار کان پري رھندو ھو. اھي
ٽئي ھن کي ڏاڍو تنگ ڪندا ھئا.
”ٻي...“چاڪليٽ
دانھن ڪئي ۽ سٽَ ڏيندي پنھنجو ڪنڌُ ڇڏائي، موريءَ
ڏانھن ڊُڪڻ شروع ڪيو. چڱو اڳتي پھچي ھن ڪنڌُ ورائي
ڏٺو ته مسرور کيس ڏسڻ ۾ نه آيو.
چاڪليٽ مامي عزيز الله جي ٻنيءَ وٽان لنگهيو ته کيس مامو ڏسڻ ۾ آيو.
جيڪو پنھنجي
ڪڻڪ جي سنڀال ڪري رھيو ھو. چاڪليٽ چڱي دير
تائين اتي بيھي مامي ڏانھن نھاريندو رھيو. مامي ھن
کي ڪو نه ڏٺو ھو، نه ته کيس اسڪول بدران رُلندو
ڏسي ضرور دڙڪو ڏئي ھا. نيٺ ھُو ڪنڌ ھيٺ ڪري ھلڻَ
لڳو ۽ موريءَ وٽ پھچي ويو.
موريءَ واري اسٽاپ تي ان مھل رڳو ھڪ پيرسن ماڻهو
پنھنجي ٻڪريءَ سوڌو بيٺو ھو. چاڪليٽ به ٻڪريءَ جي
ڀرسان بيھي رھيو. ٻڪريءَ کي پُٺيءَ ۾ ڦَٽُ ھو ۽ ان
۾ جيت به پئجي ويا ھئا. سندس پيرسن
مالڪ کيس شھر جي وڏي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ وٺي وڃي رھيو ھو. ٻڪريءَ
چاڪليٽ ڏانھن نھاريو ۽
”ٻي“
جو آواز ڪڍي ڄڻ ته
کيس پنھنجي تڪليف ٻڌايائين. چاڪليٽ به پھرين ھن کي سِنگهيو ۽ پوءِ
ٻڪريءَ جي ڳچيءَ تي پنھنجو مُنھن رڳڙي ڄڻ ته کيس
آٿت ڏنائين ته،
”ڳڻتي
نه ڪر، تون جلد ٺيڪ ٿي ويندينءَ.“
پيرسن ماڻهو ماٺ ڪيون بيٺو رھيو.
جلد ئي ماڻهن سان ڀريل ھڪ سوزوڪي اچي پھتي.
”اميرَپُور...
اَميرَپُور“
سوزوڪيءَ جو
ڪلينر وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو. اھو ئي تعلقي واري شھر
جو نالو ھو.
چاڪليٽ ڪلينر ڏانھن ڏسڻ لڳو.
”چاچا
تون ھلندين؟“ڪلينرَ،
پيرسن کان پڇيو.
”ھا
ابا. اميرپور...“
پيرسن ماڻهوءَ وراڻيو.
”چاچا
تون گاڏيءَ ۾ ويهه. ھنن کي مان ڇت تي ٿو ھٿيڪو
ڪيان.“
ڪلينر چيو.
”ابا
ٻڪريءَ کي پُٺيءَ ۾ ڦٽُ آھي.خيال ڪجانس.“پيرسن
ماڻهوءَ چيو.
”چاچا
ڳڻتي نه ڪر.مان به ڇت تي ئي ويھندس.“
ڪلينر چيو.
پيرسن ماڻهو سوزوڪيءَ ۾ اندر ٿي ويٺو.
ڪلينر اڳتي وڌي، پنھنجو مٿو
ٻڪريءَ جي پيٽَ ھيٺان ٽَپايو ۽ ٻڪريءَ کي پنھنجي
ڪنڌَ تي کڻي ورتو.
”ٻي...“
چاڪليٽ دانھن ڪئي.
