هيءُ ڪتاب وليم هاروي لاطيني (Latin)
ٻوليءَ ۾ سال
1628ع
ڌاري انساني جسم اندر رت جي دؤري تي لکي ڇپرايو ۽
انهن مفروضن کي هڪ ڌڪ سان رد ڪري ڇڏيو، جيڪي
پندرهين صديءَ کان هلندڙ هئا.
هاروي ثابت
ڪري ڏيکاريو ته رت جي چڪر
يا ڦيري بابت
انهيءَ وقت تائين جيڪو ڪجهه سوچيو سمجهيو
ويندو هو، سو سراسر غلط هو.
وليم هاروي پهرين اپريل
1578ع
تي فوڪسٽون (Folkston)
شهر ۾ پيدا ٿيو. هن جو پيءُ مالدار، ۽ وڏو واپاري
هو. ان ڪري
وليم جي تعليم سُٺن اسڪولن ۾ ۽ پوءِ ڪيمبرج
يونيورسٽيءَ ۾ ٿي.
1597ع
۾ هاروي پڊوا ويو، جتي ان جَڳَ جو بهترين ميڊيڪل
ڪاليج قائم هو. هِن اتي جيڪو علم پرايو، سو کيس
بعد ۾ ڏاڍو ڪم آيو. سندس اُستاد اِها کوجنا ڪئي
هئي، ته اسان جي شريانن (Arteries)
۾ وَالوَ (Valve)
هوندا آهن، پر
هو ان جو مقصد سمجهڻ کان عاجز هو. هاروي
پوءِ اِهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته والوَ اسان جي رت
کي رڳو دل ڏانهن وهڪري ۾ مدد ڏيندا آهن ۽ واپس
موٽڻ يا ڪنهن ٻئي مخالف رخ ۾ وهڻ کان روڪين ٿا.
هاروي، پڊوا يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر آف ميڊيسن جي
ڊگري حاصل ڪرڻ بعد وري ڪيمبرج واپس آيو ۽ اتان به
اهڙي قسم جي هڪ ٻي ڊگري وٺي، لنڊن ۾ عَمَلِي ڪم
(پرئڪٽس) شروع ڪئي. شادي ٿيڻ کان پوءِ سندس شاهي
درٻار ۾ اچڻ وڃڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ستت ئي هڪ
اسپتال ۾ ڊاڪٽر بڻيو، جتي هن غريبن جي خدمت کي
پنهنجو مقصد بڻايو. ان اسپتال ۾ کيس ڪجهه تجربا به
حاصل ٿيا. هاروي محسوسس ڪرڻ لڳو ته رت جي دؤري
بابت جيڪي ان وقت هلندڙ مفروضا هئا، اُهي بلڪل غلط
آهن ۽ هن ان غلطيءَ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. هو حقيقت
پسند هو ۽ سچائيءَ سان پيار ڪرڻ ڪري ڦهليل قديم
غلط سوچن جي پاڙ پٽڻ ۽ بلڪل رَدُ ڏيڻ کان ڪونه
ڪِيٻايو. هاروي رت جي گردش تي تجربا ڪندو رهيو
۽ ان سلسلي ۾ هن ماڻهن، جانورن، جهرڪين، ڏيڏرن، نانگن، سيهڙن ۽ ٻين
ڪيترن مختلف مئل جسمن جي چير ڦاڙ بعد ڳوڙهو مطالعو
ڪيو، ڇو ته هن انهيءَ منجهيل مامري جي پوريءَ ريت
چِٽائي ٿي چاهي.
انسان جي دل جا چار حصا يا خانا ٿيندا آهن. ساڄي
کاٻي پاسي وارا ۽ هيٺ مٿي وارا خانا ۽ پردا، دل کي
هڪ اُڀي جهلي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي.
رَتَ جي ڦيري لاءِ پهرين صدي عيسويءَ ۾ گيلن جيڪو
نظريو قائم ڪيو هو، ساڳيو ئي هاروي جي وقت ۾ به
هلندڙ هو. انهيءَ جو تَتُ اهو ته رت جيري مان نڪري
ٿو ۽ اهو ٻن قسمن جو ٿئي ٿو. هڪ قسم دل جي ساڄي
پاسي مان نڪري رڳن وسيلي جسم جو دؤرو ڪري ٿو ۽ ٻيو
قسم کاٻي پردي مان شروع ٿي شريانن ذريعي سفر پورو
ڪري ٿو.اهو هو رت جي گردش جو ان وقت وارو نظريو.
