سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جون  2023ع

باب:

صفحو:2 

Text Box: مضمون

صاحب خان سورهه ميراڻي

نظم

بابو منھنجو پيارو پيارو،

مُرڪن وارو ٽھڪن وارو،

ھو صبح سويري جاڳائي،

ڀاڪر پائي سيني لائي،

گڏجي مسجد ھلندو آھي،

قرآن پڙھو، چوندو آھي،

موٽي گڏجي اينداسين گھر،

ماني جلدي ڏيندي امّڙ،

سڀئي سرمو پائي، سنڀري،

ٻالڪ سڀئي گھر کان نڪري،

اسڪول پڄي، پڙھي ڪڙھي،

محنت ڏاڪا سڀّ چڙھي،

موٽي گھر ۾ ايندا آھيون،

ٽيوشن تي پوءِ ويندا آھيون،

رات انڌيري ٿيندي آھي،

لولي امّڙ ڏيندي آھي،

ھيسورهه جا روزانو، ڪم،

سڀ محنت سان ئي لھندا غم.


 

ايوب گُل

امان!

امان! هڪ يادگيريءَ ۾،

ڪِران ٿو پينگهه تان آئون،

پريان تون ڊوڙ پائيندي،

ڇڪي ڇاتيءَ سان لائيندي،

اکين مان نير هارين ٿي،

وهيءَ جو سال هو نائون،

ڪِريو هئس پينگهه تان آئون.

 

امان! هڪ يادگيريءَ ۾،

اڱڻ ۾ راند کيڏيندي،

ڀڃي ٿو سئوٽ رانديڪو،

اڃا سو درد جو ليڪو،

ڇڪيل آ سوچ تنهنجيءَ ۾،

چيئه سو ڏينهن ساريندي.

 

امان! هڪ يادگيريءَ ۾،

گُهران ٿو عيد جي خرچي،

ابي جو حال ٿي اورين،

چُنيءَ جو پاند پوءِ سورين،

سڪو وٺندي پيس سرچي.

 

امان! هر يادگيريءَ ۾،

غريبيءَ ۾ اميريءَ ۾،

 اهوئي پيار ٿي وارين،

پڄي تون هاڻ پيريءَ ۾!

***


 

عبدالقيوم جکراڻي

(جيڪب آباد)

بابا سائين

منھنجا مٺڙا، بابا سائين،

خوش ھجين، شال سدائين،

 

ڏک ڏسين نه ڪڏھن ھردم،

خوشيون ماڻين قيامت تائين،

منهنجا مٺڙا، بابا سائين،

 

تون ئي ڇپرَ ڇانوَ اسان لئه،

تون ئي ھردم دُعاگو آھين،

منهنجا مٺڙا، بابا سائين،

 

ٻچڙا منهنجا شاد رھن شل،

ربّ کي ھردم ٿو ٻاڏائين،

منهنجا مٺڙا، بابا سائين.

 

تنھنجون دعائون پارس آھن،

ياد د ُعائن سان فرمائين.

منھنجا مٺڙا، بابا سائين.

 

اولاد جي لئه عبدالقيوم،

دل سان دعائون ٿو دُھرائين.

منهنجا مٺڙا، بابا سائين.

***


 

اشرف لاريب

عيد جو چنڊ

کُڏَن تي عيد جو چنڊ ٻالڪ ڏسي ٿو،

پنهنجي بدن تي پاتل ڪپڙن تي جڏهن تڪي ٿو

 

ڪپڙن تي لڳل چتين مان چنڊ کي ليئو پائي ڏسي  ٿو،

چنڊ به مسڪرائي نينگر کي ڄڻ چئي ٿو.

 

عيد صرف نوان ڪپڙا پائيندڙن لاءِ ناهي مان ته،

تنهنجي ڦاٽل چولي تي به توکي چمڪي ڏيکاريان ٿو.

 

اهو چئي چنڊ بادلن ۾ لڪي وڃي ٿو،

روئيندڙ غريب نينگر کي چنڊ ڄڻ سرچائي ٿو.

 

ٻالڪ عيد جي چنڊ کي ٻڌائي ٿو،

منهنجي امڙ جي ٽٽل چوڙي وانگر تون به لڳين ٿو.

 

اي چنڊ منهنجي ڦاٽل چولي جي چتين ۽ سوراخن ۾،

تنهنجون سوين تصويرون سجايان ٿو.


 

عزيزه حنا عباسي

ابهم ٻار

هي ننڍڙا ميرانجهڙا ٻار،

جيڪي پنهنجي مائرن سان گڏ،

ڪي هنج ۾ ته ڪي ماءُ جي چادر،

جهلي منتظر بيٺا آهن،

حڪومتي امداد جي آسري،

ڪڏهن حيرت وچان،

هيڏي هوڏي ڏسن پيا،

ڪڏهن خوش ٿي کلن پيا،

ته پيسا ملندا  ته ماني ملندي،

۽ اسين به  عيد ڪنداسين.

امان به گهڻن ڏينهن کان پوءِ کلندي،

افسوس هي اسان جا ابهم ٻار،

اسان جي  ساوڪ ڀري سنڌ جي،

مستقبل جا معمار،

اهو نٿا ڄاڻن ته  هي ملڪ سڄو،

هن ڌرتيءَ جو ٿو کائي،

پر اسان وري هنن هٿان،

ملندڙ امداد ٿا کائون.