”تون
اتي ئي ترس. ھنَ کي ھٿيڪو
ڪيان ته پوءِ تو کي به چاڙھيان ٿو.“
ڪلينر ٻڪريءَ جون ڄنگهون سُڪَ ڪري پڪڙيندي چيو ۽
سوزوڪيءَ جي پاسي کان پير رکندو مٿي چڙھي ٻڪريءَ
کي ڇت تي ويھاري ڇڏيو.
ڪلينر ھيٺ لھي چاڪليٽ کي ھنج ۾ کنيو ۽ پاڻ به ڇت
تي چڙھي ويھي رھيو. ھُو،چاڪليٽ کي به پيرسن
ماڻهوءَ جو ڇيلو سمجهي رھيو ھو.
”ڊبل
اي... ڊبل اي...“
ڪلينر،
سوزوڪيءَ تي ڌَڪُ ھڻندي ڏاڍيان رڙ ڪئي.
سوزوڪي روڊ تي ڊُڪڻ لڳي. ڪلينر، ڪلهي تي رکيل لوئي
چڱي نموني پنھنجي
بُتَ تي ويڙھي
ڇڏي. جڏھن ته چاڪليٽ، ٻڪريءَ جي مُنھن سان
پنھنجو مُنھن گڏائي ويھي رھيو.
سوزوڪي، جدا جدا ھنڌن تان مسافر کڻندي ۽ لاھيندي
اڌ ڪلاڪ کن ۾ اميرپور پھچي وئي.
شھر جي وڏي
بازار ڏانھن ويندڙ ويڪري گهٽيءَ جي مُنڍَ
تي ڊرائيور سوزوڪي بيھاري
ڇڏي. اتان ئي
اڌ ڪلاڪ کان پوءِ سوزوڪيءَ جي واپسي ھئي.
گهٽيءَ جي
ٻنهي پاسن کان وڏا وڏا دڪان ھئا. جن آڏو
ريڙھن تي پڻ ڪجهه ماڻهو ضرورت جون شيون کپائي
رھيا ھئا. گهٽيءَ جي مُھڙ ۾ ئي سگريٽن جي مانڊڻي
به ھئي. اُتي ھڪ ٽيھن ورھين جو ھمراهه سگريٽ پي
رھيو ھو.
”بخشل...
او بخشل. ٻڪريءَ کي ھيٺ
لاھڻ ۾ مدد ته
ڪر. پُٺيءَ ۾ ڦٽُ اٿس. ھلي آ.“
ڪلينر، سگريٽ پيئندڙ ھمراهه کي سڏيندي چيو. بخشل
سندس واقف ھو.
بخشل، ڪلينر جي ڳالهه ٻُڌي سگريٽ جو ھڪ وڏو ڪش
ھنيو ۽ سندس مدد ڪرڻ بدران مانڊڻيءَ جي ٻي ڀر ھليو
ويو.
”وڏو
ٽوٽِي آھين ٺَڳَ.“
ڪلينر ڪاوڙ وچان چيو ۽ پنھنجي سوزوڪيءَ مان لھندڙ
ھڪ ڇوڪري کي مدد لاءِ چيائين.
چاڪليٽ به اُٿي بيٺو ۽ ھيڏانھن
ھوڏانھن ڏسڻ لڳو. ھيءَ دنيا سندس لاءِ نئين ھئي.
ھو ڳوٺ کان پري ڪڏھن به ڪو نه ويو ھو. ماڻهن جي
رَشِ ۽ ننڍين وڏين گاڏين جي اچ وڃ ھن لاءِ نئين
ڳالهه ھئي. ھو وائڙو ٿي ويو ھو. ڪيترو به سياڻو
ھو، پر کيس ايترو عقل ڪو نه ھو، جو تعليم کاتي جي
صاحب جي آفيس تائين پھچي سگهي.
ٻڪريءَ کان پوءِ ڪلينر چاڪليٽ
کي به لاٿو ۽ رھيل ماڻهن کان ڪرايو وٺڻَ لڳو.