هاروي پنهنجي استاد کان والوَ
(Valve)
وارو جيڪو نظريو پڙهيو هو، تنهن جي تجربن وسيلي
تصديق به ڪري ڇڏي. ان موجب رَتُ رڳو هڪ پاسي حرڪت
ڪري سگهي ٿو ۽ اهو سفر دل ڏانهن ئي آهي. ان حساب
سان اڳيون نظريو سندس غلط هو،
جنهن مطابق رت
دل جي ساڄي پردي مان نڪري رڳن وسيلي جسم جو
چڪر ڪاٽي ٿو.
هاروي ان موضوع تي لاتعداد تجربا ڪيا ۽ جيترا ڪتاب
پڙهڻ ممڪن هئا، سي ڏاڍي غور سان مطالعي هيٺ
آندائين. هو تشريح واري علم جو ماهر بڻجي پيو ۽
انهيءَ نتيجي تي پهتو، ته اسان جي جسم ۾ ٻن نمونن
جو رت ڪٿي به ڪونهي. سمورو رت هڪ ئي قسم جو هوندو
آهي. اهو ئي ڊوڙي ٿو ۽ اهو ئي شريانن ۾ ڦِري ٿو.
دل کي اسان جي سريرَ (جسم) اندر هڪ موٽر يا پمپنگ
مشين جهڙي حيثيت حاصل آهي، جيڪا رت کي اُڇل ڏئي ٿي
۽ ان جي طاقت سان رت جو دؤرو جاري رهي ٿو. سڄي
جسم جو سير ڪرڻ بعد رت ٻيهر دل ۾ واپس داخل ٿئي
ٿو، ۽ سلسلو ائين ئي هلندو رهي ٿو. اهو آهي هاروي
جو رت جي گردش بابت نظريو.
جڏهن هاروي پنهنجو نظريو عوام آڏو پيش ڪيو، ته
ڪنهن به ان پاسي ڌيان نه ڏنو. ٻارنهن سالن کان
پوءِ هن انهيءَ موضوع تي پنهنجو اهو ڪتاب ڇپرايو،
جنهن جو ذڪر مضمون جي شروعات ۾ ڪيو ويو آهي. طبي
دنيا ۾ هُل
هنگامو مچي ويو. گهڻا ماڻهو سندس مخالف
بڻجي پيا، ڊاڪٽر به کيس ذهني مريض سمجهڻ لڳا، پر
ترت ئي حالتن ڦيرو کاڌو، جڏهن ڪن سمجهو ڊاڪٽرن هن
جي نظريي کي تجربي واري پرک پٽاندر درست ڄاتو، ته
دل ئي دل ۾ هاروي سان سهمت ٿيڻ لڳا. انهيءَ ڪتاب
اچڻ سان هاروي جي پرئڪٽس ۾ حد کان وڌيڪ واڌارو آيو
۽ هن اڻمئي دولت ڪمائي.
جلد ئي پوري يورپ ۾ هاروي جو نظريو مقبوليت ماڻڻ
لڳو. اهڙي مشهوريءَ جي ڪري شاهي درٻار ۾ سندس
آجيان اڃان به وڌيڪ ٿيڻ لڳي. هن کي چارلس پهرئين
جو ذاتي طبيب مقرر ڪيو ويو. بادشاهه هن جي ڏاڍي
سهائتا ڪئي ۽ تجرباتي ڪم لاءِ
سموريون سهولتون ڏياريون. جڏهن به حاڪم پنهنجي سرڪاري سرگرمين جي
سلسلي ۾ ڪيڏانهن به ويندو هو، ته هاروي کي به پاڻ
سان گڏ وٺي ويندو هو پر، هاروي هميشه پنهنجي ڪم
سان ڪم رکيو. جتي به ويندو هو ، اتي رت جي گردش تي
پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو هو. انتها جي
ڳالهه اها هئي جو جنگ جي ميدان ۾ به هن کي جسم جان
جو ڪو خاص خيال نه رهندو هو. هاروي
’ايج
هل‘
جي ويڙهه ۾ به موجود هو. ان جو ڪم فقط اهو هو ته
هو ٻن شهزادن جي سار سنڀال ڪري، هاروي هڪ ٻُوڙي جي
اوٽ ۾ پناهه ڳولي ويٺو ۽ کيسي مان هڪ ڪتاب ڪڍي
پڙهڻ لڳو. کيس ان وقت هوش آيو. جڏهن توپ جو هڪ
گولو سندس اڳيان اچي ڪِريو. اهو هو هاروي جي ڄاڻ
پرائڻ جو شوق ۽ ڪتابن ۾ گم ٿي وڃڻ جو عالم.!
