شاهه صاحب جو جنم:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنه 1689ع ۾ حيدرآباد ضلع جي
هالا تعلقي ۾ هالا حويلي ڳوٺ ۾ ڄائو. شاهه
عبداللطيف ڀٽائي، سيد حبيب الله جو پٽ، سيد
عبدالقدوس شاهه جو پوٽو ۽ سيد جمال شاهه، شاهه
عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ٽيون پٽ هو. شاهه تاڃيءَ
پيٽي سيد هو. سندس والده به مخدوم ديانيءَ جي
خاندان مان هئي. مخدوم دياني جو مقبرو پراڻن هالن
جي اُڀرندي طرف آهي. شاهه جي ڄمڻ کان ٿورو ئي
پوءِ، شاهه حبيب هالا حويلي مان لڏي وڃي ڪوٽڙيءَ ۾
رهيو. هالا حويلي، ڀٽ شاهه کان نَوَ ڪوهه پري آهي
۽ ڪوٽڙي ٻه ڪوهه. ٻئي ڳوٺ هاڻ ويران پيا آهن.
شاهه جي تعليم ۽ تربيت:
چون ٿا ته شاهه حبيب پنهنجي پُٽ کي وائي ڳوٺ جي
مشهور عالم آخوند نور محمد ڀٽيءَ وٽ علم پرائڻ
لاءِ موڪليو. وائيءَ جو ڳوٺ، ڀٽ کان ڇهه ۽ اُڏيري
لعل کان ٻه ڪوهه پري آهي. شاهه ’الف‘ اُچاري،
’ب‘ چوڻ کان نابري واري. شاهه صاحب اُمي (اڻ
پڙهيل) هو يا نه، تنهن بابت جدا جدا عالمن، جدا
جدا رايا ڏنا آهن. ڪن صاحبن جو رايو آهي ته مٿس
’علم لدني‘ نازل ٿيو هو، جو ڌڻيءَ طرفان ڪامل ولين
کي عطا ٿيندو آهي. شاهه صاحب سان اڪثر ٽي ڪتاب گڏ
هوندا هئا. قرآن شريف، مولانا جلال الدين رومي جي
مثنوي ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو رسالو.
انهن ڪتابن تي ڪنهن به هنڌ ڪجهه لکيل ناهي، جنهن
کي شاهه جو دستخط چئجي. مير علي شير قانع ٺٽوي، جو
شاهه جو معتقد هو ۽ سندس ئي زماني ۾ رهندو هو.
شاهه صاحب جو عشق:
شاهه صاحب ويهن ورهين جو ٿيو ته کيس مجازي محبت جو
ڪانَ لڳو. ڪوٽڙيءَ جي مرزا مغل بيگ جو شاهه حبيب ۾
ڪامل ويساهه هو. ۽ کيس دعا ڦيڻيءَ لاءِ اڪثر
پنهنجي گهر ۾ وٺي ويندو هو. ارغون هو ۽ سندس گهر ۾
سخت پردو هوندو هو. سندس گهر ۾ اَگهائي ٿي پوندي
هئي ته مرشد کي عرض ڪري دعا لاءِ وٺي ايندو هو.
قضا سان هڪ دفعي سندس نياڻي بي چاڪ ٿي پئي، اتفاق
سان ساڳئي وقت شاهه حبيب جي طبيعت به ناساز هئي.
انهيءَ ڪري مرزا بيگ جي عرض تي پنهنجي پٽ
عبداللطيف کي ساڻس وڃڻ جي هدايت ڪيائين. شاهه صاحب
مغل بيگ جي دُختر جو حسن ڏسندي بيخود ٿي ويو ۽
سندس آڱر پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيائين:
جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾،
تنهن کي لهر نڪو لوڏو
اهي سخن سُڻي، مرزا ۽ سندس عزيز غصي ۾ لال ٿي ويا،
پر ٻاهران صبر اختيار ڪيائون. اُن کان پوءِ،
اندران ئي اندران سيدن کي اهڙو ته تپائي کنيائون،
جو هو لاچار ٿي ڪوٽڙي ڇڏي، اُتر طرف ڪجهه مفاصلو
پري وڃي ڌار حويلي اَڏي ويٺا. عشق جي ڪانَ لڳڻ کان
پوءِ شاهه صاحب هرڻ ۽ هما وانگر صحرائن ۽ بيابانن
۾ سرگردان ۽ حيران ٿي پيو ڦرندو هو. هڪ دفعي ته ٽي
ڏينهن ساندهه هڪ هنڌ غش ئي غش پيو هو. سندس جسم تي
واريءَ جا تهه چڙهي ويا، هڪ پهنوار جي وڃي مٿس نظر
پئي، جنهن سارو احوال وڃي شاهه حبيب کي سڻايو.
شاهه حبيب جلد اَچي انهيءَ هنڌ پهتو ۽ ڏاڍي سوز
مان چيائين:
لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي
شاهه بيخوديءَ جي حالت مان ڇرڪ ڀري اُٿيو ۽ ٺهه
پهه جواب ۾ چيائين:
پيئي کڻي پساهه پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي
ڪي صاحب اُنهيءَ خيال جا آهن ته هن شعوري زماني ۾،
اهڙي روايت کي ”ڏند ڪٿا“ ڪري شمار ڪرڻ لڳا.