 

***

 ٻارو اسلام عليڪم! اچو ته اڄ اسان درسي ڪتابن منجهان هڪ خاص ۽ اهم موضوع بابت ڄاڻ حاصل ڪريون. انسان ذات جڏهن کان شعور جون منزلون طيءِ ڪندي، آمد رفت ڏانهن مائل ٿيو، ته ان کي محسوس ٿيو، ته هڪ طرف کان ٻئي طرف ڏانهن وڃڻ لاءِ ڪو جوڳو ذريعو هجي. خاص طور تي جڏهن پاڻي جي هڪ ڪناري ويٺل ماڻهن ٻئي پاسي وڃڻ لاءِ سوچيو، ته درياءَ کي پار ڪرڻ لاءِ ننڍيون ڪاٺ جون ٻيڙيون، پوءِ آهستي آهستي انجڻ تي هلڻ وارا آگبوٽ، لانچون ۽ جيئن جيئن انسان ترقيءَ جون منزلون طيءِ ڪندو ويو، ته پوءِ ننڍا ننڍا بحري جهاز، جيڪي پوءِ اڳتي هلي وڏن بحري جهازن ۾ تبديل ٿي ويا. انسان وقت سان پنهنجي آمد رفت جا ذريعا مٽائڻ ۽ وڌائڻ به شروع ڪيا. دريائن مٿان پُليون جوڙي انهن کي آمد رفت لاءِ استعمال ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت آهستي آهستي پُلين ٺاهڻ بعد دريائن مٿان بند ٻڌي بئراجون به ٺاهيون ويون. بئراجون نه صرف آمد رفت ۾ ڪم

 

 

آنديون، پر اصل ۾ انهن جو ڪم زراعت ۾ تمام اهم هيو.

سنڌ ۾ تاريخ کان آڳاٽي زماني ۾ به برساتي ندين جي پاڻي جو رخ موڙي آبادي ڪئي ويندي هئي. بئراج جي وصف آهي ڪنهن نهر يا درياءَ جي وهڪري کي ڪنهن مناسب هنڌ تي ٻڌي دروازا وجهي، پاڻيءَ جو وهڪرو موڙي منظم شاخن ذريعي مقصدن ۽ ڪڏهن جهاز رانيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. چؤماسي جي ڏينهن ۾ عام طور تي دريائن جا گيٽ کولي ڇڏيندا آهن، ته جيئن بئراج محفوظ رهي. اهڙا لڳ ڀڳ 80 قديم بند کيرٿر ۾ لڌا ويا آهن. جيڪي 4500کان 5000 سال پراڻا آهن.

اسان جي سنڌ ۾ سنڌو درياءَ تي ٽي وڏا بئراج ٺاهيا ويا آهن. پهريون وڏي ۾ وڏو بئراج  آهي، سکر بئراج جنهن ۾ 66  دروازا آهن.  1923ع کان 1932ع تائين تعمير ٿيو آهي. اهو بئراج 5000 فٽ ڊگهو آهي. ان ۾ ست واهه آهن ۽ 10 مِلين ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي گنجائش اٿس. گڊو بئراج ڪشمور وٽ آهي. جيڪو 1957ع کان 1962ع جي عرصي ۾ مڪمل ٿيو. ان ۾ 12 لک ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ڪرڻ جي گنجائش آهي.

60 فٽ ويڪرا 64 گيٽ اٿس. 2.9 ملين ايڪڙ زمين آباد ڪري سگهي ٿو. غلام محمد بئراج ڄام شوري وٽ آهي، جيڪو 1955ع ۾ تيار ٿيو. 3000 فٽ ڊگهو هي بئراج 5 ملين ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي گنجائش رکي ٿو. سکر بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج فقط زرعي مقصدن کي پورو ڪن ٿا ۽ گڊو بئراج پاور پئدا ڪرڻ لاءِ به ڪم آندو ويو آهي. بئراجن ذريعن هڪ طرف زرعي پيداوار ۾ اضافو آيو آهي ۽ ٻئي طرف بجلي به پئدا ٿئي ٿي. جڏهن ته آمد رفت لاءِ به اهي ٽئي بئراجون استعمال ٿين ٿيون. پاڻي منجهه

 

 

ٻيڙيون هلن ٿيون. جڏهن ته مٿان پُل ٺاهي ڪري روڊ مرمت ڪيا ويا آهن، جتان گاڏين جي اچ وڃ پڻ آساني پئدا ڪئي آهي.

