سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جون 2023ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

 

[12]

لَکين سَئين مِهرانَ، آٽِي سَڀَ اُڌَمئا

سَڙان مَنجِهين مانَ، ٻَهَرِ ٻاڦَ نه نِڪري.

سمجهاڻي:

جيڪڏهن سوَن لکن جي تعداد ۾ درياهه پنهنجي پوري مستيءَ ۾ ڀرجي وهڻ لڳن (۽ آءٌ انهن جي وچ ۾ هجان) تڏهن به منهنجي اندر ۾ جيڪا محبت جي باهه پئي ٻري اها جا جهڪي ٿيڻ واري آهي؟ (گهٽ ٿيڻ واري ناهي.)

[13]

سُڃ وَسَندِي تَنِ کي جوشَ جَلايا جي

طالِبَ جي تَحقِيقَ جا،  نِيھُ تَنِي وَٽ ني

ٽيڏي پَسي ٽِري، هُو تان آهي هيڪَڙو.

سمجهاڻي:

(سالڪ) جيڪي (حق جي) جوش ۽ جذبي ۾ جلي (سڙي پچي)چڪا آهن، تن لاءِ سڃ ۽ ويراني به وسندي ۽ آبادي وانگر آهي (اهي فنا ۾ آهن.) تون پنهنجي سڪ ۽ درد وارو حال تحقيق (جي مقام تي فائز صوفين) وٽ وڃي پيش ڪر. باقي اک جي ڦير واري يعني ٽيڏي انسان کي هميشه هڪ جي بدران ٽي شيون  ئي نظر اينديون آهن. جيتوڻيڪ (مالڪ حقيقي) ته هڪڙو ئي (واحد) آهي.

[14]

وِياسُون پاڻان، سَڀُ ٿِياسُون سُپِرين

پاڻِهِين جِي ڄاڻان، رَتِي رَهِي نه هيڪَڙي.

سمجهاڻي: اسين جڏهن پنهنجو پاڻ کان وياسون يا اسين پاڻپڻي کان الڳ ٿياسون (فنا يا نيست ٿياسون) تڏهن اسان لاءِ سڀ ڪجهه سپرين ٿي پيو (اهو ئي اسان لاءِ هر قسم جو آسرو ۽ آڌار بنجي ويو) هاڻي اسان وٽ پاڻپڻي يا خوديءَ جي ٿوري ذري به نه بچي آهي.

[15]

سُتوئِي سيجَ گُهرِين، جَفا ڏِيين نه جانِ

صُلِحَ رءَ سيڻانِ مَتان نُونڌين نه چَڙهِين.

سمجهاڻي: تون بنا ڪجهه ڪرڻ جي ويٺو ئي انعام اڪرام گهرين، پاڻ ڪا محنت ۽ تڪليف نٿو ڪرين. (خبردار ٿيءُ) محبوبن جي راضپي (خاص مرضيءَ) کان سواءِ تون ڪيئن سيج تي چڙهندين، (هو توکي ڪيئن نوازيندا؟)

شاهه جو رسالو

]سُر آسا- داستان ڇهون. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[

 

مخدوم محمد زمان طالب المولى

هادي آهي هڪڙو

تڏهن به هڪ الله هو جڏهن ڪجهه نه هو،

جڏهن هوندو ڪين ڪي تڏهن به سو ئي سو،

وحده لاشريڪ لھ ثاني سندس نه ڪو،

صحيح آهي سمجهيو طالبَ! مولا تو،

اهو ئي اهو هادي آهي هڪڙو.

 

اڄ به اهوئي آهه جيڪو هئو اڳ،

هئڻ رڳو هن جو جلوو آهي جڳ،

قرب ۾ ڪلتار جي مانجهي ٿيجئين مڳ،

طالب مولا مرد ٿي وٺ داور وارو دڳ،

ته لڀندين ساڳيو سڳ جي پاسي ڪندين پاڻ کي.

