سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 10

باب: --

صفحو :4

 

نوشيه صديقي، حيدرآباد

 

ٻارن جا ليک

 

 

 

وفادار دوست

  

ڪنهن ڳوٺ ۾  ٻه دوست رهندا هئا. هڪ جو نالو اختر هوندو هو ۽ ٻئي جو نالو ارشد هوندو هو. ارشد جو پيءُ ڳوٺ جو زميندار هوندو هو ۽ اختر جو پيءُ هاري هوندو هو. اختر ۽ ارشد جي دوستيءَ جو چرچو سڄي ڳوٺ ۾ هوندو هو. جيتوڻيڪ ارشد پاڻ ۾  ۽ اختر ۾ ڪنهن به قسم جو فرق محسوس نه ڪندو هو، پر سندس پيءُ کي اختر کان نفرت هوندي هئي. هو چاهيندو هو ته ڪنهن به طرح سان ارشد کي به اختر کان نفرت ٿي وڃي، پر ارشد کي پنهنجي دوست سان بي انتها محبت هئي، ۽ هو پنهنجي دوست کي ڪنهن به طرح سان ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو. هي ٻئي دوست هڪ ئي اسڪول ۾ پڙهندا هئا. ارشد چوندو هو ته مان پائليٽ ٿيندس ۽ اختر چوندو هو ته آءُ ڊاڪٽر ٿيندس. آخرڪار جڏهن ٻنهي دوستن اٺون درجو پاس ڪيو، ته ارشد ته نائين درجي ۾  داخلا ورتي پر اختر کي سندس پيءُ  وڌيڪ پڙهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هو غريب هئا ۽ ايترو خرچ برداشت نٿي ڪري سگهيا. ان ڪري لاچار اختر کي ارشد جي پيءُ جون مينهون چارڻيون پونديون هيون، پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ٻنهي جي دوستي پنهنجي جاءِ تي قائم هئي. هڪ ڏينهن جيئن ئي ارشد اسڪول ويو، تيئن وري واپس نه پهتو. سڄي ڳوٺ ۾ ارشد جي گمشدگيءَ جي خبر باهه وانگر پکڙجي ويئي. ارشد جي پيءُ پنهنجي پٽ جي ڳولا ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي. پر ڪٿان به ارشد جي ملڻ جي خبر ڪانه پهتي. ارشد جي گمشدگيءَ جي خبر جڏهن اختر کي پئي ته هو ويچارو پريشان ٿي ويو ۽ ارشد جي ڳولا ۾ جهنگ ڏانهن هلڻ لڳو. آخرڪار جڏهن گهاٽي جهنگ ۾  پهتو ته سامهون هن کي ارشد نظر اچي ويو. ”پر .... پر ان سان گڏهي ڏهه نقاب پوش وري ڪير آهن!“ اختر سوچيندو رهيو  ۽ سندس قدم خودبخود ارشد ڏانهن وڌڻ لڳا ۽ پاڻ هڪ وڻ جي پٺيان بيهي ارشد کي ڏسڻ لڳو. اوچتو ارشد جي نظر وڃي اختر تي پئي. ٻنهي دوستن اکين ئي اکين ۾ ڪجهه چيو ۽ پوءِ اختر اڻڄاڻ بنجي انهن نقاب پوشن جي ڀرسان لنگهڻ لڳو. نقاب پوشن مان هڪ جڏهن اختر کي ڏٺو تڏهن ان ڪڙڪيدار آواز ۾ اختر کان پڇيو ته ”اي ڇوڪرا تون ڪير آهين ۽ هتي ڇو آيو آهين؟“ اختر پريشان ٿيندي چيو ته ”سائين، منهنجيون ٻڪريون گم ٿي ويون آهن سي پيو ڳوليان.“ ان شخص اختر کي پاڻ ڏانهن سڏيندي چيو ته ”تون هن ڳوٺ جي زميندار کي سڃاڻين ٿو؟“ ”جي نه،“ اختر جواب ڏنو. ان شخص ارشد ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ”هي ڇوڪرو هن ڳوٺ جي زميندار جو پٽ آهي. تون وڃي کيس چئو ته جيڪڏهن پنهنجي پٽ جي زندگي چاهين ٿو ته ڏهه هزار رپيا کڻي هتي پهچي وڃ ۽ اهو به چئجانس ته جيڪڏهن ڪا گڙٻڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيئي ته پوءِ.......“ اختر اڃا مڙڻ تي هو  ته ان شخص وري چيس ته ”اسان کي تمام گهڻي بک لڳي آهي، سو تون پنهنجي گهران ڪجهه مانيون پچرائي کڻي اچ پر راز داريءَ سان. اسين توکي مالا مال ڪري ڇڏينداسين.“ اختر گهر اچي سڄو قصو پنهنجي ماءُ کي ٻڌايو. تنهن کي دلداري ڏيندي چيو ته ”تون ڪوبه فڪر نه ڪر. آئون جيڪي مانيون توکي پچائي ٿي ڏيان اهي کائيندي ئي هو سڀ بيهوش ٿي ويندا.“ اختر سندس ماءُ جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سڀ مانيون کڻي اچي انهن نقاب پوشن کي ڏنيون. اهي ماڻهو تمام گهڻو  بُکيا هئا، تنهن ڪري جلدي جلدي مانيون کائڻ لڳا. ٿوري دير کان پوءِ اهي سڀ بيهوش ٿي ويا. پوءِ اختر ۽ ارشد ٻنهي گڏجي انهن جا هٿ پير ٻڌا ۽ پوءِ ڳوٺ وارن کي اطلاع ڪيو، جن اچي انهن بدمعاشن کي پڪڙيو  ارشد جي پيءُ جڏهن پنهنجي پٽ کي زنده سلامت ڏٺو تڏهن تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ انهيءَ خوشيءَ جي موقعي تي پاڻ اختر کي ٻيهر اسڪول ۾ داخل ڪرايائين ۽ پڙهائي جا سڀ خرچ پاڻ کڻڻ جو فيصلو ڪيائين. ان کانپوءِ وري ڪڏهن به ارشد کي اختر سان ملڻ کان منع نه ڪيائين.

