سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جون  2023ع

باب:

صفحو:5 

Text Box: مضمون

اُن کان پوءِ سائرن وڄڻ شروع ٿيا. اهو لقاءُ ڏسي گروءَ سميت سڀئي غُنڊا حيران ۽ پريشان ٿيا، کين ڪو وجهه نه مليو ۽ ڀڄڻ دوران پڪڙجي پيا، ڪجهه فائر به ڪيا ويا. عمارت تي ڪنٽرول کان پوءِ اندر اچي پوليس سڀني ٻارن کي آرام سان ٻاهر آندو، پر اندر ڪمري ۾ يرغمال احمد ۽ خرم کي فجلو شيديءَ چاقوءَ جي زور تي ٻاهر آڻي پوليس کي چيو ته، جيڪڏهن مون کي ٻاهر ڀڄڻ نه ڏنو ويو ته آءٌ هنن ٻارن کي چاقو هڻندس.

اوچتو احمد ڦڙتيءَ ڪندي پويان فجلوءَ کي لت هڻي ڪڍي، هو رڙ ڪري هيٺ ڪريو، ته وري احمد سندي سيني تي چڙهي ويٺو. پوءِ ته پوليس فجلوءَ کي به سوگهو ڪيو ۽ ان انڌي گروءَ کي به.

شام جو ٿاڻي تي سڀني ٻارن کان پتو پُڇي، سندن والدين ڏانهن نياپا موڪليا ويا.

احمد جي همٿ ۽ خرم جي عقلمنديءَ سان هڪ خطرناڪ گروهه جو خاتمو ٿيو ۽ ڪيترائي گم ٿيل ٻار واپس والدين کي مليا، جيڪي ٻين شهرن کان پڻ اغوا ٿي آيا هئا.

پوليس ڊپارٽمينٽ طرفان هڪ لک روپيا انعام طور احمد ۽ خرم کي ڏنا ويا پر انهن اها رقم پپوءَ کي ڏيڻ لاءِ چيو، جنهن جي تعاون سان اهڙن ظالمن کي سزا ڏني وئي.

اُن رقم مان پپوءَ پنهنجي ماءُ جو علاج ڪرايو ۽ باقي رقم پنهنجي پڙهائي لاءِ بئنڪ ۾ رکي ڇڏيو.

اڄڪلهه پپو، پڪ پاڪيٽ نه، پر احمد ۽ خرم جو سٺو دوست آهي.
 

محمد سليم فراش

هالا نوانا

سيڙهه ۽ ڪُمي

سيڙهه هڪ اهڙو جانور آهي، جيڪو تيزيءَ سان هلڻ لاءِ سُڃاتو ويندو آهي، جڏهن ته ڪُمي ھڪ اھڙو  جانور آهي، جيڪو آهستي هلندو آھي. ھڪ ڏينهن   سيڙهه ڪُمي کي پاڻ کان بھتر ثابت ڪرڻ لاءِ مقابلي ڪرڻ جو چيلينج ڪيو. جنھن تي ڪُمي اتفاق ڪيو. هڪ ڏينهن ريس شروع ٿي ته، ڪُمي آھستي هلڻ شروع ڪيو ۽ سيڙهه، ڪُمي کي آھستي ھلندي ڏسي محسوس ڪيو ته ڪُمي ته اڳي ئي سُست آھي ۽  سيڙهه کان تمام گهڻو پوئتي آهي. جنھن تي سيڙهه گھِري ننڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ وچ ۾ ڪُمي، جيڪا انتهائي صبر  ۽ عزم  سان ريس کٽڻ جو سفر ڪري رھي هئي، آخرڪار  هُو، آهستي آهستي ويجهو اچي رهي هئي. ڪُمي ريس کٽي ويو، جڏهن ته سيڙهه اڃان تائين گھري  نِنڊ ۾ سُتل ھو.

پيارا ٻارؤ! ڪهاڻي جي اخلاقيات:  جڏهن توهان صبر ۽ محنت ڪريو ۽ ثابت قدم ٿي بيهو ته توهان پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهو  ٿا.

***

دنيا جي عظيم هستي امڙ، جنهن کي پنهنجي ٻچڙن سان بي لوث محبت هوندي آهي ۽ ٻچڙن کي به امڙ سان والهانا پيار هوندو آهي. پر ڪجهه ٻچڙا ناسمجهي يا بي خبريءَ ۾ ڪجهه اهڙيون حرڪتون ڪري، پنهنجي پنهنجي امڙين کي رنجائيندا آهن. جڏهن وقت کين ٺوڪرون هڻي سبق سيکاريندو آهي، ته ڪجهه ٻارڙا امڙ جي عظمت ۽ پيار کي سمجهي ويندا آهن ۽ ممتا جو حق ادا ڪندا آهن.

هڪ ٻار پنهنجي امڙ کان پُڇي ٿو ته امان بِل جو مطلب ڇا آهي؟ امڙ جواب ڏئي ٿي، ته ابا اسين ڪو سامان وٺون ٿا يا بجلي، گئس ۽ پاڻي استعمال ڪريون ٿا، ته ان جو بل يعني پئسا ڏيندا آهيون. ان کي بِل چئبو آهي. ٻارڙي کي دل ۾ خيال آيو ته مان به ڪم ڪندو آهيان. مان به اهڙو بِل ٺاهي امڙ کان خرچي وٺان. رات جو سُمهڻ وقت امڙ جي وهاڻي هيٺان هڪ ڪاغذ رکيو، جنهن ۾ هن لکيو ته، اڄ جو بِل. دوڪان تان سامان وٺي آيس ان جا ڏهه رپيا، بابا جي موٽر سائيڪل صاف ڪيم ان جا ڏهه رپيا، ڏاڏي کي زور ڏنم ان جا ڏهه رپيا ۽ ڀاڄي وٺي آيس ان جا ڏهه رپيا ٽوٽل اڄ جو بِل ٿيو چاليهه رپيا. مهرباني ڪري امڙ بِل جا پئسا ڏجان ته ٻئي ڏينهن به ڪم ڪندس، نه ته ڪو به ڪم ڪونه ڪندس.

