سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ  2019ع

باب:

صفحو:2 

 

 

 ڪلهوڙا، مغلن جي دور ۾ سياسي قوت بڻجي آهستي آهستي اُڀرڻ لڳا. ميان آدم خان ڪلهوڙو هڪ وڏو رهنما هو، جيڪو پيري مريديءَ وسيلي ڪافي طاقتور بڻجي چڪو هو. مغل جنرل خان خانان جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ته آدم خان ڪلهوڙي کيس فتح جي دعا ڏني هئي. فتح کان پوءِ مغلن انعام طور آدم خان ڪلهوڙي کي چانڊڪا پرڳڻي ۾ جاگير عطا ڪئي. آخرڪار ميان يار محمد ڪلهوڙي، شاهه عنايت شهيد جي سِر جو سودو مغلن سان ڪيو ۽ شاهه عنايت کي شهيد ڪرائي ڪلهوڙن جو پهريون حڪمران بڻجي ويو. شاهه عنايت جي خون ۾ هٿ رنڱڻ کان پوءِ ميان يار محمد کي مغلن ”خدايار خان“ جو لقب ڏنو. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن کان پوءِ سنڌين جي حڪومت ته آئي، پر سنڌ ۾ امن نه رهيو. ڪلهوڙن جي حڪومت تقريباً 64 سال هلي، پر هن ٿوري عرصي ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ کي ڪيترائي ڀيرا رت جو ريج ڏنو ويو.

1739ع ۾ نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪري شڪارپور کي قنڌار سان ملائي ڇڏيو. ان نه صرف سنڌ کي خون جو غسل ڏنو، پر علم ۽ ادب پاڻ ساڻ ايران کڻائي ويو. ميان نور محمد ڪلهوڙو نادر شاهه سان مقابلو ڪرڻ بجاءِ سنڌ کي ننڌڻڪو ڇڏي ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو. ان کان پوءِ احمد شاهه ابدالي ۽ مدد خان پٺاڻ جيڪي سنڌ سان ويل وهايا، تاريخ اڄ به ان دور جي نوحه خوان آهي. ايتري افراتفري ۽ عدم استحڪام جي باوجود هن دور ۾ سنڌي ادب تمام گهڻي ترقي ڪئي. ڪلهوڙا سنڌي هئا ان ڪري سنڌيءَ کي همت افزائي ملي. ان همت افزائي جي بنياد تي سنڌي ٻوليءَ جي صلاحيتن ۾ ايترو نکار آيو، جو هن دور کي ”سنڌي ادب جو سونهري دور“ سڏيو وڃي ٿو. هن دور ۾ عظيم شاعر ۽ عالم پيدا ٿيا، جن سنڌي ٻوليءَ جي بي انتها خدمت ڪئي. هن دور جا شاعر ۽ سندن ڪلام هن وقت تائين لافاني ثابت ٿيا آهن. انهن منجهان صوفي شاهه عنايت، روحل فقير، شاهه عبداللطيف ڀٽائي تمر فقير ۽ صاحبڏنو فاروقي نمايان آهن.

 

”دوهو“ هندي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف آهي. جيڪا اڳتي هلي سنڌي شاعريءَ ۾ مروج ٿي. دوهو ٻن هم وزن سٽن تي مشتمل هوندو آهي. جنهن جي هر سٽ جا آخري لفظ هم قافيا هوندا آهن. تلسيداس، ڀڳت ڪبير ۽ ميران هندي دوهي جا وڏا شاعر ليکيا وڃن ٿا.

تلسيداس جو هڪ مشهور دوهو هي آهي ته:

 

"تلسی داس پریت نہ کر جیسی لمبی کھجور،

دھوپ لگے تو چھاؤں دور بھوک لگے پھل دور"

سنڌي شاعريءَ ۾ نارائڻ شيام، شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ اياز گل تائين اڪثر شاعرن دوها لکيا آهن ۽ اهو سلسلو اڳتي به جاري آهي. موضوعاتي حوالي سان دوهن ۾ داخلي ڪيفيتون ۽ سماجي رنگ ڀريا ويندا آهن. پاڻ هتي سنڌي شاعريءَ جي عظيم شاعر استاد بخاري جي دوهن جو جائزو وٺون ٿا.

