هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي ته هڪ ڏاڍو ايماندار ماڻهو
هو، جنهن جو نالو ’هنس‘ هو. هو رحمدل هو ۽
جهوپڙيءَ ۾ اڪيلو رهندو هو. کيس وٽ هڪ باغ هو جنهن
۾ رنگارنگي گل ۽ ڀاڄيون ٿينديون هيون.
هِن جو پاڙيسري ’چاڪي‘ نالي هو، جنهن کي ’هنس‘
پنهنجو وفادار دوست سمجهندو هو. جڏهن به چاڪي
اُتان لنگهندو هو ته گل ۽ ڀاڄيون پٽي ويندو هو ۽
هميشه ائين چوندو هو ته ”دوستن جي هر شيءِ گڏيل
هوندي آهي، چاڪي کيس ڪجهه به نه ڏيندو هو.“
اڪثر ڪري سياري جي موسم ۾ هنس ڏاڍي تڪليف سان
زندگي گذاريندو هو، ڇاڪاڻ ته ان موسم ۾ نه گل
ٿيندا هئا نه وري ڀاڄيون ۽ چاڪي ان موسم ۾ هن وٽ
ڪونه ايندو هو. جيتوڻيڪ چاڪيءَ وٽ اناج جون سوين
ڳوڻيون ڀريل هونديون هيون. هڪ ڀيري سياري جي موسم
۾ هنس بک کان بيحال ٿي ويو ۽ چاڪيءَ جي پُٽ چاهيو
ته کيس ڪجهه کارايان، پر پيءُ جي منع ڪرڻ تي خاموش
ٿي ويو.
جيئن ئي سياري جي موسم پوري ٿي، ته چاڪي هڪ وڏو
ٽوڪرو کڻي اچي پهتو، هنس کان حال احوال پڇيائين،
هن کيس ٻڌايو ته وقت تمام ڏکيو پيو گذري. مون
پنهنجي گاڏي به وڪڻي ڇڏي، اهو ٻڌي چاڪيءَ کيس چيو
ته تو اهو سٺو ڪم نه ڪيو، پر پوءِ کيس چيائين ته
آءٌ توکي ننڍي گاڏي ڏيندس ۽ هن وقت اها صحيح حالت
۾ نه آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته آءٌ اها هڪ وڏي سخاوت
ڪري رهيو آهيان. هَنسَ چيس ته مون وٽ هڪ ڪان جو
تختو آهي، ان کي مان مرمت ڪرائي وٺندس.
چاڪيءَ کي لالچ لڳي ۽ چيائين ته منهنجي گودام جي
ڇت ۾ سوراخ ٿي پيو آهي، تختو ڏي ته ان کي مرمت
ڪرايان جيئن اناج جو نقصان نه ٿئي. هن هڪدم کيس
تختو آڻي ڏنو. چاڪيءَ چيو ته هي ته تمام ننڍو آهي
خير مڙئي وڃي ٿو ڪم جو پورائو ڪريان. چڱو هاڻي هي
ٽوڪرو ڀاڄين ۽ گلن جو ڀري اچ ته حساب پورو ٿي وڃي.
هَنَس کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته پوءِ منهنجو
گذران ڪيئن ٿيندو. پر چاڪيءَ کيس اهڙيون ڳالهيون
ٻُڌايون جو مجبورن ٽوڪرو ڀري اچي چاڪيءَ کي ڏنائين
۽ چاڪي گهر هليو ويو.
وري ٻئي ڏينهن تي چاڪيءَ کيس هڪ ٿيلهو ڏنو ته هيءَ
اٽو بازار ۾ وڪڻي اچ. هن چاڪيءَ کي چيو ته ”مون کي
تمام گهڻو ڪم آهي.“ پر چاڪيءَ چيس ته ”آءٌ توکي
گاڏي ڏيڻ وارو آهيان ۽ تون نٽائي رهيو آهين.“ اها
دوستيءَ لاءِ سُٺي علامت نه آهي. هَنَس مجبور ٿي
اٽو کڻي بازار ۾ وڪڻي آيو. پر ٿڪاوٽ سبب صبح جو
سوير اُٿي نه سگهيو. چاڪي پئسن وٺڻ لاءِ صبح جو سج
اُڀرڻ شرط هن جي گهر پهچي ويو ۽ کيس چيائين ته آءٌ
توکي گاڏي ڏيڻ وارو آهيان ۽ تون سُست ٿي رهيو
آهين. اهڙيءَ طرح ٻه ڏينهن گذري ويا پر چاڪيءَ هن
کي واندو نه ڇڏيو، جو هو پنهنجي باغ کي پاڻي ڏيئي
يا ڪو ٻيو ڪم ڪري سگهي.