صبح جو امڙ هن کي چاليهه رپيا ڏنا ۽ هو خوش ٿي ويو. ٻئي ڏينهن امڙ هن کي هڪ ڪاغذ ڏنو ۽ چيو ته هن ۾ منهنجو بل لکيل اٿئي. ان ۾ لکيل هو ته، پيدائش کان وٺي اڄ ڏينهن تائين پاليائين ٿي، ان جو هڪ رپيو به نه وٺنديسانءِ. منهنجا گلاب جا گل. بيمار ٿيڻ تي سڄي رات اوجاڳو ڪري، ڪڏهن گوڏي تي سُمهاري ۽ ڪڏهن ڇاتيءَ سان لائي گُهمايم ۽ پرچايم، ان جو هڪ رپيو به نه وٺنديسانءِ. منهنجا جگر. اسڪول موڪليم هوم ورڪ ڪرايم ته جيئن استاد توکي دڙڪو نه ڏئي. ڪلاس ۾ تنهنجي عزت ٿئي ان جو هڪ رپيو به نه وٺنديسانءِ منهنجي دل. صبح کان رات تائين تنهنجا سڀ ڪم کاڌو پيتو ۽ ڪپڙو لٽو ڄمڻ کان وٺي اڄ تائين. ان جو هڪ رپيو به نه وٺنديسانءِ منهنجا روح. اڄ تائين هر فرمائش پوري ڪئي آهي ۽ آخري ساهه تائين تنهنجون فرمائشون پوريون ڪندي رهنديس. ان جو هڪ رپيو به نه وٺنديسانءِ منهنجي زندگي. هاڻي جڏهن ايترن بلن جي قيمت ادا ڪرڻ جهڙو ٿين ته ادا ڪجان. اهو بل پڙهڻ کان پوءِ ٻار جي اکين جا بند ٽٽي پيا روئيندي روئيندي ماءُ جي پيرن تي ڪريو ۽ چيائين ته امان تنهنجو بل ايڏو ته وڏو آهي جو مان پوري زندگي لڳايان ته به ادا نه ٿو ڪري سگهان. امڙ مون کي معاف ڪر.

دوستو واقعي به اسين پوري زندگي ڏينهن رات هڪ ڪري به پنهنجي امڙ جي خدمت ڪريون ته به ان هستيءَ جو بل ادا ڪرڻ، اسان جي وس جي ڳالهه نه آهي.

اڄ جي نوجوانن ۽ ٻارڙن کي گذارش آهي ته هو پنهنجي امڙ جي خدمت ڪن. امڙ جا احسان تمام گهڻا آهن. سندس احسان ۽ خدمتون اڻڳڻيون آهن.

پيارا ٻارؤ! هر ٻار کي هن ڪهاڻيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. ڪڏهن به امڙ کي احسان نه جتائي.جيڪڏهن اڃان به ان ممتا ۽ احسانات جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته ڪنهن يتيم ٻار کان پڇي ڏسو! ته امڙ جي نه هجڻ سان ان تي ڇا گذرندي آهي!. جيئن ڪنهن شاعر چيو ته،

عمر عبادت تون ڪرين، هو جاڳي هڪ رات،

پوءِ به هيءَ ڪائنات، مَٽُ ناهي ماءُ جو.

***


 

سرمد عباسي                          (قسط: پهرين)

خانواهڻ

چاڪليٽ

]ٻارڙن لاءِ وندرائيندڙ ناوليٽ[

ڳوٺ محمد لقمان جي پرائمري اسڪولَ جي ڳڻپَ، پنھنجي تعلقي جي سُٺن اسڪولن ۾ ٿيندي ھئي. تعليم کاتي جا ضِلعي ۽ تَعلقي جا صاحبَ، ھنَ اسڪولَ جي عِلمي ڪمَ ڪارَ مان ڏاڍا خوش ھئا ۽ ڏاڍي فخرَ سان ھنَ اسڪولَ جو ذڪر ڪندا ھئا.

اھو سڀ اسڪولَ جي چئن استادن جي محنت جو ثمر ھو. ھيڊ ماستر استاد مختيار حسين ۽ سندس ٽي نائب استاد راھب، استاد اخلاق احمد ۽ استاد محمد عامر، علم دوست استاد ھئا. اسڪولَ جي شاگردن توڙي شاگردياڻين کي پنھنجي ٻچن جھڙو سمجهي پڙھائيندا ھئا. چارَ ئِي استاد ڊيوٽيءَ جا پابند ۽ پڙھائڻ سان چاهه رکندا ھئا. جڏھن استاد ايڏا محبتي ۽ محنتي ھجن ته پوءِ شاگردن جو پڙھڻَ ۾ ڌِيانُ ڌَرڻ ڪا حيرتَ جھڙي ڳالهه نه   ھئي. اسڪولَ ۾ پڙھندڙ ھڪ سئو ٽيونجاهه ٻارَ پنھنجي استادن جو ادبُ ڪندا ھئا ۽ ڏاڍي محنت سان پڙھندا ھئا. انهن منجهان   ڪُجهه ڏِنگا  ٻارَ به ھئا، پر استادن کي پڪَ ھئي ته   ھڪ ڏينھن اُھي ٻارَ به پنھنجي تعليم ۾ دلچسپي وٺندا ۽ سُلڇڻا ٻار ٿي ويندا.