”مرڪڻ موتيو، ٽهڪڻ ٽانگر، حال ساڻ هٻڪار،

منهنجا جذبا بلبل ڀنئرا، تنهنجا پيار بهار“

استاد بخاري وٽ بلڪل سادا لفظ ملن ٿا، وٽس عجب جهڙيون تشبيهون ملن ٿيون. مرڪڻ کي موتئي، ٽهڪڻ کي ٽانگر، حال سلڻ کي هٻڪار، جذبن کي بلبل ۽ ڀنورا ۽ پيار کي بهار سان ڀيٽڻ استاد بخاريءَ جو ئي ڪمال آهي. هي استاد جون رومانوي ڪيفيتون آهن. هن وٽ حرف تجنيس يعني هڪ ئي اکر سان شروع ٿيڻ وارن لفظن جو به گهڻو استعمال ملي ٿو.

رومانوي ڪيفيت جو اظهار هن دوهي ۾ به ملي ٿو.

 

”مشڪڻ موتي، ڇم ڇم چندن، سر پر سوهوهار

وينگس جو وينجهار مان جوءِ ڪيس جهونجهار“

استاد بخاري جي دوهن ۾ ڌرتيءَ سان محبت جا رنگ به عام جام ملن ٿا. هو آهي ئي ڌرتي ۽ محبت جو شاعر.

”محنت محنت ساز وڄايان، راحت ڳايان راڳ،

دولت منهنجي ڌرتي آهي، محبت منهنجو ماڳ“.

]هي دوها استاد بخاريءَ جي ڪتاب
”هي گجرا هي گولا“ مان ورتل آهن.
[

”استاد بخاري سنڌ جو مقبول شاعر آهي ۽ هن کي جيڪا عوامي مقبوليت ملي آهي، اهو اُستاد بخاري جو ئي نصيب آهي.“
اُستاد بخاري جي دوهن ۾ قومي جاڳرتا جو درس به ملي ٿو. سندس دوهن ۾ سماجي تبديليءَ جو پيغام به سمايل آهي.

”اهڙا، تهڙا ڪنهن به نه جهڙا، کوٽا، کوکا خواب

سپنا جيڪي سر ۾ سرجن، تن ۾ تيج نه تاء.“

اُستاد بخاري پنهنجي دوهن ۾ چئي ٿو ته:

”اولهه، اوڀر لمبو دوهو، ساهت ڄڻ سنسار،

سج ۽ سچ ته جت ڪٿ روشن، قدرت جو.“

مجموعي طوموعي  جت ڪٿ روشن، قدرت جو.“ڄڻ سنسار،

 خواب

لي ٿو.

مي مقبوليت ستعمال ملي ٿو.

د آهن ۽ اهو سلسلو ر تي استاد بخاريءَ جا دوها سنڌي شاعريءَ جو حسين سرمايو آهي، جن ۾ جماليات ۽ قومي شعور جا ڪيترائي عڪس چٽيل آهن. تازو ئي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اسڪالر ڊاڪٽر فياض لطيف، شيخ اياز جي سمورن دوهن کي مرتب ڪري، ”شيخ اياز جا دوها“ جي نالي سان ترتيب ڏنو آهي. جنهن جو هن طويل مقدمو لکيو آهي. جيڪا هڪ گهري اسٽيڊي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي، ته استاد بخاري جي دوهن کي به گڏ ڪري هڪ الڳ ڪتاب جي صورت ۾ مرتب ڪري ان جي اهڙي ئي انداز ۾ Comprehensive Study لکي وڃي، ته جيئن ايندڙ نسل به اهڙي شاعري پڙهي، ۽ انهن ۾ سنڌ ڌرتيءَ لاءِ وڌيڪ پيار ۽ شعور پيدا ٿئي.

 

 

 

 

 

 

 

