سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 10

باب: --

صفحو :2

 

پروفيسر ميمڻ عبدالغفور ”سنڌي“

(ڪهاڻي)

 

ڀيڻ جي محبت

 

هڪڙو هو بادشاهه ۽ سندس زال، ٻنهي جي پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هوندي هئي، ايتري تائين جو بادشاهه سلامت هن جي خاطر طرحين طرحين قسمن جون ٻيڙيون ٺهرايون ۽ انهن تي سٺي ڪاريگريءَ سان ڪم ڪرايو . سندس زال ”شبنم“ چانڊوڪيءَ رات جو انهن ٻيڙين ۾ سير ڪرڻ ويندي هئي، ته ٻيڙين ۾ وري ڳائڻ وڄائڻ وارا ويهاريا ويندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن بادشاهه سلامت پاڻ به انهيءَ محفل ۾ شامل هوندو هو، ۽ اڌ رات تائين سير ڪري خوش ٿيندا هئا.ڪجهه زماني گذرڻ کانپوءِ بادشاهه سلامت کي اولاد ٿيو. خداوند ڪريم هن کي چار خوبصورت پٽ ڏنا. هو سارو ڏينهن باغ ۾ کيڏندا هئا. بادشاهه سلامت ۽ سندس ملڪه هنن کي کيڏندو ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيندا هئا. ملڪه کي دل ۾ آرزو هئي ته، خداوند ڪريم کيس هڪ ڌيءَ عطا ڪري. ان لاءِ ملڪه دل ئي دل ۾ دعا گهرندي هئي. پر الاجي ڇو بادشاهه سلامت کي ڌيءَ جي اولاد کان نفرت هئي. هڪ ڏينهن ملڪه بادشاهه سلامت کي کلي چيو ته، ”جيڪڏهن خداوند ڪريم اسان کي ڌيءَ جو اولاد ڏيئي ته ڪيتري نه خوشي ٿئي!“ تنهن تي بادشاهه وراڻيو ته ”ڌڻي ڏئي ڇو، اسان ڪهڙو گناهه ڪيو آهي، جنهن جي سزا ۾ خداوند ڪريم جلاجلالھ  اسان کي ڌيءَ ڏيندو.“ ملڪه حيران ٿي چيو ته ”ڇا، جن تي خداوند ڪريم جل جلالھ ناراض ٿيندو آهي ته انهن کي ڌيئر ڏيندو آهي!“ ٿورو دم پٽي وري ملڪه صاحبه چيو ته ”هي ته مون اڄ ٻڌو آهي. چوندا آهن ته، ڌيءَ خداوند ڪريم جي رحمت هوندي آهي.“ تنهن تي  بادشاهه چوڻ لڳو ته، ”چڱو، چڱو، مان اهڙيءَ رحمت کان محروم چڱو آهيان... آءُ انهيءَ کان بي اولاد ڀلو آهيان، جنهن جي اچڻ سان گهر برباد ٿي وڃي.“

انهيءَ تي ملڪه ٽهڪ ڏڏيندي چيو ته ”جيڪڏهن خداوند ڪريم اسان کي ڌيءَ ڏيئي ته پوءِ؟“ بادشاهه منهن گهنجائيندي چيو، ”جيڪڏهن ڌيءَ ٿي ته پوءِ سمجهين ٿي ته مان ڇا ڪندس؟“ ملڪه ٽهڪ ڏيندي چيو ته ”مان سمجهان ٿي ته اوهان هن جي لاءِ سٺا، عمدا ۽ قيمتي زيور ۽ سهڻا سهڻا لباس ٺهرائي ڏيندا.“

بادشاهه غصي ۾ اچي چوڻ لڳو ته، ”پوءِ پنهنجي چئني پُٽن کي قتل ڪرائي ڇڏيندس، انهيءَ لاءِ جيئن تنهنجي پياري ڌيءَ آزاديءَ سان حڪومت هلائي سگهي!“ بادشاهه جا اهي لفظ ٻڌي ملڪه حيران ٿي ويئي. بادشاهه اتي خاموشي اختيار ڪئي.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ ٻڍي عورت خيرات وٺڻ آئي. ملڪه صاحبه ان وقت باغ ۾ ويٺي هئي. ٻانهيون، فقيراڻيءَ کي راڻي جي آڏو وٺي آيون. ٻڍي عورت ملڪه صاحبه کي ادب سان سلام ڪيو ۽ پڻ دعائون ڪيون. ملڪه ٻڍيءَ عورت جي منهن ڏانهن ڏسندي کيس چيو، ”ٻڍي تون خيرات ڇو ٿي وٺين؟“ ”مان قربان وڃان پيٽ قوت لاءِ پِني رهي آهيان،“ فقيراڻيءَ وراڻيو.