ٻئي سال هاروي کي بادشاهه سان گڏ آڪسفورڊ وڃڻو
پيو. هاڻي کيس وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جو موقعو مليو.
يونيورسٽيءَ کيس
’ڊاڪٽر
آف ميڊيسن‘
جي اعزازي ڊگري ڏني. هاروي اتي انتهائي اهم
کوجنائي ڪم ڪيو. ڪجهه ٻيا نظريا به پيش ڪيا، پر ان
زماني ۾ خوردبيني ايجاد نه ٿي هئي، تنهڪري هو ڪجهه
نظرين کي تجرباتي
حوالي سان
وڌيڪ پرکي نه سگهيو. ان هوندي به سندس رَتَ
جي دؤري واري ڳالهه کي هر هنڌ مڃتا ملي.
1954ع
۾ انگلينڊ جي رائل ڪاليج آف فزيشنز هاروي کي صدر
بڻجڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريو، جيڪو ان زماني جو سڀ کان
وڏو اعزاز هو. پر هن اهو چئي اهڙو عهدو قبولڻ کان
معذرت ظاهر ڪئي ته،
”مان
هاڻي پوڙهو ٿي چڪو آهيان.“
جڏهن ته ڪاليج لاءِ هن اها سيوا ضرور
ڪئي ته پنهنجي
خرچ مان هڪ نئين عمارت جوڙائي، جنهن ۾ هڪ
عاليشان ڪُتب خانو ۽ اعلى عجائب خانو به شامل هو.
هاڻي هاروي جي صحت خراب رهڻ لڳي، پر سندس هوش حواس
آخري دم تائين قائم رهيا.
3
جون
1657ع
تي هن مٿان فالج جو حملو ٿيو. هو ڳالهائڻ جي سگهه
کان محروم ٿي ويو. هن پنهنجي ملڪيت جي ورهاست جو
فيصلو ڪيو ۽ سموريون صلاحيتون ساڻ کڻي سوچ سمجهه
۽ سُرت ساڃاهه وارو اهو سگهارو سج هن ڌرتيءَ تان
ظاهري طور اُلهي ويو. هن کان ڪجهه سال اڳ ئي هاروي
جي گهرواري گُذاري وئي هئي ۽ کيس ڪوبه اولاد ڪونه
هو، تنهنڪري هن پنهنجي ملڪيت جو ڳچ حصو
’رائل
ڪاليج آف فزيشنز‘
نالي وقف ڪري ڇڏيو ۽ هڪ اهڙي فنڊ جو به انتظام
ڪيو، جنهن وسيلي ڪاليج ۾ هر سال ڪنهن ڄاڻو ڊاڪٽر
جو هڪ ڀرپور ليڪچر ڪرائڻ جو سٺو بندوبست ڪري
سگهجي. علم ۽ سائنسي سوچ جي ڦهلاءَ لاءِ سندس اها
آخري مثالي خدمت هئي. هو چاهيندو هو ته طبّي سائنس
ترقي ڪندي رهي. ليڪچر ڪرائڻ وارو سلسلو لڳاتار
سالن جا سال هلندو رهيو ۽ اڃان تائين سندس ياد جي
مناسبت سان اهڙا ليڪچر پروگرام ٿيندا رهن ٿا.