ٻارو! سکر بئراج جو نالو Barage _ Loloyed  (لائيڊ بئراج) آهي. هي بئراج سنڌو درياءَ تي سُونهن جو اهڃاڻ پڻ آهي. ماشاءَ الله. تقريباً اچي سؤ سال جي سندس عمر ٿي آهي. ان جي باوجود پنهنجو مثال پاڻ آهي. ان جو ڪم جولاءِ 1923ع ڌاري شروع ڪيو ويو ۽ خير خوبيءَ سان سال 1932ع تائين مسلسل 9 سالن تائين ڪم هلندو رهيو ۽ پورو ڪيو ويو. آرنالڊ البرٽ جي نگراني ۾ ڪم شروع ڪري بنياد وڌو ويو. جيئن ته پهريان به ذڪر ڪيو اٿم ته ڪل 66 دروازا ۽ ٻنهي پاسن کان  7 وڏا ڪئنال نڪتل آهن. هن بئراج منجهان 15 لک ڪيوسڪ پاڻي لنگهي سگهي ٿو ۽ 80 لک کان وڌيڪ زمين آباد ڪئي وڃي ٿي. 1932ع تائين ڪئنال وغيره کوٽي درياءَ بادشاهه کي ڪنٽرول ڪيو ويو. بئراج جو مطلب آهي ته درياءَ سنڌ تي ڪنٽرول ڪري زرعي زمينن کي سرسبز ۽ آباد ڪيو ويو. 1923ع ۾ پيل بئراج جي بنياد سان درياءَ بادشاهه ۾ مڇي، خاص طور تي پلي، مڇيءَ جي افزائش تي آهستي آهستي اثر پوڻ لڳو. هينئر تمام گهٽ پيداوار ٿئي ٿي. (دراصل بئراج جو مطلب آهي درياءَ مٿان مصنوعي رڪاوٽ وجهي پاڻي کي روڪي مرضيءَ مطابق استعمال ڪرڻ واري پل) درياءَ بادشاهه مٿان اڏيل هي بئراج اڄ به ماشا ءَ الله پنهنجي جاهه و جلال سان قائم دائم آهي.66 دروازن تي مشتمل دنيا جو هيءُ سڀ کان وڏي ۾ وڏو نهري نظام يعني سکر بئراج، ايندڙ جولاءِ ۾ تقريبا اچي سؤ سالن کي پهچندو. درياءَ سنڌ مٿان سکر شهر جي ڀرسان ٺهيل هي بئراج 80 لک کان مٿي زرعي زمين کي سيراب ڪندڙ، پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ لاءِ نهايت اهم آهي. هن بئراج ٺهڻ کان وٺي هن مهل تائين ڪل ڏهه وڏا سيلاب ڏٺا آهن ۽ خير و خيريت سان گذاري چڪي آهي.

 

 

ٻارؤ! 1971ع واري جنگ دوران جتي مشهور پُل لئنسڊانون تي مستقل شام جو حملا ٿيندا رهيا. اتي ڊسمبر جي 16 تاريخ جڏهن منهنجو ننڍو ڀاءُ تمام گهڻو بيمار ٿي پيو ته اسان مجبوري ۾ پنهنجو گهر بند ڪري، شڪارپور جي طرف ڳوٺ ڪرن شريف ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. جتي بابا جن جي ماسي رهندي هئي. اسان ڏينهن جو تقريبا يارنهين وڳي جڏهن اوڏانهن وڃڻ لاءِ اچي سکر بئراج تي پهتاسين، ته اوچتو دشمنن جي جهازن حملو ڪري ڏنو ۽ زوردار اُڏام ڪندي، آسمان تي ڪارن پرن سان سرڻين وانگر تڪڙي اڏام ڪندي نظرآيا. اسان به سڀ گهر ڀاتي ڪلمو پڙهي ٽئڪسي منجهان لهي، هڪ وڻ هيٺان اچي گڏجي بيٺاسين ته، متان حملي جي صورت ۾ بم جي ڌماڪن ۾ اسين نه بچي سگهون ته، گهٽ ۾ گهٽ سڀ هڪ مهل گڏجي گذاري وڃون. جيئن ڪو به پويان اڪيلو نه بچي. اهو خيال منهنجي وڏي پڦيءَ مرحومه جو هو. پوءِ هميشه جيان جهازن کي ڀڄائي ڪڍيو ويو ۽ اسان خير و عافيت اچي شام جو ٽپهري مهل ڪرن ڳوٺ ۾ پهتاسين. جتي شام جي ريڊيو تان 7 وڳي واري خبرن ۾ شڪيل الرحمن جي گجگوڙ ڪندڙ خبرن جي آواز بجاءِ تمام غمگين لهجي ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ سقوط ڍاڪا جو عمل شروع ٿي ويو. اهو ڏينهن زندگي جو تمام اُداس ۽ غمگين هيو. پر جيئن ته اسان سڀ پهريون دفعو ڳوٺ ويا هئاسين ته، ڪنهن قدر اتان جي ماحول ۾ خيال بدلجي ويا. جنگ بنديءَ جو اعلان هر محب وطن پاڪستاني لاءِ نهايت اذيتناڪ هئي.

ٻارؤ! ربّ تعالى اهڙن ڏکين ڏينهن
۾ اسان جي درياءَ بادشاهه مٿان اڏيل قديمي
لئنسڊائون پل ۽ سکر بئراج سميت ٻين سڀني تاريخي ماڳن جي حفاظت فرمائي ۽ آئنده به فرمائيندو. آمين ثم آمين.

ٻارؤ! اڄ به اهي روڊ رستا، وڻ ٽڻ ۽ ماڳ مڪان سڀ ساڳيا آهن. جتي اسان جنهن هنڌ وڻ وٽ بيٺا هياسين، جڏهن به اتان گذرڻ ٿيندو آهي، ته سڀ ڪجهه ڪنهن فلم جي عڪس وانگر ياد اچي ويندو آهي.

سکر بئراج ڪيئن ٺهي، اتي ڪهڙا ڪهڙا سامان ۽ اوزار استعمال ڪيا ويا. ڪٿان ڪٿان ناياب پٿر ۽ لوهي سامان حاصل ڪيو ويو، ان سڀني جي معلومات لاءِ سکر بئراج ميوزيم ۾ رکيل ماڊل ۽ ڀتين تي آويزان ٿيل. بورڊن تي سڄي تفصيلات ۽ معلومات لکيل آهي.