”افسوس“، ملڪه صاحبه تعجب وچان چيو، ”هيڏي ساري شهر ۾ ڪو به اهڙو الله جو بندو ڪونه آهي جو توکي ٻه مانيون ڏئي سگهي.“ ان کانپوءِ ان ٻڍيءَ عورت کي ايترا پئسا ڏنائين جو تمام عمر وڃي آرام سان کائي. جڏهن ٻڍي عورت خيرات وٺي هلڻ لڳي، تڏهن چيائينس، ”اي ملڪه صاحبه، هن باغ ۾ هر طرح جا گل ٻوٽا آهن ۽ باغ بلڪل سهڻو آهي، پر منجهس هڪ گل جي ڪمي آهي.“ ڳوٿريءَ مان هڪ ٻج جو داڻو ڪڍي چيو ته ”هن ٻج مان چار گل پيدا ٿيندا، جيڪي باغ ۾ تمام گهڻي روشني ڪندا، پر جيڪڏهن ڪوبه مرد هن کي هٿ لائيندو ته پکي ٿي ويندو.“ ٻڍيءَ جي واتان راڻي صاحبه عجيب طلسم ٻڌو ته ويتر سندس چاهت وڌي ۽ کلندي چيائينس ته، ”اي پوڙهي تون خاطري ڪر، ڪوبه مرد ماڻهو هن کي هرگز هٿ نه لائيندو-  آءُ احتياط خاطر سندس چوڌاري لوڙهو ڏياري ڇڏيندس.“ پوءِ ملڪه صاحبه فقيراڻيءَ کان اهو ٻج ورتو.

فقيراڻي ٻج ڏيئي هلي ويئي. ملڪه باغ ۾ سٺي جاءِ ڳولهي ٻج پوکرايو. هيڏانهن زمين مان ٻوٽو پيدا ٿيو ۽ هوڏانهن وري خداوند ڪريم جي ڪرم سان ملڪه کي اميدواري به ٿي. خدا جي قدرت ڪاملھ سان هن کي هڪ ڌيءَ پيدا ٿي، جنهن تي ملڪه، پنهنجي پُٽن کي سڏائي چيو ته ”توهان هن محل مان نڪري وڃو، ڇو ته توهان جي پيءُ چيو هو، ته جيڪڏهن ڌيءَ ڄمندي ته مان پنهجن چئني پُٽن کي قتل ڪرائي ڇڏيندس!“

راڻي آخر زار زار روئي صبر ڪري پُٽن کي موڪل ڏني. جڏهن هو روانا ٿيا تڏهن پاڻ ۾ پڪو پَهُه پچائيندي قسم کنيائون ته هيءَ سڄي مصيبت، جيڪ اسان تي آئي آهي، سا صرف هڪ ڇوڪريءَ جي ڄمڻ جي ڪري، تنهن ڪري اسان پنهنجي سفر دوران، جيڪا به پهرين ڇوڪري نظر چڙهي تنهن کي قتل ڪنداسون.

هلندي هلندي چارئي هڪ پهاڙ تي پهتا ۽ اتي ئي رهڻ لڳا، اتيئي هو شڪار ڪري پنهنجو پيٽ پاليندا هئا. ڏينهن گذرندا رهيا، هيڏانهن نينگري (سندن ڀيڻ) اچي بلوغت کي رسي، هوڏانهن ٻوٽي ۾ چار گل پيدا ٿيا، جنهن ڪري سڄو باغ معطر ۽ روشن ٿي ويو.

هوڏانهن راڻي پنهنجن پُٽن جي جدائيءَ ۾ ڏينهون ڏينهن اداس رهندي هئي. هڪ ڏينهن نينگريءَ ماءُ کان اداسيءَ جو سبب پڇيو، جنهن کيس پهريائين ته ڪجهه نه پئي ٻڌايو. آخر نينگريءَ جي تمام زور ۽ مجبور ڪرڻ تي کيس سموري حقيقت کان آگاهه ڪيو ۽ سندس ڀائرن کي محل مان ڪڍڻ جي به ڳالهه ٻڌائي. اتي ڌيڻس کيس يقين ڏياريو ته هوءَ پنهنجي ڀائرن کي ڳولهي ڦولهي هنن کي پنهنجي ماءُ- پيءُ جي اڳيان آڻيندي.

هڪ رات جو سڀني کي آرام ۾ ڏسي محلات مان ٻاهر نڪري باغ مان چارئي گل پنهنجي ڀائرن لاءِ تحفي طور پَٽي، پنهنجي ڀائرن جي ڳولا ۾ نڪتي. جهنگل ۾ گلن جي روشنيءَ ڪري سولائي سان رستو پار ڪندي ويئي. سڀ کان پهريائين سندس ننڍيءَ ڀاءُ جهنگل ۾ روشني ڏٺي ۽ اُنهيءَ پٺيان اُٿي هلڻ لڳو، نيٺ وڃي روشنيءَ وٽ پهتو. ڇا ڏسي، ته سبحان الله هڪ حسين و جميل نينگري آهي، جنهن جي هٿ ۾ چار سهڻا گل آهن، جن ايتري روشني ڪئي آهي. ڀائرن سان ڪيل وعدي مطابق اُنهيءَ نينگريءَ کي اُتي جو اُتي ئي مارڻ پي چاهيائين، مگر نينگري (جا سندن سڳي ڀيڻ هئي) تنهن کيس  پنهنجي سموري حقيقت کان  واقف ڪيو، جنهن تي ڀيڻ کي سڃاڻي ساڻس ڀاڪر پائي مليو ۽ پنهنجي رهائشگاهه تي وٺي آيو ۽ چيائين ته ٻيا ڀائر به ايندا ته توکي قتل ڪري ڇڏيندا. انهيءَ ڪري تون هيءَ سَوَڙِ ويڙهي لِڪي وڃ. پوءِ جڏهن سندس ڀائر آيا ته گهر ۾ روشني ڏسي تعجب مان پنهنجي ڀاءُ کان پڇيائون ته ”هي گل تو ڪٿان آندا آهن؟“ تنهن تي ننڍي ڀاءُ سڀني کي مخاطب ٿي چيو ته ”اوهان وعدو ڪريو ته توهان جيڪا به عورت ڏسندا، اُن کي هرگز قتل نه ڪندا، ته پوءِ آءُ اوهان کي انهن گلن جي بنسبت ٻڌائيندس.“