وليم هاروي جي حياتيءَ جو هڪ ئي مقصد هو، ته هر
انسان پنهنجي جسماني بناوت کان پوريءَ ريت باخبر
هجي، جيئن هو عقل سان سمورين بيمارين جو مقابلو
ڪري ۽ انهن جي بهتر علاج لاءِ پاڻ پتوڙي. سندس
جوڙيل نظريو اڄ به زنده آهي. انهيءَ حوالي سان
هاروي مري به جيئرو بڻجي پيو آهي. هو يقيني طور ان
اعزاز جو اهلُ به آهي، ڇو ته گذريل دؤر ۾ جڏهن اڄ
جهڙيون تحقيقي سهولتون ۽ نت نوان سائنسي اوزار
موجود نه هئا، تڏهن به عقل، علم ۽ اندر جي سوجهري
تي هڪ اٽل حقيقت بيان ڪري، ان تي اعتماد سان بيٺو
رهيو، جنهن جي سچائي تي ڪنهن کي ڪو شڪ ڪونهي ۽ نه
وري اڄ ڏينهن تائين ڪو به سندس نظريي کي رد ڏئي
سگهيو آهي.
***
سرمد گل ڀٽو
پيءُ ۽ ماءُ
}دنيا جا ناياب هيرا{
پيءُ ۽ ماءُ دنيا جا اھڙا ناياب ھيرا آھن، جيڪي
پنھنجي اولاد لاءِ مستقبل ۾ ڪاميابين ۽ ڪامرانين
جا روشن ڏيئا ثابت ٿيا آھن، ۽ ٿيندا پيا اچن. ۽
اِن ڳالهه کان انڪار به ڪونه ٿو ڪري سگھجي، ته
پيءَ ۽ ماءُ کان بغير اولاد اونداھه نگر جي ور
چڙھيو وڃي! ڇو جو توھان ۽ اسان جنهن جي آڱر پڪڙي
پنڌ ڪرڻ سکيو، ڳالھائڻ سکيو، توھان ۽ اسان جنهن جي
پُٺيان هلي اُسڪول وڃڻ سکي ورتو، توھان ۽ اسان
جنهن علم کي آجپي جو اهڃاڻ ڄاتو، جنهن توھان ۽
اسان کي ساھ ۽ ويساھ ڏنو، جنهن توھان ۽ اسان کي
پڙھڻ ۽ پرجهڻ جو فرق سمجهايو، جنهن پنھنجي ساھه
کان وڌ توھان ۽ اسان کي پيار ۽ پاٻوهه ڏنو. مگر
افسوس سان ٿو چوڻو پوي. اڄ اسين اھڙن پوتر ھستين
کان گھڻو ئي ڏور ٿي پنھنجي انا ۽ تڪبر واري گس جا
پانڌيئڙا بنجي، والدين کي وساري ۽ ڌڪاري ڇڏيو آھي.
مُعاشري ۾ اڄ ڪلهه جتي به نظر ڦيرائبي ته ڪٿي نه
ڪٿي پيءَ ۽ ماءُ سان پنھنجي سڳي اولاد ظُلم و جبر
سان گڏ ويساهه گھاتيون ڪندي، ڏسڻ ۾ نظر ايندي!
سبب پُڇبو ته چوندا. امڙ ۽ بابو ھاڻ پوڙھا ٿي ويا
آھن، سندن جو دماغ ڪم ڪونه پيو ڪري، جو ٿوري ٿوري
ڳالهه تي گھر ۾ چڙ چڙاڪ ٿي، ڪڏھن منھنجي ونيءَ سان
جھيڙو ڪري، اُن کي گارگند ڏيندا ۽ وري ڪڏھن ٻارن
کي دڙڪا ڏيندا. سڄو ڏينھن اٽي تي چٽي بنجي، امان ۽
ابي اسان کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. سو ان لاءِ روز
روز جي اُلڪي ڪارڻ امان ۽ بابي کي گھران ئي ڪڍي
ڇڏيو آھي! ھاڻ پنھنجي ونيءَ ۽ ٻارن سان گڏ جيون جو
سُٺو گذر سفر ٿا ڪريون، ۽ سُڪون واري زندگي پيا
گُذاريون، ڇو جو نه امڙ جا تعنا، نه پيءُ جي ڪروڌ.
