سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ  2019ع

باب:

صفحو:5 

ٻڌو ٿا؟

ها چئه،

ڏسو ٿا پنهنجي پٽ جا ڪم؟

وري ڇا ٿيو؟

 

توهان کي ڄڻ معلوم ڪونهي جو پڇو ٿا، ڇا ٿيو؟

وري ڪنهن ڪوپ جو ڪَنو ڀڳو اٿس ڪيئن؟

ڪهڙي ڪوپ کي سئين لڱين ڇڏيو اٿائين، جو باقي رهيل ڪو ڪَنو ڀڃندو؟

تڏهين وري ٻي ڪهڙي شرارت ڪئي اٿس؟

نئين صبح نئين حرڪت ٿو لڳي لهي،

نيٺ ڇا ڪيو اٿس آءٌ به ته ٻڌان.

همام دستي سان ڪلف جي ڪُنجي ٻه ٽڪر ڪري ڇڏي اٿس.

بس نه! مون سمجهيو شايد ڇت ڪيرائي اٿس.

اهڙا حال آهن ته ڇت ڪيرائڻ ۾ به دير ڪانهي.

پوءِ ته هن کي گامون پهلوان سڏبو.

پُٽ تي ڪک رکڻ ۾ ڏاڍا تکا آهيو.

پٽ ته تنهنجو به آهي ۽ ڪک وري آءٌ ٿو رکان!

ٻيو نه ته وري ڇا؟

ته آئيندي ڪک بدران لٺ رکانس!

رکوس ڪٿي ٿا، ٻار کي دڙڪو ڏبو آهي.

آءٌ ته گهڻائي دڙڪا ڏيندو آهيانس.

ڪهڙا دڙڪا ڏيندا آهيوس! ڪوڙا دهمان ته سهي ڪري ويو آهي.

سچا دڙڪا ڏيندو آهيانس ته تون خود چوندي آهين...!

ڇا چوندي آهيان؟! مان ته چوان ٿي ٻار کي قبضي ۾ رکجي.

منهنجي قبضي ۾ ئي ته آهي، جو تون به مون کي ئي ٿي دانهن ڏين...!

ننڍي هوندي هميشه ٻار کي اَک ڏيکارجي.

آءٌ ته ٻئي اکيون ڏيکاريندو آهيانس...!

ڪهڙيون اکيون ڏيکاريندا آهيوس! اُتي ٻئي پيا کلندا! ته تنهنجو ويچار آهي ته هن سان گڏ ويهي روئان!

ٻار جي چڱائي لاءِ، ٻار کي ڪڏهن ته سزا ڏبي آهي. گهڻي شرارت ڪندو آ ته چماٽ به کائيندو آهي.

چڱو ٿا ڪريوس. ائين ٻار سُڌرندو.

پوءِ تون رڌڻي ۾ وڃي رَئي سان اکيون ڇو اُگهندي آهين؟

منهنجي ڳالهه ئي کڻي ڇڏيو.

اڇا، ائين؟

اهو ڏٺو اٿوَ ته توهان جو خوف اصل ڪونه اٿس...!

ڇو آءٌ ڪو راڪاس آهيان جو منهنجو خوف ٿئيس.

توهين ته هميشه پنهنجيون ڳالهيون ڪندا آهيو.

ته چڱو هاڻي تنهنجون ڳالهيون ٿو ڪريان...!

منهنجي ته توهان ٻڌو ئي ڪٿي ٿا!

واهه! تنهنجي نٿو ٻڌان ته ڪنهن جي ويٺو ٻڌان؟

نه مان ٿي چوانوَ، توهين اصل ٻار کي کاري ڇڏيندا.

تون ڏسجانءِ، وڏو ماڻهو  ٿيندو، وڏو ماڻهو!

چئو ته بکون ڪڍندو!

بکون ڇو ڪڍندو؟

ڪهڙن وڏن ماڻهن بکون نه ڪڍيون آهن؟

تنهنجي مرضي آهي ته لکا پتي ٿئي ائين؟

جي ٿئي ته ان ۾ ڪهڙو هرج؟

ٻين کي بکون ڪڍائي...!

توهين هميشه اُبتيون ڳالهيون ڪندا آهيو.

ته تون ئي کڻي انهن کي سُبتو ڪر نه.

اُتي ستن سالن جو کنڊوُ ٽپا ڏيندو اندر گهڙي ٿو.

هاڻي آيو اٿوَ پنهنجو لاڏلو. ڏسو هي مُنهن تي ڇا ڪري آيو آهي؟

اڙي کنڊوُ!

جي دادا!

هيءُ مُنهن تي ڇا مَلي آيو آهين؟

هوليءَ جو رنگ ...!

اڙي هيءَ رنگ ته ڪونهي.

توهان رنگ نه وٺي ڏنو ته ٻاهر ڳاڙهي مٽي هئي سا ملي آيس.

ڏاڍو ڪو شرير آهين!