 

هادي سو، حڪيم سو مالڪ  سو، مختار،

رازق سو، رحيم سو جابر سو، جبّار،

اڳ به سو، پوءِ به سو اڙين جو آڌار،

الله الغني و انتم الفقرآءُ سو ئي سو سردار،

طالب مولا مرد ٿي ڪر وحدت جو واپار،

قادر سو ڪلتار قائم دائم ڪل تي.

 

***


 

مجاهد مهڙ

سڪرنڊ

نعت رسول مقبول

مصطفى محبوب جي عظمت نرالي دوستو،

ڪل نبين ۾ نبوت جنهن جي عالي دوستو.

 

سورة الڪوثر سان گڏو گڏ والضّحى والليل ۾،

شان مٺڙي جو ٻڌايو ربّ مثالي دوستو،

 

مجتبى مامون مصباح آ مدني مٺو،

چاهه ۾ جنهن جي سدا اک اک ٿي آلي دوستو.

 

پاڻ کي بک تي رکي جنهن سار آ سڀ جي لڌي،

جنهن جي در تان ڪين ويا مسڪين خالي دوستو.

 

ڏينهن محشر جام ڪوثر جو پياريندو سدا،

آ اٻوجهن ۽ غريبن جو به والي دوستو.

 

هڪ مجاهد ۽ نظام الدين سيد ڇا لکي،

شعر حضرت لئه لکيا اقبال حالي دوستو.

 

***


 

ارباب علي عادل چوهاڻ

شڪارپور

علم

مڪتب ۾ جيئن ٻار پڙهن ٿا،

گل ڦل جي هٻڪار لڳن ٿا.

 

دل لائي ٿا علم پرائين،

تن جا ٻيڙا پار ٿين ٿا.

 

علم سکڻ لئه هر دم تڪڙا،

هرجاءِ سڀ هوشيار رهن ٿا.

 

پير نه پٺتي علم سکڻ کان،

ڏاهپ جا ويچار ونڊن ٿا.

 

ماڻهو شاگردن کي ئي بلڪل،

مڪتب جا سينگار سڏن ٿا.

 

علم پڙهي پوء خدمت ڪريو،

جذبو هي نروار رکن ٿا.

 

ٻار ڪلاس ۾ بينچ تي ويهندي،

ماڻڪ مڻيادار ٺهن ٿا.

 

علم پڙهڻ کان ڪونه لنوائن،

ان سان ٻار سچار جڙن ٿا.

 

علم هنر جا موتي ميڙي،

جهول سدا دلدار ڀرن ٿا.

 

استاد جي چوڌاري پاڻهي،

پتنگن وانگر ٻار مڙن ٿا.

 

علم ڀريل آڪاش جا عادل

ٻالڪ سڀ حبدار هجن ٿا.

 

***


 

عبدالجبار منگيعاجز

وائي

پنهنجي مستقبل جو،

اونو ڪرڻو پوندو.

 

نه گذاربو سُستي ۾،

هاڻي پل پل جو،

اونُو ڪرڻو پوندو.

 

ڏينهن رات ڪري محنت،

هر وقت منزل جو،

اونُو ڪرڻو پوندو.

 

هر ڳالهه ڪريون پُختي،

۽ ارادي اٽل جو،

اونُو ڪرڻو پوندو.

 

سڀ ٻار پڙهن.عاجز،

اهڙي هلچل جو،

اونُو ڪرڻو پوندو.

 

***

 


 

مدهوش محمد علي رند

مقصودو رند

ڏي پين اُڌاري

مون کي ڏي تون اڄ پين اوڌاري،

فير ڪيان مان ڪاپي سائنس واري.

 

سڀاڻ وري توکي اچي واپس ڏيندس،

وقت انهيءَ تائين تنهنجو قرضي رهندس،

ڪن کولي ٻُڌ منهنجي اها ڳالهه پياري،

مون کي ڏي تون اڄ پين اوڌاري.