چئن ڪمرن واري پرائمري اسڪول جي عمارت ڏاڍي سٺي ٺھيل ھئي. اسڪولَ ۾ ھڪ ورانڊو، وڏو ميدان ۽ ترتيب سان لڳل نِم جا پنج وڻ به ھئا. ڪَچي پھرين کان، درجي پنجين تائين جا ڇهه درجا چئني استادن پاڻ ۾ ورھائي کنيا ھئا. ھيڊ ماستر مختيار حسين ٻيو درجو ۽ چوٿون درجو پڙھائيندو ھو. استاد راھب کي ڪچو پهريون ۽ پڪو پھريون مليل ھئا. جڏھن ته  استاد اخلاق احمد پنجون ۽ استاد محمد عامر ٽيون درجو پڙھائيندا ھئا. اسڪول جو ماحول ڏاڍو سٺو ھو. صاحبن سان گڏ ڳوٺ محمد لقمان جا رھواسي به، پنھنجن محنتي استادن مان راضي ھئا. استاد محمد عامر ٽيويهه ورهين جي ڄمارَ جو ھڪ محنتي استاد ھو. ھُو نه رُڳو پنھنجن شاگردن کي ڪتابن منجهان پڙھائيندو ھو، پر کين ٻيون سرگرميون پڻ ڪرائيندو ھو. جيئن مزيدار ڪھاڻيون ٻڌائڻ، ڊرائنگ ٺھرائڻ، ورزش ڪرائڻ ۽ راندين جا مقابلا ڪرائڻ. ٻار انھن سرگرمين مان مزو ماڻيندا ھئا ۽ ايئن وندر سان گڏ ڪمَ جون ڳالهيون به سکندا ھئا. استاد محمد عامر ھر جمعي جي ڏينھن ٻارن کان ٽيسٽ به وٺندو ھو. اھا ٽيسٽ ڪنھن به ھڪَ مضمون مان ھوندي ھئي. جيڪو ٻار پھريون، ٻيو يا ٽيون نمبر ايندو ھو ان کي انعام ۾ ٻالڪ ڪھاڻين جا ڪتابَ، ڪاپيون ۽ پينون ملنديون هيون. ايئن ٻارن جو علمَ سان چاهه وڌندو ھو ۽ اھي وڌيڪَ محنت ڪرڻَ تي ڌيان ڏيندا ھئا.

ڳوٺ محمد لقمان جي پرائمري اسڪولَ ۾ ھڪ خاص ڳالهه به ھئي. جنھن مان اتي پڙھندڙ سڀ ٻار ڏاڍا سُرھا ھئا. اُتي چاڪليٽ به پڙھندو ھو.

اُھو ڇنڇرَ جو ڏينھن ھو. جنوريءَ جو مھينو ھجڻ ڪري سيءُ به ڏاڍو ھو. ٻن ڏينھن جي لاڳيتي ڪوھيڙي کان پوءِ مسَ ڪا اُسَ نڪتي ھئي. سجُ نڪتل ڏسي استاد عامر پنھنجو ڪلاس ٻاھر اڱڻ ۾ ٺاھيو ھو، ته  جيئن ٻارَ اُس جو مزو وٺن ۽ کين سيءُ تنگ نه    ڪري. سوئيٽر ۽ گرم ٽوپ پاتل ننڍڙا ٻار اُسَ ۾ ويھي سج ڏانھن پنھنجا ننڍڙا ھٿ کڻڻ لڳا.ڄڻ ته  سجَ جي ٽانڊي تي ھٿ سيڪِيندا ھجن. استاد عامر مُرڪندي کين ڏسي رھيو ھو. اسيمبلي ٿيڻَ کان پوءِ ٻار ڪلاس ۾ اچي ويٺا ۽ ٽيون ڪلمو پڙھڻ کان پوءِ استاد عامر سندن حاضري ڀَري رھيو ھو. استاد عامر ھڪَ ھڪَ ٻارَ جو نالو پئي کنيو ۽ ڪلاسَ ۾ ويٺل ٻارَ حاضر سائين پئي ڪئي.

چاڪليٽ استادَ ھڪ نالو کنيو.

سڀئي ٻارَ ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳا. پر چاڪليٽ ڪلاس ۾ ڪو نه   ھو.

سائين چاڪليٽ ڪونهي آيو. ھڪ ٻار فھد چيو.

سائين چاڪليٽ سوير ماما عزيز الله سان گڏ ٻنيءَ ڏانھن پئي ويو.ٻئي ٻار ڪرم الله، اُٿي بيھي وراڻيو. ڪرم الله، چاڪليٽ جو سٺو دوست به ھو.

اھو ٻڌي استاد محمد عامر مٿو لوڏي ھائوڪار ڪئي ۽ اڃان ڪنھن ٻِئي ٻار جو نالو کڻڻَ وارو ئي ھو، جو اسڪول جي گيٽ واري پاسي کان ڪنھن کَڙڪي جو آواز ٿيو. سڀني ٻارن گيٽ ڏانھن نھاريو.

سائين، چاڪليٽ اچي ويو. ڪرم الله رڙ ڪندي چيو.