آخر جڏهن ٽنهي ڀائرن کيس پڪو وعدو ڪري يقين ڏياريو، تڏهن هن پنهنجي ڀيڻ کي آواز ڏنو ۽ هوءَ ٽپ ڏيئي اٿي پنهنجن ڀائرن جي آڏو اچي بيٺي. پوءِ پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي چوڻ تي سمورا ڀائر پنهنجيءَ ڀيڻ سان ڳراٺڙي پائي مليا. پوءِ سندن ڀيڻ چارئي گل ڪڍي ٻاهر ڪيا. گلن جي ٻهڪندڙ روشني سندس سڀني ڀائرن جا ته حواس باخطا ڪري ٿي ڇڏيا ۽ روشنيءَ جو تاءُ نه سهي يڪدم وڃي گلن ۾ هٿ وڌائون. سندن گلن ۾ هٿ وجهڻ ۽ سڀني ڀائرن جو پيلي رنگ جا ڪانوَ ٿيڻ... پوءِ گل يڪدم سُڪي ويا. اهو حال ڏسي شهزادي (سندن ڀيڻ) زار زار روئڻ لڳي.

شهزاديءَ جو رات ڏينهن روئڻ تي آڌيءَ رات جو اها ساڳي ڪُراڙي عورت، جيڪا گلن جو ٻج ڏيئي ويئي هئي، سا ائي ۽ چيائينس ته ”اي نينگري، جيڪڏهن تون پنهنجن ڀائرن کي ساڳيءَ صورت ۾ ڏسڻ ٿي چاهين ته توکي ٽي سال بلڪل خاموش رهڻ جو روزو رکڻو پوندو. اي نينگري، تون نه ڪنهن سان ڳالهائيندينءَ ۽ نه وري انهيءَ عرصي اندر کلندينءَ،“ ٻڍي عورت ائين چئي هلي ويئي.

شهزاديءَ کي پنهنجن ڀائرن سان حد کان زياده محبت هئي، انهيءَ لاءِ هن انهيءَ ڪٺن ڪم کي سرانجام ڪرڻ جو قسم کنيو. سندس چار ئي ڀائر، جيڪي پيلا ڪانوَ ٿي ويا هئا، سي سندس حفاظت لاءِ مڪان جي ڇت جي مٿان وهندا هئا ۽ ميوو وغيره کائڻ لاءِ پنهنجي ڀيڻ کي پٽي آڻي ڏيندا هئا. پورا ٻه ورهيه ته کيس اتي ئي گذري چڪا هئا. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو هڪ هڪ پاڙيسري بادشاهه جهنگل ۾ شڪار ڪرڻ آيو، پر برسات پوڻ ڪري رهڻ جي جاءِ جاچيندي شهزاديءَ جي جهوپڙيءَ ۾ گهڙي آيو ۽ گهڻو ئي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ٿي چاهيائينس، مگر شهزادي کيس ڪوبه جواب نه ڏنو. آخر چڱيءَ ريڙهه پيڙهه پڄاڻا بادشاهه سلامت پڇيس ته ، ”شادي ڪندينءَ؟“ جنهن تي هن صرف ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي. پوءِ بادشاهه هن کي پنهنجي محلات ۾ وٺي آيو ۽ سندس ڀائر (جيڪي ڪانوَن جي شڪل ۾ هئا) پڻ ڀرسان واري باغ ۾ رهڻ لڳا هئا ۽ شام جو اچي پنهنجي ڀيڻ سان ملندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ميوا به پٽي آڻي کيس ڏيندا هئا.

دستور موجب ڪانو پنهنجي ڀيڻ سان ملندا هئا ۽ کيس محلات ۾ ميوا وغيره به پٽي آڻي ڏيندا هئا. شهزادي پنهنجي ڀائرن سان محلات جي ڇت تي اڪيلائيءَ ۾ ملاقات ڪندي هئي، جڏهن ڪو ماڻهو ڇت تي چڙهي ايندو هو ته کين اشاري سان اڏائي ڇڏيندي هئي.

شهزاديءَ جي گهر ۾ اچڻ سان بادشاهه جي پهرين راڻيءَ کي آند ماند ٿيڻ لڳي. رات ڏينهن پيئي وجهه ورائيندي هئي ته من ڪو وارو لڳي، ته انهيءَ ساهيڙيءَ جي مقبوليت مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيان. کيس هر وقت پنهنجو دشمن سمجهندي هئي. اُٿندي ويهندي هن کي ويٺي لوئيندي ۽ ولوڙيندي هئي. انهيءَ لاءِ پيئي موقعا تاڙيندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني ۾ هن کي بادشاهه جي نظرن کان ڪيرائي ڇڏيان. پر بادشاهه جي موجودگيءَ ۾ ته هو ڪجهه به ڪري ڪين ٿي سگهي. هينئر شهزاديءَ کي محل ۾ رهندي ذري گهٽ اچي سال پورو ٿيو هو. اِن وچ ۾ بادشاهه جي پهرين راڻيءَ ڏٺو ته جڏهن به شهزادي محلات جي ڇت تي وڃي ٿي ته، پنهنجي مٿي تان رئو لاهي  خوب هوا ۾ ڦرائي ٿي، ته يڪدم هڪڙا چار پيلا ڪانوَ اُڏامي اچن ٿا، جن کي ٿڌا ساهه کڻندي پنهنجي سيني سان لڳائي ٿي ۽ کين چُمي ٿي ۽ پوءِ جڏهن ڪابه ٻانهي وغيره مٿي ڇت تي چڙهي ٿي، ته شهزادي ڪانوَن کي اُڏائي ڇڏي ٿي.