پيرسن ماڻهوءَ پنھنجي ٻڪريءَ جي رسي جهلي ۽ ھڪ
پاسي ھلڻ لڳو. چاڪليٽ ٻه ٽي وکون انهن جي ڪڍ لڳو.
پوءِ وري بيھي رھيو. ڪجهه گهڙين تائين ٻڪريءَ
ڏانھن نھارڻ کان پوءِ ھن ڪنڌُ ورائي پٺتي ڏٺو ۽
نيٺ مانڊڻيءَ وٽان ٿيندو اڳتي وڌڻ لڳو. مانڊڻيءَ
وٽ بيٺل بخشل چِتائي ھن ڏانھن نھاري رھيو ھو.
بخشل جو اصل نالو ته محمد بخش ھو، پر ڄاڻ سڃاڻ
وارا کيس بخشل سڏيندا ھئا. بخشل ھڪ ٺڳ قسم جو
ماڻهو ھو. جنھن جو ڪم پرائي پئسي تي جُئا کيڏڻ ۽
نشو ڪرڻ ھو. ٻارھن درجا پڙھڻ کان پوءِ به ھُو، نه
ڪا نوڪري ڪندو ھو، نه ئي وري مزدوري. سڄو ڏينھن
پرائي کيسي ۾ دِيدَ ھوندي ھئس.
ھنَ يڪو پئي چاڪليٽ کي ڏٺو. پھرين ته ھو سمجهيو ته
اھو ڇيلو (چاڪليٽ) به ٻڪريءَ واري پيرسن جو آھي.
پر جڏھن ڇيلي کي موٽندي ۽ ٻڪريءَ واري پيرسن کي
اڳتي ويندو ڏٺائين ته، ھو سمجهي ويو ته
ڇيلي سان گڏ
ڪير به ناھي ۽ پڪَ سان ڇيلو ڪنھن جي گهران
نڪري آيو آھي.
بخشل،ڇيلي جي پٺيان ھلڻ لڳو.
چاڪليٽ ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريندو اڳتي وڃي رھيو
ھو. جڏھن ته بخشل ھن جي پٺيان ايئن ھلڻ لڳو ڄڻ ته
ڇيلو ھن جو ئي ھجي. ھنَ پنھنجي ڪلهي تي رکيل وڏو
رومال به لاھي ھٿ ۾ جهلي ڇڏيو ۽ موقعو ڳولڻ لڳو
ته، جيئن ڇيلي کي کڻي قابو ڪري سگهي.
ھلندي ھلندي چاڪليٽ جي نظرَ ھڪ ريڙھي ھيٺان ڪيلي
جي کَلُن تي پئي. ڪيلي جون کَلون ڏسي چاڪليٽ جي
بُک جاڳي پئي. ھُو تڪڙ ۾ اڳتي وڌيو ۽ ريڙھي ھيٺان
گهڙي کلون کائڻ لڳو. بخشل کي، ڇيلي تي قبضو ڪرڻ جو
اھو موقعو صحيح لڳو.
”اڙي
ڀولا ايڏانھن ڪاڏي. سڌو ٿي ھلُ.“
بخشل ڏاڍيان آواز ۾ ھَڪلَ ڏيندي چيو ته، جيئن ٻيا
ماڻهو به ٻُڌن. انَ سان گڏ ئي ھُو جهڪيو ۽ چاڪليٽ
کي پوئين ڄنگهن کان پڪڙي پاڻَ ڏانھن ڇِڪڻَ لڳو.
”ٻي...ٻي“
چاڪليٽ دانھن ڪئي، پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ زور ڏيڻ لڳو،
پر بخشل کيس ڇڪي ريڙھي ھيٺان ڪڍيو ۽ پنھنجو رومالُ
ھنَ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيائين.رومال جو ٻيو
مُنڍ پنھنجي
ھٿ ۾ سُڪَ ڪري ھن چاڪليٽ کي گهلڻ شروع ڪيو.
