سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جون  2023ع

باب:

صفحو:6 

Text Box: مضمون

آئون، ٻاراڻي ادب جا ڪيترائي ڪتاب پڙهي چڪو آهيان. ان ادب جي پڙهڻ ۾ دلچسپي رکان ٿو.ٽي تحفا ڪتاب به ٻاراڻي ادب سان تعلق رکي ٿو. جنهن کي وڏي چاهه ۽ شوق سان پڙهيم. ياد رهي ته، مذڪوره ڪتاب ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو لکيل آهي. اهو ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور 2021ع ۾ شايع ڪيو. جيڪو هڪ سال گذرڻ کان پوءِ مون کي محترم اسير امتياز (واهي پانڌي) ڏياري موڪليو. ان ڪري آئون، سندس بيحد ٿورائتو آهيان. هن ڪتاب ۾ ڪل 64 صفحا آهن. جنهن ۾ ٻارنهن ٻاراڻيون ڪهاڻيون آهن. جيڪي نصيحتن سان گڏوگڏ دلچسپ هئڻ ڪري پڙهڻ، وٽان آهن. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته،ٻاراڻي ادب تي لکڻ سولو ڪم ڪونه آهي. اهو ادب، هر صنف کان ڏکيو آهي. آئون سمجهان ٿو ته، اها ڳالهه حقيقت تي مبني آهي. جنهن کان ڪوبه ذي شعور انسان انڪار ڪري ڪونه سگھندو ۽ دل سان قبول ڪندو. ان جو سبب اهو آهي ته، ٻاراڻي ادب لکڻ کان اڳ ۾، ٻارن جي لاڙن، حالتن، دلچسپين، راندين، وندر، علم، تربيت ۽ اخلاق کي نظر ۾ رکڻو پوي ٿو. ان کان پوءِ، قلم کڻي لکيو وڃي ٿو. هن ڪتاب ۾ ليکڪه انهن سڀني ڳالهين جو خيال رکيو آهي ۽ اهو ئي ڪتاب ڪاميابي جو راز آهي. آئون، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ کي دل جي گهراين سان واڌايون ڏيان ٿو. جنهن اهو شاندار نموني لکي سنڌي ادب ۾ هڪ ڪتاب جو واڌارو ڪيو اٿس.

ڪتاب جي ارپنا، ليکڪه پنهنجي پُٽن، پوٽنِ ۽ ڏوهٽن جي نالن سان لکي آهي ۽ انهن کي دعا ڪندي لکي ٿي ته، شال رب پاڪ کين سُٺي صحت، علم، ادب ۽ ايمان جي سلامتيءَ سان شاد ۽ آباد رکي (آمين). ربّ تعاليٰ سندس اها دعا قبول ڪري. اها هر والدين جي پنهنجي اولاد لاءِ دعا هوندي آهي. پر، اولاد کي سٺي تربيت ڏيڻ سان، اها خواهش پوري ٿئي ٿي. ارپنا کان پوءِ،
پبلشر نوٽ مسٽر قربان منگي لکيو آهي. هي صاحب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور سنڌ جو چيئرمين آهي. جنهن پنهنجي خيالن جي اظهار ۾ لکيو آهي ته،ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه سنڌي ادب جي مانائتي ليکڪا آهي. آئون، منگي صاحب جي اُن راءِ سان بلڪل متفق آهيان. ڊاڪٽر صاحبه کي ڪيترائي دفعا اخبارن ۾ پڙهيو اٿم. سندس لکڻيون پڙهي دلي مسرت محسوس ٿيندي آهي. هن ڪتابڙي جو مهاڳ، پوپٽن جهڙيون ڪهاڻيون امر اقبال لکيو آهي. سندس چوڻ آهي ته، آپا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جون لکيل هي ٻارنهن ئي ڪهاڻيون دلچسپ ته آهن ئي آهن. پر، انهن سڀني مان هر هڪ ۾ نصيحت جا نڪتا سمايل آهن. خلق جي خدمت، ماحوليات جو بچاءُ، ظلم خلاف احتجاج، مسلسل محنت ۽ جدوجهد ۽ ٻيا چڳا قدر هنن ڪهاڻين وسيلي، اسان جي نئين نسل ڏانهن منتقل ٿيندي نظر اچن ٿا.

ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ صاحبه، پنهنجي پاران ۾ لکيو آهي ته، ننڍي هوندي کان وٺي مطالعي ڪرڻ جو شوق هو. تنهن زماني ۾ اخبارون ۽ ڪتاب مشڪل سان ملندا هئا. جيڪو ادب پڙهيوسين، سو پنهنجي ۽ مٽن مائٽن جي ڪتب خانن مان ۽ هڪ ٻئي کان ڪتاب کڻي پڙهيوسين. روزانه هڪ آني جي مسواڙ تي ڪتاب به وٺي پڙهندي هئس. ياد رهي ته، ليکڪه صاحبه جو ٻاراڻي ادب جو هي ٻيون ڪتاب آهي. هن کان اڳ ۾، سندس ڪجهه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. جن مان راقم الحروف (غلام حسين جوڻي) هڪ ڪتاب شرارتي جن پڙهي پنهنجي راءِ ۽ خيال کان کيس واقف ڪري چڪو آهي. خير هي ڪتاب وندر، سکيا ۽ تربيت جي سبق آموز ڪهاڻين جو هڪ مجموعو آهي. اهي ڪهاڻيون سنڌ جي هر شهر، ڳوٺ ۽ واهڻ جي ٻارن لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون. سندن اخلاقي قدرن ۽ ذهني نشوونما لاءِ
مفيد آهن. جن کي ترجيحي بنيادن تي پڙهيو وڃي، ته بهتر ٿيندو. ٻارن ۾ مطالعي ڪرڻ جو شوق به پيدا ٿيندو.

هن ڪتاب ۾، هيٺين عنوانن سان ڪهاڻيون شايع ڪيون ويون آهن:

1. پشيماني 2. روشني 3. ٽي تحفا 4. آسيه ۽ ارسلان 5. صوفن جو باغ 6. سچي خوشي 7. ڏهه روپيا 8. خود غرضي  9. ڪر ڀلو ته ٿيئي ڀلائي 10. وڻ پوکيو، ثواب ڪمايو 11. شهرادو راهب ۽ 12. بوٽ پالش.

مٿيون سموريون ڪهاڻيون اخلاقي قدرن سان ٽمٽار آهن. هر هڪ ۾ ڪانه ڪا نصيحت سمايل آهي. انهن نصيحتن تي عمل ڪرڻ سان، دنيا توڙي آخرت سنوارجي سگھي ٿي. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونه اٿئون. پر، ڪجهه ڪهاڻيون اهڙيون آهن جيڪي مون کي ڏاڍيون وڻيون ۽ انهن
مان سبق حاصل ڪيو اٿم. جيئن ڪهاڻي
پشيماني ۾ اها ڳالهه لکي ويئي آهي ته، انسان ۾ جڏهن خود غرضي اچي ٿي. تڏهن کيس نقصان ضرور ٿئي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جو مقصد اهو آهي ته، انسان خود غرض نه ٿئي ۽ ڪنهن به ڪم ۾ تڪڙ نه ڪجي. هميشه عاجزي ۽ انڪساريءَ
کان ڪم وٺجي بلڪل اهڙيءَ
طرح
روشني ڪهاڻي مان اها نصيحت ملي ٿي ته، ڏکئي وقت ۾ ڪنهن جي مدد ڪرڻ سٺو عمل آهي. رب پاڪ کي بندي جو اهو عمل ڏاڍو پسند اچي ٿو. جنهن ڪري اسان کي گھرجي ته، اسان هر ڏکويل ۽ مصيبت جي ماريل ماڻهن جي مدد ڪريون. ان جو ربّ تعاليٰ  ضرور اجر ڏيندو. ٽي تحفا ڪهاڻيءَ جو به ساڳيو ئي مقصد آهي ته، قوم جي خدمت ڪرڻ گھرجي. صوفن جو باغ ڪهاڻيءَ ۾ اها هدايت ڪئي ويئي آهي ته، لالچ کان پاسو ڪرڻ گھرجي ۽ انسان کي محنت ڪرڻ گھرجي. ۽ محنت سان ئي ڦل ملندو آهي. مطلب ته هر، ڪهاڻي نصيحت ڀري آهي.