ٻارؤ! توهان پنهنجي گرمين جي موڪلن ۾ پروگرام جوڙيو ۽ والدين سان گڏجي سکر بئراج ۽ ميوزيم جو تفصيلي جائزو وٺو ۽ پنهنجي پنهنجي علم مطابق معلوماتي نوٽس ڊائرين منجهه لکو، ته ضرور سٺو مضمون لکي ويندا. ائين توهان مشاهدو ڪري لکندا، ته مضمون نويسي تي توهان کي دسترس حاصل ٿيندي.

نثار بزمي

ڇا کي ڇا گهرجي؟

پيارا ٻارؤ! منهنجي ويجهو اچي ويهو، ته مان اوهان کي ٻڌايان، ته ڇا کي ڇا گهرجي. ته ٻڌو.

1چڪور کي چنڊ گهرجي.

کير کي کنڊ گهرجي.

ها ٻارو! چڪورُ هڪ سُهڻو پکي هوندو آهي، جنهن کي شوقين ماڻهو گهرن ۾ پاليندا به آهن. هي پکي چنڊ جو عاشق هوندو آهي. اُڏامي ان تائين پهچڻ جي ڪوشش ته ڪندو آهي، پر ويچارو مجبور ٿي موٽي پوندو آهي.  کير ۽ کنڊ کي ته اوهان به سڃاڻو ٿا جي ها.

2. ٻاٽَ کي لاٽ گهرجي.

ڀٽڪيل کي واٽ گهرجي.

ٻاٽ اوندهه کي چئبو آهي ظاهر آهي ته اوندهه کي روشنائي جي ضرورت هوندي آهي. جنهن ماڻهوءَ کي ڪو رستو يا دڳ نه ملندو آهي، انهي کي واٽ، دڳ يا اهڙي رستي جي ڳولا هوندي آهي، جيڪو هُن کي ماڳ تي رسائي هائو نه، ؟

3. پوڙهي کي لَٺِ گهرجي.

ڪُتي کي چَٺِ گهرجي.

ٻارو! پوڙهي ماڻهوءَ ۾ طاقت گهٽ هوندي آهي، جنهن ڪري گُهمڻ ڦِرڻ لاءِ هن کي لٺ جي گهرج پوندي آهي. جيئن ان کي هٿ۾ جهلي هو گُهمڻ ڦِرڻ جهڙو ٿئي.

ڪُتي کي جنهن ٿانوَ يا پاٽِڙي ۾ کاڌو کارائبو آهي، انهيءَ ٿانوَ کي چَٺ چئبو آهي. ٻڌو هُوندوَ، ته ڪنهن ڪنهن کي چيو هوندو ته يار ڪو چَٺَ آهين.

4. چاڪيءَ کي گهاڻو گهرجي

گهوڙي کي داڻُو گهرجي

چاڪي سمجهو ٿا؟ گهاڻو وهندو ڪڏهن ڏٺو اٿوَ.؟ هينئر سائنسي دور آهي. مگر تنهن هوندي به ڳوٺن يا شهرن ۾ به ڪنهن قدر گهاڻا وهندا نظر ايندا آهن. کَڙُ (مال کائيندو آهي) ۽ ڪؤڙي توڙي مِٺي تيل جي صورت اهو گهاڻو ڏيکاريندو آهي. گهاڻي ۾ هڪ ڏاند وَهندو آهي. گهاڻي وهائيندڙ کي گهاڻائي يا چاڪي سڏبو آهي. پيارا ٻارؤ! سنڌ جي هڪ بزرگ مخدوم بلال کي به اهڙي ئي گهاڻي ۾ پيڙيو ويو هو. بي گناهه بي خطا. گهوڙي جو داڻو، ته اوهان ڏٺو به هوندو جَوَ ڀٽاري جو وڻندڙ داڻو آهي، ته  پوءِ ان کي اهو ڪيئن نه گهربو.

5. ٻليءَ کي ڇِڇڙُ گهرجي

ڪڪڙَ کي چِچَڙُ گهرجي

ڇِڇڙُ، ته اوهان روز ڏسندا هوندا، ٻليءَ کي اهي اهڙا ته وڻندا آهن جو، انهن کي هُوءَ خواب ۾ به ڏسندي آهي. باقي رهيو ڪڪڙ. ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ٻڪري چوندي آهي، اُٺُ چري ٻٽِيهَه ته، آءٌ چران ڇَٽِيهه. پر ڪڪڙ جي دعوى ته اڃا اڳڀرو آهي. چِچِڙَ جانون جي ڪنن ۽ ٽنگن جي شروعات واري حصن تي چُهٽِيل هوندا آهن ۽ اهي رت چوسي پنهنجو دم سلامت رکندا آهن. پر جيڪڏهن ڪنهن ڪڪڙ کي خبر پئجي وئي ته انهن جو خير نه هوندو آهي. اهي چِچِڙَ هن کي ڏاڍو وڻندا آهن.

6. عورت کي گهوٽ گهرجي

بُکئي کي روٽ گهرجي.

عورت مرد کان سواءِ اڌوري، بلڪ اڻپوري هوندي آهي. ساڳي طرح مرد به عورت کان سواءِ پريشان ۽ بيقرار هوندو آهي شادي جي رات جهڙي ٻي ڪابه رات خوبصورت نه هوندي آهي. خدا ۽ رسول ﷺ جي حڪمن جي پيروي ۾ اها رات به آهي. تڏهن ٿو چوان عورت کي گهوٽ گهرجي، بُکئي ويچاري لاءِ روٽ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي شيءِ آهي. ٿُلهيءَ مانيءَ کي روٽ سڏبو آهي. جيڪو اَنَ مان ٺهندو آهي. اَنَ سان ئي ته ايمان هوندو آهي نه!