خاموش،

ڪُلف جي ڪُنجي ڇو ڀڳي؟ اها همام دستي تي لڳي نه؟

تو همام دستو ڇو کنيو؟

مون همام دستي کي ڀڃڻ ٿي چاهيو ڇو ته؟

ممي چوندي آهي ته ”جيڪو کير پئي سو وِير ٿئي.“ ڏسان ته مان به وِير ٿيو آهيان يا نه ...!

تون هاڻ شرارتي ٿي ويو آهين.

توهان ئي ته چوندا آهيو ته جيڪو شرارتي هوندو آهي اُهو وڏي هوندي هوشيار ٿيندو آهي.

بس ڪر، وڏو هوشيار آيو آهي، ڪيترا گهر جا ٽپڙ ڀڳا اٿئي؟

ممي چوندي آهي ته هن کي نوان ٽپڙ وڻندا آهن.

پيسا مفت ۾ ٿا اچن؟

ممي چوندي آهي ته آءٌ وڏو ٿيندس ته گهڻا پيسا ڪمائيندس...

ڪمائيندين ڇا؟ هنن افعالن سان ته وڃائيندين...!

وڃائيندس ته ڳولي به وٺندس.

ڏاڍو تکو آهين. هاڻ ماٺ ڪر ۽ وڃي اسڪول جو سبق لک.

سبق ته رات ئي لکي رکيو اٿم.

چڱو حساب وڃي ڪر.

اُهي به ڪري ڇڏيا اٿم.

ڀلا ڊرائنگ وڃي ڪر.

ڪالهه سڄي ڪاپي ليڪا ڪڍي پوري ڪيم،

ٻيو ڪم ڪونهي ته اچ مار کاءُ.

پر اڄ ته مون ڪجهه به ڪونه ڪيو آهي...!

ڪالهه دريءَ جو شيشو ڀڳو هوءِ نه؟

ڪالهه مميءَ انهيءَ ڪري خرچي به ڪونه ڏني!

پوءِ مون کان خرچي ڇو وٺي وئين؟

مميءَ جا پيسا ته بچي پيا نه؟ توهين هن کان وٺو.

هاڻي تنهنجون شرارتون وڌي ويون آهن.

اڄ توکي سزا ملندي. ماءُ کي ڪيڏو تنگ ڪيو اٿئي!

هوءَ ته مون کي پيار ڪندي آهي.

هاڻي ٿو آءٌ توکي سڌو ڪريان.

دادا! آءٌ ته صفا سڌو بيٺو آهيان.

چڱو هاڻ وجهه ڪنن ۾ هٿ... جلدي..!

دادا مرغو نه بڻائجو. ڏاڍو ٽنگن ۾ سُور ٿيندو آهي.

چڱو ويهه دفعا اُٿ- ويهه ڪر...!

ٿڪجي پوان ته...؟

سيگهه ڪر، نه ته چماٽ به کائيندين.

چڱو ڪريان ٿو. پنج دفعا معاف ڪجو.

او ائين.... او ائين ... ڪر ... ڪر پورا ويهه دفعا.

دادا! هاڻ بس، ڪڏهن به ڪونه تنگ ڪندس.

هاڻي وڃ ماءُ کان معافي وٺ، ته اڳتي ائين نه ڪندين!

(رڌڻي ۾ وڃي ٿو.)

دادا، دادا، ممي ته هت ويٺي روئي...!؟

 

 