اها ماجرا ڪيترائي ڀيرا نوڪرياڻين ۽ خود پهرين راڻيءَ به ڏٺي هئي. آخرڪار هڪ ڏينهن پهرين بيگم، بادشاهه کي وجهه وٺي سموري حقيقت کان واقف ڪيو ۽ اها ماجرا ڏيکارڻ لاءِ بادشاهه کي به وٺي آئي. هيڏانهن شهزاديءَ جڏهن ڏٺو ته نوڪرياڻيون سڀ پنهنجي ڪم ڪار ۾ رُڌل آهن، تڏهن محلات جي ڇت تي چڙهي پنهنجي مٿي تان رئو لاهي هوا ۾ اُڏائڻ لڳي. هيءَ ماجرا ڏسي بادشاهه جي اکين ۾ خون ڀرجي آيو ۽ تلوار ڪڍي هن کي انهيءَ خيال سان مارڻ ٿي ويو، ته هوءَ غير مرد کي اشارا ڪري رهي آهي. بادشاهه کي انهيءَ تڪڙي قدم کڻڻ کان سندس پهرينءَ گهر واريءَ روڪي ورتو ۽ چوڻ لڳس ته ”اوهان جي هيءَ راڻي جن آهي يا پَري، پر بدچال هرگز نه آهي، توهان صرف لڪي ويهي اهو تماشو ڏسندا رهو.“ انهيءَ تي بادشاهه پنهنجي تلوار ڦيرائي مياڻ ۾ موٽائي وڌي ۽ محلات جي هڪ ڪُنڊ کان ويهي تماشو ڏسڻ لڳو. اشاري ملڻ تي شهزادي وٽ چار ئي پيلا ڪانو آيا ۽ شهزادي هنن کي ڀاڪر ۾ جهلي پيار ڪرڻ لڳي. چڱيءَ گهڙيءَ تائين شهزادي چنئي پيلن ڪانوَن کي روح رهاڻ ڪري، هيٺ لهي آئي. اتي بادشاهه جي پهرين راڻي ٽهڪ ڏيندي چيو ته: ”ڏٺوَ سائين هاڻي ته توهان کي پڪ پئجي ويئي هوندي ۽ هاڻي اوهان بيشڪ تسليم ڪندا، ته هيءَ عورت آدم زاد نه آهي!“

بادشاهه شوخي سان چوڻ لڳو ته ”آءُ هن تي طرحين طرحين ظلم ۽ ستم ڪري به هن ڳالهه جي پوري حقيقت حاصل ڪندس!“ اهي لفظ چئي بادشاهه سلامت بلڪل خاموش ٿي ويٺو. سندس اچانڪ خاموشيءَ سان ساري محلات ۾ سناٽو پکيڙي ڇڏيو. انهيءَ غصي ۽ ڀيانڪ سناٽي کي خوشيءَ ۽ اُميد جي لهر ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سندس پهرين ملڪه عرض ڪيو ته ”جهان پناهه، اوهان جي آڏو اها ڪابه وڏي ڳالهه ڪانهي. اوهان جهڙا نامور، رعيت پرور ۽ سخي ضرور بادشاهه انهيءَ ڪم کي اشاري وهيڻو حل ڪري سگهو ٿا. بس صرف اوهان هن کي دڙڪا ۽ ڌمڪيون ڏيو ته پاڻيهي سليندي.“ راڻيءَ جا الفاظ، بادشاهه جي قتل هيانوَ تي ٿڌا ڇنڊا ٿي پوڻ لڳا. بادشاهه مشڪندي ڪچهري ڏانهن هليو ويو.