7. ماٽِيءَ کي مُئي گهرجي

ڌاڳي کي سُئِي گهرجي

ماٽي ڪُنڀَر آويءَ ۾ پچائي مالدار ماڻهن کي ڏيندا آهن. آوي سمجهو ٿا نه؟ ڪُنڀر ڇا ڪندا آهن جو کَڪَ، ڪانا ۽ ٻيو گندُ، گاههُ، آڻي ڍڳَ ڪندا آهن. جنهن ۾ ڪچيَ مٽيءَ جا ٿانوَ مٽَ، مٽِيون، دِلا، چاڏا چاڏيون، ماٽا، ماٽِيون، وغيره وچ ۾ لڪائي هڪ ٻئي جي مٿان ترتيب سان رکندا ويندا آهن، ۽ پوءِ هڪ پاسي کان ڏيندا ان کي باهه. اها باهه سڄي ڍڳَ کي رکِ ڪري ويندي ته ٿانوَ به پچي پُختا ٿيندا. ڪي ڪي خراب به ٿي پوندا آهن. ماٽيءَ ۾ کِير، ڏُڌُ يا مَکڻ وجهي هٿيڪي ڪري رکبي آهي. مُئِي سَرَن يا ڊَڀَنِ جو مُچو، جنهن سان ماٽِي اُگِهي پُگهي صاف ڪري سگهجي. اهڙي سُڪل گاهه جي مُچي کي مُئي به چئبو آهي. ڌاڳي ۽ سُئيءَ جي لاڳاپي جي ڄاڻ ته اوهان کي به هوندي.

8. وارن کي تيل گهرجي

چورن کي جيل گهرجي.

 تيل لڳائڻ کان سواءِ وار اڻڀا ۽ شوخ ٿي پوندا آهن ۽ جڏهن تيل لڳندو اٿن ته پَٽَ جهڙا نرم ۽ چمڪيلا ٿي پوندا آهن. چور اهو نٿو سمجهي ته جيڪڏهن چوريءَ ڪندي پڪڙجي پيس، ته جيل ۾ وڃڻو پوندو. اهو سمجهي ٿو پوءِ به هو جيل کان نٿو ڊڄي ۽ جيل ۾ وڃڻ پسند ڪري ٿو.

9. ڪاٺَ کي ڊکڻ گهرجي

مانيءَ کي مکڻ گهرجي

 ڪاٺ کي چيري ڦاڙي اُن مان هر قسم جو فرنيچر ٺاهي، ته ڊکڻ ئي ٿو سگهي، ڊکڻ ڪاٺ کي هٿ نه هڻندو، ته اهو ڏنگو ڦِڏو بيڪار پيو هوندو؟ ٻيو ڇا؟ ماني جوئر جي هجي، ٻاجهريءَ جي هجي، مڪئيءَ جي هجي، ڪڻڪ جي هجي يا چانورن جي. جيڪڏهن اُن کي مَکڻ سان مکِبو ته نرم ۽ سوادي ٿي پوندي آهي. نه ته اڻڀي ۽ بي مزي هوندي. سڻڀي نه هوندي.

10. شاعر کي جسُ گهرجي

قلم کي مسُ گهرجي

 ها ٻارؤ! شاعر جڏهن معاشري ۾ شعر پڙهندو آهي ۽ ماڻهو هن کي داد ڏيندا آهن يعني هن کي جَسُ ڏيندا آهن. ته هو خوشيءَ ۾ ڀرجي ويندو آهي.

 قلم ۽ مسُ سان واسطو، ته اوهان سڀني ٻارن جو به آهي. قلم ۾ مسُ نه هوندي ته هو ڇا لکندو؟

 11. وڻن کي ٻُور گهرجي

 انڌَي کي نُور گهرجي

وڻن جا ٻُور ته اوهان ڏسندا آهيو. ڀلا جيڪڏهن اُهي ٻُور نه جهليندا، ته پوءِ ڪهڙي ڪم جا. ويچاري انڌڙي کي اها ئي آس هوندي آهي ته، شل بي نور اکڙين ۾ ڪا روشني پوي. رب مالڪ آهي. گهڻن جي اها آس به پوري ٿي پوندي آهي. هن دنيا جا رنگ ۽ انهن جي سُونهن توڙي سُرهاڻ ٻارو! ڪهڙي نه موهيندڙ آهي؟ خدا شل اهي نعمتون ڪنهن دشمن کان به نه کسي.اکين سان ئي ، ته جهان جو مزو ماڻجي ٿو.

12. ”بزميءَ کي پيار گهرجي

ٿَرَ کي ٿڌڪار گهرجي

ٻارؤ! پيار جهڙي ٻي ڪابه نعمت ڪانهي. گهر ڀاتين سان پيار، پاڙيوارن سان پيار، ڌرتيءَ سان پيار، ماڻهن سان پيار. اها پيار جي دولت شل هر انسان وٽ جهجهي هجي.

ٿَرَ جو ريگستان مينهن جو مُحتاج هوندو آهي. ڏسو ڪافي سال اُتي برسات ڪانه پئي آهي، ڪو وسڪارو ڪونه ٿيو آهي، ته اُتي ڏکائيندڙ حالت آهي. مارو ماڻهو مايوس ٿيو پيا لڙڪ وهائين. ڍور ڍڳا مري ڳري رهيا آهن. سُڃ ٿي واڪا ڪري، دُعا آهي ته شل هر سال انهيءَ ٿَر تي ڪڪرن جي بهار هجي. مارُو مُرڪندا رهندا هجن.
 

