سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل سيپٽمبر  2023ع

باب:

صفحو:2 

Text Box: مضمون

شهيد احمد خان آصف

خالق مالڪ

خالق، مالڪ، عالي، والي

سڀڪو تو در آهي سوالي!

دين ڏيئن ايمان ڏيئن ٿو،

دُهرا دُهرا دان ڏئين ٿو.

ڪين ورائين ڪنهن کي خالي.

 

سڀڪو تنهنجي توهه تڳي ٿو،

تنهنجي لڙهه ۽ لام لڳي ٿو،

پرور هر ڪا شيءِ تو پالي،

ڪين ورائين ڪنهن کي خالي.

 

آصف تنهنجي حمد ڪري ڇا،

آهين حاضر ناظر هر جاءِ.

تنهنجي عظمت آهي نرالي.

 

 


 

محمد افضل خان عباسي

چنيهاڻي

ضروري ڳالهيون

دنيا ۾ امن، سڪون سان جي رھڻو آ،

ڪوڙ، ڪاوڙ کي پوءِ ختم ڪرڻ ضروري.

 

گھرو ٿا جي پاڻ ۾ قائم ڪرڻ ڀائيچارو،

اتحاد کي پوءِ قائم ڪرڻ ضروري.

 

گھرو ٿا جي پنھنجي نيڪي ھر جڳهه تي،

سٺا عمل ٿيا پوءِ ڪرڻ ضروري.

 

گھرو ٿا جي پنھنجي وطن جي ترقي،

پنھنجي نيڪ نامي پوءِ ڪرڻ ضروري.

 

چاھيو ٿا پنھنجي وطن کي خوبصورت ڏسڻ،

وطن جي زينت بڻجي اوھان تي پوءِ ضروري.

 

بُرائين بُرين کان جي بچڻ گھرو ٿا،

بُري صحبت کان پري پوءِ رھڻ ضروري.

 

ڪري عباسي تنھنجي نيڪي ھر جاءِ تي،

سُٺو سَڀاءُ اپنائڻ ٿيو آ توکي ضروري.

 

***


 

اُستاد گل دايو

لاڙڪاڻو

چنگ

روڊ تي ڏاڍو تيز هلي ٿي.

مايون ڪاڪا سڀ چڙهن ٿا،

ٻار به ڏاڍا  مزا وٺن ٿا.

شهر سڄي ۾ چڪر هڻي ٿي،

ماڻهن کي هيءَ ٽڪر هڻي ٿي.

وٺي ٿي سڀ کان فل ڪرايو،

ٻارن سان ڪجهه رعايت ڪري ٿي.

ٻهراڙين ڏانهن وڃڻ لڳي آ،

ڳوٺ جون سواريون کڻڻ لڳي آ.

اتان جي ڪچڙن رستن تي هيءَ،

ٻيڙيءَ وانگر ٿي لوڏائي.

چائنا چنگچي ٺاهي آهي،

سستو ٿي هر هنڌ پهچائي.
 

ساگر مستوئي

ٽنڊو جان محمد

ديس اسان جو

ديس اسان جو سڀ کان پيارو،

سُڃاڻپ هن جي چنڊ ۽ تارو.

 

واهه جو منظر آ چئني پاسي،

ڏسون ٿا هلي سنڌو ڪنارو.

 

ڪلفٽن منهوڙو ۽ مزار قائدِ،

هلي ٿا گهمون پيارا ٻارو.

 

سونهن ڀريل سڄو ديس آهي،

دلڪش آهي هرڪو نظارو.

 

ديس جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان مان،

هن ۾ لطيف ڀٽ شاهه وارو.

 

دعاڳو آهي مستوئي هردم،

سدا رهي هتي خوشين جو وسڪارو.


 

برج لال بيوس

دادو

غزل

گهڻو پنڌ ڪندو ڪر اي انسان

گهڻي نه گُفتگو ڪر اي انسان

 

۽ رههُ باخبر تون هن دنيا ۾،

گهڻو  نه کائيندو ڪر اي انسان

 

ته دنيا به اٿئي يار مطلبي،

گهڻو اڄ نه هلندو ڪر اي انسان

 

گهڻو بيوقوف به نه ٿي هن ساگر ۾،

گهڻو به نه سوچيندو ڪر اي انسان

 

ته رههُ به هوشيار ته هن محفل ۾،

نه بيوس ٿيندو ڪر اي انسان.

 

ماريه هليو

لاڙڪاڻو

خواهشون

مان هڪ شاگردياڻي آهيان،

هر وقت پڙهندي رهان

وڏي عُهدي تي پهچان

پنهنجي والدين جو نالو روشن ڪريان

عزت ملي پيار ملي

جيڪو چاهيان اهو سڀ ملي!