استادَ گيٽ ڏانھن ڏٺو ۽ مُرڪي ڏنو. گيٽ وٽ چاڪليٽ ماما عزيز الله سان گڏ بيٺو ھو. ھنَ جو ٿيلهو ڳچيءَ ۾ لڙڪيل ھو. ماما عزيز الله جي مٿي تي گاهه جي ڀَري ۽ ھٿ ۾ ڏاٽو ھو.

ابا استادَ، ھنَ کي ڪجهه نه چئجان. ساجهر مان ٻنيءَ تي وٺي ويو ھومانس. ان ڪري دير ٿي ويس.ماما عزيز الله ڏاڍيان چيو.

ٺيڪ آھي ماما. اوھان ڳڻتي نه   ڪيو.استاد محمد عامر،اُٿي بيھندي چيو.

اھو ٻُڌي چاڪليٽ، ماما عزيز الله ڏانھن نھاريو. جنھن کيس استادَ ڏانھن وڃڻ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻ گهر ھليو ويو. چاڪليٽ مزي سان ھلندو استادَ ڏانھن آيو ۽ سندس واتَ مان نڪتو...

ٻي...ٻي.....

اصلَ ۾ چاڪليٽ ھڪُ ٽيڊي نسل جو گلابي ڇيلو ھو. جنھن جي ڄمار ڇهه ست مھينا ھئي. بُت تي اَڇن وارَن ھيٺان گلابي رنگ جي کلَ ۽ چپَ گُلابي ھئڻَ ڪري ان نسل کي گلابي چيو ويندو آھي. ھنَ جا سِڱَ اِنچُ کن ڊگها ھئا. جن جي وچَ ۾ ڪي قدر گهاٽا وارَ، اکين تائين وڌيل ھئس.ڳلن تائين ڪِريل ڪَنن ۽ لڙڪندڙ ڳچيءَ ۾ چاڪليٽَ جِي سُونھن ئي نرالي ٿي وئي ھئي.چاڪليٽ ھڪ املهه ڇيلو ھو.

چاڪليٽ جي ڳچيءَ ۾ ڪپڙي جو ٺھيل ٿيلهو ھو. جنھن ۾ سندس ڪچي پھرين درجي جو ڪتاب رکيل ھو.

چاڪليٽ وڃ، پنھنجي ڳُوڻ کڻي اچُ.استادَ، چاڪليٽ جي مٿي تي ھٿ ڦيريندي چيو.

چاڪليٽ ھائوڪار ۾ مٿو لوڏيو ۽ تڪڙو ھلندو اسڪولَ جي ورانڊي ڏانھن وڌي ويو. ورانڊي ۾ ڪلاس ۾ موجود استادن کي ٻي...ٻي... ڪري کيڪاريائين ۽ ڪُنڊَ ۾ رکيل ڳُوڻ واتَ ۾ پڪڙي واپس ڪلاس ڏانھن آيو. پنھنجن ننڍڙن سڱن ۽ کُرن سان ڳوڻ پٽَ تي وڇائي پنھنجو ٿيلهو رکي ويھي رھيو. ھاڻي ھُو استاد محمد عامر ڏانھن ڏسڻَ لڳو.

پھريان ڪلمو پڙھون ته پوءِ تنھنجي حاضري ٿو ڀَريان. استاد محمد عامر چيو.

چاڪليٽ ڏاڍي ادبَ مان اُٿي بيھي رھيو. استاد محمد عامر وڏي آواز ۾ ڪلمو پڙھڻ شروع ڪيو.

لا اِلٰھ اِلا اللهُ.....

چاڪليٽ پنھنجو مُنھن مٿي ڪري اکيون ٻُوٽي ڇڏيون ۽ ناڪار ۾ مٿو لوڏڻ لڳو.ڄڻ ته  چوندو ھجي ته الله کان سواءِ، ٻيو ڪو به رب ناھي. استاد محمد عامر اڳتي پڙھيو...

مُحمَّدُ الرّسول اللهُ... صلي الله عليھ وآلھ وسلم ھاڻي چاڪليٽ ادب ۾ مٿو جهڪائي ھائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏڻ لڳو ته محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم الله جو رسول آھي. ڪلمو پورو ٿيندي ئي سڀني ٻارن گڏجي سبحان الله چيو. چاڪليٽ ڳوڻ تي ويھي رھيو. استاد محمد عامر حاضريءَ وارو رجسٽر کوليو ۽ چيو...چاڪليٽ.

چاڪليٽ تڪڙ ۾ اُٿي بيٺو ۽ چيو...ٻي....

حاضري پوري ٿيندي ئي استاد محمد عامر، ٻارن کي سبقَ جو ڀيرو ڏيارڻَ لڳو.