هڪڙو هو بادشاهه. بادشاهه ته پاڻ رب پاڪ آهي، پر هي زماني جي هڪ ملڪ جو بادشاهه هو. پاڻ سخي، رعيت پرور ۽ عادل بادشاهه هو. هڪ ڀيري اچي سخت بيمار ٿيو. کاڌو پيتو سڀ حرام ٿي ويس، نه اُٿي سگهي نه سُمهي سگهي. مطلب ته حياتيءَ مان ڪَڪ ٿي پيو. گهڻائي حڪيم طبيب آيا پر بادشاهه چاق نه ٿيو. هڪ ڏينهن هڪ حڪيم سندس بادشاهيءَ ۾ آيو. تنهن جو ماڻهن جي واتان بادشاهه جي بيماريءَ جو ٻڌو، سو سڌو بادشاهه جي درٻار ۾ اچي حاضر ٿيو ۽ وزيرن کي چيائين ته آءٌ بادشاهه جو علاج ڪندس. اهو ٻڌي وزيرن حڪيم کي وٺي اچي بادشاهه جي روبرو حاضر ڪيو. حڪيم بادشاهه جي طبيعت ڏسي چيو، ته بادشاهه سلامت اوهان جي بيماريءَ جو علاج مون وٽ آهي. پر هڪ دوا جي گهرج آهي، جي اها ملي سگهي ته بادشاهه چاق ٿي سگهي ٿو. وزيرن چيو ٻڌاءِ ته اها دوا ڪهڙي آهي؟ اسين هينئر ئي ٿا ان جو بندوبست ڪريون. حڪيم چيو ته مون کي چوڏهن سالن جي ڇوڪر جو رت گهرجي. بادشاهه چيو ته ڇوڪر جو رت اسان کي ڪٿان ملندو...!؟ ڪير هوندو جو پنهنجو ٻچو جيئرو ڪڍي ڏيندو ته وڃي ڪُسي. ان تي اميرن وزيرن چيو ته جيئندا قبلا ناڻي سان هر شيءِ ملي سگهي ٿي، اوهين اجازت ڏيو ته اسين ڪو ڇوڪرو خريد ڪري اچون. بادشاهه وزيرن کي چيو ته جي ڪو ماڻهو خوشيءَ سان پنهنجو اولاد ڏي ته پوءِ وٺي اچجو، باقي ڪنهن تي به زور زبردستي نه ڪجو. وزير اها ڳالهه ٻڌي ناڻي جي خرزين ڀري گهوڙي تي چڙهي روانو ٿيو، ڪيترائي ڏينهن هن کي در در رُلندي گذري ويا. جنهن کي به چئي ته ڇوڪرو ڏيو ته ان جي رت مان بادشاهه جي دوا ٺهرايون. سو روئي چوندو هوس ته ادا تو کي پنهنجو اولاد ڪونهي ڇا؟ ويچارو وزير اچي پريشان ٿيو، ڪري ته ڇا ڪري؟ جي هٿين خالي واپس ٿو وڃي ته بدنامي ٿي ٿئيس، جي ڪري ٿو زبردستي ته بادشاهه ٿو ناراض ٿئي. اُن ڳڻتيءَ ۾ شهرن پٺيان شهر رُلندو رهيو پر وريس ڪي به ڪين. هڪ ڏينهن هڪ شهر جي ٻاهران اچي پهتو، اتي ڏسي ته هڪ جهوپڙي آهي، ان جي در تي ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن پاتل ٻارن جو ولر آهي جيڪي مزي سان پيا راند ڪن. وزير هلي وڃي ڇوڪرن سان مليو ۽ پڇيائين ته اوهين ڪير آهيو ۽ ڪٿي رهو ٿا. ڇوڪرن جواب ڏنو ته اسين سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهيون ۽ هت رهندا آهيون، وزير اڳتي وڌي دروازي تي وڃي سڏ ڪيو، ڇوڪرن جو پيءُ سڏ ٻُڌي ٻاهر نڪري آيو. وزير پنهنجي حال احوال کان واقف ڪيس. ڇوڪرن جو پيءُ حال احوال ٻڌي ٻُڏتر ۾ پئجي ويو.

وزير کيس پريشان ڏسي چيو ته، ادا تون غريب آهين، هي سمورو ناڻو آءٌ توکي ڏيندس، پر تون رضا خوشيءَ سان پنهنجي پُٽن مان هڪ پُٽ مون کي ڏي، غريب خيال ڪيو ته سڄو ڏينهن ٿا ڪمايون پر پوري ڪانه ٿي ٿئي، انگ ته ڇا پر پيٽ به پورو ڪونه ٿو ڀرجي، بُک پيا مرون، جيڪڏهن هڪ ڇوڪرو ڪڙو ڪيوسون ته ٻيا ته سُکيا رهندا. اهو خيال ڪري اندر زال وٽ آيو ۽ ان کي سمورو احوال ٻڌايائين، جنهن چيس ته ميان تُنهنجي مرضي، آءٌ ڪيئن پنهنجو ٻچو ڪُهڻ لاءِ ڏيندس، باقي تنهنجي مرضي جيئن وڻئي تيئن وڃي ڪر، پر جيڪو ٻچو ڏين ان جو نالو مون کي نه ٻڌائجان.

غريب شخص وزير وٽ آيو ۽ چيائينس ته هو ڇوڪرا بيٺا آهن انهن مان جيڪو توکي وڻي اهو ئي وٺي وڃ. وزير ان کي خزانو ڏنو ۽ خوش ٿي سڀني کان وڏي ڇوڪري کي پاڻ سان گڏ وٺي روانو ٿيو.

