کل ته سهي
*شبير احمد شيخ، شڪارپور سنڌ.
مجيب: ادا، توهان جو والد ڪٿي آهي؟
نجيب: هو ڏهن مهينن کان جيل ۾ آهي.
مجيب: اهو وري ڪيئن؟
نجيب: هو جيلر آهي.
...... ....... ........
هڪ ٻار هڪ سپاهيءَ کان پڇيو ته ڇا تون ڊڄڻو آهين؟ سپاهي رعب مان
چيو ته نه. ان تي ٻار چيو: ”پوءِ تون هر وقت پاڻ
سان گڏ بندوق کڻي ڇو گهمندو آهين؟“
...... ....... ........
*گرمک داس ”ديوان“، ميرپوربٺورو.
جج: (جوابدار کي) تو هن کي پاڻيءَ ۾ زهر ملائي ڇو ڏنو هو؟
جوابدار:سائين، هن پاڻ چيو هو ته اهڙو پاڻي پيار جو ٿڌو ٿي
وڃان.
...... ....... ........
*مير شمن سائين، محرابپور.
ڪنهن واڻئي جي گهر ۾ چور آيا. چورن جي آواز تي واڻيو جاڳي پيو
ته چور وٺي ڀڳا. هڪ چور جيئن ڀِت ٽپي رهيو هو ته
واڻئي جو هٿ سندس ڄنگهه ۾ پئجي ويو. چور سياڻپ ڪري
واڻئي کي چيو ته ”ڇڏ ڇڏ ڦُرڙي ڏکائي ڇڏيئي.“ واڻئي
چيس ته ”ڦُرڙيون اٿوَ ته پوءِ اچو ڇو ٿا؟“
...... ....... ........
*غلام حيدر هاشماڻي، شڪارپور سنڌ.
پهريون شخص: ادا، توکي ڇا سڏيندا آهن؟
ٻيو شخص: ڀائو مون کي ڪمپائونڊر چوندا آهن.
پهريون شخص: ڪم پائونڊر؟
ٻيو شخص: ها، ڪمپائونڊر.
پهريون شخص: ڇو ڀلا؟ ادا تون ٿورو پائونڊر استعمال ڪندو آهين
ڇا؟
...... ....... ........
*عبدالعزيز رنگريز، ميرپوربٺورو.
اختر: بابا، سج اوڀر کان اڀرندو آهي نه؟
پيءُ: ها پٽ، اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي.
اختر: بابا، اسلم ٿو چوي ته اولهه کان اڀرندو آهي.
پيءُ: هن کي سياستدان ٿيڻو آهي.
...... ....... ........
*قادر بخش ”فياض“، ميرپوربٺورو.
مريض: ڊاڪٽر صاحب، منهنجو آپريشن خيال سان ڪجو، ڇاڪاڻ ته هي
منهنجو پهريون آپريشن آهي.
ڊاڪٽر: اصل کُٽڪوئي نه ڪر، منهنجو به هي پهريون آپريشن آهي.
...... ....... ........
*ميمونه بنت شمس الدين عرساڻي.
دوست: ڇا هُن ڇوڪريءَ توسان شادي ڪانه ڪئي؟
نوجوان: نه!
دوست: ڇو، تو کيس اهو ڪونه ٻڌايو ته تنهنجو چاچو ڪروڙپتي آهي.
نوجوان: ها، اهو ٻاڌيومانس، نتيجو اهو نڪتو جو هاڻي هوءَ منهنجي
چاچي آهي.
...... ....... ........
بشير: سائين مهرباني ڪري هيءَ حساب ته سمجهايو.
استاد:هيءَ حساب ته اهڙو سٺو آهي جو ڪنهن گڏهه کان پڇين ها ته
اهو به توکي ٻڌائي سگهي ها.
بشير: سائين، تڏهن ته آءُ توهان کان پڇي رهيو آهيان.
...... ....... ........
ماءُ: پنهنجي دشمن جو نالو ڪڏهن به وات سان نه وٺجي.
پُٽ: ها ته هاڻي مون کي خبر پيئي، ته تون بابا جو نالو ڇو نه
وٺندي آهين!
...... ....... ........
*ممتاز علي ”قمر“
نوڪر: (مالڪ کي) سائين! ڪڪر اچي ويا آهن؟
مالڪ: چڱو ٻاهر بيهارين!
نوڪر: سائين! ڪڪر ٻاهر نه بيهندا آهن.
مالڪ: اگر وڏا ماڻهو آهن ته پوءِ ڪرسين تي ويهارين!
...... ....... ........
استاد: انصاف ڪڏهن ٿيندو.
شاگرد: سائين، قيامت جي پهرئين هفتي ۾!
...... ....... ........