شاهه صاحب جي شادي:
جڏهن ته هڪ ڏينهن اوچتو شاهه صاحب سفر تي هنگلاچ
ڏانهن هليو ويو هو ۽ ڪيترائي ورهيه گذري ويا واپس
نه موٽيو. شاهه حبيب پنهنجي پُٽ کي ڏسڻ لاءِ بي
تاب هو ته هڪ ڏينهن شاهه صاحب اچي پنهنجي گهر پهتو
جنهن کي ڏسي شاهه حبيب جون اکيون ٺري پيون. شاهه
جي گهر موٽي اچڻ کان سُتت ئي پوءِ، مٿس شاديءَ جو
ٻنڌڻ پيو. جنهن ڪارڻ، گهڻو وقت بيتاب ٿي جهنگ،
واديون ۽ رڻ ڦريو هو، تنهن سان ئي قدرت سندس ناتو
جوڙيو. اُها ئي مرزا مغل بيگ جي نياڻي بيبي سيده
بيگم، جنهن کي شاهه صاحب جا مريد، (ستين جو ڇَٽَ)
سڏيندا هئا. شاهه صاحب جي شادي ڪيئن ٿي، سابه هڪ
حيرت جهڙي ڳالهه آهي. هڪ ڏينهن اتفاق سان ائين ٿيو
جو ڪي دَل ذات جا رهزن، مردن جي غير حاضريءَ جو
فائدو وٺي، مرزا مغل بيگ جي گهر تي ڪاهي آيا، سارو
قيمتي مال ٻُهاري رمندا رهيا. پوءِ مغل بيگ جا
ماڻهو هٿياربند ساڻ ڪري ڌاڙيلن جي ڪڍ لڳا، ۽ اچي
شاهه جي پاڙي مان لانگهائو ٿيا. اُها روئداد ڏسي
شاهه سچيءَ نيت سان پنهنجون ۽ پنهنجن ماڻهن جون
خدمتون آڇين، پر مرزا ان کي حقارت سان ڌڪاري ڇڏيو.
شاهه کي انهيءَ تان ڏاڍو رنج رسيو، چون ٿا ته سندس
زبان مان بي اختيار بددعا نڪري ويئي. مرزا پنهنجن
ماڻهن سميت شاهينگن هٿان مارجي ويو. اهو حادثو
1124 هجري مطابق سنه 1813ع ۾ ٿيو، مغلن جي زالن،
سيدن جي رنج مِٽائڻ لاءِ اچي کانئن معافي ورتي.
پوءِ مرزا مغل بيگ جي نياڻي جي شادي شاهه صاحب سان
ڪرايائون. بيبي صاحبه هڪ نهايت پاڪدامن، پارسا ۽
نيڪ اطوار عورت هئي. شيخ سعديءَ جو فرمودو آهي:
زن نيڪ و فقر زا نجه و پارسا،
کند مرد درويش را پادشا.
يعني، نيڪ، سياڻي ۽ پارسا عورت، فقير مرد کي به
بادشاهه بڻائي ٿي ڇڏي.
هن جي سڳوريءَ صحبت شاهه صاحب کي هڪ روحاني سلطان
بڻائي ڇڏيو، ته ڪهڙو عجب! هوءَ پاڻ سان پنهنجو
ننڍو ڀاءُ گولو وٺي آئي هئي، جو جلد ئي گذاري ويو.
شاهه صاحب جي عبادت ۽ رياضت:
هاڻي شاهه صاحب جي زندگي هموار ۽ بهتر نموني گذرڻ
لڳي. شاهه صاحب سمورو وقت، رياضت، عبادت، شعر گوئي
۽ قدرت جا من موهيندڙ نظارا کيس وجد ۾ آڻي ڇڏيندا
هئا. ”انسان ڇا آهي؟ عالم ڇا آهي؟ حق ڇا آهي؟“ جي
باريڪ مسئلن تي غور ڪندو رهندو هو. تصوف ۾ به انهن
ئي باريڪ نُڪتن تي ويچار آيل آهن: ”انسان، ڪائنات
۽ خدا ڇا آهن؟“ شاهه جي ٻاجهاري طبيعت، نيڪ اطوارن
۽ پاڪدامنيءَ ڪيترن ئي انسانن کي مٿس مفتون ڪري
ڇڏيو. هڪ هو اڳيئي سيد، ٻيو سڀاءُ جو هو سٻاجهو،
سو ته ويتر ماڻهن کي موهي وڌائين. شاهه پاڻ
پوڄائڻ کان پري هو، ۽ پيري شيخي، دل کي نه وڻندي
هيس:
پوڄا ڪرمَ پاڻ کي، جوڳي! رکج جوڳ،
خلق خادم جئن ڪرين، اي راوَل! وڏو روڳ
ماڻهو کيس گهڻائي چاهڻ لڳا. شاهه صاحب الله تعاليٰ
جي غور ۽ فڪر ۾ هميشه مصروف رهندو هو. |