”او
ادا... ڀَلوڙ ڇيلو اٿئي. خيال
ڪرينس ته ڪنھن گاڏيءَ ھيٺان نه اچي وڃي.“
ريڙھي واري بخشل کي چيو.
”ھائو
ادا.“
بخشل پنھنجا ڦِڪا ڏند ڪڍي مُرڪندي وراڻيو ۽ چاڪليٽ
کي ٻارن وانگر ھنج ۾ کڻي ورتو. ھاڻي بخشل، چاڪليٽ
کي پنھنجي سيني سان لڳائي، ان پاسي ھلڻ لڳو، جتي
کيس سولائيءَ سان پنھنجي ڳوٺ لاءِ ڪرائي تي
موٽرسائيڪل ملي وڃي ھا. چاڪليٽ ٻيڪاٽ ڪندو پاڻ کي
ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو، پر ڇڏائي نه سگهيو.
جلد ئي بخشل
کي ڳوٺ لاءِ موٽرسائيڪل ملي وئي ۽ ھُو
چاڪليٽ سوڌو ڳوٺ ڏانھن روانو ٿي ويو.
(هلندڙ.....)
ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ
حيدرآباد
صحبت پور ۽ صاحبه
پيارا ٻارؤ! علم وڏي طاقت آهي. علم انسان کي سوچ ۽
ويچار سان گڏ جيئڻ جو سليقو سيکاري ۽ سمجهه وڌائي
ٿو. هتي آءٌ توهان سان هڪ واقعو بيان ڪري رهي
آهيان، جو اميد ته هن ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ توهان کي
پسند ايندو. ڳوٺ صحبتپور شهر کان گهڻي مفاصلي تي
غريبن جو هڪ سادو ڳوٺ هو. جنهن جي ڪل آبادي فقط
22
گهرن تي مشتمل هئي، ڳوٺ جي ماڻهن وٽ
نه ڪا اسپتال
۽ نه ئي ڪا علاج جي سهوليت هئي، جيڪي به
بيمار ٿيندا هئا، ته پاڻ ئي ڪنهن نه ڪنهن ڏسَ پَتي
سان ديسي علاج ڪندا هئا. پوءِ يا ته مريض شفاياب
ٿي ويندو هو يا فوت ٿي ويندو هو. هن ڳوٺ ۾ نه هئي
گئس، نه پاڻي، نه بجلي! ڪا به سهولت نه هئي. وڏا
جبل ۽ انهن جي هڪ پاسي کان هڪ خوبصورت ندي، جنهن
جو صاف پاڻي ڳوٺ وارن جي پاڻيءَ جي ضرورت لاءِ
پورو ٿي ويندو هو. انهيءَ ڳوٺ ۾ هڪ ننڍي پياري
ذهين نينگري صاحبه نالي سان پنهنجي امڙ سان گڏ
رهندي هئي. هوءَ ٻن سالن جي هئي ته سندس والد وفات
ڪري ويو ۽ ماءُ هن
نينگريءَ
جي پرورش همت ۽ پيار سان ڪئي. صحبتپور ۾ ڪو به
اسڪول ڪو نه هو ۽ نه ئي ڪنهن اسڪول يا پڙهائيءَ جو
ڪو تصور به هو، ٻن ٽن سالن کان هتي هڪ پوڙهو ماستر
الائي ڪهڙيءَ ريت اچي رهيو ۽ کيس هن گوڙ ۽ شور کان
پري واري پرسڪون ڳوٺ ۾ راحت اچي وئي ۽ هميشه لاءِ
هتي رهڻ جو سوچيائين. ڳوٺ وارا کيس ماستر صاحب
چوندا هئا. اصل نالي يوسف سان ته ڪير کيس سڏيندو