دادا سنڌي

مخدوم نوح رح جي نصيحت

پيارا ٻارؤ! سنڌ سونهاري عالمن ۽ بزرگن جو گهر رهي آهي. اُهي عالم، علم جا ڀنڊار رهيا. حق جا علمبردار هئا. سچ جا سرواڻ هئا. جابر ۽ ظالم حاڪم کي هدايت ڪرڻ سندن شيوو هو. خوشامدي نه هئا. وقت جي حاڪم کان تحفا وٺي غريبن جي واهر ڪرڻ کان ڪيٻائيندا نه هئا.

اڄ مان اوهان کي اهڙن عالم باعمل بزرگن مان مخدوم نوح رح جي هڪ ڳالهه ٻڌايان ٿو.

مخدو نوح غوث الحق رح جنهن جو اصل نالو لطف الله هو. 27 سيپٽمبر 1509ع ۾ هالا ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو مخدوم نعمت الله رح هو. جيڪو حضرت ابوبڪر رضه جي پيڙهيءَ مان هو. مخدوم نوح قرآن شريف جا 25 سيپارا مخدوم عربي هالائيءَ وٽ پڙهيا. سندس سينو دنيا جي سمورن علمن سان ڀرپور هو. کيس قرآن شريف جي حقيقتن ۽ اسرارن تي وڏي دسترس حاصل هئي. ان ڪري قرآن شريف جو درس پڻ ڏيندا هئا.  کين فارسي زبان تي وڏو عُبور حاصل هو. پاڻ قرآن شريف جو فارسي ۾ ترجمو به ڪيائون. جيڪو برصغير ۾ قرآن جو فارسيءَ ۾  پهريون ترجمو آهي. پاڻ  مولانا رومي جي فڪر ۽ فلسفي جا قائل هئا. ۽ تصوف ۾ به وڏي ڄاڻ رکندا هئا. اُن ڪري حقوق العباد کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ۽ خلق جي خدمت کي عظيم عبادت سمجهندا هئا.

مخدوم نوح رح پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي بادشاهن جا دؤر ڏٺا ۽ انهن سان ملاقاتون ڪيون. ڪوبه سائل وٽس وقت جي حاڪم خلاف دانهن کڻي ايندو هو ته، مخدوم صاحب ان جي داد رسي لاءِ کيس سفارشي چٺِي لکي ڏيندا هئا، يا وري پاڻ حاڪم وٽ هلي ويندا هئا ۽ مظلوم کي حق وٺي ڏيڻ ۾ مدد  ڪندا هئا. پاڻ اعلى اخلاق جا وارث هئا. دشمن سان به چڱائي ڪندا هئا. همايون بادشاهه جڏهن سيوهڻ ۾ سنڌ جي حاڪم شاهه حسن کان شڪست کائي روهڙي، وڃڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن مرزا شاهه حسن حڪم ڪيو ته، ڪوبه ماڻهو همايون کي ٻيڙيون نه ڏي تڏهن مخدوم صاحب عام ڀلائي ۽ انساني همدردي لاءِ چيو ته، جنهن صورت ۾ همايون سنڌين وٽ مهمان آهي، تنهن صورت ۾ اسان جو فرض آهي ته ههڙي ڏکئي وقت ۾ سندس مدد ڪريون شاهه حسن اهو ٻڌي  کڻي ماٺ ڪئي ۽ ڪوبه جواب ڏئي نه سگهيو. هن مان مخدوم صاحب جي اعلى اخلاق جي خبر پوي ٿي.

مخدوم صاحب علم جا ڌڻي هئا. رشد ۽ هدايت جا واهڙ وهائي ڇڏيائون. ڳالهه ڪن ٿا ته هڪ دفعي وقت جو ظالم ترين حاڪم مرزا محمد باقي، ٺٽي ۾ سندن خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو ته، مون کي ڪا هدايت ڪريو مخدوم صاحب کين هدايت ڪندي چيو ته حڪومت جي استحڪام لاءِ ٽي قلعا آهن. پهريون مٽي جو ڪوٽ، يعني رعايا. جيڪڏهن رعيت کي انصاف پلئه پوندو، ته اها خوشحال هوندي. اهڙو انتظام مٽيءَ جي ڪوٽ وانگر هوندو آهي. ٻيو لوهي قلعو يعني فوج.  فوج جي مضبوطيءَ لاءِ خزانو کپي، رعيت آسودي هوندي ته پڪ حڪومت کي ڍلون پهچنديون. خزانو ڀربو، فوج مضبوط ٿيندي ملڪ جي حفاظت ڪندي. ٻاهرئين خطري کان ملڪ ۽ قوم کي بچائيندي. اهو انتظام لوهي قلعي وانگر آهي.   ٽيون قلعو آهي فولادي قلعو، يعني اهل الله. (عالم ۽ اديب) جيڪڏهن عالمن اديبن ۽  شاعرن کي حڪومت پاران وظيفا ملندا ته پڪ ملڪ ۾ تعليم پکڙجي ويندي. ڇاڪاڻ ته عالم اديب ۽ شاعر فڪر معاش کان آزاد رهي، نه رڳو تندهي سان تعليم جي خدمت ۽ توسيع جي ڪوشش ڪندا، پر سندن ڪوششون حڪومت لاءِ فولادي قلعي وانگر ثابت ٿينديون.