وڏي عُهدي تي پهچان

هر غريب جي مدد ڪريان

انهن کي پڙهايان لکايان

مان هڪ شاگردياڻي آهيان

درسگاهه وڃان ۽

پنهنجي اُستاد جي عزت ڪريان

جيڪو هو مون کي سيکارين

پڙهي لکي اُستادن جو

مانُ مٿانهون ڪريان

انهن جي فخر جو سبب بڻجان

اُستاد اسان کي پڙهائين ٿا ۽

ڊاڪٽر، انجنيئر  بڻائين ٿا

مان هڪ شاگردياڻي آهيان.
 

ڪائنات ٻگهيو

لاڙڪاڻو

قلم جي اهميت

مان ٻڌايان ڪهڙي عظمت قلم جي،

وڏي آ دنيا ۾ دوستو قيمت قلم جي.

 

ٿيون روشنيون ڦُٽي پون هر طرف،

عجب آهي ڪيڏي نه ندرت قلم جي.

 

وڏا وڏا فرمان به عاجز اچن ٿا،

جڏهن ٿي ظاهر ٿئي طاقت قلم جي.

 

آمر ۽ جابر به ٿا پناهه گهرن يارو،

حاوي آ دنيا تي حشمت قلم جي.

 

علم ۽ تهذيب جو زيور ٿو ملي ان کي،

جنهن دل آ سُڃاتي اهميت قلم جي.


 

بيخود بلوچ

مومل جي ماڙيءَ جو محبتي ماڻهو عبدالحئي ڀٽو

کرڪڻا لاهي سُک نه سُتا ڪڏهن

اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو. (شاههرح)

اسان جو دوست عبدالحئي ڀٽو، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو کاهوڙي ڪردار آهي. جنهن کي سدائين پنڌ جو پُور رهندو آهي. جستجو ۽ جدوجهد هن جي منشور ۾ شامل آهي. اسان جي سنڌي ادب ۾ ٻالڪ ادب جي وڏي اهميت آهي. ٻالڪ ادب اسان جي ادب جو بنياد آهي. ان بنياد طرف اسان جا نام نهاد وڏا اديب ۽ دانشور ڌيان نٿا ڏين. پر عبدالحئي ڀٽو ذاتي، توڙي تنظيمي پليٽ فارم تان ان بنيادي ادب لاءِ ڪوشش ۽ جدوجهد جاري رکندو ٿو اچي. پيار ۽ پريت جي علامت مومل جي ماڙي جو هي ماڻهو جڏهن به مليو آهي، جدوجهد ۾ مصروف مليو آهي. سنڌي ادبي سنگت هجي يا ٻالڪ ادبي فورم جو پليٽ فارم عبدالحئي ڀٽو ڪنهن نه ڪنهن ادبي ڪاڄ جي لاءِ ڪم ڪندي نظر ايندو. عبدالحئي ڀٽي جو قلم ۽ قدم هميشه سنڌ جي ٻارڙن لاءِ اڳتي وڌنڌو رهيو آهي.  عبدالحئي ڀٽو ٻارڙن لاءِ نظم توڙي نثر هميشه لکندو رهيو آهي. اسان جي ادب ۾ دانشورن جي کوٽ نه رهي آهي، پر ڪم ڪندڙ ورڪر، قسم جي قلمڪارن جي کوٽ رهي آهي. اهڙيءَ کوٽ ۾ عبدالحئي ڀٽو هميشه ڪم ڪري، پاڻ کي ٻوليءَ جو خدمتگار ۽ ورڪر ثابت ڪيو آهي. ٻار قومي عمارت جو بنياد هوندا آهن. ۽ اديب ۽ شاعر وري ان عمارت جا انجنيئر ٿين ٿا. صحيح انجنيئر هميشه عمارت جي بنياد جي پختگي ۽ مضبوطيءَ تي غور ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته عمارت جو بنياد ئي عمارت جي بقاءَ ۽ جٽاءَ جو ضامن ٿئي ٿو. اڄ ديس جا لکين ٻار تعليم کان محروم آهن. سندن اکيون ڪتابن جي صفحن بدران فضول فلمن سان سلهاڙيل آهن. هٿ ۾ قلم بدران موبائل فون آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻارن جي ادب جي واڌ ضروري آهي. ٻارن جي ادب سان اديبن توڙي سماج جي خطرناڪ لاتعلقي کي ڏسي ٻين سان گڏ عبدالحئي ڀٽو به متحرڪ آهي. اها سندس سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ سان محبت آهي. آءٌ عبدالحئي ڀٽوکي 48 هين سالگرهه جي موقعي تي مبارڪ ڏيڻ سان گڏ دعا ٿو ڪريان ته، رب پاڪ کيس ڪيئي بهارون نصيب ڪري ۽ هو ٻاراڻي ادب جي وارثي ڪندو رهي ۽ نئين نسل لاءِ ڪهاڻيون شاعري ۽ مضمون لکندو رهي.