وزير جڏهن پنهنجي ملڪ ۾ اچي پهتو ته سڌو بادشاهه وٽ حاضر ٿيو ۽ ڇوڪرو پيش ڪيائين. چيائين ته سائين هي ڇوڪرو مائٽن رضا خوشيءَ سان ڏنو آهي، ته ڀلي بادشاهه تان قربان ٿئي. بادشاهه خود ڇوڪري کان پڇيو ته ڇا وزير سچ ٿو ڳالهائي، ڇوڪري چيو ته هائو بادشاهه سلامت، منهنجي مائٽن مون کي رضا خوشيءَ سان وزير جي حوالي ڪيو آهي. تنهن تي بادشاهه حڪم ڏنو ته هاڻي هن نينگر کي وٺي وڃي ڪُهو ۽ سندس رت آڻي حڪيم کي ڏيو. وزير ان ڇوڪر کي جلاد جي حوالي ڪيو، جلاد ڇوڪر کي وٺي آيو ۽ بيهاري اڃا ڪات اُلاريو ئي مس ته ڇوڪر کان وڏو ٽهڪ نڪري ويو. جنهن تي جلاد هٿ جهلي ڇوڪر کان کِلڻ جو سبب پڇيو، تڏهن ڇوڪري چيو ته ان ڳالهه جو جواب آءٌ بادشاهه جي روبرو ڏيندس. مون کي بادشاهه سلامت وٽ وٺي هلو. جلاد ڇوڪري کي وٺي اچي بادشاهه جي روبرو حاضر ڪيو ۽ سموري حقيقت بيان ڪئي.

بادشاهه ڇوڪري کان پڇيو ته موت کي ڏسي تو ٽهڪ ڪيئن ڏنو. ٻڌاءِ ڳالهه ڇا آهي؟ ڇوڪري چيو ته بادشاهه سلامت ننڍو ٻار هوندو آهي، ان کي ڪو تڪليف ڏيندو آهي ته ڊوڙي وڃي مائٽن کي دانهن ڏيندو آهي ۽ جيڪي مارڻ واري سان پُڄي نه سگهندا آهن ته ڀڄي وڃي بادشاهه کي دانهن ڏيندا آهن. پر مون سان ته ڳالهه ئي اُبتي آهي، ماءُ- پيءُ مون کي خوشيءَ سان وڪيو ۽ بادشاهه وٽ ڪُسجان ٿو. هاڻي ڪنهن کي دانهن ڏيان... انهيءَ ويچار ۾ منهنجون اکيون وڃي آسمان ۾ کُتيون، ان مهل آواز ٻڌم ته اي ڇوڪرا آءٌ بادشاهن جو به بادشاهه آهيان جنهن کي وڻيم ماريان جنهن کي وڻيم جياريان. ڇا تو مون مان به اُميد لاهي ڇڏي آهي؟ اها ڳالهه ٻڌي برابر مون کان ٽهڪ نڪري ويو.

ڇوڪري جي ڳالهه ٻُڌي بادشاهه رب پاڪ جي ڊپ کان ڏڪڻ لڳو ۽ چيائين ته ڇوڪرا بيشڪ رب پاڪ بادشاهن جو بادشاهه آهي، جنهن هن معصوم کي موت جي مُنهن مان بچايو آهي، اهو ئي مونکي به هن مرض مان آجو ڪندو. پوءِ وزير کي حڪم ڪيائين ته هن ڇوڪر کي هڪدم وڃي مائٽن وٽ پهچائي اچ، پوءِ وزير ڇوڪري کي انعام اڪرام ڏيئي خوشيءَ سان پنهنجي گهر روانو ڪيو. قدرت خدا جي ڪجهه ڏينهن ۾ بادشاهه جو مرض ختم ٿي ويو ۽ پاڻ صحتياب ٿي ويو. ان خوشيءَ ۾ بادشاهه وڏي خيرات ڪئي. غريب غربو ماني کائي بادشاهه کي دعائون ڪرڻ لڳو. بادشاهه وري اچي تخت تي ويٺو ۽ باقي زندگي شان ۽ سڪون سان گذارڻ لڳو.

سچ چوندا آهن ته مارڻ واري کان جيارڻ وارو ويجهو آهي.

 

 

ڪارو وهي ڪمري ساڻ، رنگ نه مٽائي ته عادت ضرور مٽائي.

نثار: موسيٰ متان خراب صحبت ۾ رهين نه ته ”سنگ تاري ڪسنگ ٻوڙي“
 واري تعدي ٿيندءِ.

موسيٰ، سو وري ڪيئن؟

نثار: جي تون ڪِنن ۽ رولوُ ڇوڪرن سان گهُمندين ته رنگ نه مٽائيندين ته عادتون ته اڻ پڇيو مٽائيندين...!

موسيٰ: جيڪڏهن ائين آهي ته ڇو نه ڇوڪرا منهنجي صحبت/ هلت ڏسي پاڻ اُٽلندو سڌري پون؟ مان جيڪڏهن پنهنجو ڪم ڪار لاهي هنن سان وڃي کل مسخري ڪندس ته مون کي هنن جون عادتون لڳي پونديون ڇا؟

نثار: ڇو نه؟ چڱو ڀلا هيئن ڪر، منهنجي ميز تي اٺ انب رکيا اٿئي سي کڻي اچ.

موسو انب کڻي آيو تن مان هڪڙو انب تمام گهڻو رجهي ويو هو.

نثار: اهي سڀ انب وڃي کاري ۾ وجهي رک.

 

موسيٰ: انهن انبن مان هڪ انب ته صفا ڳريو پيو آهي ۽ خراب ٿي ويو آهي، اهو ته ٻين کان پري رکڻ گهرجي.