ئي ڪو نه هو. هن واندي ويهڻ کان بهتر سمجهيو ته
ڳوٺ صحبت پور
جي ٻارن کي علم جي روشنيءَ سان منور ڪري، پر ڳوٺ
وارن جي نظر ۾
”اسين
پنهنجي ٻارن کي پڙهائي ڇا ڪنداسين؟“
پڙهڻ جو ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ اهو سوچي هنن ماستر وٽ
پنهنجا ٻار ڪو نه موڪليا. صاحبه جي ماءُ
قمرالنساءِ کي ايترو سو
شوق ضرور هو ته سندس نياڻي ڪجهه نه ڪجهه
پڙهي ۽ خط پٽ لکڻ جي قابل ٿئي يا ڪجهه حساب ڪتاب
ڪري سگهي. هڪ ڏينهن هوءَ صاحبه کي ماستر يوسف وٽ
وٺي وئي ۽ کيس ايترو ئي چيائين ته، ماستر صاحب
آئون چاهيان ٿي ته توهين منهنجي ڌيءَ صاحبه کي
پڙهڻ لکڻ سيکاريو. ماستر گهٽ ڳالهائو ۽ پنهنجي ڪم
سان ڪم رکڻ وارو ڪجهه وڏيءَ عمر جو سنجيده طبيعت
ماڻهو هو، ايترو ئي جواب ڏنائين،
”ها!
آئون پڙهائيندس.“
صاحبه جي ماءُ مطمئن ٿي ويئي، ٻئي ڏينهن کان صاحبه
ماستر يوسف جي گهر پڙهڻ لڳي، هن پنهنجي سامان مان
ڪتاب، ڪاغذ ۽ پينسلون ڪڍيون. کيس لفظن جي ۽ انگن
جي سڃاڻپ ڏيڻ شروع ڪيائين. ٻن سالن ۾ صاحبه سنڌي
لکڻ پڙهڻ ۽ انگريزيءَ جا لفظ سڃاڻڻ لڳي. کيس
انساني جسم جي عضون گلن، ميون ۽ جانورن جا نالا
سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ياد ٿي ويا. ماستر کيس ٻڌايو
ته ڪهڙا کاتا ڪهڙو ڪم ڪندا آهن؟ پوسٽ جي کاتي جو
ڪهڙو ڪم آهي؟ پوليس ۽ فوج جو ڪهڙو ڪم آهي؟ انهن جي
حوالي ڇاڇا ذميداريون آهن. اخبارون ۽ رسالا ڪهڙو
ڪردار ادا ڪن ٿا. سماج ۾ ڇا وهي واپري ٿو ۽ ٻي
دنيا جي ڪافي معلومات ڏنائين. ان ريت صاحبه
ڪيتريون شيون پنهنجي ذهن جي خزاني ۾ محفوظ ڪري
ڇڏيون. هوءَ وڌيڪ کان وڌيڪ علم حاصل ڪندي ويئي. هڪ
ڏينهن هن ڇا ڪيو، جو بلو رنگ کڻي ڳوٺ صحبت پور جي
رئيس ڪريم بخش جو نالو سندس گهر جي ڀت تي وڏن اکرن
سان لکيو ۽ گڏ سهڻا گل ٺاهيائين. ٿوريءَ دير ۾
رئيس ڪريم بخش ۽ ٻيا ماڻهو اچي اتي بيٺا. رئيس
تمام گهڻو خوش ٿيو. هُن چيو ته مون ته پنهنجو نالو
ايترن سهڻن اکرن ۾ لکيل پهريون دفعو ڏٺو آهي، اڄ
کان صاحبه منهنجي ڌيءَ آهي، آئون سندس هر ڳالهه
مڃيندس. اهو ڏسي ڳوٺ جا ٻيا ماڻهو به اچي ماستر کي
منٿ ڪرڻ لڳا ته، اسان جي ٻارن کي به پڙهائي.