چاڪليٽ، مامي عزيز الله جو پاليل ڇيلو ھو. مامي عزيز الله کي سڄو ڳوٺ، ماما ڪري ڪوٺيندو ھو.کيس ڪو به اولاد نه ھو. ھُو پنھنجي زالَ جِيجِي سُکان سان گڏ رھندو ھو. مامي وٽ ھڪ ايڪڙ ٻَني ۽ ڪجهه ڍورَ ھئا. جنھن وسيلي ٻنهي جو گُذر سفر ٿيندو ھو. ماما جي ھڪَ ٽيڊي نسلَ جي ٻڪريءَ ٻه ڦرَ ڪيا ھئا. جن مان ھڪ ته ڄمڻَ جي ڪجهه دير کان پوءِ ئي مري ويو ھو. ٻيو ڦر، چاڪليٽ ھو. چاڪليٽ جي ماءُ، ھڪ شام جو ٻاھر نڪري وئي ھئي ۽ چرندي چرندي قبرستان وڃي پھتي ھئي. جتي اُنَ کي قبرستان جا گدڙ کائي ويا ھئا. چاڪليٽ کي مامي عزيز الله بوتل ۾ کير پياري پاليو ھو. چاڪليٽ، مامي کي ڏاڍو پيارو ھو. چاڪليٽ جي به مامي سان ڏاڍي دل ھئي. ھُو جڏھن به مامي عزيز الله کي ڏسي ٻي...ٻي
ڪندو ھو ته ماڻهن کي لڳندو ھو ته ڄڻ
بابا...بابا پيو چئي. چاڪليٽ ھڪ نرالو ڇيلو ھو. الله سائينءَ ڄڻ ته کيس عقل ذَري به ڏئي ڇڏي ھئي. ھُو مامي ۽ جيجيءَ جي ھر ڳالهه سمجهندو ھو. سندن چيو وٺندو ھو. سمجهه وارو ھئڻ سان گڏ چاڪليٽ ڏاڍو چُست ۽ ٺينگَ ٽَپا ڏيڻ ۾ ماھر به ھو. ھڪ ڏينهن مامون عزيز الله ڪمري مان نڪري ٻاھر اڱڻَ ۾ آيو ته اھو ڏسي ڊپَ ۾ وَٺجي ويو ته ٽِن مھينن جو چاڪليٽ منهه جي ڇِتِ تي چڙھي ڏانهنس نهاري رهيو هو،

(هلندڙ...)

***


 

محبوب سنڌي

ڪوٽڙي سنڌ

ڪارٽون

گهاٽي وڻن واري ڳوٺ مٿان گُگهه انڌيرو ڇانيل هو. وچ آسمان تي بيٺل چنڊ سان تارا ارچڪ مرچڪ راند ڪُڏي رهيا هئا. ڌرتيءَ تي کُڙکَٻيتا پنهنجي روشنيءَ جي چمڪاٽ سان رات جي انڌيري کي خوبصورتي بخشي رهيا هئا. اچانڪ مٺل چوڪيدار جو جائو ڪُڪَڙ ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ پنهنجي کنڀن کي ڇنڊڪو ڏيندي ڪُڪڙو ڪُو، ڪُڪڙو ڪُو، ڪندي ٻانگون ڏيڻ لڳو. هن جي ٻانگن تي ڳوٺ ۾ رهندڙ ٻيا به ڪُڪڙ جاڳي پيا ۽ ٻانگون ڏيڻ لڳا. ڪُڪڙ جون لڳاتار ٻانگون ٻڌي فقيري دايي جو بگو گڏهه به هينگڻ شروع ڪيو . بگي گڏهه جي هيگڻ ٻڌي ڳوٺ جا  ڌنار مال جي ڏُهائي ڪرڻ لڳا. ته واڙي جي مالڪ خُدن خياليءَ جو ناسي ڪتو ڀونڪڻ لڳو ۽ ان جي ڀونڪ جو آواز ٻڌي ناني متاري کي جاڳ ٿي، هو پنهنجي بستري تان اٿي، اڳ جيان کجي جي وڻ ۾ ٽنگيل صندوق جو ڍڪُ کوليو ته رات! ڪاري چادر جيان ويڙهجي، اُن صندوق  ۾ لڪڻ لڳي ۽ اُن  صندوق  مان سج پُتڪو ڏئي ٻاهر نڪتو ۽ ڳهاٽن وڻن جي ٽارين مان ليئا پائيندي  ڪائنات کي ڏسڻ لڳو. ڳوٺ جي ڀر ۾ نيري پاڻي واري نديءَ ۾ ڳاڙهيون، ڦڪيون، گلابي،  نارنگي ۽ ڪاري رنگ جون رنگ برنگي مڇيون پنهنجي روائتي رقص سان نچڻ لڳيون. ايتري ۾ مٺوءَ جي ماءُ جي به اک کُلي، هوءَ اُٿي ۽ کاري هيٺيان ڍڪيل ڪُڪڙ کي ڪڍيو، اها ڪُڪڙ پنهنجي يارنهن ٻچن سان ٻاهر نڪتي ۽ ڪُڙ ڪُڙ ڪندي زمين تان اَن جا ڪَڻا چُڳڻ لڳي. مٺوءَ جي ماءُ مٺو کي ننڊ مان اٿاريندي چيو، مٺو پٽ صبح ٿي آهي، سج گهر جي اڱڻ مٿان اچي نڪتو آهي، تون اُٿ ۽ اسڪول وڃڻ جي تياري ڪر مِٺو سٺو اخلاقي ۽ هوشيار ڇوڪرو هو، پنهنجي امڙ جو چوڻ ڪندي مِٺو چيو، حاضر منهنجي مٺڙي جيجل امڙ، مان اُٿي اسڪول وڃڻ جي تياري ڪريان ٿو، تون منهنجي لاءِ نيرن جي ماني پچائي وٺ مٺو پهريان بُرش سان پنهنجا ڏند صاف ڪيا پوءِ وهنجي ۽ ڊريس پائي اسڪول لاءِ تيار ٿيو، ته ماڻس خيران مکڻ ماني اچي اڳيان رکيس. مِٺو مکڻ سان هڪڙي ماني کاڌي ۽ هڪڙي ماني جي ڀور ڪري اسڪول جي ٿيلهي سان گڏ کنئي ۽ پنهنجي سائيڪل تي چڙهي گهر کان ٻاهر نڪتو. گُڏي، راڻي، شهزادو ۽ وزير به پنهنجي پنهنجي سائيڪلن تي اسڪول جا بيگ پنهنجي ڪُلهن ۾ وجهي، مٺوءَ سان گڏ نيري پاڻي واري نديءَ تي آيا ۽ پنهنجي پنهنجي ڀور ٿيل ماني مڇين کي ڏني. مڇيون پاڻيءَ کان ٻاهر ٽپا ڏئي، ننڍڙن مٺڙن ٻارن جو شڪريو ادا ڪرڻ لڳيون. پوءِ مِٺو ۽ سندس دوست سائيڪلن کي ڊوڙائيندي اسڪول طرف روانا ٿيا. رستي ۾ هن کي ريل گاڏي وڏي ڪُوڪ سان ڇڪ ڇڪ ڪندي ڪراس ڪيو. هي اڃا ڪجھه اڳتي هليا ته گُڏِي جي نظر هڪ گدڙ تي پئي، جيڪو ٻڪريءَ جي ڦر کي کائڻ جي ڪري رهيو هو. گُڏِي پنهنجي سائيڪل روڪي روئڻ لڳي. سڀ دوست گُڏِيءَ جي بيهڻ تي بيهي رهيا  ۽ گُڏِيءَ کي روئيندي ڏسي گڏجي پُڇَڻ لڳا، گڏي ڇا ٿيو؟ تون ڇو روئي رهين آهين گُڏِي گدڙ ڏانهن اشارو ڪندي، انهن کي چيو، هي گدڙ ٻڪري جي ننڍڙي ٻچي کي  ماري ڇڏيندو ۽ مونکي هي ڦرڙو زندهه کپيسڀ ٻار گدڙ کي ڏسڻ کان پوءِ هڪ ٻئي جي منهن ۾ تڪڻ لڳا، مِٺو هنن کي چيو، جي اسان هڪ طاقت ٿي وينداسين ته اسان جي ٻڌيءَ کي ڏسي گدڙ ڀڄي ويندو ۽ هي ٻڪريءَ جو ڦر بچي پوندو سڀن مٺو کي چيو، اسان ۾ ٻڌي آهي، اسان سڀ متحد ۽ هڪ آهيون پوءِ انهن مٺو سان گڏجي پنهنجي پنهنجي سائيڪلن جو منهن گدڙ ڏانهن ڪيو ۽ سائيڪلن جون گهنٽيون وڄائيندي گدڙ طرف وڌندا رهيا ته گدڙ هنن ٻارڙن جي بهادري کي ڏسندي جهنگ ۾ ٻڄي ويو. مِٺو وارا ٻڪري جي ٻچي کي کڻي وڃي ڌڻَ سان ملائي، پوءِ اسڪول پهتا. هنن کي دير ٿي وئي هئي، مِس انهن کي سزا ڏيندي ڪلاس روم جي دروازي تي بيهاري ڇڏيو! شهزادي پنهنجي دوستن کي چيو، مس سان ڪو ڪوڙ  ڳالهائي جان ڇڏايون ٿا راڻي چوڻ لڳيس، ڪوڙ ڳالهائڻ خراب ڳالهه آهي اسان کي سچ ڳالهائڻ گهرجي مِٺو ڀُڻڪندي چيو، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌُوڙِ .سچ ته بيٺو نچ“  اسان کي مِس کي سچ ٻڌائڻ گهرجي. سچ جو ڦلُ مِٺو هوندو آهي مِٺو گدڙ واري سڄي حقيقت مِس کي ڪري ٻڌائي، انهن جو سچ ٻڌي ۽ بهادري ڏسي مِس تمام گهڻي خوش ٿي ۽ سڀني ڪلاس جي شاگردن کان مِٺو وارن کي دادُ ڏياريندي تاڙيون وڄايون ۽ هو خوش ٿي کلڻ لڳا.