ڪچهريءَ ۾ درٻاري اڳيئي اچي چڪا هئا، بادشاهه به هينئر تخت تي اچي ويٺو هو. تخت تي ويهڻ شرط دربان کي حڪم ٿيو ته ”جلد ننڍي ملڪه کي درٻار ۾ حاضر ڪيو وڃي.“ بس حڪم ملڻ جي دير هئي، ملڪه کي انهيءَ گهڙيءَ حاصر ڪيو ويو، اِتي بادشاهه حڪم ڪيو ته ”اي راڻيءَ تون ساري درٻار آڏو سر جهڪائي بيهه!“ حڪم ملڻ سان ملڪه ائين ڪيو. جلاد، جو به حڪم ملڻ شرط حاصر ٿيو، تنهن ملڪه کي وٺي، جتي ملزم بيهندا آهن، اُتي وڃي بيهاريو. اتي بادشاهه کيس چيو ته ”سچ ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين؟ ۽ اهي پيلا ڪانوَ ڪير آهن؟“ شهزاديءَ ڪو به اکر، واتان ڪونه ورايو. اتي بادشاهه کانئس وري پڇيو ته ”ٻڌاءِ؟“ پر وري به شهزاديءَ جواب ۾ صرف ڪنڌ ڌوڻيو ۽ خاموش رهي. هينئر بادشاهه سلامت غضي ۾ اچي جلاد کي حڪم ڏنو ته ”هڪ وڏو پڃرو آڻي، اُن ۾ کيس بند ڪري اندر نانگ ڇڏيا وڃن.“ حڪم ملڻ شرط جلاد هڪ وڏو لوهي پڃرو کڻي آيو ۽ ان ۾ کيس بند ڪيو ويو ۽ هڪ وڏو کارو کڻي آيا، جنهن ۾ وڏو ڪاريهر نانگ بند ٿيل هو. اتي بادشاهه آخري ڀيرو راڻيءَ ڏانهن مخاطب ٿي چوڻ لڳو، ته ”ڀلا هينئر ئي کڻي ٻڌاءِ؟“ مگر شهزادي ڪجهه به نه ڪڇيو ۽ خاموشي رهي. آخر بادشاهه منهن ۾ گهنڊ وجهي چوڻ لڳو ته ”جلد ڪر، کاري جو منهن کول.“ جلد حڪم ملڻ سان ئي کاري جو منهن کوليو ته اهو ڪاريهر نانگ ڦڻ ڪڍي ٻاهر آيو، جنهنجي ڦوڪارن کان سمورا درٻاري ڊڄي ويا. يَڪا يَڪ چارئي پيلا ڪانوَ اچي حاضر ٿيا ۽ نانگ کي ماري هليا ويا. هاڻي بادشاهه سلامت جلاد کي هڪ چيتي آڻن لاءِ حڪم ڪيو، جنهن تي جلاد هڪ خونخوار چيتو ڪاهي اچي درٻار ۾ حاضر ڪيو. اتي بادشاهه رحم کائيندي وري به ساڳيو ئي سوال ڪيو، پر شهزادي وري به خاموش رهي. تنهن تي بادشاهه ڪاوڙجي جلاد کي حڪم ڏنو ته ”چيتي کي کوليو وڃي.“ حڪم ملڻ سان جلاد اڃا پڃري جو دروازو ئي مس کوليو، ته ساڳيائي چار پيلا ڪانوَ اچي جلاد جون ٻئي اکيون ڪڍي اڏامي هليا ويا. بادشاهه سلامت جڏهن اها ماجرا ڏٺي تڏهن البت گهٻرائجي ويو، مگر دل کي دلاسو ڏيئي، ٻه- چار جانٺا ۽ مضبوط تير انداز گهرائي کين حڪم ڪيائين ته ”جڏهن به اهي چارئي پيلا ڪانوَ اچن ته کين يڪدم نشانو بڻايو وڃي.“ تير اندازِ جيسين ڪم پورو ڪري پئي ويا. اِنهيءَ ردوبدل ۾ ڪانوَن جلاد سان گڏ چيتي جون ٻه اکيون به ڪڍي ڇڏيون.

بادشاهه سلامت اڃا به هٺ کان هيٺ نه لٿو، ويتر ضد ۾ پئجي ويو. حڪم ڪيائين ته ”ٻيو جلاد آندو وڃي؟“ بادشاهه سلامت جي حڪم سان ٻيو جلاد به اچي حاضر ٿيو،. هينئر راڻيءَ کي پڃري مان ڪڍي پٿر جي هڪ ٺل سان مضبوط ٻڌو ويو ۽ هن جي چوڌاري هزارها مڻ ڪاٺيون ڪٺيون ڪيون ويون. آخري دفعو بادشاهه سوال جو جواب طلب ڪيو، ۽ اهو پڻ چيائينس ته ”جيڪڏهن تون پنهنجي جان پياري ٿي گهرين ته هاڻي کڻي سچ ئي ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين ۽ اهي تنهنجا جانثار پيلا ڪانوَ ڪير آهن؟“ پر راڻيءَ کي پنهنجي جان کان وڌيڪ پنهنجي ڀائرن جي جان پياري هئي، سا ڪٿي ٿي اها خاموشي ٽوڙي. اتي بادشاهه سلامت ٽي ڀيرا پڇيس، پر هن ڪوبه جواب نه ڏنو. بادشاهه سلامت جلاد کي حڪم ڏنو ته ”هينئر ڪاٺين کي باهه ڏني وڃي.“ هاڻي ته سڀني کي يقين اچي ويو، ته هينئر راڻيءَ کي ههڙي آڙاهه مان ڪوبه بچائي نٿو سگهي. حاضرين راڻيءَ جي حسن ۽ جوانيءَ تي ترس کائڻ لڳا، پر ڪنهن جي مجال جو ڪوبه ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي.هيڏانهن جلاد به ڪاٺين کي باهه ڏني، هوڏانهن چارئي پيلا ڪانوَ وري اچي حاضر ٿيا. قدرت خدا جي اهڙي جو اُها گهڙي اهڙي هئي جنهن تي شهزاديءَ جي خاموش رهڻ وارو وقت (ٽن ورهين وارو مدو) به اچي ختم ٿيڻ تي هو. راڻي، ٻڍيءَ عورت جي هدايت موجب لڳاتار ٽي سال خاموش رهي هئي ۽ اُن عرصي دوران هڪ لفظ به ڪونه ڳالهايو هئائين، سندس ڀائر جيڪي ”طلسمي گل“ کي هٿ لائڻ سبب ڪانوَ ٿي ويا هئا، اهي اُن وقت پنهنجي اصلوڪي صورت ۾ اچڻ وارا هئا.