ڏٺوَ ساٿيو: اختر ڪيئن نه دوستي جو حق ادا ڪيو ۽ پنهنجي دوست جي جان بچائي ۽ اهڙي طرح اختر کي پنهنجي ڊاڪٽريءَ جي خواب پوري ڪرڻ جو موقعو مليو.

 

اسحاق انصاري، لاڙڪاڻو.

بيت

 

”سنڌ“

 

1- سنڌ اسان جي پياري  پياري

جيڪا آهي جگ ۾ نياري.

2- سنڌ اسان جي ساوڪ واري،

جنهن ۾ رهن ٿا هاري ناري.

3- هاري  ئي  ٿو  اَنُ  اُپائي

جنهن کي ٻڍو ۽ ٻار ٿو کائي.

4- تنهنجا  هيمو  هوشو  شيدي

جنهن کان ڊڄن ٿا سڀ گيدي.

5- سنڌ اسان جي پياري پياري

جيڪا آهي جڳ ۾ نياري. 

منظور علي مرزا.

 

مسٽر ڦٽاڪو

 

ناصر مس مس اٺون درجو پاس ڪري نائين ۾ ويو آهي. هن مان سڀ ماستر تنگ هئا، ڇاڪاڻ ته هو اسڪول ۾ پاڻ سان گڏ ٺڪاٺوڪي وارا ڪتاب يعني جاسوسي ڊائجيسٽ کڻي ايندو هو ۽ ٻوٿ هميشه ڊائجسٽ سان لڳل هوندو هوس، ايتريقدر جو رسيس ۾ به ويٺو پڙهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مستيءَ ۾ ايندو هو ته انهن ڪردارن تي عمل ڪندو هو، جيڪي جاسوسي آکاڻين جا هيرو هوندا هئا. ٺينگ ٽپا به اهڙا ڏيندو هو جو ڄن ڀولڙي جي به هن سان پڄڻ جي جاءِ ڪينهي. انهيءَ ڪري مون هن کي مسٽر ڦٽاڪي جو لقب ڏنو، پوءِ هو ڇوڪرن ۾ تمام گهڻو مشهور ٿي ويو. هو ائين ڪرڻ سان شايد سمجهندو هو ته هو وڏي هوندي جاسوسي فلمن جو هيرو، جيئن جيمس بانڊ وانگر ٿيندو ۽ پنهنجو پاڻ کي مشهور ڪندو. ڪنهن ڪنهن مهل جڏهن اسڪول مان موڪل ٿيندي هئي ته زور زور سان رستي تي واڪا ڪندو يعني ڳائيندو ويندو هو.گانا به اهڙا ڳائيندو هو جو سڀ کلندا هئس. هڪ ته اڳ ۾ ئي بي سرو ٻيو وري وٺي گدڙ وانگر اونايون ڪندو هو ته سڀ پاڳل چوندا هئس ويچارو ناصر عرف مسٽر ڦٽاڪو هڪ دفعي رستي تي گڏيم. اوچتو  مون محسوس ڪيو ته ڪا شيءَ مون کان لڪائي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته هن جا هٿ هڪدم پٺئين پاسي هليا ويا هئا. مان سمجهي ويس ته آهي ڪا گڙ ٻڙ. ماٺڙي ڪري ٻانهن کي سٽ ڏيئي ڪتاب ڦري ورتامانس. منهن ننڍڙو ٿي ويس، ڇاڪاڻ ته اهي ڪتاب جاسوسي ڊائجيسٽ هئا، جيڪي هن ڇوٽڪي گهٽي جي ڪٻاڙين کان خريد ڪيا هئا. ”گهڻي ورتا اٿئي؟“ پڇيو مانس.

”پنج رپيا،“ منهن تي ڦڪاڻ آڻي جواب ڏنائين.

”ڪٿان آند ئي ايترا سارا پئسا؟“ سوال ڪيومانس.