بس سُڪون ئي سُڪون جيون ۾!!! اھڙن نافرمان، ڪم
عقل، ۽ بيڪار اولاد لاءِ لفظ لکڻ لاءِ ڪونھن، پر
حقيقت کان منھن موڙڻ به بي واجبي ڪوٺبي، اھڙي
نافرمان اولاد ڪھڙي ڪم جي، جيڪي پنھنجي وني ۽ ٻارن
خاطر پنھنجي جگر جي ٽُڪر کي گھر مان ڪڍي فٽ ڦاٿ تي
اڇلائي ٿا اچن! يا ڪي وري نافرمان اولاد پنھنجي
پيءَ ۽ ماءُ کي گھر ۾ زنجيرن سان ٻڌي، تن کي باندي
بڻائي ٿا ڇڏن! يا وري پاڳل خانن ڏانھن موڪلي! تن
جي ملڪيت تي پاڻ عيش و آرام ۽ شان و شوڪت جي زندگي
گذاريندا. جنھن ماءُ نَوَ مھينا اذيتون ڪاٽي،
اوھان کي جنم ڏنو ۽ ڏينھن رات اوجاڳا ڪاٽي، اوھان
لاءِ جاڳندي رھي، پاڻ ڏُکن ۽ پيڙائن ۾ رھي، اوھان
جي سُٺي پرورش سان گڏ سُٺي تربيت پئي ڪئي. پاڻ کي
ڏُکن ڏوجھڙن ۾ رکي بدلي ۾ اوھان کي زندگيءَ جو ھر
سُک و چين پئي ڏنائين! پاڻ کي بُک ۾ رکي اوھان کي
پيٽ ڀري ماني ڳڀو کارائيندي رھي! اڄ اُن پوتر
ھستيءَ کان اوھان بِر ٿي ويا آھيو. ڇا اوھان
جانورن کان به بدتر بنجي ويا آھيو!
”جانور
به اوھان کان ڀلا! جيڪي پنھنجي اُولاد سان بي
پناھه پيار ڪندا آھن.“
مگر افسوس صد افسوس! اوھان انسان ھوندي به جانورن
کان به پوئتي ٿي ويا آھيو! اوھان بيشڪ ڏسڻ ۾ انسان
پيا لڳو پر روپ حيوان جو پيا رکو. ڇو جو معاشري ۾
اھڙا اڻڳڻيا واقعا پنھنجي اکين آڏو گذرن پيا، ڪڏھن
پيءُ پنھنجي نافرمان پُٽ کي زمين ۽ جائيداد جو حصو
نه ڏيڻ تي نافرمان پُٽ لوڀ ۽ لالچ خاطر ماري وڌو!
يا وري پنھنجي جيجل ماءُ پنھنجي نافرمان پٽَ کي
ملڪيت مان حصو نه ڏيڻ تي نافرمان پٽ سندس ملڪيت کي
ڦٻائڻ خاطر، چند ڏوڪڙن خاطر وڪيل خريد ڪري ڪورٽن ۾
وڃي، تن تي ڪوڙا ڪيس ڪري ذليل و خوار ڪندا.!!! مگر
افسوس اسين ڪيڏانھن پيا وڃون، انھن پوتر ھستين کان
منھن موڙي، پنھنجي وقتي خواھشن خاطر تن کي ڌِڪاري
رھيا آھيون، ڇا توھان ۽ اسان کي خبر ڪونھي، اسين
ڪنھن کان خفا ٿي رھيا آھيون، اسين ڪنھن کي رُسوا
ڪري رھيا آھيو، اسين ڪنھن سان ظُلم و ستم ڪري رھيا
آھيون، اسين ڪنھن سان بغاوت ڪري رھيا آھيون، اسين
ڪنھن کي رنج و غم ڏئي رھيا آھيون. اِھو ته اسان
پنھنجي حرصي خواھشن خاطر سوچيو به ڪين آھي، اسان
پنھنجي حِرصي ۽ وقتي خواشن کي پوري ڪرڻ خاطر،
پنھنجي پوتر ھستين کي ڌِڪاري رھيا آھيون، ونيءَ جي
ڪوڙي افوائن خاطر، يا اُن جي عيش و آرام واري
زندگيءَ خاطر برابر توھان ۽ اسان غلط پيا ڪريون
سئو سيڪڙو غلط!