ٻارؤ! مخدوم نوح رح جي هن نصيحت مان خبر پوي ٿي ته هو ڪيڏو نه عالم ۽ فاضل هو. پاڻ سنڌيءَ جا به اعلى پائي جا شاعر هئا. هن هڪ ئي بيت مان سندن معاشرتي شعور، انساني درد ۽ نازڪ خيالي جي خبر پوي ٿي.

پيئي جا پرڀات سا ماڪ نه پسو ماڻهان

روئي ڏنو رات ڏسي ڏکوئين کي.

حوالو. تاريخ تمدن سنڌ از مولائي شيدائي.

 

 

قاضي منظر حيات

ڪوپر نيڪس (Copernicus)

1473ع  _ 1543ع

ڪوپرنيڪس جديد هيئت جو ابو سمجهيو ويندو آهي، ڇو ته هن صديون پراڻي بطليموسي نظرئي کي رد ڪيو. جنهن جي سوچ موجب ڌرتيءَ کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. جنهن موجب سج سميت ٻيا گرهه، (سيارا) ان جي چوڌاري ڦرندڙ سمجهيا ويندا هئا. موجوده شمسي نظام جي ڄاڻ ڪوپرنيڪس جي ئي محنتن جو مظهر آهي.

چوٿين صدي ق . م جي ڳالهه آهي ته هڪ يوناني هيئتدان هيرڪ لائٽس Heraclitus  اهو چيو هو ته ڌرتي ۽ ٻيا گرهه يا (سيارا) سج جي چوطرف ڦرن ٿا. پر 16 صديءَ تائين ماڻهو ان ڳالهه کي غلط سمجهندا رهيا. هو پنهنجي زمين کي ايتري ته اهميت ڏيندا هئا جو سج ۽ ٻين سيارن کي اُن جو طابع تصورڪندا هئا. هو چوندا هئا ته اِهي سڀ زمين جي چوڌاري ڦرن ٿا. اسڪندريا جي عالم بطليموس سيارن جي جيڪا جدول ٻي صدي عيسويءَ ۾ تيار ڪئي هئي، ان ۾ به سج ۽ سيارن کي زمين جي چوڌاري چڪر ڏيندڙ ڏيکاريو ويو هو.

 1543ع ۾ انهيءَ نظرئي کي رد ڪيو ويو ۽ زمين  جي اها حيثيت نه رهي، جيڪا ايستائين کيس سمورا فلڪياتي ماهر غلطيءَ وچان ڏيندا پئي آيا. اُن سال ڪوپرنيڪس پنهنجو ڌماڪيدار ڪتاب شايع ڪرايو، جنهن جو مقصد ماڻهن کي اِهو ٻڌائڻ هو ته سج کي مرڪزي  حيثيت حاصل آهي ۽ سمورا سيارا، جنهن ۾ اسان جي ڌرتي به شامل آهي، سندس چوڌاري چڪر ڪاٽين ٿا.

اهڙي نظرئي کي عام ڪرڻ آسان ڪم نه هو، ڇو ته ڪوپرنيڪس صديون پراڻي نظرئي کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. نظام شمسيءَ جي ان نظرئي کي مشهور ٿيڻ ۾ ڏيڍ سؤ سال لڳي ويا. ڪوپرنيڪس پنهنجي حياتيءَ جا ٽيهه سال اهڙي ڪتاب لکڻ تي پورا ڪري ڇڏيا، ڇو ته ان ۾ ڪيتريون ئي جدولون شامل هيون. ٻيو ته اهڙي اَوائلي جُڳَ ۾ سُٺا ۽ سُريلا اوزار به ڪونه هئا، تنهنڪري ننڍڙي ڳالهه کي سمجهڻ سمجهائڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ويندو هو.

ڪوپرنيڪس ڪيترن ئي ڪمن جي ڪري ڏاڍو مصروف رهندو هو. هُو هڪ ماهر ڊاڪٽر، سُٺو پادري ۽ ڪامياب سياستڪار پڻ هو. حيرت جي ڳالهه آهي ته ايترن ڪمن هوندي به هُن پنهنجو اهڙو ڪتاب لکي ڇپرايو ، جنهن سبب سندن نالو اڄ تائين زنده سلامت آهي. اهو ڪتاب پورو ڪرڻ کان پوءِ ڪوپرنيڪس تي فالج جو حملو ٿيو، جنهن سبب هن جي زبان متاثر ٿي ۽ هو ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم ٿي ويو. نه فقط ايترو پر بيماريءَ جي ڪري سندس حافظو ايترو خراب ٿي ويو، جو جڏهن 24 مئي 1543ع تي پريس مان سندس ڪتاب ڇپجي، هن آڏو آندو ويو ته هُو اهو به سڃاڻي نه سگهيو ۽ ساڳئي ڏينهن اکيون ٻوٽي ظاهري طور هميشه جي لاءِ اَبدي ننڊ سُمهي پيو.

ڪوپرنيڪس 1473ع ۾ اولهه پولينڊ جي هڪ هنڌ ٽورن (Torun) ۾ پيدا ٿيو. هن جو پيءُ هڪ واپاري ۽ پنهنجي شهر جو مئجسٽريٽ هو. هي خاندان جرمن نسل مان هو. ان ڪري ڪوپرنيڪس کي جرمني ۽ پولينڊ ٻنهي ملڪن وارا پنهنجو ڪوٺين ٿا.