نثار: هڪڙو انب خراب آهي ته ڇا ٿيو ٻين ستن انبن سان گڏ رهندو ته اُهو به چڱو ۽ سالم رهندو.

موسيٰ: ائين ڀلا ڪڏهن ٿيو آهي؟ تون رڳو چرچا پيو ڪرين...!

نثار: جيڪڏهن ائين نه ٿيو آهي ته تون وري ڪيئن ٿو چوين ته بُري سنگت ۾ رهي تون رولو ۽ خرابن سنگت کي پاڻ سڌو ڪندين؟

موسيٰ: ٻيلي چوين سچ ٿو...

موسيٰ: ڀاءُ نثار ڳالهه دل سان لڳي ٿي. اڄ ڏينهن کان پوءِ مون کي جي خراب سنگت ۾ ڏسين ته پوءِ بلاشڪ جيڪا جُٺ وڻيئي سا ڪج.

 

 

مان اڱڻ ۾ ٻاهر کٽ تي ليٽي پئي آهيان. رات جي وقت هر طرف سناٽو ڇانيل آهي، گهر جا سڀ ڀاتي ننڊ پيا آهن، پر مان جاڳان پئي. سوچيان ٿي ته گُل ڦُل لاءِ ڪهاڻي لکان. سوچي سوچي ٿڪجي ٿي پوان. ها...! ذهن ۾ هڪ ڪهاڻيءَ جو پلاٽ اچي ٿو؟ سوچيان ٿي ڪهاڻي ۾ هن وقت ڇا لکان؟ پر سُستي به ڏاڍي ٿي محسوس ٿيم. وري سوچيان ٿي ته اگر کٽ تان اُٿندس ته متان گهر جا ڀاتي جاڳي پون. پوءِ امان پڇندي ته هن وقت ڇا جي لاءِ آئي آهين، پوءِ ڪهڙو جواب ڏيندس، ته ڪهاڻي لکڻ- اونهون... اها به ڳالهه نه ٺهي. امان چوندي ته توکي هن وقت به آرام نه ٿو اچي. وڃ وڃي پنهنجي بستري تي سُمهه. هي آرام ڪرڻ جو ٽائيم آهي. اُف! ان ڪري سوچيان ٿي ته ڀلا ڇا ڪريان. نيٺ اکيون بند ڪري سُمهي ٿي پوان. ننڊ اچي ٿي وڃي. خواب ٿي ڏسان ته پنهنجي کٽ تان اُٿي آهيان. پنا ۽ پين کڻڻ.. ها.... ڏاڍي آسانيءَ سان اُٿي آهيان. لائيٽ ٻاريان ٿي. پر ڪم به نه ٿو ٿئي. پوءِ به پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي وئي آهيان. پنا ۽ پين کڻي ڪهاڻي لکڻ شروع ٿي ڪريان. پنهنجي پياري رسالي ”گُل ڦُل“ لاءِ. ها، ڏاڍي سُٺي ڪهاڻي ٿي لکان. ڏاڍي پياري پياري ڪهاڻي سچ ايترو ته وڻي ٿي، جو اوهان کي ڇا ٻڌايان؟ (پڙهو ها ته خبر پئيوَ ها) ها، جلدي جلدي ڪهاڻي لکي ورتم. پر هاڻي ننڊ به پئي اچي، سو ڪهاڻي پنهنجي ويهاڻي جي هيٺان رکي سُمهي پيس، ۽ اوچتو اَک کُلي. شايد صبح ٿي ويو. هاڻ واقعي صبح ٿي ويو آهي. خواب ياد ٿو پئي. پر مان حقيقت سمجهي ويهاڻي جي هيٺان ڪهاڻي ٿي ڳولهيان، اوهه ويهاڻي هيٺان ته ڪجهه به ڪونهي. امان مون کي ننڊ مان اُٿي ويهاڻي جي هيٺان هٿ هڻندو ڏسي پڇي ٿي، زاهده، ويهاڻي جي هيٺان ڇا ٿي ڳولين؟ مون ننڊاکڙي آواز ۾ چيو، مان رات ڪهاڻي لکي هئي شايد ساجو کڻي ويو آهي. امان حيران ٿيندي چيو. ڪهاڻي..! ڪهڙي ڪهاڻي؟ سچ مون کي به ياد ٿو اچي ته خواب ڏٺو هوم. پر ڏاڍو شڪي ٿي ٿيان...! ڪهاڻيءَ جي پلاٽ تي سوچيان، پر هڪ لفظ به ياد نه ٿو اچي. ڏاڍو افسوس ٿو ٿئي. سوچيان ٿي ته ڪيئن سُستيءَ جي ڪري ڪهاڻي وڃائي ڇڏيم. ڪاش! ڪهاڻي لکي پوءِ سُمهان ها.