 

***


 

لِلي گِري

مترجم: اڪرم مصراڻي

تِڏ ۽ ماڪوڙي

تِڏ ۽ ماڪوڙي پاڻ ۾ سهيليون هونديون هيون. جيڪي الڳ الڳ  شخصيتن جون مالڪ هيون.

 تِڏ پنهنجا ڏينهن سُمهي گذاريندي هئي يا ته وري گِٽار وڄائيندي هئي. جڏهن ته  ماڪوڙي کاڌو گڏ ڪندي هئي ۽ پنهنجي لاءِ ٽڪري ٺاهيندي هئي.

 ھر وقت  تِڏ ماڪوڙيءَ  کي وقفي وٺڻ لاءِ چوندي هئي ته. بهرحال، ماڪوڙي انڪار ڪري ڇڏيندي هئي ۽ پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ جاري رکندي هئي.

 ڪجهه عرصي کان پوءِ اچانڪ سياري جي مُند آئي. ڏينهن ۽ راتيون ٿڌيون. ٿيڻ لڳيون. هڪ ڏينھن ماڪوڙي ٽولِي، اناج جي ڪجهه داڻن کي سُڪائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هئي. ته تِڏ جيڪا ڏاڍو ڪمزور ۽ بُکِي هئي، سو ماڪوڙي وٽ آئي ۽ چيائين، ڇا تون مون کي اناج جو هڪ  ٽڪرو ڏئي سگهين ٿي؟  اُن تي ماڪوڙي جواب ڏنو،اسان سڄي اونهاري ۾ هن اناج لاءِ سخت محنت ڪئي آھي، جڏهن ته تون  ھر وقت آرام ۾ هُئين، پوءِ اهو توکي ڇو ڏيون؟

 تِڏ  ڳائڻ ۽ سُمهڻ ۾ ايترو ته مصروف هئي، جو هن وٽ آخري سياري تائين کاڌو به نه هو. ان کان پوءِ تِڏ کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو.