اڄ اسان ۽ توھان انھن پوتر ھستين کان منھن موڙي
ڪنارا ڪشي پيا ڪريون. ڊڄو اُن ڏينھن کان جڏھن
سڀاڻي اسان ۽ توھان به پوڙھا ٿي ويندا سون، ۽
توھان ۽ اسان جي اولاد به جڏھن وڏو ٿي جوان ٿيندو،
ته پوءِ برابر توھان ۽ اسان سان به پنھنجو اولاد
اھڙو حشر ڪندي، برابر ڪندي. جھڙو حشر توھان ۽ اسان
پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ سان ڪيو. سو ھٿ ٻڌي نياز و
نِوڙت جا عرض ڪندس، نه پنھنجي پوتر ناتن پيءَ ۽
ماءُ جو قدر ڪريو، اُنھن جي حقارت ۽ ناراضگي کي،
ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي، رنج و غم کي محبت سمجھي، تن سان
پريم ۽ پريت وارو رويو اختيار ڪريو. ڇو جو جيڪي
پيءَ ۽ ماءُ کان محروم آھن! تن کان پُڇو ته پيءُ ۽
ماءُ اولاد لاءِ ڇا ٿيندا آھن، يا ڇا ھوندا آھن.
قَدر ڪرڻ سِکو پنھنجي پيءَ ۽ ماءُ جو. پنھنجن وڏڙن
۽ بُزرگن جو. مون پنھنجي جيون ۾ اھڙا اڻڳڻيا گھر
اُجڙندي ڏٺا اٿم! جن گھرن ۾ پيءُ ۽ ماءُ ڪونه آھن
يا ته اُھي اولاد پيءَ ۽ ماءُ کان بغير پنندي ڏٺم!
يا ته پاڳل ٿي رُلندي! سو چوڻ جو مقصد اولاد
پنھنجي پيءَ ۽ ماءُ جو قدر ڪونه ٿا ڪن، انھن کي
پنھنجي حرصي خواھشن خاطر پنھنجي زمين ۽ ملڪيت مان
لاتعلق پيا ڪن! مطلب ته اھڙن ھڙيئي نافرمان اولادن
لاءِ آئون حڪومت کي اپيل ڪندس ته، ھڪ اھڙو قانوني
بل پاس ڪن،
”جنھن
۾ اھو مين پوائنٽ ڏنو وڃي ته، پوڙھي پيءَ ۽ ماءُ
کي جيڪو به اولاد سندس ملڪيت جي لوڀ ۽ لالچ خاطر!
يا ونيءَ خاطر! ظُلم و ستم ڪري گھران ڪڍي ڇڏيندو!
يا اُنھن سان ڏاڍ و جهيڙو ڪندو! يا وري نوڪرن
جھڙو ورتاءُ ڪندو! اُنھن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري،
اُنھن کي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي، يا عمر قيد
جي سزا سان گڏوگڏ سُوليءَ تي لٽڪايو ويندو. پوءِ
ڏسون ٿا ته ڪير پنھنجي پيءَ ۽ ماءُ کي پنھنجي
نافرمان ونيءَ جي ڪري گھران ٿو ڪڍي! يا تن سان ظلم
و جبر ۽ جھيڙو ٿو ڪري، پيءُ ۽ ماءُ توھان ۽ اسان
لاءِ جنت جا دروازا آھن، جي اگر توھان ۽ اسان
پنھنجي وقتي حِرصي خواھشن خاطر، انسان مان حيوان
بنجي سندن نافرماني ڪندا سون، ته پوءِ برابر ربّ
العالمين توھان ۽ اسان لاءِ جيئري ئي جنت جا ٻئي
دروازا بند ڪري ڇڏيندو. ته پوءِ برابر توھان ۽
اسان ھن نفسا نفسي واري دنيا ۾ جھنمي ڪوٺباسون.