ياد رهي ته ڪتاب جو سمورو مواد سؤلي سنڌيءَ ۾ لکيل آهي. جنهن کي ننڍا ٻار آسانيءَ سان پڙهي، سمجهي سگھن ٿا ۽ نوجوان ٽهي سمجهي ۽ عمل ڪرڻ سان فائدو وٺي سگهي ٿي. آئون، کين اهو مشورو ڏيندس ته، مذڪوره ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور وٽان گھرائي ضرور پڙهن. هن ڪتاب جي قيمت صرف هڪ سو روپيا آهي. ٿوري قيمت هئڻ ڪري، هر ڪو خريد ڪري سگھي ٿو. سندن ذاتي لائبرريءَ ۾، ان جو هجڻ لازمي آهي. اهو نسخو سنڌي ادب جو بهترين سرمايو آهي. هڪ اعليٰ قسم جو تحفو آهي. جنهن کي هٿ ڪرڻ ۾ تساهل ۽ ڪاهلي کان ڪم وٺڻ نه گھرجي. هتي اهو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجھان  ٿو ته، مذڪوره ڪتاب جو ٽائيٽل ڊزائين سعيد منگي، لي آئوٽ آصف نظاماڻي جي محنت سان خوبصورت انداز ۾ ٺاهيا ويا آهن. ڪتاب جي آخري صفحي ته ليکڪه جو تعارف به ڏنو ويو آهي. جنهن جي پڙهڻ سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته، آپا ڪيترن ئي سالن کان وٺي سنڌي ادب جو ڪم ڪري رهي آهي. هن وقت تائين هيءَ ڪيترائي ڪالم ۽ مقاله لکي چڪي آهي. ان کان علاوه سترهن ڪتاب به ڇپرايا اٿس. سندس محنت ۽ جاکوڙ کي جس هجي. مسٽر اياز گل، ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکيو آهي. جنهن آخري جملا هيٺيا لکي، ليکڪه جي قدرداني ڪئي آهي.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ٻارن لاءِ ڪهاڻين جو ڪتاب لکي ٻارن سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو آهي. جنهن کي پيار سان ئي قبول ڪري سگھجي ٿو.

***

 


شيرين سائينڏنو مڱريو

حيدرآباد

کِل ته سهي

* پيءُ. طاهر پُٽ پنهنجي ڀاءُ کي ٻاهر هوا ته کارائي اچينس.

طاهر. بابا ڀاءُ هاڻ ته کير پيتو آهي، ان جو پيٽُ ڀريل هوندو.

* مالڪ نوڪر کي. توکي مون خط ڏنو هو، تو پوسٽ ڇو نه ڪيو؟.

نوڪر. سائين خط ڪيئن پوسٽ ڪريان؟ هر ڪنهن ليٽر باڪس کي هڪ هڪ تالو لڳل هو.

***

(علي محمد پلهه)

* ٻن ڀائرن گهر مان مٺائي چورائي اچي ٻاهر کاڌي. مٺائي کائڻ کان پوءِ وڏي ڀاءَ ننڍي ڀاءُ کي چيو ته، ادا امان کي اها ڳالهه نه ٻڌائجان. ننڍي ڀاءُ چيس ته، ادا امان کي اها ڳالهه ڇو ٻڌائيندس. حقيقت ۾ اها مٺائي هئي ئي تنهنجي حصي جي.

* پٽ ماءُ کي! امان آسمان ڇا جي لاءِ هوندو آهي.

ماءُ پٽ کي! ته جيئن آسماني بلائون هيٺ اچي نه ڪِرن.

پٽ ماءُ کي! امان پوءِ اسان جو استاد هيٺ ڪيئن ڪِري پيو؟

 

 

 محترمه ايڊيٽر صاحبه

السلام عليڪم!

بعد سلام جي احوال ته، اوهان ڏي موڪليل منهنجي ٻاراڻي ادب لاءِ لکيل ڪهاڻي اپريل 2023ع جي گل ڦل ۾ هلائي وئي، جنهن لاءِ اوهان جي وڏي مهرباني. ٻي ڳالهه اها ته اوهان الائي ڇو اعزازي ڪاپي نه موڪلي.