هڪ رات سخت طوفان لڳي رهيو هو ته چاڪي هن وٽ آيو ۽
چيائين ته منهنجو پُٽ ڏاڪڻ تان ڪِري سخت زخمي ٿي
پيو آهي. تون شهر وڃ ۽ ڊاڪٽر کي وٺي اچ. هڪ ته
اونداهي رات ۽ ٻيو طوفان پئي لڳو. تڏهن به دوستيءَ
خاطر هنس وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. چيائينس ته اها
لالٽين ڏي ته اوندهه ۾ پاڻ سان گڏ کڻي وڃان، مگر
چاڪيءَ چيس ته مون تازو پئسا ڏيئي ورتي آهي طوفان
۾ آءٌ توکي نه ڏيندس. هَنَس ويچارو اوندهه ۾ ڌڪا
ٿاٻا کائيندو اچي ڊاڪٽر وٽ پهتو ۽ ان کي حال احوال
ٻڌايائين، ڊاڪٽر يڪدم گهوڙو تيار ڪرائي لالٽين کڻي
چاڪيءَ جي گهر روانو ٿيو ۽ هَنَس ويچارو اونداهي
رات ۾ گهوڙي پٺيان ڌڪا کائيندو آيو پر اوندهه هئڻ
سبب رستو ڀُلجي ويو ۽ ڌٻڻ ۾ ڦاسي مري ويو. ٻئي
ڏينهن ڪجهه ٻڪرار هَنَس جو لاش کڻي سندس جهوپڙيءَ
۾ آيا جيئن ته هو رحمدل ۽ هردلعزيز هو تنهنڪري
ڪيترائي ماڻهو سندس جنازي ۾ شريڪ ٿيا. هن کي دفن
ڪرڻ کان پوءِ چاڪيءَ چيو ته هَنسَ جو موت اسان
سڀني لاءِ نقصانڪار آهي پر مون اهو سبق سکيو ته
آئينده لاءِ ڪنهن سان به سخاوت نه ڪندس، ڇاڪاڻ ته
سخاوت ڪرڻ ڪري نقصان سَهڻو ٿو پوي.
هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته ڪنهن زماني ۾ هڪ پرڳڻي ۾
اچي ڏُڪر مُنهن ڪڍيو. ڪيترائي ماڻهو بُک وگهي مري
ويا ۽ ڪيتريون ڀيانڪ بيماريون اچي پيدا ٿيون.
ڪيترا ماڻهو اهڙا ضعيف ٿي ويا جو هڏائون پڃرو وڃي
بچيا. ڪيترن جو پيٽ وڃي پُٺيءَ سان لڳو. ماڻهو وڃي
سُڪين ڀاڄين تي گذران ڪرڻ لڳا. منجهائن ايمان آسرو
ڇڏائجي ويو ۽ پنهنجي ٻارن کي رستن تي ڦِٽو ڪري پاڻ
کي آجو ڪرڻ لڳا. مطلب ته بک ۽ ويچارگيءَ جي انتها
ٿي وئي. ڪنهن خدا ترس پڇيو ته توهان مان ڪو تيار
آهي جو پکين کي کارائي پياري؟
اُتي هڪ شخص پنهل نالي واپاري هو. جنهن پنهنجو ڪنڌ
کڻي هيٺ ڪيو ۽ چيائين ته سائين منهنجي جاءِ نه
آهي، جو آءٌ هڪ پکيءَ جو پيٽ ڀري سگهان. مون کي
جيڪا دولت آهي سا ته پوري ڪين پوندي. مٺل نالي هڪ
ماڻهوءَ چيو ته مان پنهنجي جان به ڏيڻ لاءِ تيار
آهيان، مگر افسوس جو منهنجي گهر ۾ ايترو کاڌو
موجود ناهي جو مان مُنهن ڏيئي سگهان. مهراڻ جنهن
کي جهجهي پوک واري زمين هئي، تنهن چيو، ته سوڪهڙي
ته منهنجون ٻنيون ٺوٺ ڪري ڇڏيون آهن. مان ته رات
ڏينهن انهيءَ فڪر ۾ غلطان آهيان ته ڍل ڪيئن ادا
ڪندس.