صحبتپور ۾ علم جي اهميت وڌڻ لڳي. پوءِ هڪ وڏو
واقعو ٿيو جنهن سان اهو ڳوٺ ترقي يافته ٿي ويو.
ٿيو ايئن، جو هڪ ڏينهن صاحبه استاد وٽ اخبار پئي
پڙهي، سندس نظر خطن جي ڀاڱي واري صفحن تي ويئي، هن
استاد کان پڇيو. جنهن کيس ٻڌايو ته، اخبار جو اهو
صفحو خاص خطن لاءِ آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجا مسئلا
يا ملڪ جا مسئلا لکي اخبار معرفت دنيا کي ۽ وس
وارن کي ڄاڻائيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن جو خوب
اثر ٿيندو آهي. مسئلا حل به ٿي ويندا آهن. صاحبه
سوچيو ته پوءِ ڇو نه آئون خط لکي پنهنجي ڳوٺ جا
مسئلا اخبار ۾ شايع ڪرايان. اهو پڪو خيال ڪري هن
وڏي وزير جي نالي خط لکيو، جنهن ۾ اها آگاهي
ڏنائين ته هن ترقي يافته دور ۾ به صحبتپور جا
ماڻهو انتهائي تڪليف واري حياتي گذاري رهيا آهن.
ڪا به زندگيءَ جي بنيادي ضرورت هن ڳوٺ ۾ ميسر
ڪونهي. اهو خط تفصيل سان لکي لفافي ۾ وجهي هوءَ
پنهنجي ماءُ سان گڏ رئيس ڪريم بخش جي گهر پهتي،
کيس عرض ڪيائين ته،
”توهان
مون کي پنهنجي ڌيءَ برابر ڪوٺيو آهي. منهنجو فقط
هڪ ڪم ڪريو، هن لفافي تي ٽڪلي لڳائي، ڪنهن ويجهي
شهر جي پوسٽ آفيس ۾ پوسٽ ماسٽر جي حوالي ڪري اچو،
ته هو جيئن ان کي پوسٽ ڪري“.
رئيس ڪريم بخش ان ريت ڪيو جيئن صاحبه کيس چيو،
اِهو خط اختياريءَ وارن تائين پهچي ويو.
پندرهن ڏينهن کانپوءِ هڪ جيپ هن ڳوٺ ۾ داخل ٿي،
جنهن ۾ چار شخص اخبار وارن جي معرفت وزيراعليٰ
هائوس مان آيا هئا ۽ صاحبه لاءِ گلدستا ۽ شهر مان
آندل تحفا کيس ڏنائون. سڄو ڳوٺ سندن گهر اچي
مِڙيو، هنن پوري ڳوٺ جو تفصيلي دورو ڪيو. تصويرون
ڪڍيون ۽ ويندي مهل خوشخبري ڏيئي ويا ته جلد ئي
توهان صحبت پور جو نقشو بدليل ڏسندا ۽ رئيس کي به
پاڻ سان شهر وٺي ويا، ته جيئن کيس
اخبار جي اها آفيس ڏيکارين ۽ ٻن ڏينهن ۾ صاحبه جو
وڏو انٽرويو تصوير سان ڇپيو ۽ ڳوٺ وارن جا فوٽو ۽
مسئلا هن سروي ۾ ڇپيا. جنهن جون رئيس ڪريم بخش
کوڙ ساريون ڪاپيون کڻي آيو، اچي ڳوٺ واسين کي
ڏنائين. هاڻي ته هن ڳوٺ جي حالتن جي خبر سڄي ملڪ ۾
مشهور ٿي وئي، حڪومت هڪدم ترقيءَ جا اعلان ڪيا،
اسڪول، پوسٽ آفيس، اسپتال، روڊ ۽ رستا منظور ٿي
ويا، ٻن مهينن ۾ ڪم شروع ٿي ويو. لائيٽ جا ٿنڀا به
لڳڻ لڳا ته گئس ۽ پاڻيءَ جون لائينون به روڊن جي
ٺهڻ سان گڏ ڏنيون ويون. صاحبه جي ماءُ جا تاحيات
ماهوار پئسا مقرر ٿيا ۽ صاحبه کي حُسن ڪارڪردگيءَ
جي شيلڊ حڪومت طرفان عطا ڪئي وئي. حڪومت جي
نگرانيءَ ۾ هن ذهين ۽ هوشيار نينگريءَ جي اعليٰ
تعليم جو بندوبست پڻ ڪيو ويو.