هو زمين تي ليٽ پيٽ ڪرڻ لڳا ۽ اُن هڪ ساعت ۾ ئي انساني صورت اختيار ڪيائون. هو هڪدم پنهنجي ڀيڻ طرف ڊوڙڻ لڳا، جنهن جي جلائڻ لاءِ باهه ٻاري هئائون.هو تلوار سان ڀيڻ جا رسا وڍي کيس آڙاهه کان ٻاهر ڪڍي آيا.، هي حال ڏسي بادشاهه ۽ سڀ حاضرين ڏاڍو حيران ٿيا. هو انهيءَ حيرانيءَ ۾ هئا ته راڻيءَ جي وڏي ڀاءُ تکي تلوار سان بادشاهه تي حملي  ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. مگر سندس ڀيڻ کيس ان کان روڪيو ۽ ٻڌايائينس ته ”هي منهنجو حقيقي مڙس آهي.“ ڀيڻ جي سمجهائڻ تي شهزادي تلوار ڦيرائي پٽ تي ڦٽي ڪئي. پوءِ سڀني شهزادن بادشاهه سلامت جي آڏو جهڪي عجز ۽ نياز سان سلام ڪيو. پوءِ بادشاهه سلامت تخت تان اٿي ساڻن محبت وچان ڀاڪر پاتو.

ٿورڙن ڏينهن کانپوءِ شهزادي پنهنجي چئني ڀائرن سميت ۽ پنهنجي خاوند سان گڏجي پنهنجي پيءُ ڏانهن آئي. پڻس شهزاديءَ کي ڏسي ٻلهار ٻلهار ٿيڻ لڳو ۽ سندس خاوند کي به وڏو آڌر ڀاءُ ڏنو. جان جو پنهنجن پٽن ڏانهن نظر ڪيائين ته ويتر خوش ٿيو. پوءِ سڀ زندگيءَ جا باقي ڏينهن خوشيءَ سان گذارڻ لڳا.

 

سنڌيڪار: رفيق سومرو

(روسي لوڪ ڪهاڻي)

 

رانديڪو

 

گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي، هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪ پوڙهو هاري رهندو هو.

جنهن جو نالو اسٽيپن هو. هڪ ڏينهن هو جهنگ مان ڪاٺيون ميڙڻ ويو. ننڍيون ننڍيون ٽاريون گڏ ڪري، هن هڪ ڍير ٺاهيو، ۽ ان کي هڪ شاهه بلوط جي وڻ هيٺان رکي، ٿڪ پٽڻ لڳو. ذهن ۾ ابتا سبتا خيال ايندا رهيس، ۽ هن انهن خيالن ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيو هو، ته اوچتو وڻن جي پتن جي غير معمولي کڙڪي کيس ڇرڪائي وڌو. هن اوڏانهن ڌيان ڏنو، ته وڻ چيو: ”اي پيارا، تون ايترو اداس ۽ ملول ڇو آهين؟“ هو گهٻرائجي ويو، پر کيس هڪدم خيال آيو ته شاهه بلوط جو وڻ جيڪڏهن هڪ سئو سال جو ٿي وڃي ته منجهس ڳالهائڻ جي طاقت اچي ويندي آهي.

”هاءِ!“ اسٽيپن ٿڌو ساهه کنيو، ”سهڻا شاهه بلوط، منهنجي ڏک جو سبب ٻڌي ڇا ڪندين؟ ڏس ته سهي، مون وٽ گهر آهي، هڪ ٻڪري آهي، سائي ڀاڄين جي هڪ واڙي آهي، جنهن ۾ ٽي ڊگها ڊگها ٻارا آهن. هر طرح جو سُک آهي، پر هڪ ڏک آهي، جيڪو اڏوهيءَ وانگر اندران اندران کائي رهيو آهي ۽ اهو هي آهي ته اسان کي ڪوبه اولاد ڪونهي. اسان ٻنهي زال مڙسن جي زندگي بي لطف آهي.“

شاهه بلوط چيو: ”ڳڻتي نه ڪر، منهنجا دوست! خزان جي پوين ڏينهن ۾ مون وٽ اچج، منهنجي پاڙن وٽ ڪيترو ئي ميوو پيو هوندءِ، پر ان منجهان ڪجهه به نه کڻجانءِ، پر منهنجي ٽارين تي ان آخري ميوي جي ڳولا ڪجانءِ، جيڪو اڃا نه ڪِريو هجي.“

خزا جي مند آئي، ۽ وڻ پنهنجا پتا ڇاڻن لڳا، پوءِ اهو ڏينهن به آيو، جيڪو خزان جو آخري زمانو هو. اسٽيپن، شاهه بلوط وٽ پهتو. وڻ هيٺان ڪِريل ميوو ٽڙيو پکڙيو پيو هو. بلڪل ائين، ڄڻ ته هو ڌرتيءَ جي سيني ۾ لڪڻ لاءِ بيتاب هو. هن نظرون مٿي ڪيون ۽ هڪ شاخ تي، جنهن تي پتن جو نالو نشان به ڪونه هو، هن کي تمام ننڍڙي ڳاڙهي ڏيئي وانگر چمڪندڙ ميوي جو هڪ آخري داڻو نظر آيو. اسٽيپن تمام احتياط سان ان کي پٽيو، ۽ گهر کڻي آيو، ۽ اچي زال جي تريءَ تي رکيائين. ”ڪهڙو نه نرم ۽ چمڪدار ميوو آهي، ۽ هن جو تاج ته ڏس ڪهڙو نه سهڻو اٿس،“ جوڻس چيو.

