[5]
جي ڪِيڙِيءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ، نانگَ پِه نَمَنِ اُنِ
کي
آگو اَمُنُ تَنِ ڪري جي اِنَهِين ڀَئي ڀَڄَنِ
مُشاهدو مَحبوب جو اَپَرُ لاءِ اُنهنِ
”اِن
اولِيائِي تَحتَ قَبائِي“،
ٻوڙا ڪِينُ ٻُجهَنِ
ڳُجَهان ڳُجُهه وَڃنِ، اَحدَ جي اِسرَارَ ۾.
سمجهاڻي:
جيڪي (سالڪ)، (الله جي مخلوق سان محبت سبب) ڪِئلي
(مارڻ) کان به ڊڄن ٿا، ته پوءِ (زهريلا) نانگ
(نفس) وري انهن جي آڏو ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏين ٿا. الله
سائين انهيءَ خوف جي بدلي ۾ کين هميشه سلامتي ۽
حفاظت ۾ رکي ٿو. اهڙن سالڪن لاءِ ئي محبوب جو
مُشاهدو وڌيڪ اهم آهي. (الله تعالى جي قول)
’منهنجا
دوست منهنجي جامي هيٺ آهن‘،
پر غافل ۽ بي سمجهه ان طرف ڌيان ڪونه ٿا ڏين. اهڙا
سالڪ ئي هر وقت الله تعالى جي احديت يعني هيڪڙائي
حق واري ڳجهه کي پيا ڳولين.
[6]
چڱنِ ساڻُ چڱائِيون، اِئَينِ سَڀُڪو هوءِ
تو جِئن ڪَري نه ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻ ڀَلائِيُون.
سمجهاڻي:
جيڪو پاڻ سٺو هلي ٿو ۽ چڱي هلت اختيار ڪري ٿو، ان
سان ٻيا به ائين چڱي روش هلن ٿا، ائين سڀڪو ڪري ٿو
(اهو عام دستور آهي) پر اي (سٻاجها) سائين، تو
وانگر ائين ڪوئي نٿو ڪري ته بڇڙن سان به ڪو سٺو
هلي يا ساڻن ڀلايون ڪري.
[7]
جي هُوءِ تاڻِينِ تَندُ کي، ته تون هَڏِ مَ تاڻِ
اَڳي اِنَ اُهَڃاڻِ، سالِمُ تَندُ سَڄِي رَهي.
سمجهاڻي:
جيڪڏهن هو (محبت) جي تند کي (ٽوڙڻ لاءِ) ڇڪن ته
تون هرگز نه ڇڪ. (بلڪ تون ڍَر ڏي) فقط ان طريقي ۽
نموني سان ئي اها محبت جي تند سڄي سالم رهي سگهي
ٿي(۽ ٽٽڻ کان بچي اڳتي لاءِ قائم رهي سگهي ٿي).
شاهه جو رسالو
]سُر
آسا- داستان ستون. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[
غلام محمد غازي
شڪارپور
حمد
پهريون پڙهجي بسم الله،
پوءِ ڪجي سُبحان الله.
بسم الله ۾ برڪت آهي،
ربّ جي وسندي رحمت آهي.
بسم الله کي دل ۾ رک تون،
پوءِ ڀلي جان هر ڪم ڪر تون.
بسم الله جي عادت ٻارو،
مانُ وڌائيندي آ يارو.
ربّ جو نانءُ کڄي ٿو جنهن دم،
مالڪ خوش ٿيندو آ تنهن دم.
هردم ڪر هي وِرد وظيفو،
پڙهه تون ويهي پاڪ صحيفو.
رحمت جڏهن وسندي آهي،
قسمت پوءِ ته کلندي آهي.
اُٿندي ويهندي ڪر بسم الله،
کائيندي پيئندي ڪر بسم الله.
عرفان علي سومرو
ڳوٺ پلهه
نعت
اچي ويو مڪي ۾، مديني جو ڄام،
نبين جو امام، نبين جو امام.
محبوب ڄائي ونڊ ورهايا، باري تعالي پٽڙا ڏياريا،
ڌيءُ نه ڄائي، جڏهن ڄائو مديني جو ڄام.
احمد ڄائي رنگ رچي ويا، بُت بيةالله اندر، ڀڄي
پيا،
ڪفر ٿي ويو ختم، ڄائو مديني جو ڄام.
آيا نبي گهر عبّدالله جي، چمڪيا نصيب گهر آمنه جي،
روشن ٿي ويو جهانُ، ڄائو مديني جو ڄام.
کولي ڏس قرآن جا پارا، رحمت اللّعالمِين پيارا،
اڙينِ جو آڌار، ڄائو مديني جو ڄام.
پڙهه پڙهه
’عرفان‘،
نعتون گهر تنهنجي ۾ رونقون آيون،
اچي ويو سائين، مديني جو ڄام.
محمد سليم فراش
هالا نوان
گيت
آهين ادبي بورڊ تون ڀاڳن ۾،
تو سان
’عاطف‘
جو عشق آهي.