انزيلا کوکر
لاڙڪاڻو
ايڪي ۾ برڪت
ڪنهن ڳوٺ ۾ ٻه ڀائر رهندا هئا. انهن وٽ زمين جو
ٽڪرو هو. وڏو ڀاءُ زمين جي ڪجهه حساب ڪتاب سان
رهندو هو ۽ ننڍو ڀاءُ سڄو ڏينهن زمين تي محنت ڪندو
هو. وڏو ڀاءُ شادي شده هو. ننڍي ڀاءُ جي به ڪجهه
وقت کان پوءِ شادي ٿي وئي. ننڍي ڀاءُ جي زال
بيوقوف ۽ دل جي صاف نه هئي. ننڍي ڀاءُ جي زال کي
هيءَ ڳالهه نه وڻي، ته سندس مڙس سارو ڏينهن محنت
ڪري ۽ وڏو ڀاءُ عيش ڪري.
ان ڪري هن پنهنجي مڙس جا ڪن ڀرڻ شروع ڪري ڏنا، ته
ٻنهي ڀائرن کي هڪ جهڙي محنت ڪرڻ گهرجي. پر ننڍي
ڀاءُ ان جي ڳالهه تي ڪن نه ڏنو. اها ڳالهه هڪ
ڏينهن وڏي ڀاءُ جي ڪن تي پهتي، ته وڏي ڀاءُ سوچيو
ته تماشو بنجڻ کان اڳ ۾ ئي اسان ٻنهي کي الڳ ٿيڻ
گهرجي، ائين هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي پاڻ کان الڳ
ڪري ڇڏيو ۽ زمين جو حصو به الڳ ڪري ڏنو.
جڏهن فصل تيار ٿيو، ته ٻنهي ڀائرن سوچيو، ته جيئن
ماڻهن کي خبر نه پوي ته اسان ٻئي ڀائر الڳ آهيون،
رات ٿي، ته وڏي
ڀاءُ ننڍي ڀاءُ کي چيو، اسان واري واري تي پنهنجو
اناج گهر ڇڏي اچون، پهرين ننڍو ڀاءُ اناج گهر ڇڏي
اچي، ته وڏو ڀاءُ تيستائين ٻنهي جي اناج جو خيال
رکندو ۽ جڏهن ننڍو ڀاءُ موٽندو ته وري وڏو ڀاءُ
پنهنجي حصي جو اناج رکڻ ويندو ۽ ننڍو رکوالي ڪندو.
هڪ ڏينهن جڏهن ننڍو ڀاءُ اناج گهر رکڻ ويو ته وڏو
ڀاءُ رکوالي ڪندي سوچي پيو، ته مان ته خالي ۾
زميندار آهيان. پر حقيقت ۾ گهڻو ڪم ۽ محنت منهنجي
ننڍي ڀاءُ ڪئي آهي، اهو سوچي وڏي ڀاءُ پنهنجي فصل
مان ڪجهه حصو ننڍي ڀاءُ جي حصي ۾ وجهي ڇڏيو. وري
ننڍو ڀاءُ موٽي آيو ته وڏو ڀاءُ پنهنجو فصل گهر
رکڻ ويو ته، ننڍي ڀاءُ سوچيو، ته منهنجو وڏو ڀاءُ
ٻچڙيوال هئڻ ڪري، ان کي فصل جو مون کان وڌيڪ حصو
ملڻ گهرجي.