اوچتو ميوو حرڪت ۾ اچي ويو، ۽ ان منجهان ڪجهه ڀُڻ ڀُڻ جو آواز پيدا ٿيو. پوڙهي عروت جي واڇ گودو هڻي ويئي. هوءَ پنهنجي پوڙهي مڙس جو ٻوٿ تڪڻ لڳي. پوءِ هن کي ڪن جي ويجهو آندائين ۽ چيائين: ”هن جي اندر ڪا شيءِ آهي اسٽيپن، جيڪا ٻاهر نڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي.“

هنن ميوو جي تاج، يعني ٽوپ کي غور سان ڏٺو، ۽ هڪدم پَٽي ڦِٽي ڪيو.

هاڻي هنن غور سان ڏٺو، ته هنن کي ميوي جي هڪ پنکڙيءَ هيٺان هڪ پتڪڙو ٻار نظر آيو،. پنکڙي ٻار مٿان ڪمبل جيان ويڙهيل هئي. بلڪل ائين جيئين آني مان ڪڪڙ جو ٻچو يعني چوزو نظر ايندو هو، پر پوءِ به سمجهه ۾ اچي پيو ته هو تمام سهڻو آهي.

”پر اسان هن کي ڇا ڪنداسين؟“ پوڙهيءَ عورت ڏک وچان چيو. ”هي ايترو ته ننڍڙو ۽ پتڪڙو آهي، جو هڪ ڪئو به هن کي کڻي وڃي سگهي ٿو. هڪ ڪڪڙ داڻو سمجهي کيس ڳيهي سگهي ٿي، ۽ هوا اُڏاري کيس کڻي وڃي سگهي ٿي.“

”گهٻراءِ نه مولائڻ، اسان هن کي پالينداسين،“ اسٽيپن جواب ڏنو.

هنن ڇوڪري جو نالو هن جي ڏاڏي جي نالي تي آيئون رکيو.

ڏينهن گذرندا ويا ۽ هاڻي آيئون هڪ نوجوان هو، جنهن کي ڏسي سندس ماءُ پيءُ خوشيءَ ۾ وٽجي ويا. هو پاڻ جيڏن سان کيڏڻ لڳو، پاڙيسرين سان ڪم هاج ڪرڻ لڳو، پوڙهي کي سهارو ڏيڻ لڳو ۽ سندن عزت ڪرڻ لڳو. سڄو ڳوٺ کيس محبت ڪندو هو. ”اسان جو آئيون نهايت ئي نيڪدل ۽ محنتي آهي.“ ماڻهو چوندا هئا، ۽ جيڪو ڪجهه چوندا هئا، اهو صحيح چوندا هئا.

هڪ ڏينهن هڪ سوار پنهنجي گهوڙي کي واءُ مينهن وانگر ڀڄائيندو آيو ۽ هن هڪ عبرتناڪ خبر ٻڌائي، ”اسان جي ڌرتيءَ تي هڪ ستن منڍين واري ازدها بلا حملو ڪيو آهي. آهي ڪو جيڪو اسان جي وطن کي ان ازدها آفت کان نجات ڏياري؟“

”مان ڏياريندس نجات،“ آئيون اڳتي وڌندي چيو. ”هن زمين مون کي پالي جوان ڪيو آهي، ڌريءَ کانسواءِ  منهنجي وجود جو رهڻ ناممڪن آهي.“

 هن ماڻهن کي سوچڻ جو موقعو به ڪونه ڏنو. شاهه بلوط جي ڳن واري پنهنجي ڪهاڙي قابو ڪيائين، ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ کي اتي ڇڏي هو وڃڻ لڳو.

”ايتري پري پنڌ ڪيئن وڃي سگهندين منهنجا پٽ.“ ماڻس رڙندي چيو.

”گهٻراءَ نه منهنجي ماءُ، مان ان جو پاڻيهي بندوبست ڪندس.“ هن ڪنڌ موڙيندي چيو، ۽ هليو ويو.

هلندي هلندي آخر هو هڪ تمام وڏيءَ ٻنيءَ ۾ اچي پهتو. اتي چوڌاري سانت جو ماحول هو، پر هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪندڙ تڏن جون سيٽيون ٻڌجڻ ۾ پئي آيون. هن نظرون کڻي آسمان ڏانهن ڏٺو، ته اوڏانهن به آڳ جا شعلا وسائيندڙ چمڪيدار سج کانسواءِ ڪجهه به نه هو. پر اوچتو هن کي هڪ پاڇو نظر آيو. هاڻي هن کي ڏٺو ته ازدها بلڪل سندس سامهون ڦيرا کائي رهي هئي.

”منهنجي آڏو جهڪي وڃ نوجوان.“ ازدها بلا خوفناڪ آواز ۾ رڙ ڪئي.

ازدها آفت ماڻهن کي انهيءَ ئي ڍنگ سان ڊيڄاريندي هئي پر آئيون ساڳيءَ طرح اڏول بيٺو  رهيو، ۽ هن کي ڪنهن به قسم جو ڀو محسوس ڪونه ٿيو. چڙ ۾ اچي ازدها بلا سندس مٿان ڪڙڪي. هن اهڙي ته تيزيءَ سان ٽپو ڏنو، جو هن جي پرن مان هوا جو هڪ اهڙو طوفان اٿيو جو وڻن جا ڪنڌ به جهڪي ويا ۽ آئيون پاڻ به ڪِري پيو.