تنهن کان پوءِ هڪ فقير جي ڌيءَ آئي ۽ عاجزيءَ سان
چيائين ته آءٌ پکين کي کارائينديس. انهيءَ تي سڀئي
عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا ته اهو وري ڪيئن؟ ۽ ڪهڙي
طرح ڏڪاريلن کي مُنهن ڏئي سگهندينءَ؟
فقيراڻي وراڻي ڏني ته بيشڪ مان توهان سڀني کان
وڌيڪ غريب، محتاج ۽ مسڪين آهيان، مگر منهنجي طاقت
غريبيءَ ۾ آهي، مون کي ڪشڪول هٿ ۾ آهي. سڀ پنج ڪڻا
مون کي وجهي ڏيندا. يعني آءٌ پننديس اوهان سڀني
وٽان ۽ کارائينديس پکين ۽ بکين ڀائرن کي.
هوشوءَ جو پيءُ هاري هو، ڌرتيءَ جو سينو چيري سونا
سنگ اُپائڻ وارو، پر سماج ۾ ان جو مقام تمام گهٽ
آهي. سڄو ڏينهن هر هلائي جڏهن ٿڪل ٽٽل پنهنجي گهر
پهچندو هو ته هوشوءَ تي نظر پوندي ئي سڀ ٿڪ لهي
پوندا هئا. پٽ کي ڀاڪر پائي چوندو هو ته ”تون
واقعي هوشو ٿيندين...“
اها ڳالهه هوشوءَ جي ننڍڙي ۽ ڪچڙي ذهن کان مٿڀري
هئي. هو سمجهي نه سگهندو هو ته سندس پيءُ اهي لفظ
چئي روئي ڇو پوندو هو. هن کي ان وقت مونجهارو
ٿيندو هو.
”بابا تون روئين ڇو ٿو“؟ هوشو معصوميت سان پيءَ
کان پڇندو هو، پر پيءُ ڪو جواب ڏئي نه سگهندو هو.
هوشو اسڪول ۾ پڙهندو رهيو، پڻس پورهيو ڪري هن کي
پڙهائڻ شروع ڪيو هو. هن کي به تعليم پرائڻ جو وڏو
شوق هو. ان ڪري هو اسڪول ۾ ماسترن جو پيارو هوندو
هو. سٻاجهڙو، محنتي ۽ هوشيار. پنج درجا هن پاس ڪيا
ته سندس پيءُ کي ڳڻتي وٺي وئي ته شهر ۾ پڙهڻ لاءِ
گهڻا پئسا کپن.
پر هن همت نه هاري ۽ پنهنجي ڳوٺ جي زميندار جو در
ٽپي ويو. ”سائين منهنجي پٽ کي شهر ۾ پڙهائڻو آهي،
ان ڪري پئسا کپن.“
اهي لفظ ٻڌي زميندار اکيون ڪُرڙيون ڪيون.
”تنهنجو پٽ هوشو... شهر پڙهڻ ويندو...! ۽ ...!“
زميندار وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو رهيو ۽ هن جي دل ۾ وڍ
پوندا رهيا. ”اڳ ته ڪڏهن اهڙو مثال نه مليو آ ته
هاريءَ جو پٽ پڙهي...“
هو خاموش بيٺو رهيو، زميندار کي ڏسندو رهيو. ”وڃ
بابا... وڃي پنهنجو ڪم ڪر، اسين پئسا گهڙيون ته
ڪونه ٿا...“
هو ماٺ ۽ مايوس مايوس گهر موٽيو ۽ هوشوءَ تي نظر
وڌي ته هو پڙهي رهيو هو. پيءُ کي مايوس ڏسي، ڀڄندو
ان جي ويجهو آيو.
”بابا... ڇا ڳالهه آهي؟...“
معصوميت سان چيو، ”ڪجهه نه پٽ...“ هو ٽٽل لفظن کي
جوڙيندو رهيو.
”مون کان نه لڪائي بابا؟“ هِن پيءُ کي ڀاڪر
پائيندي چيو... پر پڻس سڀ ڪجهه کانئس لڪائي ويو.