اِن ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي ڪو. مان دعوى سان چوان
ٿو، توھان ۽ اسان ۾ اگر ٿورو يا گھڻو ھجي! ۽ اُن
سان گڏ گھڻو نه سھي پر ٿورو ئي ايمان مظبوط ھجي،
ته پوءِ توھان ۽ اسان کي ان ڳالهه تي ويچار ڪرڻ
گھرجي، ته اگر پيءُ ۽ ماءُ توھان ۽ اسان سان گڏ
ھجن ته پوءِ اسان کي ڪنھن به سردار ۽ ڀوتار جي
سھاري جي ۽ ڪنھن ڍونگي پير ۽ مُلي جي دعا جي ضروت
ئي نه پوندي. ڇو جو پيءُ ۽ ماءُ پنھنجي اولاد لاءِ
دُعائن جا در آھن. ان ڳالهه کان به انڪار ڪونه ٿا
ڪري سگھون ته ماءُ جي قدمن ھيٺيان جنت آھي، ته
پوءِ اُن ئي عظيم ھستيءَ کي اگر نظرانداز ڪبو! ته
زندگيبه ڪا سولي ڪانه گذرندي. جنهن مائٽن کي
رنجايو ان جي آخرت ۽ دنيا ۾ خواري آهي، دنيا جي
ناياب ھيرن پنھنجي پيءَ ۽ ماءُ جي جيئري ئي عزت
ڪريو، مُئي کان پوءِ ته دشمن به ڪُلهي ڪانڌي ٿيندا
آھن.
محبت
امن پيار ۽ پريت واري شهر
جوهي
مان اڪبر
جسڪاڻي
جنم ورتو. اڪبر
سنڌي
ٻاراڻي
ادب جو
ليکڪ
هو،
جنهن پنهنجن
خوبصورت
تخليقن ذريعي
سنڌ
جي معصوم ۽ اٻوجهه
ٻارڙن
کي سجاڳ
ڪرڻ
۾ اهم
ڪردار
ادا
ڪيو.
جڏهن
ته اڪبر
جو ويجهو ساٿي
هڪ
جڳهه
تي اڪبر
جي لاءِ
لکي
ٿو
ته،
اڪبر
جسڪاڻي
جوهيءَ
۾ سنڌي
ادبي سنگت جو بنياد وڌو
۽ ان جون باقائده گڏجاڻيون
ڪرڻ
لاء حيدرآباد مان اڪبر
۽ راهي چنا ايندا هئا. هن وقت
جوهيءَ
۾ جيڪي
ترقي يافته باشعور توڙي
جيڪي
ادبي کيپ آهي،
ان ۾ اڪبر
جسڪاڻي
جو اهم
ڪردار
شامل
ڪري
سگهجي
ٿو.
هو پنهنجن ساٿين
کي
منهن تي سچ چئي
ڏيندو
هو. اڪبر
سچ لکڻ
کان نه مُڙندو
هو. اڪبر
جسڪاڻي
ڏاڍ
۽ ظلم اڳيان
نه
جهڪيو.
تڏهن
ته اڪبر
هڪ
هنڌ
چوي
ٿو
ته،
هي ڦٽيل پير وري پنڌ ڪندا،
تنهنجو سوڳنڌ ڪندا،
وقت آيو ته ٻه ٽڪر،
ظلم جو ڪَنڌُ ڪپيندا.
اڪبر جسڪاڻي سنڌ جي ٻارن سان بيحد محبت ڪندو هو ۽
چوندو هو ته
ٻار اسان جو مستقبل آهن. انهن کي صحيح نموني سان
تعليم
ڏيارڻ گهرجي ۽ معصوم گلن کان جبري پورهيو
نه ورتو وڃي. انهن جي حقن جو احترام ڪيو وڃي.
اڪبر جسڪاڻيءَ
جي ڀاڻيجي عابده جسڪاڻي هڪ جاءِ تي اڪبر جي
لاءِ لکي ٿي ته،
”ماما
اڪبر منهنجي نظرن ۾ مهان ۽ عظيم شخص هيو. ننڍي وڏي
جي عزت ۽ پيار ڪرڻ وارو
انسان هو.