***

ڊاڪٽر راجه سيلرو

شڪارپور

ڇِن ۽ ان جو علاج

{Hernia and its Treatment}

سرجريءَ جي لحاظ کان ڇِن (Hernia) هڪ عام بيماري آهي. جيڪا هرعمر وارن مردن توڙي عورتن ۾ ٿئي ٿي. ڇِن کي هيٺين طرح بيان ڪيو ويندو آهي.

Defination.

It is protrusion of viscus through an abnormal opening of the containing cavity.

يعني پيٽ مان اندرين عضون يا عضون جو حصو، جنهن ۾ هو رکيل آهي. اتي غلط سوراخ ٿي پوي ته نڪري اچن ته اهڙي عمل کي ڇِن چئبو آهي. عام طرح عضوا ٻاهر نه نڪرندا آهن. جيئن پيٽ جي هيٺين حصي ۾ نري وٽ ڇِن ٿي پوندو آهي، ته ان ۾ آنڊو (Intestine)  يا اومينٽم(Omentum) پيٽ مان ٻاهر نڪري ايندا آهن ۽ ڳوڙهي جي صورت اختيار ڪندا آهن.

* ڇِن جا سبب Aetiology

ڇن جي بيماري عضوياتي نقص (Congenital) جي ڪري ٻار ۾ ٿئي ٿي ۽

وڏن ۾ عضون جي ڪمزوري (Acquired)

جي ڪري ڇِن ٿئي ٿو. ڪجهه هيٺيان عناصر پڻ ڇِن جي بيماري پئدا ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. جي عمر جي مختلف مرحلن ۾ ٿين ٿا.

1. ٻارن ۾ ڇِن Hernia in Childrens

ٻارن ۾ ڇِن پيدائشي (Congenital) ٿئي ٿو. جيئن دُن جو ڇن(Umblical Hernia) ڪن ٻارن ۾ دُن جي رِنگ (Ring) موڪِري هوندي آهي، ان سان گڏ پيٽ جون مشڪون ڪمزور هجڻ ڪري ٻارن ۾ دُن جو ڇن ٿئي ٿو. ٻيو ٻارن ۾ نرَي جو ڇِن (inguinal Hernia) ٿئي ٿو. جيڪو خصين (Testes) جي پيٽ مان هيٺ اچڻ دوران رهجي ويل پردي (Process Veginalis)  جي ڪري ٿئي ٿو.

ڪڏهن ڪڏهن وري گهڻي قبضي (Constipation)، پيشاب جي نالي سوڙهي ٿيڻ (Structure Urethera) ، جي ڪري پيشاب زور سان ڪرڻ ۽ ڪاڪوس ڪرڻ کان به ڇِنُ ٿي پوندو آهي. ٻارن ۾ وڏي کنگهه (Whooping Cough) ، پڻ ڇِن جو سبب ٿي سگهن ٿا.

2. وڏن ۾ ڇِن Hernia in Adults

وڏي عمر واري ماڻهن ۾ ڇِن جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا.

(الف) پيٽ جي مشڪن جي ڪمزوري.

هن بيماري ۾ جسم جي ٻين مشڪن (Muscles) سان گڏ پيٽ جون مشڪون ڪمزور هجڻ جي ڪري ڇِن ٿي پوندو آهي. هي خانداني ۽ موروثي بيماري آهي. جنهن ڪري اهڙي مريض ۾ ڇِن ٿيڻ جا امڪان گهڻا هوندا آهن.

(ب) گهڻي کنگهه، قبضيءَ جي دائمي شڪايت ۽ پيشاب جي رڪاوٽ.

هي عناصر پڻ پيٽ جي مشڪن کي ڪمزور ڪندا آهن. هنن تڪليفن ۾ پيٽ جو دٻاءُ  (Pressure)وڌي ويندو آهي. جيڪو اڳتي هلي ڪري ڇِن جو ڪارڻ بڻبو آهي. عورتن کي گهڻن ٻارن جي ڄڻڻ جي ڪري به ڇن ٿئي ٿو. يعني ته پيٽ واريون مشڪون ڪمزور ٿين ٿيون، جنهنڪري عورتن ۾ به ڇن ٿيندو آهي.