”بابا... سڀاڻي مون کي شهر جي وڏي اسڪول ۾ داخل
ڪرائيندين نه... نوان ڪپڙا وٺي ڏيندين ۽ ڪتاب
پڻ...“ هو چپ ڪريو بُت جيان بيٺو رهيو ۽ پوءِ همت
کان ڪم وٺندي چيو.
”ها پٽ سڀاڻي شهر هلنداسين... توکي وڏي اسڪول ۾
داخل ڪرائيندس. توکي نوان ڪپڙا ۽ ڪتاب وٺي ڏيندس.
ٻچا توکي ضرور پڙهائيندس. توکي هوشو بنائڻو
آهي...“ هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا... هن هوشوءَ
جي ماءُ کي ياد ڪيو جيڪا هاڻ هن دنيا ۾ نه رهي
هئي.
”بابا تون روئين پيو...؟!“ پٽ مان ته خوشيءَ جا
ڳوڙها پيو ڳاڙيان. تنهنجي ماءُ هجي ها ته ڪيڏي خوش
ٿئي ها، ته تون شهر پڙهڻ پيو وڃين.
شام جي پاڇولن لڙڻ تائين هن پنهنجي ڍڳن جو جوڙو
وڪڻي ڇڏيو ۽ پُٽ جي تعليم لاءِ پئسو هٿ ڪيو. هو
هاڻي خوش هو، روڊ تي پٿر ڀڃي مزدوري ڪندو هو ۽
سندس پٽ شهر ۾ پڙهندو هو. هن جي آس پوري ٿي هئي.
ڪانءُ کاڌي لاءِ نڪتو. جڏهن موٽيو ته پنهنجي آکيري
۾ ڪوئل ڏٺائين ان کي چيائين: ڀلي ڪري آئين، ڇا حال
احوال آهن؟
ڪوئل چيو: خير سان آهيان، مالڪ جو شڪر آهي. هت
ڪيئن آيو آهين؟ ڪانءُ وراڻيو، آيس ته جيئن پنهنجي
آکيري ۾ آرام ڪريان.
ڪوئل چيو ته هيءَ تنهنجو آکيرو نه آهي، پر اِهو
منهنجو آکيرو آهي. ڪانءُ چيو ته، سڀني پکين کي ان
جي خبر آهي، ته اِهو منهنجو آکيرو آهي، پر ڪوئل
مڃي ئي نه، نيٺ ٻئي گڏجي قاضي وٽ ويا ته فيصلو
ڪرايون.
پوءِ جڏهن قاضي سندن ڳالهيون ٻڌيون ته قاضيءَ ڪوئل
جي فائدي ۾ فيصلو ڏنو. ڪوئل حيران ٿي پڇيو، اي
قاضي تون ته عادل آهين، تو ڇو يڪدم منهنجي فائدي ۾
فيصلو ڏنو ۽ شاهدي به نه ٻُڌي.
قاضيءَ جواب ڏنو ته، تون سچ ڳالهائڻ ۾ مشهور آهين.
ان ڪري آءٌ مڃان ٿو ته هن باري ۾ تو ڪوڙ نه
ڳالهايو هوندو. ڪوئل جڏهن ٻاهر نڪتي ته ڪانءُ
روئندو ان جي پٺيان لڳو. ڪانءُ کي چيائين ته اي
ڪانءُ بيشڪ آکيرو تنهنجو آهي. تون وڃ ۽ وڃي پنهنجي
آکيري ۾ آرام ڪر.
ڪانءُ چيو: هاڻي ڇا جي ڪري حق جي ڳالهه ڪري رهي
آهين؟
ڪوئل جواب ڏنو ته مان نٿي چاهيان ته تنهنجي آکيري
جي ڪري پنهنجي سُٺي شهرت وڃايان، اِها مون لاءِ
هزارين آکيرن کان وڌيڪ بهتر آهي.
هڪ انساني وار جي عمر ڪيتري، جسم جي ڪهڙي مشڪ وڌيڪ
سگهاري ٿئي ٿي، معدو پاڻ کي هضم ڇو نٿو ڪري ڇڏي ۽
جسم جو ڪهڙو سيل ننڍي ۾ ننڍو ٿئي ٿو عام طور تي ان
قسم جا سوال پڇيا ويندا آهن جن مان ڪن بابت هت
ٻڌائجي ٿو.