*شهزادو عبدالعزيز جتوئي، تلهار
هڪ ڪاٺين وارو گڏهه تي ڪاٺيون کڻي بازار ۾ وڪڻڻ لاءِ وڃي رهيو
هو. شهر ويجهو گڏهه ٿڪجي بيهي رهيو، تنهن تي هو
گڏهه کي مارڻ لڳو. اتي ڪجهه ماڻهو بيٺا هئا، انهن
چيس: ”اڙي، توکي شرم ڪونه ٿو اچي تون هن ويچاري
جانور کي ڇو ٿومارين؟“ اتي هن لٺ کڻي اڇلائي ۽
گڏهه جي پيرن تي ڪِري پيو ۽ هٿ ٻڌي عرض ڪرڻ لڳو ته
”مهرباني ڪري مون کي معاف ڪر. مون کي خبر ڪونه هئي
ته تنهنجا مائٽ بيٺا آهن!“
...... ....... ........
*اعجاز علي ٽالپر، ٽنڊو جان محمد.
هڪڙا ٻه ڄٽ واٽ وٺيو پئي ويا. هڪڙي جي هٿ ۾ ريڊيو هو، جنهن ۾ ان
وقت هڪ تمام سٺو گانو وڄي رهيو هو. هڪڙي چيو ”يار،
ريڊيو بند ڪري ڇڏ. اجايو گانو ختم ٿي ويندو، گهر
هلي ٻڌنداسين.“
...... ....... ........
*محمد انور ڪوٽائي ”ناز“ بٺورو.
ڊرائيور: (ڪراڙي کي) مون کي ڏاڍو افسوس آهي جو تنهنجي ٻِلي
منهنجي موٽر جي هيٺان اچي مري ويئي. ڀلا ٻُڌاءِ
آءُ تنهنجي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو؟
ڪراڙو: خدمت لاءِ ته جلدي تيار ٿي بيٺين. ڀلا ٻُڌاءِ ته ڪُئا
پڪڙي سگهندين.
...... ....... ........
هڪ ماڻهوءَ جي ڪپڙن کي اچي باهه لڳي ۽ هو تلاءُ ڏانهن ڊوڙڻ لڳو.
پٺيان هڪ ماڻهو سڏ ڪري چيو ته ”ادا، ٿورو ترس ته آءُ سگريٽ
دکائي وٺان.“
* الطاف احمد ميمڻ لاکائي، دڙو
مڙس: هن ڊرائيور کي هاڻي نوڪريءَ ۾ نه رکبو.
زال: آخر ڏوهه ڪهڙو ڪيو اٿس؟
مڙس: ٽي دفعا ايڪسيڊنٽ ڪيو اٿس، مرندي مرندي بچيو آهيان.
زال: اڃا هڪ دفعو چانس ڏيوس.
...... ....... ........
جج: ٻن منٽن کانپوءِ توکي باهه ۾ ساڙيو ويندو، ڪا آخري خواهش
هجئي ته ٻڌائي؟
چور: سائين منهنجي آخري خواهش آهي ته جلد از جلد فائر برگيڊ کي
گهرايو وڃي.
...... ....... ........
*تراب علي سومرو ”تراب“، شڪارپور
هڪ ڇوڪرو: مون کي ڪئلينڊر گهرجي.
دڪاندار: ڪهڙو ڪئلينڊر وٺن گهرين ٿو؟
ڇوڪرو: جنهن ۾ اسڪول جون موڪلون گهڻيون هجن.
...... ....... ........
*اسحاق انصاري، لاڙڪاڻو
ماءُ؛ (ريل جي دٻي ۾) چپ ڪري ويهه نه ته مارينديسانءِ.
ٻار: جيڪڏهن تو ماريو ته مان ٽڪيٽ چيڪر کي پنهنجي صحيح عمر
ٻڌائيندس.
...... ....... ........
*فريد احمد ڀٽي، سکر
هڪڙو شاگرد جڏهن ولايت مان پڙهي وطن واپس آيو ۽ جڏهن هوائي اڏي
تي هن سان هن جو پيءُ مليو ته ان کان پڇيائين:
”هلو ڊيڊي، تنهنجي وائيف جو ڇا حال آهي؟“
...... ....... ........
پيءُ: حميد ڇا پيو ڪرين؟
حميد: بابا، دوست ڏي خط ٿو لکان.
پيءُ: اڙي توکي لکڻ ته ڪونه ايندو آهي؟
حميد: بابا، منهنجي دوست کي وري پڙهڻ به ڪونه ايندو آهي.
...... ....... ........
* محمد اسحاق کٽي، ميرپوربٺورو.
هڪ شخص کي رستي ۾ ڌاڙيلن گولي هنئي جا هن کي ڀِرن
وٽ لڳي ۽ ويچارو مري ويو. جڏهن جنازو سندس گهر کڻي
ويا، تڏهن ان جي ماءُ ڏسي خدا جو شڪرانو ادا ڪيو ۽
چيائين ته ”گولي ٿورو هيٺ اک ۾ لڳي ها ته منهنجو
پٽ ڪاڻو ٿي پوي ها. اک سلامت رهي جان سلامت نه رهي
ته فڪر نه آهي.“
*اعجاز احمد ميمڻ لاکائي، دڙو
صالح: آئون رات خواب ۾ چنڊ تي ويو هوس.
عمر: پوءِ اتي تو ڇا ڏٺو؟
صالح: مون کي ڏسڻ ۾ ڪجهه به نه آيوم، ڇو جو نظر جي عينڪ لاهي
ستو هوس.
|