پيارا ٻارؤ! هن ڪهاڻيءَ مان اهو سبق ٿو ملي، ته موقعي جو استعمال ڪريو، جڏهن توهان وٽ ھجي موقعي مان فائدو وٺڻ سياڻن جو ڪم آهي.

 

***


 

مترجم: ابن حيات پنهور              (قسط:  پهرين)

الحمرا جو خزانو

}اسپيني ڪهاڻي{

اسپين ۾ عرب حڪمرانن جي زماني جون ڪيتريون خوبصورت ۽ عاليشان عمارتون آهن، جن ۾ الحمرا جو شاهي محل گهڻو مشهور آهي. هن محلات جي اڳيان هڪ وڏو صحن آهي، جنهن کي حوضن وارو صحن ڪوٺيو وڃي ٿو. هن صحن ۾ بيشمار حوض ٺهيل آهن. جن ۾ پاڻي گڏ ڪيو ويندو هو. هن جي هڪ ڪُنڊ ۾ هڪ کوهه به هو،جيڪو ٽَڪر جي چوٽيءَ تي ٺاهيو ويو هو. گرميءَ جي مند ۾ پخالي پاڻيءَ جا وڏا وڏا مٽَ ڀري، گڏهن تي لڏي، شهر ڏانهن کڻي ويندا هئا ۽ اهڙيءَ ريت سندن اچ وڃ جو سلسلو ڪافي رات تائين هلندو رهندو هو. انهن پخالين ۾ برخيل نالي هڪ شخص هو، جو نهايت کَلمُک زنده دل ۽ شيرين زبان ماڻهو هو.

برخيل پاڻيءَ جا مَٽ ڀري اِنجير جي پنن سان ڍڪي ڇڏيندو هو، ته جيئن گرم هوائن کان بچيل رهن. جڏهن برخيل پاڻيءَ جي مَٽن سان لَڏيل گڏهن کي هڪليندو، غرناطه شهر جي رستن تان گذرندو هو، تڏهن نهايت وڻندڙ آواز ۾ چوندو هو، اچو، الحمرا جي کوهه جو پاڻي پي ڍؤ ڪريو، جيڪو بلور وانگر شفاف آهي. الحمرا جو پاڻي جنهن مان ملي زندگاني.

برخيل جڏهن بلوري گلاس ۾ پاڻي وجهي ڪنهن گراهڪ کي پيش ڪندو هو، ته گڏوگڏ ڪا نه ڪا کِل ڀوڳ واري ڳالهه به ڇيڙيندو هو، جيڪا ٻڌي، گراهڪ کلڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو هو. مطلب ته برخيل غرناطه جي شهر ۾ گهڻو مشهور هو. هن پنهنجي ڏک ڀري زندگيءَ ۽ غريبيءَ کي خوشمزاجيءَ جي پردن ۾ لڪائي رکيو هو. شام جو جڏهن پاڻي وڪڻي گهر پهچندو هو ته هن جا ننڍڙا ٻچا کيس چمڙن وانگر چُهٽي عجيب عجيب فرمائشون ڪندا هئا. هو کانئس نموني نموني جون مٺايون گهرندا هئا. پر برخيل کين ڪو نه ڪو سچو ڪوڙو بهانو ڏيئي وندرائي ڇڏيندو هو. هن جي زال کيس گهڻو پريشان ڪندي هئي. هو پاڻ جيترو خوش طبع هو، اوترو ئي هن جي زال چيڙاڪ ۽ جهيڙاڪ هئي. چٽي ۽ فضول خرچيءَ سان گڏ، هن ۾ ٻارن جي پرورش جو ڍنگ به ڪين هو. انهيءَ کان سواءِ هوءَ هار سينگار جي شوقين ۽ ڳائڻ وڄائڻ جي عادي هئي. ميلن ملاکڙن جي ڏينهن ۾ برخيل جي گڏهه تي سوار ٿي، پرانهن هنڌن ڏانهن نڪري ويندي هئي. ۽ ويچارو برخيل گهر ۾ ٻارن جي نگهباني ڪندو هو. هو وڏيءَ محنت ۽ تڪليف سان انهن کي پاليندو رهندو هو. جڏهن به هن کي ڪا فرست ملندي هئي، ته هو انهن کي باغ جي سير ڪرڻ لاءِ وٺي ويندو هو.

گرمين جي هڪ رات جي ڳالهه آهي، چانڊوڪي رات هئي، برخيل کي ويٺي ويٺي خيال آيو، ته گهڻن ڏينهن کان ٻارن کي سير ڪرائڻ لاءِ وٺي نه ويو آهيان، ڇو نه هڪ چڪر پاڻيءَ جو وڌيڪ ڏيئي، آچر جي ڏينهن لاءِ تفريح جو خرچ ڪڍان. اهو سوچي برخيل اٿيو، ۽ سڌو الحمرا جي کوهه تي پهتو. ان وقت چئني طرفين خاموشي ڇانيل هئي. کوهه جي پٿر جي بينچ تي هڪ پوڙهي عرب مسافر نهايت جهيڻي آواز ۾ هن کي پنهنجي طرف سڏ ڪري چيو، مان ڏاڍو بيمار آهيان، پر هن وقت شهر ۾ پهچڻ گهران ٿو، تون جيڪڏهن مون کي پنهنجي گڏهه تي چاڙهي شهر پهچائين، ته آءٌ توکي پاڻي کڻي وڃڻ جي مزدوريءَ کان ٻيڻي ڏيندس