ماما اڪبر انسان ته هيو پر مون کي
ائين محسوس
ٿيندو هو ته، ڄڻ انسان نه فرشتو هجي.“
ماما اڪبر جسڪاڻيءَ جو هن
ڀرئي جهان ۾ ڪنهن به قدر نه ڪيو. ماما اڪبر هڪ سٺو
دوست هوندو هو، هن ڪڏهن به ڪنهن کي دشمن نه سمجهيو
۽ سٺا مشورا ڏيندو هو. ۽ سٺيون ڳالهيون سيکاريندو
هو. ماما جي طبيعت بلڪل سادي ۽ ٻاراڻي پڻ هئي. هو
ٻارڙن سان گڏ راند ڪندو هو. هر ڪنهن کي پاڻ جيان
سادو ۽ معصوم سمجهندو هو.
اڪبر جسڪاڻي صوفي درويش بزرگ صفت ماڻهن سان محبت
ڪندو هو. اڪبر سنڌي ٻاراڻي ادب جو مداح هوندو هو.
هو امن پسند ۽ من جو صاف سٿرو ماڻهو هو. هن
جي شاعري ڏاڍي پياري ۽ مٺڙي آهي، هو شاعريءَ جي حوالي سان هڪ چمڪندڙ
ستارو هو. هن پنهنجي حياتيءَ ۾ ٻاراڻي ادب ۾ هڪ
ليکڪن جي وڏي
جماعت تيار ڪئي. اڪبر هميشه سنڌي ٻاراڻي
ادب ۽ سنڌي ٻارڙن جي تعليم جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ
سوچيندو ۽ لوچيندو هو. هو کيرٿر پهاڙن جي آغوش ۾
رهندڙ سادڙن
ٻارن سان پيار ڪندو هو. ۽ انهن ۾ پنهنجائپ
محسوس ڪندو هو. چوندو هو ته آءٌ سڄي زندگي شاگرد
ٿي سکندو رهيس. تڏهن ته هڪ جاءِ تي شاعر چوي ٿو
ته،
دنيا آهي درسگاهه، سبق پڙهه مرڻ تائين،
شاگرد ٿي سکندو رهه، متان تون استاد سڏائين.
13
آگسٽ
1999ع
تي اڪبر
جسڪاڻي اسان کان هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو. اڪبر ته
اڄ به سنڌي ٻارڙن جي دلين ۾ زنده آهي ۽ رهندو. بس
آءٌ مرحوم اڪبر جسڪاڻيءَ کي آخر ۾ سنڌ جي عوامي
شاعر استاد بخاري جي هنن سٽن جي ڀيٽا ڏيان ٿو.
جو قوم جياري اهو جيئندو رهندو،
جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو،
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،
جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.
استاد بخاري.
مخدوم محمد صالح ڀٽي هالائي
سهڻا سخن
* غريب ۽ پاڙيسرين تي هميشه رحم ڪندا ڪريو.
* سچي بهادري ته هيءَ آهي جو بُرو ڪوٺيندڙ کي چڱو
ڄاتو وڃي. پيءُ ماءُ جو سڀ کان پهريون فرض هيءُ
آهي، جو پنهنجي اولاد جي تربيت ۽ تعليم تي ڌيان
رکي ۽ ان کي فرمانبردار ۽ چئيدار بنائي.
* بديءَ جي بدلي بدي ڪرڻ بلڪل آسان آهي، پر
نيڪيءَ سان عيوضو ڏيڻ ان کان وڌيڪ سٺو ۽ سهڻو آهي.
* وقت کي غنيمت ڄاڻو.
* خدا پاڪ هر حال ۾ اسان جو نگهبان آهي.
* تلوار کان ملڪُ ۽ مِٺي زبان سان دل فتح ٿئي ٿي.
* سچائي هميشه سوڀاري رهندي آهي.
* گهڻا اقرار ۽ انجام ڪرڻ نه گهرجن، پر جي ڪريو ته
پورا ڪندا ڪريو.
* جي اوهان کان ڪو ڪنهن ڳالهه ۾ صلاح وٺي، ته
هميشه نيڪ صلاح ڏيندا ڪريو. ان مان ٻه فائدا آهن.
”هڪ
ته جي، اُن اوهان جي صلاح موجب عمل ڪيو ۽ فائدو
پهتس، تڏهن ته دوست ٿي پوندو. ٻيو ته پر جي اهڙي
ريت نه ڪيائين ۽ ڇِيهو رسيس، تڏهن ته پاڻهي پشيمان
ٿيندو ۽ هميشه اوهان جو خير ڳوليندو رهندو. |