اهو سوچي ننڍي ڀاءُ پنهنجي فصل جي حصي مان ڪجهه
حصو وڏي ڀاءُ جي حصي ۾ وجهي ڇڏيو. ائين واري واري
ٻئي ڀائر فصل گهر رکندا ويا ۽ واري واري تي پنهنجي
حصي مان ڪجهه حصو ٻئي ڀاءُ جي حصي ۾ وجهندو رهيو.
صبح تائين اهو سلسلو جاري رهيو ۽ ٻئي ڀائر اهو
سوچڻ لڳا ته فصل کُٽي ڇو نٿو، کڻي کڻي ٿڪجي پيا
آهيون. هي ته اڃان اوترو ئي اوترو پيو آهي، جيترو
پهريان هو.
اُتان هڪ بزرگ لنگهيو ۽ چيائين، ته توهان ٻئي هڪ
ٻئي جي حصي ۾ پنهنجو حصو ڇو ٿا ملايو. ٻنهي ڀائرن
پنهنجي نيت ۽ سوچ ٻڌائي ته بزرگ چيو،
”پٽ!
خدا پنهنجيون برڪتون توهان جي اناج ۾ وجهي ڇڏيون
آهن. جيڪڏهن ساري زندگي به ڍوئيندؤ ته به فصل ختم
نه ٿيندو. ٻنهي ڀائرن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس
ٿيو، ۽ ڳلي ملي هڪ ٻئي کان معافي ورتي ۽ گڏ رهڻ جو
ارادو ڪيو.“
ننڍي نُنهن کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو. جڏهن ان
کي اُن برڪت جو پتو پيو، ته هن به وڏي ڀاءُ ۽ ان
جي گهرواري کان معافي ورتي ۽ وري گڏجي ميٺ محبت
سان رهڻ لڳا.
پروين اعجاز
لطيفا
چار دوست گڏ ويٺا هئا. ٽيبل تي پيل موبائلن مان هڪ
موبائل وڳي. هڪ ڄڻو کڻي ڳالهائڻ شروع ٿي ويو،
پريان مائيءَ جو آواز هو.
عورت:
”هيلو،
مان هينئر مارڪيٽ ۾ آهيان، خريداري ڪري رهي آهيان،
جيولري جي دڪان مان هينئر سون جا زيور وٺان پئي ۽
دڪاندار
5
لک قيمت پيو ٻڌائي، وٺي سگهان ٿي.“
مرد:
”ها
ڇو نه بلڪل وٺي سگهين ٿي.“
عورت:
”ڀلا...
ڀلا... ساڙهيون به ڏسي آئي آهيان، زبردست آهن،
20
هزار ھڪ جي قيمت آهي، پنج ساڙيون ھڪ لک جون، ڀلا
اهي به وٺي ڇڏيان.“
مرد:
”
بلڪل، ضرور وٺ....“
عورت:
”
اهو سڀ ڪجهه آئون تنهنجي ڪريڊٽ ڪارڊ تي پئي وٺان.“
مرد:
”
ڪا ڳالهه نه آهي، تون دل کولي خريداري ڪر.“
اهو ٻڌي دوست چوڻ لڳا! يار تون اسان جي اڳيان
ڏيکاءُ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ايترو نقصان پيو ڪرين،
ڪريڊٽ ڪارڊ ته اتي ئي ختم ٿي ويندئي، تنهنجي گهر
واري جي ساڙهين ۽ زيورن ۾.“
هُو بي فڪر ٿي چوڻ لڳو؛
”يار
ڪريڊٽ ڪارڊ کي کڏ ۾ هڻو، اهو ٻڌايو ته هي فون سيٽ
اوهان مان ڪنهن جو آهي؟... منهنجو ته
ناهي.......................!!“ |