* ڏينهن جي ڀيٽ ۾ رات جو انساني دماغ وڌيڪ چُست
رهي ٿو. سائنسدانن کي جيتوڻيڪ ان ڳالهه جي ڄاڻ آهي
پر تنهن هوندي به اهي ان جو جواب ڏئي نه سگهيا
آهن.
* توهان جي جيتري آءِ ڪيو
(IQ)
وڌيڪ هوندي توهان اوترا وڌيڪ خواب ڏسي سگهندا.
* جسم جي ٻئي ڪنهن به حصي جي ڀيٽ ۾ مُنهن جا وار
وڌيڪ تيزيءَ سان واڌ ڪن ٿا.
* ڪنهن به ٻيءَ آڱر جي ڀيٽ ۾ وچينءَ آڱر جو نُنهن
وڌيڪ تيزيءَ سان واڌ ڪري ٿو.
* هٿن جا ننهن، پيرن جي ننهن کان اٽڪل چئوڻ تي
وڌيڪ تيزيءَ سان واڌ ڪن ٿا.
* هڪ انساني وار جي سراسري عمر ٽن کان ستن سالن
جيتري ٿئي ٿي.
* توهان جي معدي جي تيزابيت ايتري ته طاقتور ٿئي
ٿي جو اها زنڪ جهڙي ڌاتوءَ کي به ڳاري سگهي ٿي،
جڏهن ته اها معدي کي ان سبب ڳاري نٿي سگهي جو معدو
سدائين پاڻ کي نواڻيندو رهي ٿو.
* عورتن جي دل، مردن جي دل کان وڌيڪ تيزيءَ سان
ڌڙڪي ٿي.
* عورتون، مردن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي وڌيڪ اکيون ڇينڀين
ٿيون.
* عورتن ۾ ڄمندي ئي مردن جي ڀيٽ ۾ سُنگهڻ جي لياقت
بهتر هجي ٿي ته سڄي عمر مردن کان بهتر به رهي ٿي.
* مرد، عورتن جي ڀيٽ ۾ تيزيءَ سان سڻڀ استعمال ڪن
ٿا يعني روزانو 50 ڪئلريون وڌيڪ.
* عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن کي وڌيڪ هڏڪي ٿئي ٿي.
* هڪ مرد جي جسم ۾ سراري طور تي رت جا 6.8 لٽر ته
عورت جي جسم ۾ اٽڪل 5 لٽر رت ٿئي ٿو.
* انساني جسم جو وڏي ۾ وڏو سيل عورت جو آنو
(Ovum)
ته ننڍي ۾ ننڍو، مرد جو تخمي جيو
(Sperm)
ٿئي ٿو.
* توهان پنهنجي سڄي زندگيءَ دوران ايتري پِڪ
(Saliva)
پيدا ڪري سگهو ٿا جو ان سان ٻه سُئمنگ پول ڀرجي
سگهن ٿا.
* ڄمڻ وقت ڪنهن به ٻئي رنگ جي ڀيٽ ۾ ابهمن جون
اکيون نيري چٽ واريون هجن ٿيون جيڪي پوءِ ميلانن
مادي جي مڪمل ڀرجڻ يا الٽراوايوليٽ روشنيءَ سبب
گهريون ٿي اکين جو اصلي رنگ پيدا ڪن ٿيون.
* گهڻي کائڻ کانپوءِ ٻُڌڻ جي حِس گهٽجي وڃي ٿي.
* جيڪڏهن توهان جي پِڪ کاڌي سان ملي يا حل ٿي نه
سگهي ته توهان ان کاڌي جو ذائقو حاصل ڪري نٿا
سگهو.
* گوڙ سبب اکين جون ماڻڪيون
(pupil)
ڦنڊي وڃن ٿيون پوءِ ڀلي ته اهڙو گوڙ ٿورڙو به ڇو
نه هجي.
هر هڪ فرد ۾ پنهنجي مخصوص بوءِ، هٿن جون مخصوص
ريکائون ۽ ڄڀ جي مخصوص ڇاپ هجي ٿي.
* 60 سالن جي عمر کي پهچڻ سان ڪيترن فردن جون
سوادي مکڙيون
(taste buds)
ضايع ٿي وڃن ٿيون.
* ڄمڻ کان پوءِ توهان جون اکيون ته ساڳي سائيز جون
رهن ٿيون پر نڪ ۽ ڪن پوءِ به واڌ ڪندا رهن ٿا.
* سج جي هلڪي لهس به جسم جي رت نلين کي شديد ڇيهو
رسائي ٿي.