برخيل جي دل بيمار عرب کي ڏسي رحم سان ڀرجي آئي، هن نهايت همدرديءَ سان جواب ڏنس، خدا نه ڪري جو آءٌ تو جهڙي هڪ بيمار ۽ ڪمزور کان مزدوري وٺان. اُٿ، منهنجي گڏهه تي چڙهه

برخيل پوڙهي مسافر کي گڏهه تي ويهاري شهر ڏانهن روانو ٿيو. هلندي هلندي برخيل پڇيس، اوهان شهر ۾ ڪنهن وٽ ويندو

اهو ئي سوچي رهيو آهيان، افسوس ته منهنجو ڪو به ٺڪاڻو ڪونهي! آءٌ بلڪل اجنبي آهيان. جيڪڏهن تون هڪ رات لاءِ پنهنجي گهر ۾ پناهه ڏين ته آءٌ سڄي عمر تنهنجو احسانمند رهندس. خدا تنهنجي هن نيڪيءَ جو توکي بدلو ڏيندو

نيڪدل برخيل راضي ٿي ويو ۽ هو عرب مسافر کي پنهنجي گهر وٺي آيو. اڌ رات گذري چڪي هئي، چئني طرف خاموشي هئي، مگر جيئن ئي برخيل پوڙهي عرب کي وٺي گهر ۾ داخل ٿيو، ته هن جي زال تپي باهه ٿي وئي، آڌيءَ رات جو ڪهڙي ڌارئي مرد کي گهر ۾ وٺي آيو آهين؟

صبر ڪر. هيءُ هڪ بيمار پرديسي آهي. خدا اسان کي هن نيڪيءَ جو بدلو ڏيندو. وڃ، وڃي تڏو کڻي اچ. برخيل نهايت نرميءَ سان زال کي جواب ڏنو ۽ عرب کي سهارو ڏئي اڃان تڏي تي ليٽايائين مس، ته هن کي بيهوشيءَ جو دورو پئجي ويو. آخر جڏهن هن کي هوش آيو، ته هن نهايت ضعف واري حالت ۾ ورندي ڏني، منهنجو آخري وقت اچي پهتو آهي. خدا توکي خوش رکي، وٺ هيءَ ننڍڙي دٻي، هن کي سنڀال سان رکجانءِ. مون وٽ بس اها ئي موڙي آهي، جيڪا آءٌ توکي تنهنجيءَ محنت جي بدلي ۾ ڏئي رهيو آهيان. هن کي سنڀالي رکجانءِ. ايترو چئي پوڙهي عرب دم ڏنو.

برخيل جلدي ڪري، پوڙهي جي لاش کي تڏي ۾ ويڙهي، گڏهه تي رکي، درياءَ ڏانهن روانو ٿيو. عين انهيءَ وقت سندس هڪ پاڙيسري حجام جاڳي رهيو هو. هُو نهايت شرير هو ۽ هميشه برخيل جي خلاف ڪا نه ڪا ڪوڙي ڳالهه يا افواهه اُٿارڻ جو عادي هو. جنهن وقت برخيل جي زال گوڙ ڪري رهي هئي، ان وقت هُو پنهنجي گهر واري دريءَ مان ڪن ڏيئي، سڀ ڪجهه ٻُڌي رهيو هو. هن پوڙهي عرب کي به اندر ويندي ڏٺو هو. جڏهن برخيل لاش کڻي روانو ٿيو، ته هو به آهستي آهستي پٺيانئس هلڻ لڳو.

برخيل درياءَ جي ڪناري تي پهچي، عرب جي لاش کي گڏهه تان لاٿو، ۽ اتي وڻن جي جهڳٽي ۾ کڏو کوٽي دفن ڪري ڇڏيو. حجام پري کان سڀ ڪجهه لڪي ڏسندو رهيو. جڏهن برخيل واپس گهر ڏانهن موٽيو تڏهن حجام به پٺيانئس اچي رهيو هو. هو سڄي رات پنهنجي ذهن ۾ نموني نموني جا خيالي گهوڙا ڊوڙائيندو رهيو. هن سوچيو ته ضرور برخيل انهيءَ شخص کي ڦُري پوءِ قتل ڪيو هوندو. انهيءَ ڪري ئي سندس زال کيس گهٽ وڌ ڳالهائي رهي هئي. معلوم ٿئي ٿو ته اهو مسافر ڪو وڏو واپاري هو. هن اهو سوچي سارو قصو شهر جي قاضيءَ کي اچي ڪري ٻڌايو. شهر جو قاضي وڏو لالچي هو. هن حجام کي چيو، ته هڪدم برخيل کي وٺي منهنجي جاءِ تي اچ.حجام جلدي برخيل جي گهر پهتو ۽ هن سان سلام دعا ڪرڻ کان پوءِ چيائين ته، توکي شهر جي قاضيءَ ضروري ڪم لاءِ گهرايو آهي

برخيل سوچيو ته شايد قاضيءَ کي الحمرا جي کوهه جي  پاڻيءَ جي ضرورت هوندي. ان ڪري هو وڏي دلجاءِ سان هن جي جاءِ تي پهتو. قاضيءَ وڏي نرميءَ سان پڇيس، اهو مسافر ڪير هو؟ برخيل سڄو قصو بيان ڪيو ۽ ٻڌايائين ته، انهيءَ عرب مسافر مرڻ وقت هڪ دٻلي ڏني،

(هلندڙ....)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org