هي مشهور ميويدار وڻ آهي، جيڪو سنڌ ۾ عام جام ٿئي ٿو. هن جي ٿُڙ جي ٿولهه 36 سينٽي ميٽر، جڏهن ته ڊيگهه ٽيويهه ميٽر ٿيندي آهي. ٿُڙ جو رنگ معمولي هيڊاڻ مائل ٿيندو آهي. هن جا پن مختلف سائيزن تي ٿين ٿا، جيڪي ساڍا ست کان پندرهن سينٽي ميٽر ڊگها ۽ 3.8 کان 6.3 سينٽي ميٽر ويڪرا هوندا آهن. پنن جون ڏانڊيون 8.25 ملي ميٽر ميوو 2.5 کان پنج ملي ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. هي برصغير سيلون ملايا ۽ آسٽريليا ۾ ڪثرت سان ٿئي ٿو. هي ڳلي جي سور ۽ سوڄ لاءِ مفيد آهي. ڊاڪٽر شگر جي مريضن کي فروٽ طور کائڻ لاءِ به تجويز ڪندا آهن، پيٽ جا ڪيڙا خارج ڪري ٿو، دم ۽ رت جي خرابي ۾ به مفيد آهي. هن کي سنسڪرت ۾ ’جمبولا‘، بنگاليءَ ۾ ’ڪالا جام‘ چون ۽ نباتاتي نالو (Eugenia Jab U larval Linn) اٿس. هن جو مزاج سرد هڪ درجا ۽ خشڪ ٻه درجا ٿئي ٿو. هي وڻ پاڪستان توڙي هندستان ۾ به عام پوکيو وڃي ٿو. ذيابيطس ٽائپ ون ۽ ذيابيطس ٽائپ ٽو ۾ ڄمونءَ جو استعمال وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيو آهي. ويهين صديءَ ۾ ڪيتري ئي عرصي تائين ايلوپيٿڪ طريقي واري علاج ۾ پڻ شوگر جي ڪنٽرول لاءِ ڄمونءَ جي ڪيميائي تجزيي مطابق ان جي ماس ۾ 83.7 سيڪڙو پاڻي، %14 سيڪڙو ڪاربو هائيڊريٽس، پروٽين %0.7 سيڪڙو ۽ چرٻي %0.3 سيڪڙو آهي. هن ميوي ۾ وٽامن اي، بي، سي، ميلڪ ايسڊ، آگزيلڪ ايسڊ، گيلڪ ايسڊ سان گڏ هڪ خوشبودار تيل به شامل آهي.

 

 

 

 

 

 

پيارا ٻارؤ! آلو کي ڪي ماڻهو پٽاٽو به چون. هيءَ آهي آلومل. ذات ڀاڄي ۽ مُلڪ نباتات، سندس اصل نسل جي خبر ڪنهن کي ڪونهي. چون ٿا ته اٽڪل 1538ع ۾ ڏکڻ آمريڪا ۾ لڌو ويو.

ڪو رب جو بندو کيس 1590/ 1589ع ۾ يورپ مان کڻي آيو. هتان اسپين مان اٽليءَ تائين پهتو.

اوائل ۾ ڪي خدا جا بندا کيس پسند ڪندا هئا ته ڪي خدا جا بندا کيس جاني دشمن سمجهندا هئا. فرانس جي راڻي لئن لاءِ چوندا هئا ته هو سندس گل وارن ۾ وجهندي هئي.

اُتر يورپ ۾ غريب ماڻهن کي جڏهن پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪجهه نه ملندو هو، تڏهن پٽاٽن تي مارو ڪيائون، جنهن ڪري سندس ضرورت محسوس ٿي ۽ سندس مانُ مرتبو وڌيو.

 

هندستان ۾ انگريزن پٽاٽي کي آندو. اُتي پٽاٽن جي پوک ڪئي ۽ ڪئپٽن ”ٿائو“
 سندس جنس سُڌاري. 1839ع تائين پٽاٽو جڳ مشهور ٿي ويو.

وارن هيسٽنگس جي ڏينهن ۾ هندستان جو وائيسراءِ هو، تن ڏينهن ۾ هن پٽاٽن جي ٽوڪري بمبئيءَ جي گورنر کي سوکڙي ڪري موڪلي. جنهن کين وڌائي ڪائونسل جي ميمبرن کي پارٽيءَ تي گهرائي، کين پٽاٽن جي ڀاڄيءَ جو سواد وٺايو. هن کي ڪٿي آلو، ڪٿي پٽاٽو. ڪٿي اڙل، گڊا به ڪري سڏين.

تندرستيءَ جي خيال کان پٽاٽو طاقتور کاڌن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جو منجهس لوهه، وٽامن بي ۽ سي، ڪئلشيم ۽ فاسفورس جهجهي انداز ۾ ٿئي ٿو.

چانور ۽ ڪڻڪ جي ڀيٽ ۾ هڪ ايڪڙ زمين ۾ پنجاهه مڻ پٽاٽا پيدا ٿين ٿا (۽ ڪڻڪ يا چانور اٽڪل 30 مڻ) چون ٿا ته ٻي مهاڀاري جنگ ۾ پٽاٽن (کاڌي جي خيال کان) انگريزن جو ڪافي بچاءَ ڪيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org