ڪراچي رهي يا هالا ۾،
رکِي ساڻُ رڳو تنهنجي سِڪَ آهي.
جيئن چنڊ کي چاهيو چڪور آهي،
تينئن تنهنجي من جو مور آهي.
توکي تصور ۾ ٿو سامهون رکي،
ٿي ڪيڏي نه تنهنجي لَڪِ آهي.
توسان
’طالب
المولى‘
جو چاهه هيو،
سو خواب اڌورو پورو ٿيو.
ڀلي پاڻ اچي هتي ڏسي،
جنهن جي دل ۾ رهيو جي شڪُ آهي.
’مخدوم‘
جي محبت ڪيُئي شانُ مٿي،
چوي
”سليم
فراش“
ٿيُئي مانُ مٿي.
سڄي سهڻي سنڌ ۾ ڳالهه هلي،
ڄام شوري ۾ بيشڪ آهي.
آهين ادبي بورڊ تون ڀاڳن ۾،
تو سان
’عاطف‘
جو عشق آهي.
نصير مرزا
حيدرآباد
اچو ته ٻارو وڻ پوکيون
بازار مان هڪ رنبو ڳنهي،
ڇڙ وڇڙ جاين تان ڪڍي،
رستي جي پاسن کان هڻون،
اچو ته ٻارو وڻ پوکيون.
ٻوٽا آخر وڻ ٿيندا،
سڀ کي ٿڌي ڇانوَ ڏيندا،
پکي پکڻ ان تي اچي،
اَجَهو رهڻ لاءِ جوڙيندا،
باک ڦُٽيءَ جو مڌر مڌر،
سُر هوا ۾ گهوليندا.
ويهي ٻوليندا ٻوليون،
اچو ته ٻارو وڻ پوکيون.
اونهاري جي موسم ۾،
آهن ڏاڍا ڏينهن تپندا،
ٿڪل مسافر جڏهن اچي،
تن جي هيٺان ٿَڪ ڀڃندا،
خوش ٿي پوءِ پاڻ سڀني کي،
سچي دل سان دُعا ڪندا،
نيڪيءَ جو هي ڪم ڪريون،
اچو ته ٻارو وڻ پوکيون.
***
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال
لاڙڪاڻو
وس وس مينهڙا
وس وس مينهڙا،
ڏينهن جا ڏينهڙا.
جهوپڙي ٿِي ٽِمي،
ڪير انهيءَ ۾ سُمهي.
هوا جي کُلي ٿي،
هر شيءِ رُلي ٿي.
پچائي ٿِي امڙي،
کيرڻي ملي ٿي.
ڀريو آ جو پاڻي،
ڪُپيءَ سان ڪڍي ٿي.
کاڌي لاءِ پوءِ به،
باهڙي ٻري ٿي.
ريل هي دنيا جي،
ائين ئي هلي ٿي.
وس وس مينهڙا،
ڏينهن جا ڏينهڙا.
صاحب خان
’سورهه‘
ميراڻي
نظم
ڪيو احسان توتي ھي خدا آھي،
عقل جي ڏات توکي ٿي عطا آھي.
ڏسين جڳ جا نظارا ٿو اکين سان تون،
ڇُھي سڀ ڪجهه سُڃاڻين ٿو ھٿن سان تون.
زبان ٿي آ عطا توکي چکڻ جي لئه،
ڏنو ٿي نڪُ خدا توکي سُنگھڻ جي لئه.
ٻُڌڻ لئه ڪن عطا توکي ٿيا آھن،
چکڻ لئه ذائقا ڪيڏا مليا آھن.
بُکايل جي ھجي، ان کي ملي کاڌو،
ملي شربت نه ڀل پاڻي ملي سادو.
ڏئي جيڪو، شڪر ان جو پيو مڃجي،
سدا ان جو ٿيڻ احسانمند گھرجي.
اچو
’سورهه‘
ڪيون ھردم شڪر ربّ جو،
ڀلو آھي، ڪري جيڪو ڀلو سڀ جو.
عبدالقيوم جکراڻي
جيڪب آباد
اچو ته باغ گهمون
اچو ته ٻارو باغ گُھمون،
باغ گُھمي ڪو مزو وٺُون.
ھو ڏس رابيل گُل ٽڙيل آ،
ڀرسان گل گلاب کڙيل آ،
رنگ برنگي گل ڏِسون.
اچو ته ٻارو، باغ گُھمون.
موتيو، مگرو، سورج مُکي،
تن تي ويٺل رنگ برنگي،
پوپٽ پيارا پيارا پَسون.
اچو ته ٻارو، باغ گُھمون.
باغ ۾ ڏاڍي ساوڪ آھي،
ڪيڏي سُھڻي سجاوت آھي،
پنھنجو رُوح راضِي ڪيون.
اچو ته ٻارو، باغ گُھمون.
’قيُوم‘
قدرت جا ھي نظارا،
ڏاڍا لڳن ٿا، پيارا پيارا.
ڏسي انھن کي خوش ٿيون.
اچو ته ٻارو، باغ گُھمون. |