 

دوستن جي تون ڪم اچين ٿو ڪافي،

هر شيءِ هوندي آ تو وٽ اضافي،

سو استاد اڳيان مان ٿيان نه معياري،

مون کي ڏي تون اڄ پين اوڌاري.

 

محمد علي تي تنهنجو اهو ٿورو ٿيندو،

مدهوش جو جي ننڍڙو اهو ڪم ٿيندو،

پين بدلي ۾ ڏبي نيري ڳاڙهي يا ڪاري،

مون کي ڏي تون اڄ پين اوڌاري.


 

محمد اجمل خان عباسي

ڪنڊيارو

درگذر

جيڪڏهن زندگيءَ ۾ خوش رھڻ ئي آهي حصول،

 ته پوءِ ٿِجي پابند، ۽ ٺاھجي ھڪ اصول.

 

ھر ڪنھن سان ھلجي چڱيءَ ريت،

رھجي ۽ ھلجي سڀني سان وچٿري ھلت.

 

جيڪڏهن ڪير ڏئي توهان کي تڪليفن جا انبار،

ڀُلائي، وساري ۽ معاف ڪري ڪيو درگذر.

 

ڇاڪاڻ ته درگذر ڪرڻ ھڪ سنت آ،

جنھن سان وڌندي پاڻ ۾ محبت آ.

 

قومن جو مستقبل روشن ھوندو آ اِتحاد سان،

قومن جي تنزلي ايندي آ نِفاق سان.

 

توکي به جي رھڻو آ خوش اي عباسي

وساري خطائون ڪري ڇڏ تون ٻين کي معافي.

 

***


 

اياز پاٽولي

ٽنڊو محمد خان

قدم وڌايو

قدم وڌايو ٻارو، هي ديس اوهان جو سارو.

ذري ذري کي گُلزار بنايو،

محنت سان اڄ پاڻ ملهايو

سونهندو سنسار هي سارو،

قدم وڌايو ٻارو، هي ديس اوهان جو سارو.

مستقبل جا معمار توهين،

هن ڌرتي جو کڻندا بار توهين،

چمڪو آئيندي جو تارو،

قدم وڌايو ٻارو، هي ديس اوهان جو سارو.

علم سان اُلفت رکو سڀ،

بيشڪ اها محبت رکو سڀ،

ورندو نيٺ ته وارو،

قدم وڌايو ٻارو، هي ديس اوهان جو سارو.

سنڌ جا سورهيه ياد ڪريو،

ڌرتيءَ کي آباد ڪريو،

سنڌ جا اي روشن تارو،

قدم وڌايو ٻارو، هي ديس اوهان جو سارو.


 

محمد بخش ساگر مستوئي

ٽنڊو جان محمد

گيت

آزادي جو ديپ جلايون،

روشن پنهنجو ديس بڻايون.

علم سان ٿيندو ڏور انڌيرو،

نيٺ ته هڪ ڏينهن ايندو سويرو،

علم ته هاڻي خوب پرايون،

روشن پنهنجو ديس بڻايو.

دشمن ۾ اهڙي طاقت ناهي،

ملڪ اسان جو جيڪو ڊاهي،

ماري سڀ غدار ڀڄايون،

روشن پنهنجو ديس بڻايون.

وطن جي خاطر مرڻو آهي،

مان مٿانهون ڪرڻو آهي،

محبت جا ڪي مينهن وسايون،

روشن پنهنجو ديس بڻايون.

آزادي سڀ کي پياري آهي،

جيڪا سڀ کي نياري آهي،

مانُ وطن جو خوب وڌايون،

روشن پنهنجو ديس بڻايون.

دعا گهري مستوئي هردم،

جيڪو آ هرڪنهن جو هم دم،

گيت وطن جا خوب وڄايون،

روشن پنهنجو ديس بڻايون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org