* اسان، شام جي ڀيٽ ۾ صبح جي وڳڙي ۾ هڪ سينٽي ميٽر
قداور هوندا آهيون.
* جسم جي طاقتور مُشڪ انساني ڄڀ آهي.
* انساني جسم جو وڌ ۾ وڌ سخت هڏو، ڄاڙيءَ جو آهي.
* هٿن ۽ پيرن ۾ اٽڪل جسم جا اڌ کان وڌيڪ هڏا ٿين
ٿا.
* انساني چمڙيءَ جي هر انچ تي اٽڪل 32 ملين
بئڪٽيريا موجود ٿين ٿا، جن مان ڪيترائي بي مضر ته
ڪي ڪارائتا ٿين ٿا.
* انساني جسم تي هر 27 ڏينهن کان پوءِ چمڙيءَ جو
هڪ نئون تهه پيدا ٿئي ٿو.
* هر منٽ ۾ انساني جسم جا 300 ملين سيل مرندا رهن
ٿا ته هر نوجوان روزانو 300 بلين نوان سيل پيدا
ڪندو رهي ٿو.
* توهان جيترو وڌيڪ ڪنهن ٿڌي ڪمري ۾ سُمهندا اوترا
وڌيڪ ڀيانڪ خواب ڏسي سگهندا.
* جانورن جي دنيا ۾ رڳو انسان ئي جذباتي ڳوڙها
ڳاڙي سگهي ٿو.
* ڄمڻ وقت سڀ ابهم رنگن جي لحاظ کان بي شناس ٿين
ٿا جو رڳو ڪارو ۽ سفيد رنگ پسي سگهن ٿا.
* توهان جي جسم جو اڪيلو عضوو جنهن کي رت نٿو ملي،
اک جي قرنيا
(comea)
ٿئي ٿي جيڪا پنهنجي لاءِ آڪسيجن، سڌي سنئين هوا
مان حاصل ڪندي رهي ٿي.
* سراسري طور تي هڪ فرد کاڌي کائڻ کانسواءِ 20
ڏينهن تائين زندهه رهي سگهي ٿو ته پاڻي پيئڻ بنا
رڳو چند ڏينهن مس.
* هر هڪ فرد جي هڪ اک طاقتور ته ٻي ڪمزور ٿئي ٿي.
* هڏائون پڃرو هر 10 سالن کان پوءِ نواڻبو رهي ٿو
جنهن جو مطلب ٿيو ته اهو هر ڏهن سالن کان پوءِ
نئون ٿي وڃي ٿو.
(ڪتاب صحت جي سائنسي ڄاڻ تان ورتل)
آڪٽوبر- ڊسمبر 2018ع جي گڏيل شماري ۾ لطيفي لات جي
سلسلي ۾ ڏنل بيت ”سُر ڪلياڻ“ جي داستان پهرين جو
ٻارهون نمبر بيت آهي.
بيت جي صحيح معنيٰ:
هو پاڻ ئي وڏي شان وارو آهي ۽ پاڻ ئي سونهن جو
جوهر (تت) آهي. هو پاڻ ئي پرينءَ جو روپ آهي ۽ پاڻ
پورن سونهن آهي. هو پاڻ ئي مرشد (ستگرو) ٿو بنجي ۽
پاڻ ئي مريد (شش) ٿو ٿئي. هو پاڻ ئي ”خيال“ آهي.
(جنهن مان هيءُ سمورو مانڊاڻ يا پسارو نروار ٿيو
آهي.) اهو سمورو حال اندر مان ئي ٿو پروڙي سگهجي.
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
* نصير احمد فقير چنا: گهوٽڪي.
* اقراء بانو چنا: گهوٽڪي.
* فضا فرحان: گورنمينٽ خورشيد بيگم گرلز ڪاليج
حيدرآباد.
* حسنين علي کوسو: ڄام شورو.
* نياز حسين کوسو: ڄام شورو.
* افشان پنهور: دادو.
* بُشريٰ بانو چنا: گهوٽڪي.
* راجا خير محمد چنا: گهوٽڪي.
* محسن علي سيال: حيدرآباد.
* حسنين عباس مرزا: حيدرآباد.
* حديقه مرزا: ٽنڊو آغا، حيدرآباد.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان محسن علي
سيال جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ
پاران گل ڦل جي ڪاپي موڪلجي ٿي.
|