پر هيءَ به ته هڪ ڪهاڻي آهي. پيارا ٻارؤ! ڪيئن...!؟ اوهان کي منهنجي ڪهاڻي پسند آئي يا نه؟

 

ناني سڦوران به عجيب ناني آهي. شل نه ڪا شيءِ گم ٿيس، خاص ڪري ناس جي دٻلي.

توبهه! سڄو گهر مٿي تي کڻي ڏيندي. اڄ اوهان کي اُن ناس جي دٻليءَ جو قصو ٿو ٻڌايان.

سائين! ٿيو هيئن جو هڪ ڏينهن نانيءَ جي ناس واري دٻلي گم ٿي ويئي. بس پوءِ ته اچي سڄو گهر مٿي تي کنيائين. ڏوهه سڄو ٻارن تي، ناني ڪاوڙ جي ته اڳيئي آهي تيز، سو اچي ٻارن کي ڏڪڻي ورتو. هر طرف دٻليءَ جي ڳولا شروع ٿي ويئي. هوڏانهن نانيءَ جي هڪ رڙ هيٺ ته ٻي مٿي، سڄو گهر ڦلهوريو ويو. پر دٻلي نه ملڻي هئي سا نه ملي!

سڀ ٻار نانيءَ جي درٻار ۾ حڪم سان حاضر ٿيا. ڊپ ۾ پيرن کان مٿي تائين سڄا پيا ڏڪن، ڪاوڙ مان نانيءَ جا تارا ڦوٽارجي ويا ۽ مُنهن ڳاڙهو ٿي ويو.

”اڙي پپو ٻڌاءِ دٻلي ڪٿي آهي؟ نه ته لاهيانءِ ٿي کل“.

ناني گرجندڙ آواز ۾ چيو.

”ناني، قرآن ٿو ڄاڻي ته مون ڪونه کنئي آهي“ پپو وراڻيو.

ايتري ۾ ناني عذرا ڏانهن مُڙي، ”تون، مائي عذرا“... ”ناني... مون ... مون ... کي ته بلڪل خبر ڪانهي“.

عذرا اڃا جواب پورو ئي مس ڪيو ته گڊو جي نظر نانيءَ جي پوتيءَ جي پلاند تي وڃي پئي ۽ هن رڙ ڪري چيو: ”ناني....“

”آهستي، ماريا ڪن جا پڙدا ٿو  ڦاڙين..!“

نانيءَ ڪاوڙ مان چيو.

گڊو پوتيءَ جي پلاند ڏانهن اشارو ڪندي چيو:

”توهان جي پوتيءَ جي پلاند ۾ ٻڌي پئي آهي“.

هان! هاءِ ڙي هاءِ حوصلو...! ائين چئي ناني خوشيءَ وچان دٻلي کولي ناس چپٽي نڪ ۾ وڌي...

 

هڪ نوجوان جي ڳالهه ڪندا آهن ته هن ڊاڪٽريءَ جو امتحان ڏيڻ جي تياري پئي ڪئي. هڪ ڏينهن هو هڪڙي نيڪ ماڻهوءَ سان صلاح مشورو ڪرڻ ويو ۽ هن کي پنهنجي مَن جون ڳالهيون ٻڌايائين. نيڪ شخص پُڇيس ته تون جڏهن پڙهي ڊاڪٽر ٿيندين تڏهن ڇا ڪندين؟

نوجوان: پوءِ مان ڊگري وٺندس.

پير مرد: پوءِ ڇا ڪندين؟

نوجوان: پوءِ جيڪي ديس جا غريب ۽ مسڪين ماڻهو آهن انهن جو علاج ڪندس ۽ پنهنجو نالو ڪمائيندس.

پير مرد: پوءِ ڇا ڪندين؟

نوجوان: پوءِ پئسا ڪمائي، ڪمائيءَ مان شان، سُک ۽ ٺٺ سان وقت گذاريندس.

پير مرد: پوءِ نيٺ ڇا ڪندين؟

نوجوان: لاجواب ٿي بيهي رهيو. مگر هن جي اندر کي چوٽ لڳي ويئي ۽ ڪيترا دفعا هن کي اهو خيال دل تي تري آيو ته ڇا نيٺ مري وڃبو! هن جي اندر ۾ جوت جاڳڻ لڳي. هن کي اهو به خيال آيو ته ماڻهو ڪيڏو به ڪمائي وڏو ماڻهو ٿئي پر آخر هن کي هِتان وڃڻو آهي. اُتي جو اُتي پنهنجو پاڻ سان وچن ڪيائين ته بس ڊاڪٽري پاس ڪري رڳو پنهنجي ئي مان، شان لاءِ ڌن ۽ دولت گڏ ڪرڻ ۾ وقت ضايع ڪين ڪندس. مگر ديس جي خدمت ۾ به پنهنجو علم، دل ۽ دماغ ڪم آڻيندس ۽ مالڪ سائينءَ سان به سچو ٿي ان جي ڏسَيل واٽ تي هلبو، لالچ، ڪوڙ ۽ دغا کان پاسو ڪري سچائيءَ سان پنهنجي زندگي گذاربي.