”مان توکي مهٽي سان ماري خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندس نوجوان،“ ازدها رڙ ڪئي.

پر هاڻي آيئون ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيٺو هو. هن هڪدم ڪهاڙيءَ سان وار ڪيو، ازدها بلا جا ٽي مٿا ڪپجي ويا، پر هوءِ ستن مٿن يا منهن واري آفت هئي. تنهن ڪري سندس چار مٿا اڃا سالم هئا، جيڪي  آيئون کي ڪچا ڪرڻا هئا.

۽ هوڏانهن آفت بلا ڪاوڙ وچان پنهنجي ڏندن کي چڪيءَ جي ٻن پڙن وانگر گسائي رهي هئي.

”مون آڏو تون ڪهڙي هستي آهين نوجوان،“ ازدها رڙ ڪئي، ”مون جنهن به هنڌ ڪاهه ڪئي، اتي جا وڏا وڏا شهر ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيا آهن. ڀڄي وڃ نوجوان.“

”ڪيرايا هوند ئي مروان،“ آيئون کلندي وراڻيو، ”پر مون کي ته ڌرتيءَ اٿاريو آهي.“

اهو ٻڌي ازدها ڪاوڙجي ويئي ۽ پوءِ اهڙو جهمپ ڏنائين، جو هوا جو هڪ زبردست طوفان اٿيو، جنهن سبب درياهه جو پاڻي به ڪنارن تائين اچي ويو. آيئون هڪ دفعو وري ڪري پيو ۽ ازدها کيس چيڀاٽڻ لاءِ پنهنجو خوفناڪ چنبو اڳتي وڌايو. پر ايتري ۾ آيئون اٿي بيٺو. هن اٿندي ئي ڪهاڙيءَ جو ٻيو وار ڪيو. ازدها جا ٽي مٿا ٻيا به زمين تي، پڪل ڳاڙهن پيرن جيان اچي ڪريا. پر اڃا به ازدها جو هڪ مٿو موجود هو، جنهن اهو به وساري ڇڏيو هو، ته مان ڪو اڪيلو مٿو آهيان.

”هاڻي توکي ڪوبه نٿو بچائي سگهي ڇوڪرا،“ ازدها رانڀاٽ ڪيو ۽ چڪر کائي پوري طاقت سان آيئون تي وار ڪيو ۽ کيس ڪيرائي وڌو. آيئون جا پير زمين مان پٽجي ويا ۽ هو گسڪڻ لڳو ۽ ازدها وات ڦاڙي هن کي کائڻ لڳي. جيڪڏهن آيئون هڪدم پاڻ نه سنڀالي ها، ته ازدها پنهنجي شڪار کي کائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها، پر جيئن ته آيئون هڪدم پاڻ سنڀالي ورتو هو، تنهن ڪري هو هڪدم اڀو ٿي بيهي رهيو. هن ازدها کي هوش ۾ اچڻ جو موقعو ئي ڏنو، ۽ هڪدم وار ڪيائين. جنهن سان ازدها جو آخري مٿو به ڪپجي، فٽ بال وانگر ڌرتيءَ تي رڙهند رهيو ۽ هو تڙپندي تڙپندي ٿڌو ٿي ويو.

هاڻي آيئون پنهنجي پيءُ- ماءُ وٽ واپس آيو. جلد ئي هڪ ذهين ۽ سهڻي ڇوڪريءَ سان هن جي شادي ٿي ويئي، جنهن وٽ ڪا جادوءَ جي ڏوئي ته ڪانه هئي، پر پوءِ به هوءَ اهڙو ته لذيذ کاڌو تيار ڪندي هئي، جهڙو فقط صلاح ادين ايوبيءَ جو بورچي ئي ڪري سگهندو هو ۽ جيڪو به سندس هٿ جو تيار ڪيل کاڌو کائيندو هو، اهو پنهنجون آڱريون به ڄٻاڙي ڇيڇڙا ڪري ڇڏيندو هو. سندس هلڻ اهڙو هو ڄڻ اُڏامندڙ کٽولي تي حُور. سڄو ڏينهن ڳائيندي هئي ۽ سندس سُريلو آواز ٻڌي ڪوئل شرم وچان وڻ تان اڏامي ويندي هئي.

آيئون ۽ سندس جوءِ کي ٻارهن ٻار ٿيا.اهي وڏا ٿيا، ته انهن کي به ٻار ٻچا ٿيا. پر اهي سڀئي سرڪش هئا. هنن ڪڏهن به ڪنڌ نه نمايو.

آيئون هڪ رانديڪو ٺاهيو ۽ اهو پنهنجي هڪ پوٽي کي ڏنائين. ان رانديڪي جي شڪل اهڙي هئي جو ان جي گول مول تري ۾ وزن رکيو ويو هو. ان کي ڪيئن به ڦٽو ڪيو، اڇليو، پر هو هڪدم سڌو ٿي ويندو هو.

”اسان به هڪ اهڙي ئي قسم جا رانديڪا آهيون،“ آيئون چيو.

ان رانديڪي کان ته سڀئي واقف آهن، پر ٿورا ماڻهو ئي ان آيئون کي سڃاڻندا هوندا، جيڪو ڪڏهن به ڪِريل نه رهيو، ۽ اهي ماڻهو به جن آيئون جي پيروي ڪئي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com