ايڊيٽر صاحبه: مان اوهان سان گهڻو وقت اڳ فون ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو هو، ته شڪارپور ضلعي جي سنڌي ٻاراڻي ادب جي لِکارين جي حوالي سان هڪ سلسلو شروع ڪندس.  انهن اديبن، شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن جو تعارف، ٻاراڻي ادب ۾ ڪيل خدمتن جو تفصيل ۽ انهن جي ادبي پورهيي، مان مثال کڻي، تجزيو ۽ جائزو پيش ڪيو ويندو، ته انهن ٻاراڻي ادب ۾ ڪيترو ڪم ڪيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ پهرين ڪڙِي پياري دوست ۽ گل ڦل جي لِکاري ارباب علي عادل چوهاڻ چونڊ ڪئي وئي آهي. اهڙيءَ طرح ٻين دوستن کي به وارو ڏنو ويندو. بهرحال مختصر ئي سهي، پر جامع انداز ۾ انهن جي ٻاراڻي ادبي پورهيي کي نروار ڪيو ويندو، ته جيئن انهن جا لڪل گوشه ظاهر ٿين. اُميد ٿي ڪجي ته هن پيار ڀريي پورهيي کي قبول ڪندي، ايندڙ گل ڦل جي شماري جي زينت بخشيندا، ته اهو سلسلو اڳتي وڌي سگهي. جيڪڏهن هن سلسلي کي خاص نالو ڏيڻ چاهيو ٿا ته ڏيئي سگهو ٿا.

عبدالواسع سُهندڙو

ڳوٺ: عظيم سهندڙو،

*

جواب: ادا عبدالواسع صاحب! اسلام عليڪم، توهان جي وڏي مهرباني، جو اسان جي اصلاح لاءِ خط لکيو. توهان طرفان موڪليل مواد ارباب علي عادل چوهاڻ صاحب جي شخصيت ۽ سندن پاران ڪيل ٻاراڻي ادب جي خدمت جو مواد ايندڙ شماري ۾ ڇاپيو ويندو. توهان کي گُذارش آهي، ته توهان سنڌ جي ٻارڙن، پنهنجي ليکڪ دوستن ۽ اُستادن کي گل ڦل لاءِ لکڻ ۽ مواد موڪلڻ جي گذارش ڪيو، ۽ گل ڦل رسالي جا خريدار به بڻايو، ته جيئن توهان ۽ اسان جو گل ڦل گهڻن کان گهڻن هٿن تائين پهچي سگهي. گل ڦل جي ذريعي اسان سنڌ جي سينيئر ليکڪن، ننڍڙن اديبن ۽ سڀني ٻارڙن تائين اهو پيغام پهچائڻ چاهيون ٿا ته گل ڦل جا لکندڙ بڻجو ۽گل ڦل جا خريدار بڻجو.

والسلام..

مئي 2023ع جي ماهوار شماري  ۾ لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيتسُر ڪلياڻ جي داستان ٻئي جو ٻاويهون نمبر بيت آهي.

بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:

بيشڪ تون طريقت  (سلوڪ جي راهه) تي اعتماد ۽ ڀروسو ڪري هلندو رهه، پر (ان سان گڏ) شريعت (ظاهري اصولن جي پيروي) جي ساڃهه پيدا ڪر. تون پنهنجي دل ۽ قلب کي هر وقت حقيقت (مالڪ حقيقيءَ) سان همراز ڪري  معرفت (ذات الاهي جي اندر ۾ ڄاڻ) کي پنهنجي منزل مقصود بڻاءِ. تون هن ڏسيل راهه تي ثابت قدم رهه، ته گناهن ۾ غرق ٿيڻ کان بچي وڃين.

بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:

*فيصل ڪاڪا: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڦل ڪاڪا.

*الاهي بخش: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول نبي بخش جمالي مٽياري.

*اعجاز علي: ڪلاس ڇهون، مخدوم محمد غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا نوان.

*غلام حسين لاکو: ڪلاس اٺون، مخدوم محمد غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا نوان.

* حسن: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*احسان علي: ڪلاس ڇهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*حسان نوشاد ڀٽي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*عبدالباسط ڪنڀار: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*علي رضا قمبراڻي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*نصير سولنگي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*امان الله ڀٽي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*آڪاش علي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*گل محمد ملاح: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*عامر حسين ڀٽي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*پير احسان الله جان: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*حسان رضا ڀٽي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*راول علي خاصخيلي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*محمد يوسف ڀٽي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*الله رکيو لغاري: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*سرمد جمالي: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي، تعلقه نيو سعيدآباد.

بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان فيصل ڪاڪا جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org