 

 

 

 

احمد صبح جو سوير اُٿي وهنجي سهنجي نيرن ماني ۽ ڏُڌَ سان ڪري اسڪول جي تياريءَ ۾ لڳي ويو. ڊريس پاتئين پر پٽو ڪونه پيو لڀيس. امان! ”پٽو آسمان کائي ويو يا زمين ڳهي وئي“. دانهن پئي پويس. ماڻس مُنهن ۾ گُهنج وجهي ڪاوڙ ۾ چيس ته ”صاحب اچن ٿا اسڪول مان ته ڪٻٽ ۾ ٿيلهو اُڇلي ۽ جتي وڻين سُوٽ پينٽ ٿا لاهين پوءِ خبر ئي نه ٿي پوي، ڪاڏي ويو پٽو ڪاڏي وئي ٽائي“! پڻس خُدن زمين تي پاڻي وهڻ ۽ کاٽيءَ جو ٿَڪُ لاهڻ لاءِ ٻه ڪلاڪ اڳ کٽ تي سُتو هو. آواز تي گهري ننڊ جي سمنڊ مان اٿيو ته ڪاوڙ ۾ چيائين ته ”احمد ڇو ٿو صبح ساڻ يخي هڻين“؟ احمد ڪنڌ جهڪائي چيو ته ”بابا پٽو نه ٿو لڀي ماستر ماري ڇڏيندو پڻس چيس ته ”وڃ هاڻي اسڪول ٻه ٽي چماٽون کاءِ ته دماغ جاءِ تي اچئي“!!

احمد جي ذهن جون رڳون ماستر جي خوف وچان پيون ڦاٽن ۽ پير اسڪول وڃڻ لاءِ زمين تي کُپن ئي نه پيا. ڪاڏي وڃان گهر ويندس ته ابو امان ۽ اسڪول ويندس ته ماستر. هيڏانهن باهه هوڏانهن پاڻي. هونئن ته هو ڏهن منٽن ۾ اسڪول پهچي ويندو هو پر اڄ اڌ ڪلاڪ ۾ اسڪول پهتو ته گيٽ بند هو. گيٽ جو ڪڙو کڙڪايائين ته گارڊ گيٽ کولي، پي ٽيءَ وارو ماستر شاگردن جي هڪ ٽوليءَ کي ڪڪڙ ڪري ويهاري ويٺو هو ۽ هڪڙي ڇوڪري کي ڄُنڊن مان پڪڙي ڳٽي تي چپاٽون پيو هڻي. خوف وچان هن جون ڄنگهون پيون ڏڪن. هو ڏڪندي ڏڪندي قطار ۾ ڪُڪَڙ ٿي ويهي رهيو. هن جو وارو آيو ته استاد رعب ۾ چيس ته ”هڪڙو ته پٽو نه پائي آيو آهين ٻيو وري دير ڪري آيو آهين“. پوءِ ته هن سان اهڙو حشر ٿيو جو هن توبهون ڪيون.

ڪلاس ڏانهن هو ٿيڙ کائيندي رڙهندو ويو. هونئن ته ڪلاس ۾ هر وقت دوستن سان ٽهه ٽهه نه کُٽندي هئي، پر اڄ ڪلاس جي ڪُنڊ وٺيو خاموشيءَ سان علم جو نور پيو حاصل ڪري. ڪلاس جي مانيٽر هئڻ جي ناتي، هن لُڙ ڪرڻ تي فراز جو نالو استاد کي لکي ڏنو ته فراز کي استاد ٺاهوڪي مار ڏني. فراز جو ڪاوڙ ۾ رت ٽچڪي پيو، رڳون ڦوڪجي ويون ۽ دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي. فراز، احمد کي ڌمڪي ڏني ته ”ٻاهر نڪر ته ڏسائين ٿو“. احمد فراز کي سمجهائيندي چيو ته ”ادا اُن ۾ سڄو ڏينهن اوهان جو ڏوهه آهي، انهيءَ ۾ وڙهڻ جي ته ڳالهه ئي نه آهي، وري به مان توهان کان معافي ٿو وٺان“. معافي جا سڪا، نڪر ٻاهر ته خبر پوئي ته شينهن سان ڪيئن ڦٽائبو آ. فراز وحشياڻي انداز ۾ چيو.

 

اسڪول مان احمد موٽي رهيو هو ته پنهنجي موٽرسائيڪل سان سايو ڪري پنهنجي اندر جي انتقام جي ٻرندڙ باهه کي وسائيندي فراز احمد کي ٽڪر هڻي هن جي وجود جون پاڙون وڍي ڇڏيون. احمد جي موت جي هينئان ڏاريندڙ خبر احمد جي جهوني پيءُ کي سيني ۾ هڪ زهريلي تير جيان لڳي. جنهن سان هن جو سينو چڪنا چُور ٿي ويو. هن جي پِدِ مڙين اکين مان ڳوڙهن جي قطار پئي ٽِمي. خُدن جي اُميدن جو آشيانو اُجڙي هوا ۾ ٽڙي پکڙجي ويو.