ڪوپرنيڪس جي عُمر ڏهه سال مس هئي ته سندس پيءُ فوت ٿي ويو. هن جي چاچي کيس سنڀاليو ، نپايو ۽ پڙهايو، جيڪو پاڻ به هڪ مشهور پادري هو. ڪوپرنيڪس ڪيرن ئي سُٺين يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪئي، جن ۾ پڊوا جي يونيورسٽي به شامل آهي. هن دينيات ۽ ڊاڪٽريءَ جون ڊگريون حاصل ڪري ورتيون ۽ گرجا _ گهر ۾ مذهبي درسَ ڏيڻ لڳو.

ڪوپرنيڪس کي ننڍپڻ کان ئي آسمان جو سير ڪرڻ جو شوق هو. سندس هڪ اُستاد کي اُس ـ واچون جوڙڻ سان لڳاءُ هو. ڪوپرنيڪس به کانئس ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ جڏهن هو اڃان يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد ئي هو ته هُن شمسي نظام بابت پنهنجو هڪ الڳ نظريو قائم ڪري ورتو. هُن کي بطليموس جو نظريو ته، زمين کي مرڪزي قوت حاصل آهي هڪ لمحي لاءِ به پسند ڪونه ٿي آيو.

ڪوپرنيڪس هيئت ۽ حسابن لاءِ ڪابه باقائدي تعليم حاصل نه ڪئي هئي، نه ئي هُن اهڙي قسم جي موضوعن تي ان وقت تائين ڪو ڌيان ڌريو هو، جيستائين سندس چاچو فوت نه ٿيو هو، هو تيستائين چرچ جي مختلف ڪمن ۾ وڌيڪ مصروف رهيو.

اُن وقت تائين دوربيني ايجاد نه ٿي هئي، ان ڪري ڪوپرنيڪس جيڪي به سوچيو ٿي، ان کي عملي طور ثابت ڪري نه سگهيو. انهيءَ زماني ۾ پولينڊ ۾ جنگ شروع ٿي چڪي هئي ۽ ڪوپرنيڪس مٿان ٻيون ڪيتريون ئي ذميواريون پڻ مڙهيون ويون. هن کي پنهنجي تجربيگاهه ۾ وڃڻ جو موقعو گهٽ ملندو هو، پوءِ به هن پنهنجي ڪتاب جو مسودو تيار ڪري ئي ورتو.

آخر ۾ ڪوپرنيڪس کي ٻين ڪمن مان ڪجهه واندڪائي ملي ۽ هن پوءِ سڄو عرصو علم هيئت تي تحقيقي ڪم ڪرڻ ۾ گذاريو. پوڙهائپ جو پَهرُ اچي پهتو، پر پوءِ به ابتدائي اَوائلي اوزارن وسيلي اُڀ تي اکيون کُپائي رکيائين. راتين جو سخت سيءُ به کيس ڪم کان روڪي نه سگهيو. هن پنهنجي ڪتاب ۾ به وقت سان گڏ گڏ ڪيتري ڦير ڦار ڪئي ۽ سُڌارا آندا.

ڪوپرنيڪس کي اها پڪ ڪانه هئي ته هو جيڪي ڪجهه ڏسي رهيو آهي، سو درست به آهي يا نه، ان ڪري پنهنجي ڪتاب کي شايع ڪرائڻ کان گهٻرائيندو رهيو، پر سندس هڪ دوست، جيڪو پڻ هڪ سٺو هيئتدان هو، جنهن هن مٿان زور بار رکيو ته هو اهو ڪتاب ڇاپڻ جي اجازت ڏي. ڪتاب جو نالو رکيائين ”Revolution“ (ڦيرو / انقلاب). ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي، ته انهيءَ ڪتاب هيئت جي دنيا ۾ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو. اهو ڪتاب لاطيني ٻوليءَ ۾ ڇپيو، جنهن ۾ شمسي نظام جو اهو مفهوم  موجود ڪونهي، جيڪو اڄ اسان جي ذهن ۾ آهي. ڪوپرنيڪس سمجهندو هو ته ڌرتي ۽ سيّارا گول مدار ۾ سج جي چوڌاري گردش ڪن ٿا، ان سبب کيس وڌيڪ ڏُکيائي ڏسڻي پئي، تنهن کان پوءِ اهو مسئلو ٽائيڪوبراهي ۽ ڪپلر جي ڪوششن سان پُڄاڻيءَ تي پهتو، جنهن ۾ رياضيءَ وسيلي اهو ثابت ڪيو ويو، ته سيّارن جا اهي مدار گولُ نه پر بيضوي آهن.

مٿينءَ حقيقت هوندي به، ڪوپرنيڪس جي ڪتاب هڪ وڏي خدمت سرانجام ڏني، نه ته خبر ناهي ڪيترو وقت دنيا اهو سمجهندي رهي ها ته سج ۽ ٻيا سيّارا زمين جي چوڌاري ڦرندا آهن. هن اڪيلي اڪابر هيئتدان، هڪ جديد نظرئي جو بنياد وڌو. بعد ۾ وري ٻين ماهرن سندس نظرئي کي ترقي ڏياري ۽ وڏا تجربا ڪيا. هيئت ۾ ڪيترن ئي جدولن جو واڌارو آيو، ڪئلينڊر ۾ سُڌارو آندو ويو ۽ سج جي اهميت / حيثيت کي مڃيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org