”يار، جڏهن اڄ اسڪول مان موڪل ٿي هئي ته مان گهر ڏانهن پئي آيس. اتي پپن جي پيءَ جو کير جو دڪان آهي. ان جي تختي جي هيٺان پيا هئا. بس ماٺڙي ڪري کڻي ورتم ۽ هليو آيس،“ هن کلندي چيو.

”پپن ته تنهنجو دوست آهي نه!“

”يار، دل ۾ ته آيو ته پئسا واپس ورائي ڏيانس ليڪن اڄ جو اهو ڪتاب گاڏن تي رکيل ڏٺم سو من ۾ بي ايماني پيدا ٿي ۽ وڃي هي ڪتاب خريد ڪري آيس.“ڪتابن ڏانهن نهاريندي هن چيو.

”يار، جاسوسي ڊائجسٽ پڙهڻ جو به ڪو خفتي آهي؟“

”ٻيو وري! هن مهيني ۾ ڪل 30 ڊائجسٽ پڙهيا اٿم.“

هن لاپرواهيءَ سان وراڻيو.

”ڀلا توکي اهي اهي جهونا مارڪيٽ جا ڊائجيسٽ ڪهڙو ٿا ڪم ڏين؟“

”توکي ڪهڙي خبر. اهي ڪتاب منهنجو روشن مستقبل آهن.“

”ڇا مطلب؟“ پڇيومانس.

”مطلب ته انهن ڪتابن مان گهڻو ئي فائدو پهچندو.“

”ڀلا اڄ ڪهڙي ڪهاڻي پڙهي اٿئي،“ پڇيومانس.

”پئرس جي مشهور چور (جان روبي) جي ڪهاڻي جنهن پئرس ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو. هو هميشه هيرا چورائيندو هو ۽ فقط پاڻ سان شيشي کي ڪٽڻ وارو اوزار کڻندو هو.“ هڪ يڪساهي سان ٻڌائيندي چيو. ٻئي ڏينهن به اسڪول ۾ جاسوسي ڊائجسٽ کڻي آيو. جن ۾ خطرناڪ قاتلن ۽ ڌاڙيلن جون آکاڻيون هيون. انهيءَ ڏينهن تي هيڊ ماستر جو پوئيٽري جو پيپر هو. سڀ ڇوڪرا اٽئنشن ٿي ويهي رهيا. هي به انهن وانگر ٿي ويٺو پر هن کي جاسوسي ڊائجيسٽ لڪائڻ وسري ويا. اڳي جڏهن به هيڊ ماسٽر جو پيرڊ ايندو هو ته هو انهيءَ ڪتاب کي پنهنجي سلوار جي ور ۾ اهڙي طرح لڪائي ڇڏيندو هو جو خبر ئي ڪانه پوندي هئي. جيئن ته هن جي ميز اڳيان رکيل آهي، تنهن ڪري هيڊ ماستر جي اندر گهڙندي ئي نظر وڃي ڊائجيسٽ تي پئي، جيڪي ناصر جي ڊيسڪ تي پيل هئا. هن يڪدم اهي ڊائجسٽ کنيا ۽ ناصر کي ٻاهر اچڻ لاءِ چيو. ناصر جون ته ٻه به ويون ته ڇهه به، ڇاڪاڻ ته هيڊ ماستر صاحب جي هٿ ۾ آفت جيڏو وڏو ڏنڊو هو. همراهه ڏڪندو ڏڪندو اڳيان وڌيو. سڀ ڇوڪرا خاموشيءَ مان اهو تماشو ڏسي رهيا هئا. پوءِ ته بس سائينءَ به مٿس ڏنڊن جي بارش ڪري ڏني. انهيءَ ڏينهن کانپوءِ هو ڪڏهن به ڊائجيسٽ نه کڻي ايندو آهي. هاڻي هن جي دماغ مان بوسو نڪري ويو آهي. هو هاڻي روز اسڪول ايندو آهي. ۽ اسان جي ڪلاس جي هوشيار ڇوڪرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سڀئي ماستر ڀائينس ٿا. ڇاڪاڻ ته هاڻي هو اجاين ڳالهين پٺيان پنهنجو وقت ڪو نه وڃائيندو آهي. پر هو محنت ڪري پڙهندو آهي.

 

لالچند ”لعل“، ميرپوربٺورو.

 

اٿو ننڊ مان صبح ساجهر سوير

 

وطن جي چمن جا ننڍا نونهال،

ٻڌو مون کان پنهنجي ڀلائيءَ جو حال:

ڪريو ڪين هرگز اٿڻ ۾ اوير،

اٿو ننڊ مان صبح ساجهر سوير.

سويري اٿڻ ۾ اقبال آهه،

سويري اٿڻ وارو خوشحال آهه،

سويري اٿڻ ۾ ڪريو نه دير،

اٿو ننڊ مان صبح ساجهر سوير.

سدائين تون سهڻا ٿي گل ڦل گذار،

ٻيو رک تون پنهنجي پڙهڻ سان پيار،

اٿي وڃ تون اسڪول شوقين شير:

اٿو ننڊ مان صبح ساجهر سوير.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com