آلين اکين سان پُٽ کي دفنائي، هن فراز مٿان خون جو ڪيس ڪرايو. پوليس آئي فراز کي کنڀي سڌو لاڪپ ڪيو، جتي مڇرن جي ڀُونءِ ڀُونءِ، ڇتي گرمي ۽ ڦاٽل رلي گندي فرش تي وڇايل هئي جنهن مان ڌپ پئي اچي. فراز کي سلاخن جي پويان هئڻ جي ڪري سڪون ئي نه هو. پڻس ملاقات تي آيس ته ڪاوڙ ڪرڻ بجاءِ هن کي آٿت ڏنائين ته پُٽ فڪر نه ڪر جلد ڇُٽي ويندين! پاڻ وارو وڪيل ناهي شاڪر مهيني ڏيڍ ۾ ڪم ڪري ڏيندو. ”بابا بس بس مون کي ڪڍ هن دوزخ مان ساهه ٿو ٻوساٽجي“، فراز لاڪپ جي شيخن کي هٿ سان ڪُٽيندي چيو.

خُدن وڪيل ڪرڻ لاءِ ڪورٽ ويو ته هٿڪڙين ۾ ٻڌل ڪيترائي قيدي ڪنڌ جهڪائي زمين تي ويٺا هئا، ڪنهن قيدي کي حاضريءَ لاءِ سڏ پيو ٿئي ۽ وڪيلن جي گراهڪن سان سوديبازي چوٽ چڙهيل هئي. هن هڪڙي وڪيل کي ادب سان چيو ته ”سائين منهنجي ڇوڪري جو خون ٿيو آهي، ڇا توهان ڪيس وڙهندؤ“؟ وڪيل هن کي چيو ته ”پنجاهه هزار لڳندئي، پنجاهه هزار!“ خُدن حيرانگيءَ مان چيو. هن پَٽ سَٽ ڪري وڪيل کي پئسا ڏنا.

حاضري تي ٻنهي وڪيلن پنهنجي ڪارروائي شروع ڪئي. فراز جي حق ۾ ٻڌل وڪيل چيو ته ”جج صاحب! پوسٽ مارٽم جي رپورٽ مطابق مقتول احمد جو ذهني توازن صحيح نه هئڻ ڪري فراز جي گاڏي اڳيان اچانڪ اچي ويو“. ان جي مخالفت ۾ خُدن جو وڪيل ڪجهه ڀڻڪيو ئي نه. جج رپورٽ جي مطابق فراز کي بري ڪري ڇڏيو.

ڪورٽ جي اڱڻ ۾ جڏهن خُدن فراز کي آزاد فضا ۾ گهُمندي ڏٺو ته هن جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. فراز خُدن سان اکيون ملائي ۽ ٽوڪيندي چيائينس ته
”پوڙها تون اسان کي ڪجهه به نه ڪري سگهندين...! تنهنجي ڪهڙي حيثيت آ. واڳوئن جي مُنهن ۾ هٿ وجهندين ته ڳري مري ويندين...! ٻي خبر اٿئي..؟ اسان ٻئي وڪيل خريد ڪيا. تو پاڻ واري وڪيل کي پنجاهه هزار ڏنا. اسان ان کي ستر هزار ڏنا“. اهو ٻڌي خُدن زمين تي ڪري پيو...!

 

هڪ قيد خاني ۾ ٽي قيدي جڏهن پاڻ ۾ گهرا دوست ٿي ويا تڏهن هڪ ٻئي کان ڪيل ڏوهن بابت پڇا ڳاڇا ڪيائون. هڪڙي همراهه چيو، ”آءٌ ڪم تي دير سان پهتو هوس، تنهنڪري مون تي سُستيءَ جو الزام مڙهي سزا ڏني وئي.“

ٻئي وراڻيو: ”آءٌ ڪم تي ٿورو اڳ ۾ پهتو هوس، تنهنڪري مون کي جاسوسيءَ جي الزام ۾ سزا ڏني وئي.“ ٻنهي قيدي دوستن ٽئين قيديءَ کان پڇيو. ”ڏي خبر تون ڪهڙي ڏوهه جي سزا پيو ڪاٽين؟“ هِن چيو، ته مون تي جيڪو الزام مڙهيو ويو آهي، سو اوهان ٻنهي جي ڏوهن کان نازڪ آهي، آءٌ ڪم تي پوري وقت تي پهتو هوس، تنهنڪري مون تي هي الزام مڙهيو ويو ته آءٌ پاڻ وٽ ضرور ڪا دشمن ملڪ جي واچ رکان ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org