(د) آپريشن.

ڪجهه آپريشن جيئن پيٽ جو آپريشن ۽ اپينڊيڪس جو آپريشن پڻ ڇن جو سبب هوندا آهن. انهن آپريشنن کانپوءِ ۽ انفيڪشن (Infection) ٿيڻ يا پيٽ جي تهَنِ کي صحيح ٽانڪا (Repair) نه لڳڻ ڪري يا کنگهه يا آپريشن کان پوءِ آنڊي جو دير سان کُلڻ ڇِن جو سبب ٿي سگهن ٿا. هاڻي جديد طريقي (Laproscopy) جي ذريعي پيٽ جي کَل ۾ سوراخ (port) ذريعي آپريشن ڪيا وڃن ٿا. جيئن پتي جو آپريشن (Laproscopic cholecyctectomy) هن آپريشن ۾ دُن وٽ ۽ ٻين هنڌن تي سوراخ بڻائي، پتو ڪڍيو ويندو آهي. انهيءَ سوراخ جي انفيڪشن (Infection) يا صحيح بند نه ڪرڻ جي ڪري به ڇِن ٿي پوندو آهي. اهڙي ڇِن کي (Port Hernia) چيو ويندو آهي.

3. پوڙهن ماڻهن کي ڇِن (Hernia in Elderly People)

وڏي عمر ۾ جسم جون مشڪون ڪمزور ٿينديون آهن. جنهنڪري ڇِن (Hernia) ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن. ٻيو ته پوڙهن ماڻهن ۾ پيشاب جو غدود (Prostate Gland) وڌندو آهي، جيڪو پيشاب جي رڪاوٽ پئدا ڪندو آهي. رڪاوٽ جي ڪري پيشاب ڪرڻ وقت زور ڏيڻو پوندو آهي، جيڪو ڇِن جو سبب ٿئي ٿو. وڏي عمر واري ماڻهن ۾ حُقَي ۽ ٻِيڙِي ڇِڪڻ ڪري ڦِڦڙن جو (Infection) ٿئي ٿو، جنهن ڪري دائمي کنگهه رهڻ ڪري، ڇِن جو سبب ٿئي ٿو.

]ڇِن جا قسم Kinds of Herniaڇِن جا هيٺيان قسم عام ٿيندا آهن[

1. نَري ۽ خصين جو ڇِن  Inguinal hernia

2. دُن وارو ڇِن                   Umblical Hernia

3. دُن جي ڀروارو ڇِن    Para Umblical Hernia

4. هيٺ ڄنگهه ۽ نَري وارو ڇِن  Femoral Hernia

5. معدي مٿان ڇِن     Epigastric Hernia

6. آپريشن ذريعي پئدا ٿيل ڇِن Incisional Hernia

مٿئين قسم جا ڇِن عام ٿيندا آهن. ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترن ئي قسمن جا ڇِن پيٽ جي اندر ۽ ٻاهر ٿيندا آهن.

***

قاضي منظر حيات

وليم هاروي _ (William Harvey)

}1578ع  1657ع{

وليم هاروي پهريون ڀيرو دنيا جي آڏو
رت جي گردش جو نظريو پيش ڪيو، جنهنڪري سندس نالو اڄ به زنده آهي. ڪجهه سائنسي حقيقتون اهڙيون به آهن، جن جي اهميت کان ڪوبه انڪاري نٿو ٿي سگهي ۽ اها ڳالهه سولائي سان ڪنهن کي به سمجهه ۾ نٿي اچي، ته اڄ کان ڪيترا سال اڳ ماڻهو اهڙن نظرين تي کلندا هئا.

هاروي به پنهنجو نظريو پيش ڪري ڦهليل پراڻين غير فطري ڳالهين جو انت آندو ۽ ميڊيڪل سائنس ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو.

انساني شعور جي ابتدا کان اڄ ڏينهن تائين ڪيترائي اهڙا ڪتاب لکيا ويا آهن، جن علمي دنيا ۾ انقلاب آڻي تاريخ جو رخ موڙي ڇڏيو. پر اهڙا ڪتاب گهٽ ڇپيا هوندا جن پوري انسانذات کي فائدو رسايو هجي. اڄ کان اٽڪل 373 سال اڳ هڪ اهڙوڪتاب ڇپيو، جيڪو ماڻهن پڙهيو ته هو، پر ان تي اعتبار ڪونه ڪيو. هاڻي اهو ئي ڪتاب گهٽ ماڻهو پڙهن ٿا، پر ڪنهن کي ڪا مجال ناهي، جو ان ۾ موجود مواد تي ذرو به شڪ ڪري سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org